ناول

اوڻويههَ عورتون

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو پهريون ناول آهي. هو لکي ٿو:
تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن ته پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اڻويهه عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2679
  • 1154
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوڻويههَ عورتون

(1)

ديبل کان روانو ٿئي ٻيڙي کي ٻه ڏينهن گذري چڪا هيا. سمنڊ جي تهه تي ڪوهيڙو ڇانيل هو. ڪوهيڙو ايڏو ته گهاٽو هيو جو نظر جي حد ٻيڙي جي اڳين حصي تائين مس ٿئي پئي جتي ڪاٺ مان ٺهيل گهوڙي جي منڍي لڳل هئي. مٿي ڊگهن سڙهن جون نوڪون ڌنڌ ۾ ائين اوجهل هيون جيئن تلوارون آسمان جي سيني ۾ کتل هجن.
ديبل جو ڪهيداس جنهن کي برهمڻ آباد مان پڪڙي غلام بنايو ويو هيو ونجهه ائين هلائي رهيو هيو جيئن ٻين کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. ٻيڙي جي ٻن پاسن کان ويٺل وانجهي پيرن تي زور ڏئي ڪلهن کي ڇڪي هٿن کي ائين حرڪت ڏئي رهيا هيا جو ونجهن پاڻيءَ مان نڪري سارس پکيءَ جيان وري ٿي سمنڊ جي گج ۾ ٽٻي هنئين. ٻيڙو ويو ٿي مها ساگر ۾ ڪوهيڙي کي چيريندو اڳتي وڌندو.
موسى يمني جنهن جي بيد جي لٺ تي اٺ جو چمڙو چڙهيل هيو، ان جون نظرون هر غلام مٿان گوشت خور پکيءَ جيان پرواز ڪري رهيون هيون. جڏهن به ڪنهن سستيءَ جو مظاهرو ٿئي ڪيو ته اٺ جي کل وارو ڦٽڪو زور سان هن وهائي ٿي ڪڍيو. غلامن جي پٺين تي ڳاڙها ريٽا نشان سندر نارين جي سينڌ جهڙا هيا جن ۾ ڄڻ رت جو سيندور ڀريل هيو. عالم دين عشريءَ ان کي اهڙي عمل کان روڪيو پئي.
”دين ۾ اهڙي سختيءَ جي گنجائش نه آهي.“
پر هو نه پئي مڙيو. ان کي کتو جواب پئي ڏنائين.
”مونکي پنهنجو فرض نڀائڻو آهي. عراقي حڪمرانن آخر مونکي مقرر ڪهڙي ڪم لاءِ ڪيو آهي؟ وقت تي پهچندس ته مال غنيمت جي حصي جو حقدار ٿيندس. سستيءَ جو مظاهرو ڪندس ته ان جي قهر جو طلبگار ٿيندس.“ موسى يمني جيڪو بيد جي لٺ تي چڙهيل اٺ جي چمڙي وارو ڦٽڪو پيو ڦيرائيندو هيو، اهو وادي الدوا سر جي ان برپٽ جو باشندو هيو جتي بگا اٺ هوندا هيا. اتان جي اٺڻين جي ناسي کير مان ٺهيل پنير ڦٽ ۾ مڙيل روڳ جهڙو هوندو هيو. موسى غلام جي پٺيءَ تي ڌڪ هڻي جهليل پنير چٻاڙيندو هيو ته اهو هن جي واڇن وٽان وهندي نظر ايندو هيو. موسى يمني جنهن مان رحم موڪلائي نڪري ڪنهن ظلم جي برپٽ جي خشڪ زمين تي هيـٺ ڪري جذب ٿي چڪو هيو. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته سندس وات مان ابهم ٻار جي الٽيءَ جهڙي بوءِ ايندي هئي.
ٻيڙي جي وچ تي ميري جهالر وارو چبوترو هيو. تيز اس ۾ وڏا سڙهه ان مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هيا. ان چبوتري هيٺان ڪاٺ جي وڪڙ ڏئي ويندڙ ڏاڪڻ هئي جيڪا اهڙي هنڌ پئي کٽي جتي هڪ قيد نما ڪمري ۾ اڻويهه عورتون بند هيون. اهي اڻويهه عورتون برهمڻ آباد مان قيد ڪيون ويون هيون. عربي لشڪر جا هزارين تير انداز، سج جي ڪرڻن جيان تجلا ڏيندڙ تلوارن سان زرهن ۾ ملبوس سپاهي ۽ انهن اڳيان ٿلهن رسن سان منجنيقون ڇڪيندڙ حبشي غلامن جون قطارون هاڻي نيرون ڪوٽ طرف وڌي ويون هيون.برهمڻ آباد جي بت خاني مان گوتم جو مجسمو ڪڍي ان ڍير تي اڇلايو ويو هيو جنهن ۾ قلعي جي ڀڳل سرن ۽ ڳاڙهين چوڙين جي ٽڪرن سان گڏ پروهتن جي گوشت جا ڳڀا به شامل هيا. اتي هر طرف لاش هيا. سامهون پوندڙ جوانن کي سيني ۾ لڳل تير ۽ انهن جي گريبانن تي رت رنگيل آڱرين جا نشان جن کي نازڪ ڪراين کان ڇڪي الڳ ڪيو ويو هيو.
قلعي جو محاصرو ڪيو ويو هيو ته بت خاني جو شمني وڏي در کان نڪري هلندو انهن سامهون آيو هيو ۽ اهو ڳجهو دستاويز پڻ پيش ڪيو هيائين جنهن تي عراقي حڪمران جي مهر ثبت ٿيل هئي. جڏهن ديبل تي قبضو ٿيو هيو ته برهمڻ آباد جي رهواسين کي خوف ورائي ويو هيو. انهن سوچيو هيو عرب لشڪر اتي به پهچڻ وارو آهي. اتان جي مکين بت خاني جي شمنيءَ کي اها صلاح ڏئي هئي ته نيرون ڪوٽ ڏانهن ويندي عرب برهمڻ آباد ضرور پهچندا ۽ وڏي تباهي مچندي. ان کان اڳ جو اهڙو وقت اچي ڇونه ڏاهر کي اطلاع ڏيڻ بنا عراق جي حڪمرانن ڏانهن قاصد موڪلي اڳواٽ اهڙو ڳجهو معاهدو ڪيو وڃي جو برهمڻ آباد تي نازل ٿيندڙ مصيبت ٽري وڃي. انهن اهڙو قاصد موڪلي عراقي حڪمرانن کي راضي ڪري ورتو هيو ته عرب فوجون برهمڻ آباد تي حملو نه ڪنديون جنهن عيوض اهي پنجاهه هزار درهم ساليانو خراج ڏيندا.
شمنيءَ جڏهن اهڙو معاهدو عرب سپهه سالار کي پيش ڪيو هيو ته ان سندس آدرڀاءُ ڪيو ۽ اهڙي عمل جي تعريف ڪئي هئي. برهمڻ آباد جا دروازا عرب فوج لاءِ کوليا ويا.جڏهن عرب فوجي داخل ٿيا ته اهي بت خاني جا خزانا ڏسي هراسجي پيا. مندر جون اڻويهه خوبصورت داسيون جيڪي رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ملبوس هيون ۽ انهن تي سونا زيور چڙهيل هيا، عرب سپاهين ڏٺيون ته ديوانا ٿي پيا. انهن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. مندر جي خزاني کي لٽيو ۽ اڻويهه عورتن جي جسم تي جيڪي زيور سجايل هيا ڪيترا سپاهي ويجهو اچي هٿن سان لاهڻ لڳا. عورتن ڪو احتجاج نه ڪيو جيئن انهن کي خبر هئي ته اهي ساڻن ڪابه رعايت نه ڪندا. عرب سپاهين جي اهڙي حرڪت تي قلعي اندر نفرت ڦهلجي وئي.هڪ برهمڻ سردار انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي ۾ خون خرابو شروع ٿي ويو. پورو شهر عتاب ۾ اچي ويو. قلعي جي برجن تي قبضو ڪري بيٺل عرب سپاهين ڪمانيون سڌيون ڪيون- تير باغي جوانن جي سيني ۾ کُپي ويا. ڪيترن گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ پڪڙيلن کي غلام بنائي پير ڪڙيون وڌيون ويون. عرب سپاهين کي گهڻو مال غنيمت هٿ آيو، جنهن ۾ هيرا موتي، ٻانها ۽ خوبصورت داسيون شامل هيون. مال غنيمت جا ٽي حصا ڪري، هڪ سپاهين ۾ ورهايو ويو. ٻيو سپهه سالار جي حصي ۾ آيو ۽ ٽيون جنهن ۾ هيرا موتي ۽ مندر جون اڻويهه داسيون شامل هيون عراق جي حڪمران لاءِ منتخب ڪيون ويون. عرب لشڪر جڏهن نيرون ڪوٽ روانو ٿيو ته سپاهين جي هڪ جٿي سان مال غنيمت عراق روانو ڪيو ويو ۽ عرب سپهه سالار اهو حڪم ڏنو ته، ”ديبل پهچي ڪجهه ڏينهن آرام ڪري ان مال غنيمت کي ڪنيزن سميت بحربانيا روانو ڪيو وڃي ۽ اتان جي خليفي کي پيغام پهچايو وڃي ته اهي عراق جي حڪمران جون امانتون آهن، کين ان وقت تائين ترسايو وڃي جيسين عراق مان ڪو حڪم نه ٿو اچي. خليفي کي اها گذارش پڻ ڪئي وڃي ته هڪ هزار گهوڙن جي سخت ضرورت آهي جيڪڏهن اهي ڪرمان کان مڪران خشڪيءَ رستي موڪليا وڃن ته ٻڌيا ۽ سيوستان تي حملي وقت انهن جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي.“
ٻيڙي جو ونجهه هلائيندڙ ڪهيداس به انهن غلامن مان هڪ هيو جيڪي برهمڻ آباد مان پڪڙيا ويا هيا. ونجهه هلائيندي هن جي ٻانهن جا ڏورا سڄي سخت ٿي چڪا هيا. هن جي پٺيءَ تي پوندڙ موسى يمنيءَ جي ڦٿڪن جا نشان پٿر تي پيل اڻمٽ لڪيرن جهڙا هيا. جڏهن هو ونجهه هلائي رهيو هيو ته هن کي ٻيڙي جي وچ تي ميري جهالر لڳل چبوتري هيٺان وڪڙ کائي ويندڙ ڪاٺ جي ڏاڪڻ ڀرسان قيد جهڙي ڪمري مان ڪنهن عورت جي رڙ جو آواز آيو. اها رڙ ائين نڪتي ڄڻ مٿي سڙهه تي ويٺل ڪو پکي اوچتو ڀڙڪو ڏئي اڏاميو هجي. هن منهن مٿي ڪري ڏٺو. آسمان ۾ ڪوهيڙي کانسواءِ ڪجهه نه هيو. ڪهيداس کي لڳو اها رڙ سندس محبوبا جي هئي جيڪا انهن اڻويهه عورتن ۾ شامل هئي جن کي قيد ڪيو ويو هيو. برهمڻ آباد جي مندر جي داسي. هن جي محبوبا هارانسي جنهن جا سڏڪا هندي سمنڊ تي هلندڙ ان ٻيڙي ۾ ٻڌجي رهيا هيا.هارانسيءَ جا سڏڪا جيڪي ڳوڙهن جا گهنگهرو پائي تهه خاني جي ڏاڪڻ چڙهي هن آڏو اچي ڄڻ ڀڳوان جي بت اڳيان نچي رهيا هيا.
جڏهن ٻيڙو بحربانيا جي ڪنارن سان ٽڪرايو ته ڪهيداس جا هٿ ڦاٽي چڪا هيا. غلامن ونجهن مان هٿ ڪڍيا ته انهن جون پير ڪڙيون کولي پاسيرو ڦٽي ڪيائون. موسى يمني ان پوري سفر دوران پهريون ڀيرو سک جو ساهه کنيو. ان جي منهن تي رحم ۽ پڇتاءَ جون لڪيرون ظاهر ٿيون. لوهي زرهون پاتل سپاهي غلامن تي حقير نظرون وجهندا هيٺ لٿا. زخمي غلامن کي ڪناري تي آڻي بيهاريو ويو ۽ جڏهن اڻويهه عورتون هيٺان تهه خاني مان ٻاهر نڪري سامهون آيون ته گهڻو وقت اوندهه ۾ رهڻ ڪري سج جي روشنيءَ ۾ انهن جون اکيون ننڍيون ٿي ويون. سپاهي اڻويهه عورتن ۽ غلامن کي ساڻ ڪري قلعي ۾ داخل ٿيا. ماڻهو انهن جو استقبال ڪرڻ رستن تي نڪري آيا. هر طرف نعرا گونجڻ لڳا. ان هجوم ۾ ڪهيداس زخمي وجود سان هلي رهيو هيو. ان جون اداس اکيون اڻويهه عورتن جي قطار ۾ هارانسيءَ کي ڳولهي رهيون هيون. هن ڏٺو هارانسي ڄار ۾ ڦاٿل ڪونج جيان بي چين هئي. اها اداس اکين سان هجوم ۾ هلي رهي هئي. ان جا نازڪ پير جيڪي مندر جي مرمر کي ڌڙڪائي وجهندا هيا اهي ناهموار رستي تي هلي زخمي ٿي چڪا هيا. هن ڪوشش ڪئي ته هجوم کي چيري هارانسيءَ ويجهو وڃي کيس تسلي ڏئي. پر سوچيائين هن وٽ تسليءَ لاءِ آخر لفظ ئي ڪهڙا آهن؟ هو ڪهڙي تسلي ڏئي پئي سگهيو. جڏهن پاڻ کي خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ موسى يمني پويان هر غلام تي نظر رکندو پئي آيو. چمڙي وارو بيد اڃان به هن جي هٿ ۾ هيو.
ٻئي ڏينهن انهن کي خليفي سامهون پيش ڪيو ويو. غلامن ۽ ٻانهين سميت اهي سڀ سوکڙيون آڏو رکيون ويون جيڪي اتان عراق جي حڪمرانن ڏانهن اماڻڻيون هيون. خليفي هڪ سون جو سڪو کنيو ۽ ان تي اڪريل صورت ڏسندي پڇيو،
”ڇا هيءَ تصوير ان ڏاهر جي آهي، جنهن جي سلطنت ديبل کان ڪشمير تائين ڦهليل آهي؟“
”ها.“ ٻيڙي سان آيل امير جواب ڏنو، ”انهن سون جي سڪن تي ساڳي ڪافر جي تصوير آهي جنهن هندي سمنڊ ۾ قزاقن کي بازن جيان ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو آهي.“
خليفي سون جي سڪي تي ڏاهر جي تصوير ڏسي ٽهڪ ڏنو.
”ڪهڙو وقت آيو آهي؟“ ان چيو، ”لٽيرن جون تصويرون سونن سڪن تي اڪريل آهن !!“
پوءِ خليفي آڏو اهي اڻويهه عورتون پيش ڪيون ويون جيڪي ائين بيٺل هيون جيئن سنگ مرمر جا بت هجن جن تي هٿوڙين جا بي ترتيب نشان هجن. خليفو عمر جي ان حد کي پهتو هيو جتي حواس گلابن جي واس کان محروم هوندا آهن. اهي اڻويهه عورتون هن لاءِ ڪنهن به ڪشش جو باعث نه هيون. آخر ۾ اهي غلام پيش ڪيا ويا جن جا هٿ زخمي ۽ پير پٿون هيا. انهن ۾ اڪثريت اهڙن هارين جي هئي جيڪي ٻيو ڪم نه ڄاڻيندا هيا. خليفي انهن کي گهوڙن جا استبل سنڀالڻ جو حڪم ڏنو. جيڪي رازا هيا انهن کي قلعي جي مرمت لاءِ اهڙي حصي ۾ موڪليو ويو جتي سمنڊ جي وير ۾ سرون ڳري لوڻ ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون. ڪهيداس پاڻ کي خليفي آڏو ماهر فلڪيات ۽ حڪيم جي روپ ۾ ظاهر ڪيو. هن خليفي کي ٻڌايو ته هو اهڙو جوتشي آهي جيڪو ستارن جي حساب سان مستقل جا نتيجا اخذ ڪندو آهي، حڪمت جو ڄاڻو ۽ ڳجهن مرضن جي علاج جو ماهر آهي. ”جيڪڏهن جوتشي آهين“ خليفي پُڇيو ”ته ڇا تون ستارن جو حساب لڳائي اتان جي حڪمرانن کي آگاهه نه ڪيو ته شڪست انهن جو مقدر آهي. هڪ ڏينهن انهن کي عرب فوج اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا.“
خليفي جي ڳالهه تي ڪهيداس هٿ ٻڌي عرض ڪيو،
”مون انهن کي آگاهه ڪيو هيو ته روءِ زمين تي هڪ ڏينهن انهن جي جهنڊي کي لهرائڻو آهي. سڀ جنگيون فضول ۽ جان جوکي برابر آهن. پر ڏاهر کي بدگماني آهي ته هو راجائن جو راجا ۽ وڏي طاقت وارو آهي.“ ڪهيداس جي ڳالهين جو خليفي تي اثر ٿيو ۽ هن کي سٺو سمجهڻ لڳو. ”ڇا تون حڪمت مان چڱيءَ ريت واقف آهين؟“ خليفي پڇيو.
”ان ماٿريءَ جو آهيان جنهن جي زمين مان شفا ڦٽندي آهي ۽ درياهن جو پاڻي زخم ڌوئي صاف ڪندو آهي.“
خليفو ڪهيداس مان متاثر ٿيو. فرمان جاري ڪيائين ته، ’هن کي ان قيد ۾ رکيو وڃي جتي امير زادن کي ڏوهن جي سزا ڏيڻ لاءِ رکيو ويندو آهي.‘ اهو قيدخانو ٻين جي نسبت سٺو هيو. هن اها رات گهڻي وقت کانپوءِ سڪون سان گذاري. ڊگهي ننڊ ڪئي جيڪا هن کي مختصر محسوس ٿي. هن کي لڳو جيئن رات اک ڇنڀ ۾ گذري وئي هجي. هن جي هٿن جا زخم رت ۾ ڄمي چڪا هيا ۽ پير ڪڙين جا نشان ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن پير ڀيڏين وٽان ڪٽجي الڳ رکيل هجن. هو قيدخاني جي ڪنڊ ۾ ويهي در کلڻ جو انتظار ڪندو رهيو. ۽ سوچيندو رهيو، ’ڪو حبشي اتان ظاهر ٿيندو جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڏول ان جي گناهن جيان لڙڪيل هوندو. اهو ڪاٺ جي ڏوئيءَ سان کاڌو ڪڍي هن آڏو ڪنهن ميري ٿانءَ ۾ رکي هليو ويندو. ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ حبشي ٿلهن چپن تي آڱر رکي ڀتين ڏانهن اشارو ڪندو، جنهن جو مطلب هوندو. خبردار قيدخاني جي ڀتين کي ڪن آهن. چپن مان نڪتل ڀڻڪ رڙ جو روپ ڌاري سگهي ٿي.‘ ڪهيداس اهڙين سوچن ۾ گم هيو ته هن تصور ۾ هارانسيءَ کي ڏٺو جيڪا جيئن قيدخاني جي اتر واري دريءَ مان اندر ايندڙ واءُ تي فرش تي وڇايل گاهه جي تاندورن جي سرسر جهڙي آواز جيان پيرن ۾ گهنگهرو پائي هن سامهون آئي هجي. ان جي سنهري لباس سان قيدخاني جي اوندهه چانديءَ جيان چمڪي پئي هجي. هارانسي جيڪا ڪارونجهر جي ڳاڙهي پٿر مان تراشيل هئي.جنهن جو وجود اروڙ جي پهاڙن مان وهندڙ سنڌوءَ جي جهرڻن جهڙو هيو. جنهن جي چپن ۾ نيرون جي گلابن جي مهڪ هئي. جنهن جون اکيون ديبل جي مهامندر اڳيان ٽڙندڙ رابيلن مٿان ڦيرا ڏيندڙ ڀنورن جهڙيون هيون. هارانسي جيڪا پاڻ هڪ مجسمو هئي جنهن کي سونهن سيس نمائي چمڻ لئي تيار هئي. ڪهيداس لاءِ اهو احساس موت برابر هيو ته هن جي دل جي راڻي ڪنهن قيد ۾ بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. هارانسي جنهن کي وڇڙڻ کان پوءِ کن پل لاءِ به وساري نه سگهيو هيو. ان جي بي وسيءَ کي ياد ڪري سڏڪندو رهيو. هارانسي جنهن سان هن جو ننڍپڻ گذريو هيو. نيرون ڪوٽ کان رائوڙ ۽ برهمڻ آباد کان ديبل تائين ڪشالا ڪڍيا هيا.
ڪهيداس قيدخاني جي ڪارين ڀتين اندر اهي ڏينهن ياد ڪيا جڏهن هڪ بازيگر جو پٽ هيو ۽ هارانسي ننڍڙي ٻار جيان هن آڏو بيٺل هئي. ان جي پيشانيءَ تي ڳاڙهو سورج ديوتا جو نشان ڪنهن عرش ڏي اڏامي، ويل شهيد جي روح مان ڇڻيل رت ڦڙي جيان وهندي محسوس ٿي رهيو هيو. نازڪ جسم واري هارانسي جيڪا اڃان پنجن سالن جي مس هئي. اها واسل بهماسيءَ جي اڪيلي اولاد هئي. ان کي ماءُ جنم ڏئي دنيا مان ايئن هلي وئي ڄڻ غائب ٿي ڌيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿي هجي. اها چئن سالن جي هئي ته ڳوٺ تي ڪارن پيشابن جي بيماريءَ حملو ڪيو. جنهن ۾ هن جي پيءُ واسل بهماسيءَ جو موت واقع ٿيو. مرڻ کان اڳ واسل بهماسيءَ ڪهيداس جي پيءُ ڏانهن پيليون اکيون کڻي چيو، ”هارانسي تنهنجي امانت. هن جي پالنا ڪجانءِ. منهنجي روح کي راحت تڏهن نصيب ٿيندي جڏهن اها داسيءَ جي روپ ۾ ٻُڌ جي مجسمي اڳيان نرت وجهندي ۽ ان جي گهنگهرن جو آواز منهنجي روح تائين پهچندو.“
ننڍڙي هارانسي انهن ڏينهن بازيگرن جي قافلي پويان ائين هلندي هئي جيئن بيابانن ۾ ماءُ کي ڳولهيندي هجي. هوءَ رڃ ۾ پيءُ جهڙا پاڇولا ڏسندي هئي، جيئن وڃائجي ويل هرڻي هجي جنهن جون اکيون شفقت جو نخلستان ڳولهينديون هجن. ڪهيداس هن کان ڇهه سال وڏو هيو پر جسماني لحاظ کان نوجوان نظر ايندو هيو. يارنهن سالن ۾ ان کي مڇن جي ساول آئي ۽ بغلن مان بوءِ ايندي هئي. هو هڪ مهل ست بال هٿن ۾ ائين ڦيرائيندو هيو جو پري کان ڪنهن ڦيٿي جيان ڦرندي نظر ايندا هيا. باهه جا ڪرتب ڏيکاريندو هيو. باهه جي شعلي کي زبان تي رکي وسائيندو هيو ۽ وسيل شعلي کي ڦوڪ ڏئي ٻاريندو هيو. هن وٽ اهڙو محلول هوندو هيو جنهن کي لڳائڻ سان جسم جو اهو حصو غائب ٿي ويندو هيو. هو نظر نه ايندڙ دستانا ڏندن سان ڇڪي لاهيندو هيو ته هٿ ظاهر ٿي پوندا هيا. ٻڌيا جي وهندڙ چشمن مان وهنجي مريض صحتياب ٿي رهيا هيا ته هن اتان جي پهاڙن ۾ گندرف ڳولهي لڌو هيو. هن گندرف تي تجربا ڪيا هيا. ان جي شفايابيءَ جي جوهر کي دريافت ڪيو هيو. سدا بهار گلن جي عرق ۾ اهڙا صفوف ٺاهيا هيا جو ڪيڪانان جي زخمي سپاهين جا ڦٽ سڪي ويا ۽ انهن کي آزمائڻ کانپوءِ ٻيهر وڙهڻ جي قابل ٿي ويا. هن گندرف کي قلمي شوري سان ملائي آتشبازيءَ جو سامان ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر هڪ حادثاتي ڌيٻوڙي جي نتيجي ۾ مرندي بچيو هيو. هن ڪيڪانان جي پهاڙين مان سنکيو پڻ ڳولهي ڪڍيو هيو جيڪو بي ذائقي ۽ بوءِ کان پاڪ هيو. هن سنکيي کي نانگ سان تشبيهه ڏني هئي. هو چوندو هيو، ”سنکيو مري ته ٺري نه ته ڪاريهر جيان وري.“ هو سنکيي کي ست ڏينهن ان چلهه جي تهه ۾ دفن ڪندو هيو جنهن تي مندر جي داسين جو کاڄ پچندو هيو. ستن ڏينهن کانپوءِ جڏهن سنکيو کوٽي ڪڍندو هيو ته اهو سون جيان چمڪندو هيو. ان سنکيي مان اهڙن نامردن جو علاج ڪيو جيڪي مباشرت کي گناهه سمجهندا هيا. هن اڻ مئل سنکيو ٻڌيا جي جيل ۾ بند اهڙن جاسوسن تي استعمال ڪيو هيو جن تي شڪ هيو ته اهي ڳجهي طرح ڪرمان جي حڪمرانن کي پنهنجي ديس جي ڪمزورين کان واقف ڪن ٿا. هن کي خبر هئي ته جتي سنکيو نامرد بادشاهن تي استعمال ڪري مملڪتن جا وارث پيدا ڪري سگهجن ٿا، اتي انهن کي ماري سلطنتون برباد ڪري سگهجن ٿيون.
ڪهيداس نجوم جو علم پنهنجي مامي کان سکيو جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي موت جو علم هيو. ان ٻن ڏينهن اندر سمورا ڪم ائين نبيريا جيئن قافلي جي پهچڻ کانپوءِ ان جي اڻ اعلانيل ڪوچ جو وقت اچي ويو هجي. هن ٻن ڏينهن ۾ جيڪي ڪيو ان کي ناڪافي قرار ڏنو. ۽ چيو، ”جڏهن چئن ڏينهن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو ته ٻه ڏينهن ڪهڙي ڪم جا؟“ اهو رات جو سمهيو. هن ايڏا کونگهرا هنيا جو گهر وارا سمهي نه سگهيا. کونگهرا بند ٿيا ته انهن ڏٺو اهو مري چڪو هيو. جڏهن ان جي مڙهه کي ساڙيو ويو ته ان مان اڀرندڙ دونهي ۾ اهڙي بوءِ هئي جيڪا پاڪ ورقن کي پيرن هيٺان لتاڙجي بي حرمتيءَ کان بچائڻ لاءِ گڏ ڪري ساڙڻ وقت ايندي آهي.
ڪهيداس کي اوندهه ۾ عرش جا ستارا سڏ ڪري رستو ٻڌائيندا هيا. ستارن جا ڪرڻا اشارو ڪندڙ آڱرين جهڙا هوندا هيا ۽ انهن آڱرين ۾ منزلن جون منڊيون پاتل هونديون هيون. هو محفلن ۾ انهن پوٽوهاري راجائن جا عشقيا داستان ٻڌائيندو هيو. جن راجائن جي منهن تي وٽيل ڏاڙهيون هيون ۽ مڇون تيز ڌار تلوارن جيان وار ڪرڻ لئي آتيون هونديون هيون. انهن جي بخملي محبوبن جي سونهري منهن جي ڪارن ترن تي پڳون قربان ڪرڻ جا قصا ۽ چکيا تي انهن سان گڏ سڙي مرڻ جا اهي امر داستان جيڪي زماني جي زبانن کان ٿيندا انهن تائين پهتا هيا. ڪهيداس هارانسيءَ کي ان عمر کان چاهيندو هيو جڏهن عشق معنا وڃائي ويهندو آهي. پنجن سالن جي هارانسي جيڪا بازيگرن جي قافلي ۾ هڪ هاٿيءَ تي سوار هوندي هئي ۽ ان جو فيلبان هاٿين جي ديوتا جهڙو هوندو هيو. اهو منڊليءَ ۾ هاٿين کي بيهاري تماشو ڏيکاريندو هيو ته هاٿي اڳيون ڄنگهون جوڙي ان کي نوڙي سلام ڪندا هيا. اهو فيلبان وات مان هاٿيءَ جي سونڊ جهڙي زبان ڪڍي پيشانيءَ تي رکي ڏسندڙن کان داد وٺندو هيو. هارانسيءَ ڀرسان ڪاٺ جي صندوق رکيل هوندي هئي جنهن ۾ مختلف رنگن جا عطر پيل هوندا هيا. انهن جو ڍڪ کولڻ سان خوشبوءِ تي پوپٽن جا ولر لهندا هيا ۽ بلبليون ٻولڻ لڳنديون هيون. انهن ۾ راجائن لاءِ خاص اهو عطر به شامل هوندو هيو جنهن کي دهليلا جو شمني خوبصورت داسين جي بغلن مان چکائي ٺاهيندو هيو اهو قافلو جنهن ۾ چار هاٿي، ڇهه اٺ، ٻه گهوڙا ۽ ويهارو کن فرد هيا، تن لاءِ ڏينهن ۽ رات ۾ ڪو فرق نه هوندو هيو. سياري جي راتين ۾ ٻرندڙ مچن تي تماشا ٿيندا هيا ۽ بازيگر باهه جا الا هٿن ۾ کڻي هجومن ۾ نچندا هيا. جهانجهه ۽ چنگ جي ڌُن تي بهرور جون اپسرائون چيلهه لوڏي وارن کي جهٽڪا ڏئي نچنديون هيون. سونڊ مٿي ڪري هاٿين جي چنگهاڙڻ جا آواز رات جو سينو چيري عرش ڏي ائين بلند ٿيندا هيا جيئن اوندهه جي ڇاتي ٻه اڌ ٿي وئي هجي. انهن جا پڙاءَ ڪڏهن ديبل ۾ هوندا هيا ته ڪڏهن برهمڻ آباد ۾. اهي رائوڙ جا بر لتاڙي بهرور ۽ دهليا پهچندا هيا ۽ ڪڏهن سيوستان ۽ ٻڌيا کان ٿيندا اروڙ تائين هليا ويندا هيا.
هارانسي جڏهن تيرنهن سالن جي ٿي ته هن کي برهمڻ آباد جي شمنيءَ حوالي ڪيو ويو. اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا جڏهن برهمڻ آباد جي مندر ۾ ٻڌ جي ڏٻري بت اڳيان بيڪانيري ٻيلي جي ماکين جي مانارن مان ٺهيل ميڻ بتين مان ڳوڙها مينهن جي بوندن جيان ڳڙي هيٺ ڪري رهيا هيا. پوڙهي شمنيءَ جڏهن هيڊي روشنيءَ ۾ هارانسيءَ کي ڏٺو ته ان جون اکيون قسم کائڻ تي مجبور ٿي ويون ته انهن اهڙو سندر چهرو ڪڏهن نه ڏٺو.
”هيءَ ڇوڪري منهنجي دوست واسل بهماسيءَ جي اڪيلي اولاد آهي.“ ڪهيداس جي پيءُ شمنيءَ کي چيو، ”کيس وصيت موجب تنهنجي حوالي ڪرڻ آيو آهيان.“
شمنيءَ ان خوبصورت ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکيو ته سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي.
”شل ٻڌ هن تي ٻاجهه ڪري.“ شمنيءَ چيو.
پوءِ هارانسيءَ کي بت اڳيان گوڏن ڀر چرڻن ۾ ويهاريو ويو. سترهن سالن جو ڪهيداس جڏهن پيءُ سان مندر مان واپس وريو ته هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. گوتم جي بت اندر هن جي وساريل دل ڌڙڪي رهي هئي.
هن ڪيترا دفعا قافلي سان گڏ اتان موٽندي هارانسيءَ سان ملاقاتون ڪيون. پيار جا انجام ورجايا ۽ نوان اقرار ڪري يقين ڏيارو ته هو هڪ ٻئي لاءِ جنميا آهن. جسم جا اهي حصا آهن جن هڪ ٻئي کي ڳولهي لڌو آهي. انهن جو وجود هڪ ٻئي کانسواءِ اڌورو ۽ نامڪمل آهي.
ڪهيداس قيدخاني اندر اهڙين ئي سوچن ۾ هيو ته اوڀر کان روشندان ۾ نيراڻ ڦهلجي ويئي. هن کي اوجاڳيل سوچون خواب جيان محسوس ٿيون. جڏهن صبح جي روشني پکڙي ته قيدخاني جو لوهي در ڪرندڙ ڀت جهڙو آواز ڪري کلي ويو. ان مان موسى يمني نروار ٿيو جنهن جي هڪ هٿ ۾ بيد وارو ڦٽڪو هيو ۽ ٻئي ۾ شاهي فرمان.