9
ٽينگر ٽهڪا ڪَن پيا
وَڏ ڦڙي واڪا!
*
ڀُنءِ تي ٿا ڀيلين،
ڳُتيون ڳُتيرن جون
چوٽا چُوڙيلين.
*
ڪيٽيءَ جن سان ڏيٺِ،
ٻُڏا سي ٻيڙائتا
ڪاري ڇَمر هيٺِ.
*
گهوُر نه ساڳيو گهَٽُ،
روز نه گوريون گَج سان
ڳاڱين تي ڳاهٽُ!
*
وِچِ نه ايندو ويرُ،
پُسيءَ گلن اوڏڙو
مارُن سوا ڪيرُ!
*
اهو ڏينهن نه ڏُور،
مڙنديون ماکيءَ جون مکيون
انبن ايندو ٻُورُ!
*
تو جنهن سانوڻ سارَ،
گُڙِي گجِي آئيا
ڪَڪر ڪارونڀارَ.
*
هِيرَ گهُلي، هاڙهو،
سورج نڪري آئيو
ڳاڱين تي ڳاڙهو.
*
ڌرتي ماءُ مڃانءِ،
سانگي جي سَنمُکُ ڪرين
لڙڪن هارَ وِجهانءِ!
*
ڏاڍا ڏينهن پيا،
نيٺ اباڻا ڦَليا
آخر مينهن پيا.
*
ايءَ نه راڄَن ريت،
چارڻُ چاڙهي چيئِن تي
گاريون ڏيو گيت!
*
اُف! هي ڪچا ڪانَهن،
اُڀَ ڪَپي اوڙاهه مان
ڪَنڌيءَ پڳي ٻانَهن.
*
وَڃُ وَڃُ ويِرين وَٽِ،
واهڙ وچان نڪري
ٻاهر چِڪَ نه چَٽِ!
*
هيءُ جنهن ماسُ مِرُن،
ٻيءَ ڪنهن اهڙو ڏيهه ۾
ڀنڀو ڀيرُ ڀِرُن؟
*
ڏوٿِي نه ڏَهرن،
پانڌي ڪِن جي آسريٖ
ٿَر اندر ٿَهرن؟
*
ڪيڏي سُڃَ اَپار،
مون مَن ائين جئن روهه ۾
ڪُونجن جي ڪُڻڪارَ!
*
ڳهلڙيون ڳياڙيون!
۽ هو وڏيءَ وَسَ ۾
کنوڻ جون تاڙيون!
*
اُٿ! اُٿ! لاٿيءِ ٿَڪ؟
چوٽيون تارن ٽٻڪڙا
اڳتي اوچو لَڪ!
*
سدا نه رهندِي سڃ،
نيٺ ته ٿيندا کِير ٿَر
جبل مٿان جُڃَ!
*
مينهَن مانڊاڻا،
اَڏيو وري اوڏڙا
پکا پُراڻا!
*
هيءُ نه ڪانِئَر ڪاڄُ،
هي جو ريٽ رَت ۾
رَتو سارو راڄُ.
*
ڪيئن ڀَڄائن ڪانگَ،
وَڻ وَڻ تان ’ڪان‘ ’ڪان‘ ڪَريٖ
هِي جي نِهرا نانگَ؟
*
ڏِسُ نه چَريءَ چُڪَ،
ڪر ڪا دُعا سنڌ کي
کَڻُ ٻاجهارا ٻُڪ!
*
ڏِسُ، ڏِسُ سِجَ لٿــي،
ميندي ڇا نه ملير جي
هنيم هٿن کي!
*
تو بن چاههُ نه چَسُ،
سُپنا منهنجي ساهه جا
تون جو هِيئيــن هَسُ!
*
مون سي سيباڻا،
هو جي تارن ڇانوَ ۾
ڀِٽَن تي ڀاڻا!
*
ماڻهو اَياڻا!
اڌ لوئيءَ مون انگ تي
اڌ ۾ اباڻا.
*
هُو جي جوفي جا،
اڄ تائين ڀؤنڪن پيا
ڪُتا ڪوفي جا.
*
رعد رُنو جئن پيءُ،
سِرُ ڏيئي سرهو ٿيو
جبل جيڏو جيءُ..
*
تون سان گڏ آئون،
ڄڻ ڪنهن گهايل گڊ تي
ڇَپر جون ڇائون.
*
سپني ۾ سارُون،
پنهوارن جي پيار جون
تَڙن تنوارُون.
*
سُپني تانگها تَڙ،
ڪيئي ڪوراڙيون لُڏن
ڀر تي گهاٽا بَڙَ.
*
اونها ڪــي اسرار،
سپنو سُهڻيءَ ٻانهن جئن
چوڌاري سيسارَ.
*
واويلا وڻڪار،
آيا آهن اوچتو
ڪڪر ڪارونڀار
*
واويلا وڻڪارَ،
اڄ ڪلهه تنهنجي نانَو سان
ٻانهيارن کي ٻارَ.
*
اڳتي توتي ننگَ،
وُٺا مينهن ملير تي
وِڄُن وِڌا وَنگَ.
*
تارن وڇاڻو،
سپنو مومل ماڪ جئن،
راڻو ئي راڻو.
*
ڪڏهن سپني پل،
پگهر ڦڙا نرڙ تي،
ڪيچين جا ڪرڳل.
*
سپني اُماڙيون،
ڪيڏيون ڪينجهر ڪنڌئين
آڙيون ئي آڙيون!
*
کِکيءَ نه کاڻيون،
سُپني منجهه سُڳنڌ ٿيون
منڇر مُهاڻيون.
*
ڌاڳا ڌوئي ٿو،
سسئيءَ ڪارڻ سُپنو
پنهون پوئي ٿو.
*
سُپني ڪارو تَڙُ،
مُنڍي علادين جي
هيٺان دودي ڌڙُ.
*
ٻرندڙ ٽانڊي کي،
سُپني ڪالهه اُڀاريو
منگل پانڊي کي.
*
سپنو ديوارون،
اوچيون آهن اُڀَ کان
تارَ – گهَرن تارُون.
*
ڌرتيءَ جا ڌوڏا،
سپنو ڀڳت سنگهه جا
رَسيءَ ۾ لوڏَا.
*
ڪيئي گذريءَ گُلَ،
ٽارِي ٽارِي ٿي ويا
سُپني ڪيسو ڦُلَ.
*
سپنو سُندر بَنُ،
ڪيڏا واگهه وجود جا
آهي ماڻهوءَ مَنُ!
*
ٻنهي وڄائي،
سپني – تند تنبور جي
بُلــي، ڀٽائِي.
*
نيڻين ميران نِيرُ،
چرخو ڪوئي چِتَ ۾
سُپني سنگِ ڪبيرُ!
*
ڪٿي پهتس مارِ!
سپني پيرن جي پڻي
ڪَتيون جي ڪاپارِ.
*
سپني ڪهڙو موتُ؟
سپنو جيئڻ ڳالهڙيون
فاني ٿيندو فوت.
*
واويلا وڻڪارَ،
وڻجارن جي واٽَ ۾
ڏنو سِرُ ڏاتار.
*
واويلا وڻڪارَ،
رُنا گهايل گَڊَ لَيءِ
جبل جا جهونجهار.
*
واويلا وڻڪارَ،
رات بُري ڀنڀورَ مان
هوَت هليا هالارَ.
*
واويلا وڻڪار،
ماڻهو تنهنجي موت تي
رُنا زارون زار.
*
واويلا وڻڪارَ،
تو پاتا تقدير جا
هَسَ ڳچيءَ ۾ هارَ.
*
واويلا وڻڪارَ،
وسي پيو وَڏ – ڦُڙو
ڌوُ ڌُو ٿي ڌوڪار.
*
اڳتي تو آڌارَ،
وُٺا مينهن ملير تي
ڪَري ڪارونڀارَ.
*
ڌوئي گوُندر گَسَ،
وُٺا مينهن ملير تي
وڏي ڪَري وَسَ.
*
اَڏن آڏاڻا،
وُٺا مينهن ملير تي
ڏوٿِي ڏاڏاڻا.
*
ڇَپَر ۾ ڇيلا،
وُٺا مينهن ملير تي
ميلا ڙي ميلا!
*
تڙا تنوارِين،
وُٺا مينهن ملير تي
جهنگل جهونگارِين.
*
اَکين جي اؤُجَر،
وُٺا مينهن ملير تي
ٿاڌل ڪئي ٿَر.
*
لڱن نه لَٽڙا،
وُٺا مينهن ملير تي
پهرائي پَٽڙا.
*
آئي ڏکڻَ هِيرَ،
وُٺا مينهن ملير تي
ڪوٽَ، ڪَڙولا، ڪَيرَ؟؟؟
*
ڪهڙا زهر پياڪ!،
موکيءَ کي وِههُ وات ۾
مٿان ڀنيءَ ماڪَ.
*
اڄُ نه اُڏارُون،
مو کي ڪالهه مري وئي
تاساريل تارُون.
*
ڏسُ هي خالي مَٽ!
مو کي ڪالهه مَري وئي
ڳاٽَ لڳن ٿا ڳَٽَ.
*
مومَل ساڳي سار-
کٻـي تيلَ ڪٽورڙي
سڄي سُرها وارَ.
*
مومل سان ماڻو!
ڪاڪ رُٺي، ڪرها رُٺا
رُسِي ويو راڻو!
*
مُيــي ميارون!
ٻيهر ٻريون ڪاڪ جون
ڪنين ڪُوڪارون.
*
راڻا او رڻا!
چانڊوڪيءَ جا چيٽ ۾
وَستين وڇاڻا!
*
ميهَرُ نه ميهَرُ،
واتِ نه ساڳي ونجهلي
پَڳَ نه ساڳيو وَرُ.
*
سُهڻي، ترينءَ تار،
تو نه چيو ڪنهن پاتڻيءَ
”پتڻُ پارِ اُڪاِر!“
*
ميهارو ميلا!
وَري چَڙن چُپِ سان
ٻُرن ٿا ٻيلا!
*
ماهِي ڙي ماهي!
آڌيءَ اُٿي مُنڌ کي
سارَ نه ساهي!
*
هي جي لوڪَ سُتي،
لهريون لتاڙيو وڃن
آڌيءَ رات اُتي!
*
گِلا وارو گَسُ. . .
لهريون ليکي ڪينڪي
رهاڻين جو رَسُ
*
هِن ليءِ ايڏو پنڌُ!
سُهڻيءَ مُنهن ميهار جو
ڏِٺو، کڻِي ڪَنڌُ.
*
ساهَڙ او ساهَڙ!
چانڊوڪيءَ جا چيٽ ۾
وهن ٿا واهَڙ!
*
ٻرنديءَ کي ٻارِين،
ساهڙ منهنجي ساهه ۾
چِڙيون چهڪارِين.
*
مَرُ ته ڪنهن پَر مَرُ!
سُهني وري سير ۾
ڀيلي مٿي ڀَرُ!
*
ميهَر اُها مان نه!
ڪڏهن وَرنديس ڪانه
تارَ منجهان طوفانَ!
*
دُکي جا دونهِين،
پرينءَ ڀر درياهه جي
تون اُن جي سونهِين؟
*