(4)
عراق جا حڪمران تڪڙ ۾ اهڙو قدم کڻڻ جا حامي نه هيا جيڪو انهن کي نقصان پڄائي ڪنهن نئين مسئلي ۾ ڦاسائي وجهي. بحربانيا جي سردارن جي علاقين لاءِ مالي ۽ افرادي مدد انهن کان ڳجهي نه هئي جيڪا عرب فوجين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهي هئي. عراقي حڪمرانن ان جو اهڙو حل پئي چاهيو جو دشمن به مري ۽ هٿيار به نه هلي. انهن سوچيو هاڻي وقت اچي ويو آهي جو ٽن ڀائرن جي ڪشمڪش جو فائدو وٺي پاڻ ۾ ويڙهائي/ورهائي کين ڪمزور ڪيو وڃي. ۽ انهن جي خاتمي کانپوءِ اهڙو حڪمران مقرر ڪجي جيڪو علاقين جي امداد بند ڪري کين ٽوٽا چٻائي جيئن ڪرمان ۽ مڪران مان انهن جو خاتمو ٿي وڃي ۽ عرب فوجن لاءِ سنڌ ڏانهن اچ وڃ جا رستا ڪنهن به رنڊڪ خوف ۽ خطري کان پاڪ ٿي وڃن. اهو سوچي عراق جي حڪمران شاهي نجوميءَ کي گهرائي ان کان ستارن جو حال معلوم ڪيو، جنهن کيس هڪ زائچي جي تياريءَ کانپوءِ ٻڌايو، ”بحربانيا جي حڪومت جو زوال ويجهو آهي پر هڪ ستارو اڃا گردش ۾ آهي. جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته ستارو صحيح رخ تي هلي سگهندو نه ته ٻيءَ صورت ۾ اها گردش ايڏي اطمينان بخش نه آهي.“
نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي حڪمران ٿورو پريشان ٿي ويو، پوءِ هن کي اميد جي چمڪ نظر آئي. ٿي سگهي ٿو حالتون هن جي حق ۾ وڃن. هن خاص صلاحڪار کي گهرائي ان سان مسئلي تي ڳالهايو. اهو صلاحڪار بحربانيا جي مسئلي کان چڱيءَ ريت واقف هيو. ان کي خبر هئي ته ٽئي ڀائر ڳجهي طرح هڪ ٻئي خلاف سازشون سٽڻ ۾ مصروف آهن. ان حڪمران کي اها صلاح ڏني، ”جيڪڏهن ڪنهن طريقي انهن ٽن ڀائرن کي ويڙهائجي ته مشڪل آسان ٿي ويندي.“
”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ هن پڇيو، ”اهي ٽئي ڀائر هڪ ٻئي تي تلوارون اڀيون ڪري سگهن ٿا.“
حڪمران جي ڳالهه تي صلاحڪار سوچيو ۽ پوءِ سندس چپن تي مرڪ اڀري.
”هڪڙو تضاد آهي.“ هن چيو، ”جنهن کي هوا ڏيڻ سان اهڙي باهه ڀڙڪائي سگهون ٿا جنهن ۾ اهي سڙي مرن.“
”ڪهڙو؟“ حڪمران پڇيو.
”اهي اڻويهه عورتون جيڪي پڪ سان خوبصورت هونديون. اهي عورتون ۽ ٻيو مال غنيمت بحربانيا ۾ توهان جي اشاري جو منتظر آهي. منهنجي صلاح آهي ڌن دولت عراق منتقل ڪيو وڃي ۽ اهي اڻويهه عورتون انهن ڀائرن کي ورهائي ڏنيون وڃن.“
حڪمران کي صلاحڪار جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
”اي عظيم سلطنت جا بهادر حڪمران.“ صلاحڪار چيو، ”توهان چڱيءَ ڄاڻو ٿا ته سنڌ ديس جون ڪنيزون ڪيتريون نه خوبصورت آهن. مونکي يقين آهي ته اهي مندر جون اڻويهه داسيون انهن عورتن کان به سونهن ۾ سرس هونديون جيڪي هيل تائين حضور جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويون آهن.“
”اهي اڻويهه عورتون تضاد جو سبب ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟“ حڪمران چيو.
”انهن اڻويهه عورتن کي ٽن ڀائرن ۾ ائين ورهايو وڃي جو انهن جي ورهاست هڪ مسئلو ٿي پوي ۽ اهي هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.“
صلاحڪار جي ڳالهه حڪمران کي سمجهه ۾ ايندي وئي. هو غور سان ٻڌڻ لڳو.
”ٽن ڀائرن ۾ اڻويهه عورتن جي ورهاست ڪيئن تضاد پيدا ڪري سگهي ٿي؟“ حڪمران وري سوال ڪيو.
”انهن اڻويهه عورتن جا ٽي حصا ڪري ٽن ڀائرن ۾ ائين ورهايا وڃن جو انهن جي ورهاست ناممڪن بنجي پوي ۽ ٽنهي ڀائرن کي ان ورهاست ۾ ناانصافي ۽ حق تلفي نظر اچي.“
صلاحڪار جي ڳالهه وري حڪمران کي منجهائي وڌو.
”آخر اها ڪهڙي ورهاست آهي جنهن تحت انهن اڻويهه عورتن کي ورهائي تضاد پيدا ڪري سگهجي ٿو؟“
”توهان هڪ فرمان ذريعي ابوالقاس کي ان ڳالهه کان واقف ڪيو ته برهمڻ آباد مان هٿ آيل ڌن ۽ دولت عراق موڪلي ڏين. باقي اڻويهه عورتون ٽن حصن ۾ ورهائي ائين کڻن جو ابوالقاس انهن عورتن جو اڌ حصو پاڻ کڻي ۽ باقي ٻين حصن مان چوٿون حصو وچين ڀاءُ کي ۽ پنجون حصو ننڍي ڀاءُ کي حاصل ٿئي.“ صلاحڪار جي راءِ تي حڪمران غور ڪيو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو.
”حضور توهان کي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي.“ صلاحڪار چيو، ”ڳالهه ظاهر آهي. ابوالقاس کي عورتن جو اڌ ملڻ گهرجي ۽ اڻويهن جو اڌ ڪڏهن نه ٿيندو. وچين کي چوٿون حصو ملي جيڪو ناممڪن آهي، ڇو جو اڻويهن جو چوٿون حصو ڪڏهن نه ٿي سگهندو. ننڍي کي پنجون حصو ملي ۽ اڻويهن جو پنجون حصو ناممڪن آهي. انهن عورتن جي ورهاست ناممڪن ٿي پوندي ۽ اهي ٽيئي ڀائر جيڪي ڳجهيءَ طرح هڪ ٻئي جا دشمن آهن انهن کي فساد جو موقعو ملي پوندو. اهڙي مسئلي ۾ وچڙي پوندا جو حل ناممڪن ٿي پوندو. انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست انهن لاءِ تضاد جو باعث ٿيندي جنهن جو حل دنيا جي ڪنهن به ڏاهي ۽ رياضيدان وٽ نه هوندو. ڌرتيءَ تي ڪوبه اهڙو عقلمند موجود نه آهي جيڪو اڻويهه عورتن کي ورهائي ٽن ڀائرن حوالي ڪري سگهي.“ حڪمران کي ڳالهه پوريءَ ريت سمجهه ۾ اچي وئي ته اهي اڻويهه عورتون انهن ٽن ڀائرن ۾ فساد جو سبب ٿي سگهن ٿيون. هن هڪ فرمان تيار ڪري سمورا تفصيل لکي مهر لڳائي قاصد کي تاڪيد ڪئي ته ويل وڃائڻ بغير اڏامندو ابوالقاس وٽ پهچي کيس حڪم نامو هن حوالي ڪري ۽ اتان تفصيل معلوم ڪري واپس پهچي.
قاصد ابوالقاس جي محل ۾ پهتو ۽ ان اهڙو حڪم نامو پڙهي ٻڌايو.
”حڪم ٿو ڏجي ته مال-دولت ۽ هيرا جواهرات بغداد موڪلي ڏنا وڃن. باقي مابدولت توهان جي وفاداريءَ کان متاثر ٿي اهي اڻويهه عورتون توهان حوالي ڪري ٿو. انهن اڻويهه عورتن کي ٽن حصن ۾ ائين ورهائي کڻندا جو ابوالقاس کي انهن جو اڌ حصو ملي ۽ باقي ٻن حصن مان چوٿون حصو وچين ڀاءُ کي ۽ پنجون حصو ننڍي ڀاءُ کي حاصل ٿئي. تنبيهه ٿي ڪجي ته اهڙي ورهاست تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. مابدولت توهان جي وفاداري ۽ ايمانداريءَ مان خوش ۽ مطمئن آهي. شل وڌندا ويجهندا رهو. فرمان کڻي ايندڙ قاصد جي سٺي خدمت ڪندا جيئن توهان جي مهمان نوازيءَ جي هاڪ ٿئي.“
قاصد جڏهن عراقي حڪمران جو فرمان پڙهيو ته تحسين جا نعرا بلند ٿيا. قاصد ڏٺو درٻار ۾ موجود سڀني جي چهرن تي خوشيءَ جي مرڪ ۽ اکين ۾ عراق لاءِ عزت جي چمڪ هئي. قاصد کي محل ۾ رهايو ويو ۽ سٺي سيوا ڪئي وئي. ٻئي ڏينهن دفتر جي اندراج موجب اهو سمورو ڌن دولت جيڪو برهمڻ آباد مان هٿ آيو هيو گڏ ڪري بخمل جي ٿيلهين ۾ وجهي بغداد موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو ۽ اڻويهه عورتن کي قيد مان ڪڍي محل منتقل ڪري صاف هوادار ڪمرن ۾ رهايو ويو. انهن اڻويهه عورتن گهڻن ڏينهن کان سج جي روشني نه ڏٺي هئي، قيد مان نڪرڻ کانپوءِ انهن جي ناسي نيڻن جي چمڪ موٽي آئي. انهن کي گلاب جي عرق ۾ وهنجاريو ويو ۽ اوڍڻ لاءِ صاف لباس ڏنو ويو. عمان جا ڳاڙها صوف کارايا ويا. ۽ دمشق جي گلابي انگورن سان چپن کي سيراب ڪيو ويو. انهن جي سونهن نکري آئي. انڌياري رات ۾ شهر واسين ڏٺو محل جي درين مان انهن جي حسن جي تجلي عرش ڏي اڀري رهي هئي.
انهن اڻويهه عورتن جي اکين ۾ اڃان به برهمڻ آباد جي مندرن جا ڏيئا ٻري رهيا هيا ۽ وقت سان انهن جي يادن جي لاٽ جهڪي پئي ٿيندي وئي. يادون رک جيان وکري مٽيءَ ۾ ملنديون ٿي ويون. انهن جي اکين ۾ اڃان به اهي رت جا داغ ڏسجي رهيا هيا جيڪي انهن سامهون ڪٺلن جي ڪنڌن مان اڏاميا هيا. اهي عورتون بي وسيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل هيون. پاڻ تي جبر ڪري پئي سگهيون يا انهن لاءِ آپگهات جا رستا کليل هيا جن تي هلي قلعي جي بلند ديوارن تان پاڻ اڇلائي پئي سگهيون، پر اڃان به اميد جي لاٽ سندن سيني اندر ڀڙڪي رهي هئي. اهي انتظار ۾ هيون من ڪا واٽ نڪري اچي. ۽ باعزت آزادي ممڪن ٿي پوي.
هارانسيءَ کي ڪهيداس سان گهڻيون اميدون واڳيل هيون. پڪ هئي ته ڪهيداس هن جي جان ڇڏائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. ڀروسو ۽ اعتماد هيو ته اهو هن کي ڪنهن صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو. ڪا اهڙي صورتحال پيدا ڪري وجهندو جو بحربانيا جا حڪمران هن کي ان حوالي ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندا- هن کي ڪهيداس جو فڪر پڻ هيو جيڪو گهڻن ڏينهن کان هن سان ملاقات لاءِ نه آيو هيو- اها سوچڻ لڳي، ”ڪهيداس ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پيو ته هن جي آزاديءَ جا سڀ دروازا بند ٿي ويندا.“ اهو سوچي مايوسيءَ جي انڌيرن ۾ گم ٿي وئي. ڪهيداس سان ملڻ جي حسرت سندس من ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي.
ڪهيداس پرواني جيان محل جي آس پاس ائين ڦرندو هيو جيئن محل مان نڪرندڙ هارانسيءَ جي وجود مان ڦٽندڙ روشنيءَ جو مداح هجي ۽ پنهنجا پر ساڙڻ لاءِ بي قرار هجي. هن کي محل اندر ٿيندڙ سڀني سازشن جي خبر هئي. ان قاصد سان پڻ مليو هيو جيڪو عراقي حڪمرانن جو پيغام کڻي پهتو هيو. هن لاءِ اها خوشيءَ جي خبر هئي ته اهي اڻويهه عورتون عراق روانيون نه ٿينديون. پر اصل مسئلو هارانسيءَ جي آزادي جو هيو. هو منتظر هيو ته ابوالقاس کي راضي ڪري انعام طور هارانسيءَ کي حاصل ڪري. اهو سوچي ته ڪجهه ڏينهن اندر بحري قزاق علاؤ الدين علاقيءَ سان سنڌ روانو ٿيڻو هيو اندر ۾ وڍ ٿي پيس. اهڙي وقت جڏهن هارانسي محل ۾ موجود هئي ۽ سندس قسمت جو فيصلو ٿيڻو هيو. هن جي سنڌ روانگي دل ڏکوئيندڙ هئي. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن ابوالقاس کي روانگي ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏنو ته اهو ڪڏهن اجازت نه ڏيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ڪاوڙجي اهڙا احڪام ڏئي جو جيئڻ جنجال ٿي پوي. بحري قزاق علاؤ الدين هن وٽ رهيل هيو ۽ هر وقت پنهنجي بهادريءَ جا داستان ٻڌائي وقت پيو وڃائيندو هيو. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته جوش کان سندس وات مان نڪرندڙ لفظن تي وڏيون مڇون جهرڪيءَ جي پرن جيان ڦڙڪنديون هيون. علاؤ الدين ابوالقاس جي اشاري جو منتظر هيو. هن جا ساٿي ڪناري تي ٻيڙو تيار ڪري بيٺل هيا ۽ سڙهه کلڻ جي انتظار ۾ هيا. ڪهيداس کي خبر هئي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر هر حال ۾ روانو ٿيڻو آهي ۽ اهو وڇوڙو هن لاءِ دل ڏاريندڙ هيو. نيٺ اهو ڏينهن به آيو جو انهن اڻويهه عورتن کي جلترنگي لباسن ۾ ٽنهي ڀائرن آڏو پيش ڪيو ويو. انهن اڻويهه عورتن جا جسم سندن وجود مان اڀرندڙ حسن جي خوابناڪ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هيا. اهي اڻويهه عورتون سانوڻ جي جهڙ جيان هيون ۽ هر طرف وڄ جا تجلا ڦهلجي ويا. محل ۾ روشني ٿي وئي. ٽنهي ڀائرن جون اکيون انهن جي حسن جو تاب سهي نه سگهندي بند ٿي ويون ۽ حسن جو نور سندن منهن تي تيزاس جيان پوڻ لڳو. اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن شهر ۾ انهن اڻويهه عورتن جي حسن جو چرچو هيو ۽ ڪهيداس علاؤ الدين علاقيءَ سان سنڌ روانو ٿي رهيو هيو. سندس من پيڙا سان ڀريل هيو ۽ اکين مان لڙڪ ڳڙي بحربانيا جي صحرائن ۾ جذب ٿي رهيا هيا. ان وڇوڙي کي هو پهاڙ جيان سيني تي محسوس ڪري رهيو هيو. ٻيڙو ونجهه کڻي سڙهه ڇوڙي اڳتي هليو ته سمنڊ جي گج ۾ هن هارانسيءَ جو چهرو ٺهندي ۽ ڊهندي ڏٺو.