ناول

اوڻويههَ عورتون

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو پهريون ناول آهي. هو لکي ٿو:
تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن ته پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اڻويهه عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2679
  • 1154
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوڻويههَ عورتون

(2)

قيدخاني کان خليفي جي محل تائين ڪو ايڏو ڊگهو رستو نه هيو. خليفي جي محل جي هڪ دريءَ کان اهو قيدخانو ڏسبو هيو ۽ ٻئي دريءَ کان مقتل جتي ڳجهون خاموش ويٺل هونديون هيون ۽ ڪانءَ گوڙ مچائي مقتل ۾ ڦهليل افسردگيءَ کي متاثر ڪندا هيا. محل جي مک دروازي کان سرن جو فرش ان ڦوهاري اڳيان پئي کٽيو، جنهن جي چوڌاري ڪبوتر اڏرندا ۽ لهندا هيا.
موسى يمني ڪهيداس کي ساڻ ڪري ان مختصر رستي تان هلندو محل ۾ پهتو. هن کي جڏهن خليفي سامهون پيش ڪيو ته ان جا ٽي پٽ جن کي عمر جي حساب سان ننڍيون وڏيون ڏاڙهيون هيون، ڇٽ واري ڪرسيءَ چوڌر بيٺل هيا. ڪهيداس پهچڻ سان نوڙي سلام ڪيو ۽ خليفي جي عبا کي هٿ ۾ کڻي چميو. خليفو ٿڪيل ۽ بيمار ڏسجي رهيو هيو.
”مون هندستاني حڪيمن جا قصا ٻڌا آهن.“ خليفي ائين ڳالهيو جيئن اندر مان آواز کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. ” مون ٻڌو آهي ته سنڌ جون جڙي ٻوٽيون اثر ۽ علاج ۾ بي مثال آهن. ڇا تون سمجهي سگهين ٿو، منهنجو علاج ممڪن آهي؟“ ڪهيداس محسوس ڪيو خليفو هن تي اعتماد ڪري رهيو آهي ۽ سندس دل ۾ نرم گوشو پيدا ٿي چڪو آهي.
”جيڪڏهن حضور پرور نبض تپاسڻ جي اجازت ڏين ته مرض جي تشخيص ڪري علاج تجويز ڪري سگهان ٿو. هڪ جوتشيءَ جي حيثيت ۾ هٿ جون لڪيرون ڏسي قسمت جو حال پڻ ٻڌائي سگهان ٿو.“
خليفي کيس اجازت ڏني ته ڀل نبض تپاسي ۽ هٿ جون لڪيرون ڏسي قسمت جو حال معلوم ڪري. ڪهيداس خليفي جي نبض تي هٿ رکي ڪن ڀرسان ائين آندو جيئن ڪو غيبي آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، پوءِ خليفي جي هٿ جي لڪيرن کي ڏٺو جيڪي هڪ ٻئي مٿان ايئن چڙهيل هيون جيئن مدرسي ۾ رياضيءَ جي استاد ڪنهن شاگرد جي حساب کي ڪٽي غلط ڪيو هجي. ڪهيداس غور ۽ فڪر ۾ پئجي ويو جنهن کان هن جي پيشانيءَ جون لڪيرون گهريون ٿي ويون.
”توهان جو علاج ممڪن آهي ۽ مستقبل شاندار.“ ڪهيداس چيو، ”اهڙو علاج هن دنيا جي تختي تي موجود آهي جنهن جي واپرائڻ سان اوهان صحتياب ٿيندا ۽ مستقبل اوهان جو انتظار ڪندو. ٻي صورت ۾ بروقت علاج نه ٿيو ته توهان جي مملڪت کي سانحو پيش اچي سگهي ٿو. توهان جي صحت ۽ حياتي هڪ اهڙو راز آهي جنهن کان مستقبل جا سڀ سانحا ۽ حادثا دور ٿي سگهن ٿا.“
ڪهيداس جي ڳالهه ٻڌي خليفي جي منهن تي سرهاڻ اچي وئي.
”پوءِ تون علاج شروع ڪر.“ خليفي عجلت مان چيو، ”وقت خراب نه ڪر. مون وٽ وقت گهٽ آهي ۽ ها... ان ڳالهه کان پڻ واقف ڪر ته مستقبل جي حادثن مان تنهنجي ڪهڙي مراد آهي؟“
”توهان جي هٿ جي لڪيرن مان اها ڳالهه واضح آهي ته زحل ۽ مريخ جو ٽڪراءُ ٿيڻ وارو آهي. جنهن صورت ۾ مملڪت جي مال متاع ۽ اولاد کي نقصان جو انديشو آهي.“
خليفو چپ ٿي ويو. هن جا ٽي پٽ ائين ڏسڻ لڳا جيئن اشاري جا منتظر هجن، ڪو حڪم ٿئي ته ان تي عمل ڪري سگهن.
”مملڪت جي معاملن جو فڪر نه ڪر.“ خليفي چيو، ”مان منهن ڏيئي ويندس باقي بيماريءَ جو بلو ڪر.“
”پوءِ بندي کي اجازت ڏيو ته جهر جهنگ گهمي اهڙيون جڙيون ٻوٽيون حاصل ڪري سگهي جيڪي علاج ۾ مددگار هجن.“
خليفو وري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
”ڇا تون سمجهين ٿو؟“ خليفي چيو، ”ته مملڪت بحر بانيا جي بيابانن ۾ اهڙيون جڙيون ٻوٽيون ملي سگهنديون جيڪي سنڌ جي سرسبز ميدانن ۾ موجود آهن؟“
خليفي جي سوال تي ڪهيداس منجهي پيو. هن سوچيو تڪڙ ۾ خليفي جي طبيعت خلاف ڪا ڳالهه ڪئي ته چڙي پوندو.
”جيڪڏهن مملڪت بحر بانيا جي بيابانن ۾ آزاد ڇڏيو ته توهان سان وعدو ٿو ڪريان ڪيڏانهن نه ويندس. ايمانداري ۽ وفاداريءَ سان ڪوشش ڪري جڙي بوٽيون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.“
خليفي ٽنهي پٽن ڏانهن ڏٺو جيڪي سمجهي ويا ته هن کي سندن صلاح جي ضرورت آهي. خليفي جو وڏو پٽ ابوالقاس جنهن جي طبيعت ۾ زنانپڻو هيو، صلاح ڏيندي چيو. ”بابا سائين، هيءُ قيدي مونکي وفادار ۽ فرض شناس ڏسجي رهيو آهي. جيڪڏهن هن تي اعتماد ڪيو وڃي ته ڪا خرابي نظر نه ٿي اچي.“
”پر منهنجي راءِ مختلف آهي.“ وچين پٽ چيو، ”هيءُ قيدي ڀل ڪيترو به پهتل ڇو نه هجي. اها اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ته مملڪت جي سرحدن اندر گهمي رازن کان واقف ٿئي ۽ دشمنن جي مدد ڪري.“
خليفي جو ننڍو پٽ جيڪو جوشيلو هيو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
”هن سان رحم جو ورتاءُ نه ڪيو وڃي.“ ان چيو، ”عقلمندي ان ۾ آهي ته هن کي قيد ۾ رکي نجوم جا ڪم ورتا وڃن ۽ ڪنهن به صورت ۾ آزاد نه ڇڏيو وڃي.“
بظاهر ڪهيداس جي منهن تي انهن متضاد راين جو تاثر پيدا نه ٿيو. ساڳيو ادب مان انهن آڏو بيٺل رهيو. پر سندس من ۾ نفرت ۽ بدلي جا مچ ٻري رهيا هيا. هن چڱائي ان ۾ سمجهي ته ڪجهه نه ڳالهائي ۽ خليفي جي فيصلي جو انتظار ڪري. خليفو پٽن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري سوچيندو رهيو ته مرض ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو، ڪافي علاج ڪيا پر ڪو افاقو نه ٿيو. جيڪڏهن طبيعت ائين رهي ته ڪجهه ڏينهن اندر مرندي دير نه ڪندو. ضروري هيو ته ڪهيداس جي حڪمت کي آزمائي جو ٻڏندڙ کي نانگ جو سهارو به وڏو لڳندو آهي. هن ڄاڻي ورتو هيو ته ڪهيداس جي من ۾ ڀل نفرت سمايل ڇو نه هجي پر وقت تي زهر جي مرهم پراڻا ڦٽ ڇٽائي وجهندي آهي. هن پٽن جي اعتراضن کي نظرانداز ڪندي ڪهيداس کي اجازت ڏني ته مملڪت جي بيابانن ۾ ڀل اهڙيون جڙيون ٻوٽيون ڳولي پر پاڻ کي آزادانه سمجهي. هن پويان ڪجهه خابرو ڳجهي طرح نظرداري ڪندا ۽ ڪنهن به غير قانوني حرڪت تي پڪڙي سزا ڏيندا.
ڪهيداس هٿ ٻڌي خليفي جا ٿورا مڃيا. خليفي هڪ اشرفين جي ٿيلهي هن حوالي ڪئي ۽ شهر ۾ گهر جو بندوبست ڪيو.
گهر ايڏو ته سوڙهو هيو جو سج جي روشني اندر نه اچي سگهندي هئي. هن گهڻن ڏينهن کانپوءِ پيٽ ڀري کاڌو. جڏهن سامت ۾ آيو ته کيس هارانسيءَ جي ياد پئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن جي زندگيءَ جو مقصد هارانسيءَ جي آزاديءَ کانسواءِ ڪجهه نه هيو. هن اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ پئي چاهي جيئن خليفو مهربان ٿي هارانسيءَ کي قيد مان ڪڍي هن جي حوالي ڪري سگهي.هو ڪمري جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ ۾ سوچيندو رهيو، ڪهڙو رستو آهي جنهن تي هلي هارانسيءَ کي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. اهڙن ئي ويچارن ۾ هيو ته ٻه سپاهي ڪمري ۾ گهري آيا ۽ اطلاع ڏنائون. ”خليفي جو وڏو پٽ ابوالقاس توهان سان اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو.“
جڏهن نخلستان جي ان ننڍي محل ۾ پهتو ته شام ٿيڻ واري هئي. سج کجين پويان لهڻ جون تياريون ڪري رهيو هيو. مٽيءَ جي گاري مان ٺهيل اهو قلعي نما محل اوندهه جي پاڇن ۾ ڍڪبو پئي ويو. اتي پهتو ته هن کي ٻاهر بيهاري اندر ابوالقاس کي ٻڌايائون. ابوالقاس ڪهيداس جو انتظار ڪري رهيو هيو. ان کي اها اڻ تڻ هئي ته متان ڪهيداس بيابانن ۾ نڪري وڃي ۽ ان سان حال اورڻ کان رهجي وڃي. ڪهيداس جي رواني ٿيڻ کان اڳ هن کي دل جي ڳالهه ڪرڻي هئي جيڪا ڪيترن ڏينهن کان اندر ۾ سانڍيو ويٺو هيو. ان سان اهي سڀ ڳالهيون اڪيلائيءَ ۾ ڪرڻيون هيون. اهوئي سبب هيو جو هن ڪهيداس سان ملاقات لاءِ اهو نخلستان وارو محل چونڊيو هيو جيڪو پري هيو ۽ ڪهيداس سان ڪيل ملاقات جي خبر ڪنهن کي پوڻ جو انديشو نه هيو، ڇو جو اڪيلائيءَ ۾ اهڙي ملاقات خليفي ۽ سندس ڀائرن ۾ شڪ پيدا ڪري پئي سگهي ته شايد انهن خلاف ڪن ڳُجهين سازشن ۾ مشغول آهي.
ٿوري انتظار کانپوءِ ڪهيداس کي ابوالقاس آڏو پيش ڪيو ويو جيڪو هڪ ڊگهي هال ۾ فارس جي قالين تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هيو. ڪهيداس اتي پهچي نوڙي سلام ڪيو. ابوالقاس اشارو ڏنو ته اچي سندس ڀر ۾ ويهي. ڪهيداس ڀر ۾ ويٺو. ابوالقاس دل جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ لڄي پئي ٿيو. ان جي ڳٽن ۾ رت ڀرجي آيو۽ شرم کان اکيون ملائڻ کان عاري هيو.
”شهزادا، توهان جو ٿورائتو آهيان.“ ابوالقاس کي چپ ڏسي ڪهيداس پاڻ ڳالهه چوريندي چيو، ”اوهان ناچيز کي ملاقات جو شرف بخشيو آهي.“
ابوالقاس ڊگهو ساهه کڻي دل جو راز ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”سڀ کان پهريون توکي انجام ڪرڻو پوندو.“ ابوالقاس چيو، ”ته جيڪي ٻڌائيندس تنهنجي اندر ۾ راز رهندو. تنهنجي منهنجي ڳالهين جي ٽئين کي خبر پئي ته تنهنجي سِر جو خير نه آهي.“
ڪهيداس ابوالقاس جي ڳالهائڻ مان اندازو لڳايو ته معاملو مختلف نوعيت جو آهي. هن جي وات مان نڪتل ڪابه غلط ڳالهه حياتيءَ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. پر اندر ۾ اها خوشي به محسوس ٿي رهي هئي ته شاهي خاندان جي فردن ۾ سندس اهميت وڌندي پئي وئي.
”مان انجام ٿو ڪريان.“ هن چيو، ”ته سڀ ڳالهيون سيني اندر سانڍي رکندس. مون تي ڀروسو ڪيو. بندو هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي.“
ابوالقاس ٿڌو ساهه ڀريو، ڳيت ڏني ۽ ڳالهايو.
”توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مان نامرد آهيان. انهن خصلتن کان وانجهيل آهيان جيڪي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري هونديون آهن. منهنجيون چار شاديون ٿيل آهن ۽ ڪئين ڪنيزون حرم ۾ موجود آهن. ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي ته انهن ويجهو وڃان پر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيس. مون لاءِ اهو احساس شرمندگي ۽ محروميءَ جو سبب آهي. اڄ ڏينهن تائين اهڙو ذڪر ڪنهن سان ڪين ڪيو اٿم، ڇو جو اهڙي ڳالهه جو ظاهر ٿيڻ منهنجن ڀائرن لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندو ان لاءِ ته خليفي کانپوءِ وڏي پٽ جي حيثيت م هن مملڪت جو ڪاروبار مون کي سنڀالڻو آهي. مون کانپوءِ منهنجي اولاد هن مملڪت جو ڪاروبار هلائيندي. جيڪڏهن ان صفت کان محروم رهيس ته اها ڀائرن ۽ انهن جي اولاد جي هٿ چڙهي ويندي، جيڪا ڳالهه سوچي منهنجي راتين جي ننڊ حرام ٿي چڪي آهي. شايد توکي خبر نه آهي ته اندروني طرح اسان ڀائرن ۾ وڏا تضاد آهن. ظاهري طرح کلندي ڳالهائيندي نظر اچون ٿا، حقيقت ان جي ابتڙ آهي. جيڪڏهن وس پڄي ته هڪ ٻئي کي ماري ڳجهن کي کارائي ڇڏيون. مان پنهنجن ڀائرن کان ڏاڍو ڊنل ۽ محتياط آهيان. خبر نه آهي سڀاڻي خليفي جي موت کانپوءِ جڏهن مملڪت جون واڳون سنڀاليندس ته منهنجا ڀائر ڪيئن برداشت ڪندا؟ توکي منهنجي محروميءَ جو علاج ذهن ۾ رکڻو آهي. جيڪڏهن ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب وئين ته توسان وعدو ٿو ڪريان جيڪي گهرندين تنهنجي حوالي ڪندس. ٻيو تون ستارن جي حساب سان ٻڌاءِ. مستقبل ۾ منهنجن ڀائرن جو رويو ڪيئن هوندو؟ ڇا اهي نقصان ته نه پهچائيندا؟“
ابوالقاس جون ڳالهيون ٻڌي ڪهيداس حيرت ۾ پئجي ويو. ان جي نامردي انديشا ۽ وسوسا هن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث هيا. هن ابوالقاس کي هٿ ڏيکارڻ جي درخواست ڪئي. ابوالقاس هٿ کولي هن آڏو ڪيو ۽ ڪهيداس لڪيرن کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن وڃائجي ويل رستن ۾ پنهنجي ڇوٽڪاري جا دڳ ڳولهيندو هجي. هن جو ڇوٽڪارو هن جي محبوبا هارانسيءَ جو ڇوٽڪارو، پر اتي سڀ رستا بند هيا. سڀ وچڙيل ۽ هڪ ٻئي ۾ الجهليل هيا. هو ڪافي دير ابوالقاس جي هٿ جون لڪيرون ڏسندو رهيو. هڪ ڪاغذ تي ڪجهه انگ لکي ڪنهن رياضيدان جيان حساب لڳائي زائچو ٺاهيو ۽ ابوالقاس جي منهن ڏي ڏسي مرڪيو.
”توهان جا ستارا روشن ۽ قسمت جا در کليل آهن.“ هن کيس خوشخبري ڏيندي چيو، ”هيءَ مملڪت ويجهڙائيءَ ۾ توهان جي ماتحت هوندي ۽ زبردست حڪمران ثابت ٿيندا. ڌڻي توهان کي خوبصورت پٽ سان نوازيندو.“
اهڙي پيشنگوئي ٻڌي ابوالقاس جي منهن تي سرهائي اچي وئي.
”توکي يقين ٿو ڏياريان ته پنهنجي صحتيابي ۽ ڪامرانيءَ جي صورت ۾ غلاميءَ مان آزاد ڪري انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيندس.“
ابوالقاس جي ڳالهه ٻڌي ڪهيداس جي من ۾ مايوسيءَ جو طوفان گهلڻ لڳو. هن کي هارانسيءَ جي آزادي عزيز هئي. جيڪا قيدخاني جي دل ڏاريندڙ اوندهه ۾ خوف جا ساهه کڻي رهي هئي. هن جا سڀ حيلا پنهنجي محبوبا جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ هيا. ان کانسواءِ اڪيلو آزاد ڪيئن پئي ٿي سگهيو. هن جي حياتي ان بنا اڌوري هئي. سوچن ۾ ٻڏي ويو ۽ فڪر جون ريکائون منهن تي تتل واريءَ جي ڊهن مٿان هلندڙ لڪ جيان گهلڻ لڳيون.
”جيڪڏهن تنهنجي من ۾ ڪو مونجهارو آهي ته ٻڌاءِ.“ هن کي پريشان ڏسي ابوالقاس چيو.
ڪهيداس سوچيو. شايد اهو وقت اچي چڪو آهي جو اندر جي ڳالهه ابوالقاس اڳيان ظاهر ڪري. هن کي ٻڌائڻ گهرجي ته هارانسيءَ کي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پوءِ سوچيو. اهڙي ڳالهه ڪرڻ وقت کان پهريان آهي. انهن ئي سوچن ۾ وٽ کائي رهيو هيو ته ابوالقاس ساڳيو سوال ورجهايو.
”ڪهيداس ڪجهه چوڻ چاهين ٿو ته حجاب نه ڪر.“
ابوالقاس جي ڳالهه تي ڪهيداس همت ڪئي ۽ دل جو حال اوريو.
”شهزادا، مان صرف ايترو عرض ڪندس. جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن مان هڪ عورت منهنجي حوالي ڪئي وڃي ته عمر ڀر احسان مند رهندس.“
ڪهيداس جي ڳالهه ٻڌي ابوالقاس جي منهن مان رت ڇڏائجي ويو ۽ اهو املتاس جي گلن جيان هيٺ لڙڪي پيو.
”شايد توکي خبر نه آهي؟“ هن چيو، ”سنڌ مان هٿ آيل مال غنيمت ۽ اهي اڻويهه عورتون اسان وٽ عراق جي حڪمرانن جون امانتون آهن. اسان جي مملڪت انهن جي زيراثر ۽ تابع آهي. اهڙا احڪام آيل آهن جن تحت اسين مالِ غنيمت جا مالڪ يا دعويدار نه آهيون پر اهو سڀ عراقي حڪمرانن لاءِ آهي. اڄ ڏينهن تائين انهن ڪنيزن کي اک کڻي به نه ڏٺو آهي. متان اها خبر عراقي حڪمرانن کي پوي ۽ ڪا مصيبت نازل ٿي پوي. عراقي حڪمرانن کي پهريون ئي غلط فهميون آهن ته اسين اندروني طرح مڪران ۽ ڪيڪانان جي علاقين جي حمايت ۽ مدد ڪري رهيا آهيون. اهڙي صورت ۾ ان مال غنيمت سان ڪابه هٿ چراند نه ٿا ڪري سگهون. عراقي حڪمرانن جي اشاري جا منتظر آهيون ته سنڌ مان حاصل ڪيل ان مال غنيمت جو ڇا ڪجي؟ اهو سمورو روانو ڪيو وڃي يا جزيي طور ان جو ڪجهه حصو پاڻ کڻڻ جا مجاز آهيون؟“
ڪهيداس مايوس ٿي ويو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. هن سوچيو جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن کي عراق موڪليو ويو، اهو ناممڪن ٿي پوندو ته هارانسيءَ کي حاصل ڪري سگهي. هن کي خبر هئي ته عراقي حڪمران ظالم ۽ بي رحم آهن. هارانسي انهن ور چڙهي وئي ته حرم مان هن جو لاش به حاصل نه ڪري سگهندو. هو دل ۾ دعا گهرندو رهيو. شل اهي اڻويهه عورتون عراق روانيون نه ٿين ۽ انهن حڪمرانن جي هٿ نه چڙهن نه ته هارانسيءَ تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ اها سدائين لاءِ وڇڙي جيئري دوزخ حوالي ٿي ويندي. هن ابوالقاس کي عرض ڪيو.
”ڀلا اجازت ڏيو ته ان عورت سان ملاقات ڪيان.“
ابوالقاس گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ سپاهيءَ کي حڪم ڪيو، ”صبح جو ڪهيداس کي ساڻ ڪري قيدخاني وڃي، ان عورت سان ملاقات ڪرائي جنهن سان ملڻ جو خواهشمند آهي.“
هن سپاهيءَ کي اڪيلائيءَ ۾ وٺي اهو به سمجهايو ته ملاقات وقت ڪهيداس جي ڀرسان رهي خيال ڪري ته ڪا اهڙي حرڪت نه ڪري جنهن سان خليفي جي نظر تان ڪري پوي.
ٻئي ڏينهن صبح جو سپاهي هن کي ساڻ ڪري ان قيدخاني روانو ٿيو جتي اڻويهه عورتون قيد هيون. اهو قيد خانو ٻين کان مختلف ۽ سٺي حالت ۾ هيو. پراڻي حرم جهڙو هيو جنهن جون ڀتيون ٿلهيون ۽ مٽيءَ جون ٺهيل هيون. ان ۾ هوادار روشندان ۽ ونگن وارا در هيا. اڱڻ ۾ کجيءَ جا وڻ هيا ۽ وچ تي حوض هيو جنهن ۾ بيٺل پاڻيءَ تي سينور ڄميل هيو. سپاهيءَ هن کي وٺي اهڙي هنڌ بيهاريو جتي ڪچي فرش ڪري پوسل جي بوءِ ڦهليل هئي.
”ان عورت جو نالو ڇا آهي جنهن سان ملڻ چاهين ٿو؟“ سپاهيءَ پڇيو. ”هارانسيءَ.... هارانسي واسل بهماسي ان جو پورو نالو آهي.“ هن تڪڙ مان چيو جيئن جلد اندر وڃي ۽ وقت وڃائڻ بنا سڏي واپس اچي ڇو جو هارانسيءَ جي ملڻ جي حسرت سندس من ۾ ذبح ٿيل اٺ جيان ڇڙيون هڻي رهي هئي. سپاهي اندر ويو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ هڪ عورت کي ساڻ ڪري اتي پهتو. ڪهيداس ڏٺو. اها هارانسي هئي. هن جي محبوبا. اکين جي روشني. دل جو سرور. جنهن کي ڏٺي ڏينهن گذري چڪا هيا. ان جي حالت ڏسي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. سڏڪو اڀري نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. ان جا وار وچڙي چڪا هيا ۽ چهري تي پيل داڳ چنڊ جهڙا هيا. ويڪرين اکين ۾ ساڳي چمڪ ۽ روشني هئي. ان جا مرڪندڙ چپ اداس ۽ واريءَ جيان خشڪ هيا. هن ڊڪي ان کي سيني سان لڳايو.
”منهنجي هارانسي.“ هن چيو.
ڪهيداس سان ملي ان جون اداس اکيون سڪون کان بند ٿي ويون. سندن سڏڪا ائين اڀريا جيئن هڪ ٻئي جو پڙاڏو هجن. هارانسيءَ محسوس ڪيو مدتن کانپوءِ ڪنهن بڙ جي ڇانوَ ۾ ويهاري کيس زخمي پيرن تي مرهم جون پٽيون رکيون هجن. ”منهنجا ڪهيداس... مونکي ڇڏي ڪيڏانهن هليو وئين.“ هن چيو- پوءِ ان ٻار جيان روئڻ لڳي جيڪو وڃائجي ويو هجي ۽ پنهنجن سان ملڻ کانپوءِ سڃاڻي خوشيءَ مان هنجون هاريندو هجي.
”مونکي ٻوسٽ مان ٻاهر ڪڍ نه ته بي موت مري وينديس.“ هارانسيءَ چيو. ڪهيداس هن جي بيوسيءَ جا ڳوڙها اگهيا ۽ منهن کي هٿن ۾ وٺي ڏسڻ لڳو.
”همت کان ڪم وٺ.“ کيس دلجاءِ ڏيندي چيائين، ”مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان جيڪر توکي آزاد ڪرائي سگهان. هيانءُ نه هار.بهادري ان ۾ آهي ته حالتن جو مقابلو ڪجي ۽ مصيبت مان پار پوڻ جي ڪوشش ڪجي.“
هن هارانسيءَ کي پيار ڪيو ۽ ان جي خشڪ چپن تي چمين جي بارش ڪئي. سپاهي اوٽ مان اهو ڏسي رهيو هيو. ان کان اڳ جو ڳالهه وڌي رسوائيءَ جو سبب بنجي اڳتي وڌي ڪهيداس ويجهو آيو.
”ملاقات جو وقت ختم ٿيو.“ ان چيو ۽ هن کي گهلي هارانسيءَ کان پري ڪيو. هارانسي هن کان ائين الڳ ٿي وئي جيئن ميڻ جو مجسمو گرميءَ تي پگهرجي تاندورن جيان ڇڪجي به اڌ ٿي ويو هجي. قيدخاني جا ٻه سپاهي هارانسيءَ کي ساڻ ڪري اندر هليا ويا ۽ هوءَ هنجون هاريندي قيدخاني جي اوندهه ۾ گم ٿي وئي. ڪهيداس جڏهن سپاهيءَ سان ٻاهر نڪري رهيو هيو ته حرم نما قيدخاني جي ڀتين جي پوسل مان هارانسيءَ جي سڏڪن جي بوءِ اچي رهي هئي.