(3)
اها اونهاري جي شام هئي پورو بحربانيا اهڙو تتل هيو جيئن بخار ۾ ٻرندڙ مريض جو جسم- هو روانو ٿيو. بيابانن ۾ رلندو، نخلستانن ۾ ٿيڙ کائيندو اولهه طرف يمن جي سرحدن ويجهو اهڙن نوڪيلن پهاڙن وٽ پهتو جتي ٻرندڙ جبل هيا جيڪي وسامي چڪا هئا. انهن تي لاوو ڄمي يخ ٿي ويو هيو. نوڪيلن جبلن تي سوين باندر ٽپا ڏئي تيز آوازن سان بيابانن جي خاموشي ٽوڙي رهيا هيا. آسمان ۾ بکايل باز شڪار جي ڳولها ۾ ڌرتيءَ تي نظرون وجهي جهڙپ لئي تيار هيا. هن ڏٺو ان بي آب ملڪ جي وسيع ريگستانن ۽ بيابانن ۾ ڪا ساوڪ نه هئي. اهڙا ٻوٽا يا وڻ نه هيا جيڪي حڪمت ۾ ڪم اچي سگهن. هر هنڌ ڪنڊيدار ٿوهر گناهگارن جي پنڊ پهڻ جسمن جيان بيٺل هيا.
هو بحربانيا جي اتر طرف نه وڃي سگهيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته اتي ڪرمان ۽ مڪران جي سرحدن تي جنگ ڇڙيل آهي. علاقين عرب لشڪر سان بغاوت ڪري ڪيڪانان تي قبضو ڪيو هيو. علاقين جي اهڙي سرڪشيءَ دوران عراق جي حڪمرانن پاران اتي مقرر ڪيل هڪ سپهه سالار قتل ٿي چڪو هيو. اهو سپهه سالار ٻڌيا مان حاصل ڪيل مال غنيمت کڻي جڏهن ڪيڪانان جي پهاڙن وٽ پهتو ته علاقين حملو ڪيو جنهن ۾ سپهه سالار جو موت واقع ٿيو. اها خبر جڏهن عراقي حڪمرانن کي پئي ته علاقين کي سيکت ڏيڻ لاءِ وڏو لشڪر موڪلي ڏنو. علاقين اروڙ پهچي راجا ڏاهر کان مدد طلب ڪئي. ڪجهه علاقي راجا ڏاهر جي پناهه ۾ پڻ رهيا. علاقي بهادر ۽ جنگ جي فن کان واقف هيا. انهن راجا ڏاهر جي فوج کي مضبوط ڪيو ۽ جاسوسيءَ جي محڪمي کي ڪارگر بنايو. عربن کي علاقين جي بي وفائيءَ ڪري سنڌ تي حملي دوران ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.
ڪهيداس انهن سرحدن کي ڇڏي بحربانيا جي ڪابه ڪنڊ نه ڇڏي جتي هو نه پهتو. هن ستارن جي رخ کي سامهون رکي بحربانيا جا اهڙا گس ڳولهيا جيڪي ان جي نقشي ۾ شامل نه هيا. سفر دوران هن جي ڪيترن ماڻهن سان ملاقات ٿي جن ۾ صحرا جا اهي بدو به هيا جيڪي تيرن سان ڳوهن جو شڪار ڪندا هيا ۽ انهن کي باهه جي شعلن تي لڙڪائي شوق سان کائيندا هيا. هن کي يمن کان ست ڪوهه پري هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ ترسڻو پيو جتي ماڻهن، ڌرتي ۽ اٺن جي رنگن ۾ ڪو تفاوت نه هيو. بدوئن جا جسم ڌرتيءَ جهڙا هيا ۽ اٺ بيابانن جي وسندڙ ڌوڙ جهڙا. جڏهن اٺ ۽ ماڻهو ٿڪجي سمهندا هيا ته نظرن کان ائين اوجهل هوندا هيا جيئن اتي ڪوبه موجود نه هجي. صرف ڌرتي هجي جنهن تي ڌوڙ دڙن جي صورت ۾ وکريل هجي.
ڪهيداس اتي پهريون دفعو ڳوهه جو گوشت کاڌو ۽ اٺڻيءَ جو کير پيتو. اهو هن جي زندگيءَ جو پهريون تجربو هيو ڇو جو سفر دوران کاڌي جو ذخيرو ختم ٿي چڪو هيو. سَتُن جي ٿيلهي جيڪا هن دارلخلافا مان حاصل ڪئي هئي خالي ٿي چڪي هئي ۽ اها وڻ سان ٻڌل گهوڙي جي پاسي کان ائين لڙڪي رهي هئي جيئن بکايل پيٽ جيڪو پٺيءَ سان لڳل هجي ۽ ان جي چمڙي ڍلي ٿي هيٺ لڙڪندي هجي. هن کي پنهنجي خالي پيٽ جي کڏ ڀرڻ لاءِ ڪيترا دفعا پٿر ٻڌڻو پيو. هن بدوئن سامهون ڪڏهن به اهو اظهار نه ڪيو ته سنڌ مان آيل اهو ٻڌ آهي جنهن ڪڏهن ڳوهه جو ماس نه چکيو آهي. هن پاڻ کي ڪرمان جو سپاهي ظاهر ڪيو جيڪو حجاز ڏانهن ويندي رستو ڀلي اتي پهتو آهي. پاڻ کي ڀڳوان جيان بيوس سمجهيو جڏهن بدو حبش جي ڳاڙهي ڳئونءَ تي ترار ڦيري ذبح ڪندا هيا ۽ ڇڙيون هڻي دانهون ڪندي هئي.
هڪ اهڙي ئي رات جڏهن چنڊ جي روشنيءَ ۾ واري ڪاري حبشيءَ جي اڇن ڏندن جيان چمڪي رهي هئي هن کي ان سپاهيءَ سان ڳائيون ٻوٽيون چٻاڙڻڻيون پيون جيڪو راؤڙ کان موٽيو هيو ۽ ان وٽ تازين خبرن جا انبار هيا. لڙڪندڙ گوشت هيٺان ٻرندڙ کجيءَ جي سڪل ڦرهن مان ٽڙڪا ڏيئي اڏامندڙ چڻنگن تي ان سپاهيءَ گوشت چٻاڙيندي جنگين جا داستان پئي ٻڌايا. مال غنيمت ۽ محلاتن مان هٿ آيل نارين جي حسن جا قصا ائين پئي بيان ڪيا جيئن انهن ويجهو ويندي حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويو هجي ۽ حسرتن جا انبار سندس سيني اندر گڏ ٿي ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيندا هجن. هن دل کولي ان سندريءَ جي حسن جي ساراهه ڪئي جيڪا عراقي حڪمران جي محل ۾ پيش ڪئي وئي ۽ اهو ان تي فدا ٿي پيو. جڏهن حڪمران کي سندس سوٽ اها سندري حوالي ڪرڻ جي خواهش ڪئي ته ان کي خوش ڪرڻ لاءِ حوالي ڪرڻ کان اڳ سيني تي هٿ رکي اظهار ڪيو ته ”اي سؤٽ دل ته چوي ٿي تو حوالي نه ڪيان. پاڻ وٽ رکي حجري جي سونهن ۾ اضافو ڪيان پر تنهنجي التجا ۽ چاهت ڏسي تو حوالي ڪيان ٿو جيئن مون مان راضي رهين.“
هن عرب فوج جي فتحن جو ذڪر پئي ڪيو جنهن کان ٻرندڙ باهه جي نچندڙ شعلن ۾ نظر ايندڙ هن جو منهن ڳاڙهو پئي ٿيندو ويو. اهو وڏي جوش ۽ جذبي سان حيرت انگيز داستان ٻڌائي رهيو هو. دهليلا ۽ بهرور جي مندرن جا قصا جتي بتن جا پيٽ خزانن سان ڀريل هيا. نيرون ڪوٽ جي ڀڪ مان لنگهيندڙ سنڌوءَ جي سندرتا جا داستان جيڪو چراگاهن ۽ ميدانن کي آباد ڪندو سمنڊ ڏي وڌندو پئي ويو. اتان جا ديومالائي قصا اهي تلاءَ جتي پريون اڌ گهاڙيون ململ جهڙا پرَ لاهي ڪنارن تي رکي وهنجنديون هيون. بدو ان جون ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويا ۽ انهن جون اکيون مچ مان اڀرندڙ چڻنگن جهڙيون هيون. ڪهيداس ان ميڙ ۾ پاڻ کي انهن جهڙو محسوس ڪري رهيو هيو. هن لاءِ اهي ڳالهيون نيون نه هيون. هن وٽ انهن ڳالهين جي اهميت هئي جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ اتي درپيش هيون.
”ڇا تون سمجهين ٿو سنڌ ملڪ مڪمل فتح ٿي ويندو؟“ هن سپاهي کان سوال ڪيو.
”ها ڇونه.“ سپاهي چيو. ”عراقي حڪمران ان شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ تيار آهي جنهن ۾ نيرون ڪوٽ وٽ هڪ سپهه سالار مارجي چڪو آهي. اهو وڏي حيثيت ۽ دٻدٻي وارو هيو. عراقي حڪمران کي ان جي موت جو ايڏو ڏک ٿيو آهي جو کيس اٿندي ويهندي ياد آهي. ان قسم کنيو آهي ته قتل جو بدلو ضرور وٺندو.“
”ڇا تون اروڙ جون حالتون ٻڌائي سگهندين جيڪو اتان پري اتر طرف آهي؟“ ڪهيداس اهو انڪري پڇيو جيئن هن کي حالتن جي چڱي ڄاڻ هجي ۽ واپسيءَ جي صورت ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.
ڪهيداس جي اهڙي سوال تي ان سپاهيءَ جو ڇرڪ نڪري ويو ۽ گهڙي پل ماٺ ٿي ويو. ان کي يقين نه پئي آيو ته بحربانيا جي بيابانن ۾ ڪو اهڙو به آهي جنهن کي ان ملڪ متعلق ايڏي ڄاڻ آهي.
”ڇا تون سنڌ ملڪ کان واقف آهين؟“ سپاهيءَ هن کان سوال ڪيو.
ان جي اهڙي سوال تي ڪهيداس پاڻ سنڀالي اعتماد مان ڳالهائيندي اهو ظاهر ڪرڻ جي ٿوري به ڪوشش نه ڪئي ته هو ڌاريو ۽ غير مذهب آهي.
”مون ان ملڪ جو قصو ڪرمان جي انهن سپاهين کان ٻڌو هيو جيڪي شڪست کائي موٽيا هيا.“ ڪهيداس چيو، ”ڇا ڏاهر ايڏو طاقتور آهي جو هيل تائين کيس ڪو شڪست نه ڏئي سگهيو آهي ۽ سڀ حملا ناڪام ويا آهن؟“
ڪهيداس ڄاڻي واڻي اهڙو سوال ڪيو جيئن اروڙ، ٻڌيا ۽ سيوستان جي ڄاڻ ملي سگهي جيڪي اڃان عربن جي پهچ کان پري هيا. هن جي سوال تي سپاهيءَ جي منهن تي نفرت جون ريکائون بلند ٿيون، ايڏو جوش طاري ٿيو جو سندس دل چاهيو ته مياڻ مان تلوار ڪڍي هن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏي.
”اتان جو بادشاهه طاقتور نه، پر بزدل ۽ چالاڪ آهي. وقت پري نه آهي جڏهن ان جي منڍي تيزي تي عراق رواني ٿيندي. هن جو پٽ جيسينا گدڙ جيان لڪي اسان جي فوج کي نقصان پهچائي رهيو آهي. فوجن جي اڳتي وڌڻ ۾ اهو رڪاوٽ آهي. ڪجهه سردارن ۽ بااثر ماڻهن جي حمايت سبب گهڻا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن مڪمل فتح حاصل ڪري وٺبي.“
سپاهيءَ جي ڳالهين مان ڪهيداس اندازو لڳايو ته اروڙ اڃان فتح نه ٿيو آهي ۽ بحربانيا مان نڪرڻ کانپوءِ سٺي پناهگاهه ثابت ٿيندو.
صبح سان اهو سپاهي يمن روانو ٿي ويو ۽ ڪهيداس گهوڙي تي سوار ٿي اڳتي وڌيو، کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته منزل ڪٿي آهي؟ انهن ويران بي آب بيابانن ۾ ڇا ڳولهڻو آهي؟ جنهن مقصد لاءِ روانو ٿيو هيو اهو حاصل ٿيندي نظر نه پئي آيو. هن کي خبر هئي ته هڪ خابرو هن پويان هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو آهي. اتان ڀڄڻ جي صورت ۾ اهو هن جي موت جو سبب بڻجي پئي سگهيو. هن جي فرار جا سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا. ڪرمان طرف رستو موت جي واديءَ ڏانهن ٿي ويو. اتي عرب فوجي علاقين کي ڳولهي ماري رهيا هيا. ڪيڪانان جي پهاڙين ۾ جنگ ڇڙيل هئي. بحربانيا ٽن طرفن کان سمنڊ سان ويڙهيل هيو. آخر اتان فرار ٿي ڪيڏانهن وڃي ٿي سگهيو. هن جي محبوبا هارانسي ان ملڪ ۾ قيد هئي. ان بنا وڃڻ ائين هيو جيئن روح بنا جسم جو پرواز ڪري وڃڻ. ڪهيداس بحربانيا جي بيابانن ۾ نااميد گهمندو رهيو ۽ آخر مايوس ٿي واپس موٽيو. جڏهن شهر ۾ پهتو ته خبر پئي خليفي جي حالت خراب ٿي چڪي آهي ۽ ان جو وڏو پٽ ابوالقاس مملڪت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڪَرَ کڻي رهيو آهي.
ڪهيداس جي واپس پهچڻ شرط خابروءَ محل ۾ وڃي ابوالقاس سان ملاقات ڪري سمورا تفصيل ٻڌايا ۽ ڪهيداس جي شهر پهچڻ جو اطلاع ڏنو. ابوالقاس هڪدم ڪهيداس ڏانهن سپاهي موڪلي کيس محل ۾ گهرايو. محل ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪهيداس کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ابوالقاس کي ڪيئن مطمئن ڪري! ڪيئن ٻڌائي ته جنهن مقصد لاءِ روانو ٿيو هيو ان کي حاصل نه ڪري سگهيو آهي. جڏهن ابوالقاس اڳيان پهتو ته مايوس ۽ منجهيل هيو. ابوالقاس هن جو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هيو. ان دوا جي سخت ضرورت هئي جنهن ۾ هن جو ڇوٽڪارو لڪيل هيو. هن ڪهيداس کي آخري سهارو سمجهيو هيو. سوچيو هيو ته هيءُ ئي اهو شخص آهي جيڪو کيس اهڙيون ستيون ڏئي سگهي ٿو جو اولاد پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي پوندو ۽ مملڪت کي مستقبل جو وارث ملي پوندو. مملڪت جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ هن جا ڀائر ناخوش ۽ ناراض هيا. اهڙو وجهه ڳولهي رهيا هيا ته سمورو نظام پاڻ سنڀالين پر اهو انهن جي وس ۾ نه هيو. خليفي جي معذوريءَ کانپوءِ قانون موجب وڏي پٽ جو حق هيو. اهڙي حقيقت کان عراق جي حڪمرانن کي پڻ واقف ڪيو ويو هيو. انهن اجازت ڏني هئي ته خليفي جي ناچاڪيءَ جي صورت ۾ حڪومت سندس وڏي پٽ ابوالقاس حوالي ڪئي وڃي. بحربانيا جي مملڪت عراق جي زيراثر هئڻ ڪري اتان جي حڪمران پاران جاري ڪيل اهڙي فرمان جي قانوني حيثيت هئي جنهن تي ڪوبه اعتراض نه پئي ڪري سگهيو. عراق جا حڪمران بحربانيا جي صورتحال کي گهري نظر سان ڏسي رهيا هيا. اتي جي حالتن کان پوريءَ ريت واقف هيا. بحربانيا جي فوج ۾ ڇڏيل خابرو اتان جي سياسي تبديليءَ جا تفصيل عراق پهچائي رهيا هيا. عراق جا حڪمران بحربانيا جي خليفي مان خوش نه هيا. انهن کي خبر هئي ته بحربانيا جا سردار ڳجهيءَ طرح انهن جي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهن. اهي علاقي جن جو تعلق شامي نسل سان هيو عرب فوج کان انڪري بغاوت ڪئي ته هڪ سپهه سالار هٿان انهن جو سردار قتل ٿي چڪو هيو. اهو سردار جيڪو فوج جي هڪ جٿي جو سربراهه هيو ان کي ڪيڪانان جي پهاڙين ۾ عرب فوج جي سپهه سالار معمولي اختلاف تان قتل ڪري وڌو هيو. علاقين پنهنجي سردار جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ ان سپهه سالار تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن مال غنيمت کڻي ڪيڪانان مان لنگهي رهيو هيو. ان سپهه سالار جي موت کانپوءِ علاقي مڪران ۽ ڪيڪانان تي قابض ٿي ويا. اروڙ جي راجا ڏاهر انهن جي مالي مدد ڪئي ۽ وڏن عهدن سان نوازيو. هن کي خبر هئي ته عرب نسل جا اهي ماڻهو جنگ جي فن کان چڱيءَ ريت واقف آهن. بحربانيا جي خليفي ڳجهيءَ طرح انهن علاقين جي مدد ڪئي ڇو جو اهي نسلي طرح انهن سان لاڳاپيل هيا. عراق جي حڪمرانن کي بحربانيا جي اهڙي صورتحال جي چڱيءَ ريت ڄاڻ هئي. انهن کي خبر هئي ته بحربانيا علاقين جي مالي ۽ افرادي مدد ڪري رهيو آهي پر اهي بحربانيا ۾ سڌيءَ طرح مداخلت ڪرڻ کان مجبور هيا. انهن هڪ نئون محاذ کولڻ نه پئي چاهيو ڇو جو عرب فوجون پهريون ئي سنڌ اندر وڏي محاظ کي منهن ڏئي رهيون هيون ۽ انهن جو ڏاهر جهڙي دشمن سان مقابلو هيو جيڪو ٻڌيا جي ٻيلن ۾ زخمي هاٿيءَ جيان سونڊ مٿي ڪري انهن کي لتاڙڻ لئي تيار هيو. عراق جا حڪمران موقعي جي ڳولها ۾ هيا. بحربانيا خلاف فوجي ڪاروائيءَ کان پري اهڙي انتظار ۾ هيا جيئن جنگ بنا اتي اهڙي سياسي تبديلي آڻي سگهن جيڪا انهن جي حمايت ۾ هجي. انهن سڀ ڄاڻيندي بحربانيا تي اهو انڪشاف ڪڏهن نه ڪيو ته اهي ان جي حڪومت مان ناراض آهن. اهڙين حالتن ۾ ابوالقاس جا ڀائر هن سان ناراض ۽ بغاوت لاءِ تيار هيا. انهن ملي اهڙي منصوبي تي غور ڪيو هيو ته عراق جي حڪمرانن کي حقيقت کان آگاهه ڪري انهن جي مدد سان ابوالقاس جو تختو اونڌو ڪري مملڪت تي قابض ٿي ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪندا.
ڪهيداس ابوالقاس لاءِ اميد جو آخري سهارو بنجي چڪو هيو. هن کي ان جي حڪمت، نجوم ۽ ڏاهپ جي سخت ضرورت هئي. پنهنجي اڳيان ڪهيداس کي مايوس ۽ نااميد ڏسي سوال ڪيو.
”تنهنجي حالت مان اندازو لڳائي ورتو آهي ته جنهن مقصد لاءِ روانو ٿيو هئين اهو حاصل نه ڪري سگهيو آهين. ڇا منهنجو اندازو صحيح آهي يا حقيقت ان جي برعڪس آهي؟“
ڪهيداس منهن مٿي ڪيو ته ان تي ندامت جون ريکائون هيون.
”توهان جو اندازو صحيح آهي.“ ڪهيداس چيو، ”گهڻي جستجو ۽ ڳولها ڪئي. بحربانيا جا رڻ رلي هر هنڌ ويس پر اهڙيون جڙي ٻوٽيون ڪٿي نظر نه آيون جيڪي توهان جي والد بزرگوار ۽ توهان لاءِ ڪارگر ٿي سگهن. يمن جي سرحدن کان حجاز جي صحرائن تائين سفر ڪيو پر ڪٿي به اهڙا ٻيلا ۽ ڪنارا نظر نه آيا جتي اهي جنم وٺنديون هجن. پنهنجي ناڪاميءَ تي شرمندگي محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ توهان کان معافيءَ جو طلبگار آهيان.“
ڪهيداس جي گفتگو ٻڌي ابوالقاس جي دل ۾ غصي جي باهه ٻرڻ لڳي. پاڻ تي ضبط ڪندي بردباريءَ جو مظاهرو ڪيائين. هن کي خبر هئي ته ڪهيداس گهٽايو ڪين آهي. سچيءَ دل سان مملڪت جي صحرائن ۾ انهن جي ڳولها ڪئي آهي. پر شايد اهي هن سرزمين تي ناپيد آهن. اهي صرف سنڌ جي سرسبز ميدانن ۾ ئي ڦٽن ٿيون. اتي وهندڙ درياهن جي ڪنارن تي سيراب ٿيندڙ چراگاهن ۽ ٻيلن ۾ ئي دستياب آهن. جتي جو پاڻي پيئڻ سان ڪوڙهين کي شفا ملي ٿي. ابوالقاس کي ڪهيداس تي ڀروسو هيو. ان پويان ويل خابروءَ هن کي هر حقيقت کان آگاهه ڪيو هيو. هن سفر دوران اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪئي هئي جيڪا ابوالقاس جي دل ۾ خدشا پيدا ڪري سگهي. هن کي اهڙي علاج جي ضرورت هئي جنهن تحت هو ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي پوي. هن لاءِ اها شرم جهڙي ڳالهه هئي ته بحربانيا جي مملڪت جو سربراهه مردانگيءَ کان وانجهيل ۽ اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم آهي. اهو سوچي ڪاوڙ کان مٺيون ڀيڪوڙيندو رهيو ۽ پوءِ بي رخيءَ مان چيو ”وڃ وڏو خليفو تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“
هو محل جي ٻئي پاسي هلندو جڏهن ان سامهون آيو ته خليفي جي حالت ڏسي ڏڪي ويو. ان جي هٿن ۾ پيرن تي ڦلوسڻا هيا. منهن سجي وڏو ٿي ويو هيو ۽ بي ترتيب اڇا وار ڪلهن تائين لٽڪي رهيا هيا. اهو وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي بي سڌ ويٺل هيو. اکين ۾ ڳاڙهين رڳن جا نشان مينهن ۾ پيدا ٿيندڙ وڄ جهڙا هيا. خليفي جڏهن ان کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته ان جي منهن تي اميد جون ريکائون اڀريون ۽ ڪنڌ ورائي ائين ڏٺو جيئن سوين سوال اندر دٻيل هجن. هن خليفي کي نوڙي سلام ڪيو ۽ چوغي کي چمي اکين تي رکيو.
”اي حڪيم ڇا تون واپس اچي وئين؟“ هن سوال ڪيو جيئن کيس اکين تي اعتبار نه پئي آيو.
”اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان.“ ڪهيداس چيو جيئن چوڻ لاءِ ٻيا ڪي لفظ نه هجن.
”ته پوءِ ڪٿي آهي منهنجو مدائو... آزارن جو علاج؟“
ڪهيداس ڪو جواب نه ڏنو. هو چپ رهيو. خليفو خالي اکين سان نهاري جواب جو انتظار ڪندو رهيو ۽ سمجهي ويو ته ڪهيداس هٿين خالي آيو آهي. يا ته هن کي مملڪت جي صحرائن مان ڪا اهڙي شيءِ هٿ نه آئي آهي يا ڄاڻي واڻي علاج کان روڪيو ويو آهي جيئن هو دنيا مان روانو ٿي وڃي ۽ سندس پٽ خلافت جي پڳ پائي حڪومت هلائي سگهن. خليفو خاموشيءَ سان هيٺ ڪنڌ ڪري بيٺل ڪهيداس کي ڏسندو رهيو پوءِ هن جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار اڀريا.
”ڏور ٿي وڃ منهنجين نظر کان.“ ان چيو ۽ مايوسيءَ مان منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
”مونکي افسوس آهي خليفا مان توهان جي ڪم نه اچي سگهيس.“ ڪهيداس چيو ۽ سر جهڪائي اتان روانو ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن ابوالقاسم علاؤ الدين علاقيءَ کي محل ۾ گهرايو. علاؤ الدين علاقي انهن قزاقن جو سردار هيو جيڪي هندي سمنڊ ۾ ٻيڙا ڦريندا هيا. اهي ٻيڙا هندي وڏي سمنڊ کان ٿيندا نار جي ملڪن ڏانهن واپار سانگي ويندا هيا. انهن تي اناج گرم مصالحو ڪپهه ۽ تماڪ رکيل هوندو هيو. ڪجهه بازاري عورتون پڻ هونديون هيون جيڪي سيلاني سفر ۾ ساڻ کڻندا هيا. سمنڊ جي سطح تي هلندڙ انهن ٻيڙن مان ڪڏهن بنسريءَ جون پر سرور ڌنيون اڀرندي ٻڌبيون هيون. ڪڏهن انهن تي سوار خواجا سرا مستيءَ مان نچندي ڀرسان لنگهيندڙ ٻين ٻيڙن تي سوار ماڻهن مٿان چٿرون ڪري ٽهڪن سان سمنڊ جي خاموشيءَ کي ٽوڙي وجهندا هيا. علاؤ الدين علاقي هندي سمنڊ جو وڏو قزاق هيو. هو اهي ٻيڙا پڻ ڦريندو هيو جيڪي هندي سمنڊ جي هيٺائين کان ڦرندا يمن جي ڪنارن کان ٿيندا ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيندا هيا. انهن ٻيڙن تي دنيا جي نفيس ترين ململ رکيا هوندي هئي جيڪا سنڌ کان مصر شام ۽ حبش جي ملڪن ڏانهن ويندي هئي. علاؤ الدين علاقي ان لٽيل مال جا ٽي حصا ڪندو هيو. هڪ حصو پاڻ رکندو هيو ۽ باقي ٻن حصن مان هڪ انهن علاقين جي مدد لاءِ موڪليندو هيو جيڪي ڪيڪانان ۽ مڪران ۾ عرب فوج سان ويڙهه ۾ مصروف هيا ۽ ٻيو حصو بحربانيا جي خليفي جي خدمت ۾ پيش ڪندو هيو جيڪو ڏکين ڏينهن ۾ هن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيندو هيو.
علاؤ الدين جڏهن ابوالقاس جي خدمت ۾ پهتو ته ابوالقاس هن کي ڀاڪر ۾ وٺي پنهنجي ڀڪ ۾ ويهاريو.
”مان هڪ شخص جنهن جو نالو ڪهيداس آهي تنهنجي حوالي ڪرڻ چاهيان ٿو.“ ابوالقاس چيو، ”اهو سنڌ روانو ٿيندو. ان کي اهڙين جڙي ٻوٽين جي ڳولها آهي جيڪي بحربانيا جي صحرائن ۾ موجود نه آهن. جيڪڏهن ان کي اروڙ ۾ رهندڙ علاقين معرفت نظرداريءَ ۾ ڏين ته جيڪر موٽي خليفي جو علاج ڪري ۽ اهو صحتياب ٿي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي قابل ٿي پوي.“
ابوالقاس ڳالهائي رهيو هيو ته چور سندس سيني اندر لڪيل هيو. هن جون نظرون بحري قزاق سان ملي ٿيڙ کائي رهيون هيون. هو نالو ته خليفي جو وٺي رهيو هيو پر اصل مسئلو پنهنجي علاج جو هيو. اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن آڏو ظاهر نه ڪيو هيو. هن حرم ۾ زالن ۽ ڪنيزن کي روڪيو هيو ته اهي هن جي محروميءَ جو ذڪر ڪنهن سان ڪين ڪن نه ته انهن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندو.
علاؤ الدين وعدو ڪيو ته ڪهيداس کي انهن علاقين جي نظرداريءَ ۾ سنڌ موڪلي سندس واپسيءَ جو بندوبست ڪندو جيئن اچي خليفي جو علاج ڪري سگهي. ان بحري قزاق جي رواني ٿيڻ کانپوءِ ابوالقاس ڪهيداس کي گهرائي آگاهه ڪيو ته سنڌ وڃڻ جي تياري ڪري کيس علاقين جي پناهه ۾ اتي پهچي اهو ڪم ڪرڻو آهي. ابوالقاس جو اهڙو حڪم ٻڌي ڪهيداس جو منهن لهي ويو ۽ سوچڻ لڳو. هن پويان هارانسيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ ان بنا ڪيئن واپس روانو ٿي سگهي ٿو؟ هارانسيءَ کي بحربانيا جي قيد ۾ اڪيلو ڪيئن ڇڏي سگهي ٿو؟ ڪهيداس ابوالقاس کي عرض ڪيو. ”جيڪڏهن رواني ٿيڻ کان اڳ قيد اندر ان ساڳي عورت سان ملاقات جي اجازت ڏيو ته ٿورائتو ٿيندس.“
ابوالقاس اهڙي التجا تي چڙي پيو ۽ منهن خراب ٿي ويس.
”توکي اڳ ان عورت سان ملاقات جي اجازت ڏئي چڪو آهيان.“ هن چيو، ”وڌيڪ اجازت نه ٿو ڏئي سگهان. ٻڌائي چڪو آهيان ته اهي عورتون عراق جي حڪمرانن جون امانتون آهن. عراق جي حڪمرانن کي ڄاڻ آهي ته اهي اسان وٽ موجود آهن خبر نه آهي ڇو اوڏانهن ڪو اهڙو اشارو نه مليو آهي ته اهي ڪڏهن روانيون ڪيون وڃن؟ هڪ قاصد کي اوڏانهن موڪليو آهي ته اهي امانتون اوهان جون منتظر آهن، انهن کي ڪڏهن روانو ڪيو وڃي؟ پر اڃان ڪو جواب نه مليو آهي. جڏهن به اوڏانهن ڪو اشارو آيو ته اهي روانيون ڪيون وينديون. مان انهن امانتن ۾ ڪا خيانت نه ٿو ڪرڻ چاهيان. تنهنجي اهڙي خواهش کي پورو نه ٿو ڪري سگهان. متان ڪو اهڙي تهمت هڻي وجهي جو عراق جا حڪمران ڪاوڙجي پون. انهن کي اڳ ئي اسان خلاف ڪافي بدگمانيون ۽ غلط فهميون آهن.“
ابوالقاس جي اهڙي جواب کانپوءِ ڪهيداس جي من مان هارانسيءَ جي ملاقات جو ارمان نڪري ويو. پاڻ کي بيوس ۽ لاچار سمجهڻ لڳو. هن کي ڄاڻ هئي ته ابوالقاس جن علاقين حوالي ڪري رهيو آهي اهي اروڙ جي حڪومت ۾ اثر رسوخ وارا آهن. ڏاهر انهن علاقين کي عزت جي نظرن سان ڏسي ٿو جيڪي سندس ڏکي وقت ۾ مددگار ۽ صلاحڪار آهن. انهن حوالي ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي وطن ۾ هوندي به آزاد محسوس نه ڪندو. اهي علاقي ابوالقاس جي احڪامن کي مدنظر رکي سندس نظرداري ڪندا. انهن جي اهڙي عمل کي ڏاهر ۽ سندس پٽ جيسينا جو قانون به روڪي نه سگهندو. هو بحربانيا مان نڪرڻ کانپوءِ انهن علاقين جو غلام ٿي رهندو.
ڪهيداس بحري قزاق علاؤ الدين سان اڃان سنڌ روانو نه ٿيو هيو ته عراق جي حڪمرانن پاران هڪ گهوڙي سوار صحرائن جي ڌوڙ اڏاريندو اچي قلعي جي مک دروازي تي پهتو. ان جي هڪ هٿ ۾ پروانو هيو جنهن تي مهر ثبت ٿيل هئي. ان قاصد کي محل ۾ ابوالقاس آڏو پيش ڪيو ويو جنهن جهڪي سلام ڪيو. پروانو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ مال غنيمت ۽ انهن اڻويهه عورتن متعلق احڪام درج ٿيل هيا ته انهن اڻويهه عورتن جو ڇا ڪجي ۽ مال غنيمت عراق ڪيئن منتقل ڪيو وڃي؟