ناول

اوڻويههَ عورتون

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو پهريون ناول آهي. هو لکي ٿو:
تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن ته پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اڻويهه عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2679
  • 1153
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوڻويههَ عورتون

(8)

ڪهيداس جڏهن حسينا کي ساڻ ڪري ڪيڪانان جي سرحد پار ڪئي ته سوچيو.جنهن مقصد لاءِ سنڌ ويو هيو اهو پورو نه ڪري سگهيو آهي. هو ابوالقاس کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ هن کي خليفي ۽ ابوالقاس جو علاج ڪرڻو هيو. اهي جڙيون ٻوٽيون حاصل ڪرڻيون هيون جيڪي سنڌ ملڪ ۾ ميسر هيون پر اتي ڇڙيل جنگ ۽ افراتفريءَ ڪري حاصل نه ڪري سگهيو هيو. خليفو ته سوزاڪ سبب دنيا مان موڪلائي چڪو هيو پر ابوالقاس هن جي راهه نهاري رهيو هيو. ڪهيداس منجهي پيو ته بحربانيا پهچي ابوالقاس کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ جيڪڏهن ابوالقاس کي مايوس ڪيائين ته اهو هن کي سزا ڏيندي دير نه ڪندو. اهو سوچي ڪيڪانان جي سرحد وٽ گهوڙو بيهاري هيٺ لهي هڪ پٿر کڻي کيسي ۾ وڌائين. هو رستمانيا کان ٿيندو دهران پهتو. جڏهن سمنڊ ڪناري آيو ته علاؤ الدين علاقيءَ جو ٻيڙو نظر اچي ويو. دهران جو اهو علائقو انهن قزاقن جي محفوظ پناههگاهه هيو. هن کي پهچڻ کان اڳ پڪ هئي ته علاؤ الدين اتي ضرور موجود هوندو ۽ اهوئي واحد شخص هيو جيڪو هن کي بحربانيا پهچائڻ ۾ مددگار ٿئي پئي سگهيو ڇو جو ابوالقاس ان مٿان اها ذميواري رکي هئي. ڪناري تي گهمندڙ قزاقن جي نظر جڏهن ڪهيداس تي پئي ته ان کي وٺي علاؤ الدين وٽ آيا. علاؤ الدين ان وقت ڳاڙهي شراب جا ڍڪ ڀري ڍاري راند کيڏي رهيو هيو. ڪهيداس کي ايندي ڏسي ڄڻ خوشيءَ مان ٽڙي پيو. اٿي هن کي ڀاڪر پاتائين پوءِ نظرون ڦيري ان پويان بيٺل حسينا کي ڏٺو.
”هي ڪير آهي؟“ هن سوال ڪيو.
ڪهيداس کي خبر هئي ته علاؤ الدين عورت جي معاملي ۾ سٺو ماڻهو نه آهي.
”اها عورت ابوالقاس جي امانت آهي“ هن جواب ڏنو ”اصل بحربانيا جي آهي. هن کي ديبل ڀرسان قزاقن ان بحري ٻيڙي مان اغوا ڪري اروڙ موڪليو هيو جيڪو سرانديپ کان عراق وڃي رهيو هيو. هيءَ پنهنجي وطن موٽي رهي آهي. هن جا سڀ ڀاتي هڪ گهرو لڙائي ۾ مارجي چڪا آهن.“
اهو ٻڌي علاؤ الدين ان مان اکيون پري ڪيون.
”جيڪڏهن ابوالقاس جي امانت آهي ته پوءِ ڪنهن خيانت جي ضرورت نه آهي.“ هن چيو.
شراب جو کونجو ڀري ڪهيداس کي ڏنو ۽ ڀر ۾ ويهاريو. هن خواجا سرا کي حڪم ڏنو ته حسينا کي ٻيڙي جي تهه خاني ۾ وٺي مهمان نوازي ڪري. جڏهن ٻيڙو بحربانيا هليو ته آسمان ۽ سمنڊ ۾ ڪو فرق نه هيو. نيري آسمان تي جهڙ جون لهرون ٺهيل هيون ۽ هيٺ سمنڊ تي لهرن جو جهڙ هيو. هوا ٿڌي ۽ خشڪ هئي. ٻيڙي جا سڙهه تيز هوا ۾ پاڻيءَ بنا مڇيءَ جيان پئي ڦتڪيا. جڏهن بنسري نواز چپ گول ڪري آڱرين کي حرڪت ڏني ته ٻيڙو مست ٿي لهرن تي نچڻ لڳو. حسينا آئي ۽ ڪهيداس اڳيان ويٺي. دلڪش چهري واري عورت جنهن جا وار هوا ۾ اڏري رهيا هيا، اهي هر هر ان جي سرخ ڳٽن سان ٿي ٽڪرايا. هو ان جي چهري ۾ هارانسيءَ جو چهرو ڏسي رهيو هيو. هارانسي جيڪا هن جي دل تي نقش هئي. جنهن کي ڪڏهن نه وساريو هيو. هو حسينا ويجهو آيو ۽ بي خوديءَ ۾ ان جي زلفن سان کيڏڻ لڳو.
”هارانسي... منهنجي هارانسي.“ هن جي چپن مان هلڪا آواز ائين نڪري رهيا هيا. جيئن ڪو عبادگذار اکيون بند ڪري معبود کي پڪاريندو هجي. هن سامهون ويٺل حسينا مرڪندي رهي.
”ڪهيداس“ ان چيو ”تون ڀليو آهين.“
هن جي آواز تي ڪهيداس جو ڇرڪ نڪري ويو.
”مونکي معاف ڪجانءِ.“ هن چيو، ”تنهنجي چهري ۾ پنهنجي محبوبا ڏسي رهيو هوس جيڪا بحربانيا ۾ قيد آهي. دعا ڪر جيئن تون قيد مان آزاد ٿي آهين شل اها به ٿئي پر ان لاءِ تنهنجي قربانيءَ جي ضرورت آهي.“ حسينا کيس همدرديءَ مان ڏٺو.
”تون حڪم ڪر.“ هن چيو، ”هر قربانيءَ لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن توکي جان جي ضرورت پوي ته اها به حاضر آهي.“
”توکي ان جي آزاديءَ لاءِ انهن اڻويهه عورتن ۾ شامل ٿيڻو پوندو جيڪي اتي شاهي حرم ۾ موجود آهن ۽ ٽن ڀائرن ۾ فساد جو سبب آهن. جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن ۾ شامل ٿيندينءَ ته تنهنجي بدلي هارانسيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندس.“
ڪهيداس جي ڳالهه حسينا کي سمجهه ۾ نه آئي.
”مونکي انهن اڻويهه عورتن ۽ ٽن ڀائرن جي تضاد جي ڪا خبر نه آهي. انهن کي ڪيئن ورهائيندين ۽ مونکي انهن حوالي ڪري هارانسيءَ کي ڪيئن حاصل ڪري سگهندين اهي سڀ مون لاءِ سوال آهن. يقين ڪر مان هر قربانيءَ لاءِ تيار آهيان.“
ڪهيداس حسينا جي وفا شعاريءَ مان متاثر ٿيو. ان جي هٿ کي هٿن ۾ وٺي چميو ۽ اکين تي رکي ڇڏيو.
ٻيڙو سمنڊ جي لهرن تي هيٺ مٿي ٿي هلندو رهيو. رات ٿي ته ستارا آسمان ۾ ڪرڻن جي آڱرين جي اشارن سان ٻيڙي کي رستو ڏيکاريندا رهيا. علاؤ الدين جي طبيعت ۾ اڳي شوخي نه رهي هئي. اهو مايوسيءَ مان ليٽي آسمان جي اوندهه کي نهاري رهيو هيو. ڪهيداس ان وٽ آيو کيس حيرت مان ڏسڻ لڳو. علاؤ الدين ڪنڌ ورائي ڏٺو ۽ ڪهيداس سوال ڪيو.
”اداس ۽ نراس ڏسجي رهيو آهين. تو جهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي حالت ۾ ڏسي حيرت ٿي آهي.“
علاؤ الدين سڌو ٿي ويٺو.
”شايد توکي خبر نه آهي“ هن چيو، ”بحربانيا جون حالتون بدلجي چڪيون آهن. اتي ابوالقاس قلعي اندر محصور ٿي چڪو آهي. هن جا ڀائر عراقي حڪمرانن جي مدد سان لشڪر ڪاهي آيا آهن. بحربانيا جي اهڙي صورت حال سبب منهنجي مالي امداد بند ٿي چڪي آهي. مان قزاق آهيان مون لاءِ پناهه گاهه جو هجڻ ضروري آهي. خوف آهي ته مالي مدد بند ٿي وڃڻ کان پوءِ بحربانيا منهنجي پناهگاهه نه رهندي. ابوالقاس جي حڪمراني ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. جيڪڏهن ڪو صلحنامو نه ٿيو ته سندس ڀائر حملو ڪري هرشيءِ تباهه ڪري ڇڏيندا.“
ڪهيداس اهڙي صورتحال کان پهريون واقف هيو.
”تون بحربانيا پهچاءِ.“ ڪهيداس چيو، ”ابوالقاس کي مسئلي جو حل ڪڍي صلح جي صلاح ڏيندس. پڪ آهي ته منهنجي صلاح قبول ڪندو ۽ ناراض ڀائر هن سان راضي ٿي پوندا.“
”پر اصل مسئلو اهي اڻويهه عورتون آهن.“ علاؤ الدين چيو، ”جن جي سونهن ۽ حسن انهن کي ديوانو ڪري ڇڏيو آهي. جن جي ورهاست جنگ جو سبب آهي. انهن اڻويهه عورتن کي ڪوبه ڏاهو ۽ عقلمند مقرر حصن جي بنياد تي ورهائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. تون اها دعوى ڪيئن ٿو ڪرين ته انهن ڀائرن کي راضي ڪري وجھندين ۽ صلح جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيندين؟“
ڪهيداس جي چين تي خود اعتماديءَ جي مرڪ اچي وئي.
”ان مسئلي جو حل آهي.“ هن چيو، ”جڏهن ان مسئلي کي حل ڪندس ته بحربانيا جو هر شخص حيران ٿي ويندو.“
علاؤ الدين عجب مان هن ڏانهن ڏسندو رهيو جيئن کيس ڪهيداس جي ڳالهين تي يقين نه پئي آيو.
جڏهن ٻيڙو بحربانيا پهتو ته سج نڪرڻ ۾ اڃان وقت هيو. اوندهه ڦهليل هئي ۽ هر طرف ويراني ڇانيل هئي. علاؤ الدين ڪهيداس کي وٺي اهڙي هنڌ پهتو جيڪو جبلن جي اوٽ هيو. ان کي هڪ ويران جاءِ ۾ ڇڏي هليو ويو. ڪهيداس حسينا کي ساڻ ڪري اتي ويهي سج نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن ڏينهن نڪتو ته هو حسينا کان موڪلائي ٻاهر آيو. ويندي کيس نصيحت ڪيائين ته، ”ان جاءِ کان ٻاهر نه نڪرجانءِ جيئن ڪنهن کي شڪ نه پوي ته تون اتي موجود آهين.“
ڪهيداس جڏهن قلعي کي ويجهو ٿيو ته کيس پري کان هزارين فوجي محاصرو ڪري بيٺل نظر آيا. هن جي نظر ان منجنيق تي پڻ پئي جيڪا ڪنهن ديوَ جيان قلعي سامهون بيٺل هئي. قلعي ۾ داخل ٿيڻ جا سڀ رستا بند هيا. هو پري کان ڏسندو رهيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ رهيو ته اندر پهچي ابوالقاس سان ملاقات ڪري سگهي. اهڙن ئي خيالن ۾ هيو ته ڪنهن تلوار جي چهنب سندس پٺيءَ تي رکي. هن ڇرڪ ڀري پوئتي نهاريو. ڏٺو اهو هڪ سپاهي هيو جنهن جي هٿ ۾ تلوار چمڪي رهي هئي.
”خبردار.“ سپاهيءَ چيو، ”هٿ مٿي کڻ ۽ سڌو ٿي بيهه.“
ڪهيداس هٿ مٿي ڪري بيهي رهيو.
”ڪير آهين ۽ هت ڇا ڪري رهيو آهين؟“ ان سوال ڪيو.
”هڪ نجومي ۽ حڪيم آهيان.“ ڪهيداس چيو، ”منهنجو ڪم شفا ڏيڻ ۽ قسمت جو حال ٻڌائڻ آهي.“
سپاهيءَ جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. غور سان ڏسڻ لڳو جيئن ڪهيداس کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
”ڇا تون ڪهيداس آهين.“ ان سپاهيءَ چيو، ”جنهن جو ابوالقاس کي انتظار آهي.“
”ها مان ڪهيداس آهيان.“ هن چيو، ”۽ ابوالقاس سان ملڻ لاءِ بي چين آهيان.“
”مان شاهي فوج جو خابرو آهيان.“ سپاهيءَ چيو، ”منهنجو ڪم قلعي کان ٻاهر واءُ سواءُ لهڻ آهي. چڱو ٿيو توسان ملاقات ٿي. پويان اچ توکي چور دروازي کان قلعي اندر وٺي هلان.“
ڪهيداس سپاهيءَ پويان هلندو چور دروازي کان قلعي ۾ داخل ٿيو. جڏهن ابوالقاس سامهون پيش ٿيو ته هن ڏٺو اهو ڪمزوري ۽ هيڻو ٿي چڪو هيو. سندس منهن هڏائون ۽ پيلوپئي نظر آيو. ڪهيداس کي سامهون ڏسي اهو خوش ٿيو. ڪهيداس پهچڻ شرط جهڪي سلام ڪيو ۽ کيس چوغي کي چُمي ڏني. هن هٿ وجهي اهو پٿر ٻاهر ڪڍيو جيڪو ڪيڪانان جي سرحد وٺ کيسي ۾ وڌو هئائين.
”حضور وڏي مشڪل کان پوءِ اهو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان.“ هن پٿر ابوالقاس حوالي ڪندو چيو، ”توهان جي شفا ان پٿر جي جوهر ۾ لڪيل آهي. ان کي مشڪ ۽ عنبر ۾ پسائي پيهي استعمال ڪرڻ سان شڪايت دور ٿي ويندي.“
ابوالقاس پٿر کي ائين ڏٺو جيئن کيس اعتبار نه پئي آيو ته ان ۾ سندس شفايابيءَ جو راز لڪيل آهي.
”ان کي پٿر نه سمجهو حضور“ ڪهيداس چيو، ”اهو ڪيڪانان جي جبلن جو جوهر آهي جنهن ۾ ٻرندڙ جبلن جو سڙيل سکيو موجود آهي.“
ابوالقاس اعتبار ڪري ان کي رومال ۾ ويڙهي پاڻ وٽ رکيو.
”اهو ته ٻڌاءِ.“ ابوالقاس پڇيو، ”ايڏا ڏينهن ڪٿي پئي ٺوڪرون کاڌئي. اچڻ ۾ ايڏي دير جو ڪهڙو سبب هيو؟“
”جڏهن سنڌ پهتس ته خليفي جي موت جي خبر پئي جنهن جو ڏک ٿيو. شل خدا توهان کي صبر عطا فرمائي. ٻيو صدمو ان خبر سان ٿيو ته توهان جا ڀائر باغي ٿي صف آرا آهن. مان ان مسئلي تي سنڌ جي ڏاهن ۽ نجومين سان ڳالهايو، جن ڏاڍيون سهڻيون صلاحون ڏنيون ۽ هڪڙو حل ٻڌايو آهي جيڪو توهان لاءِ قابل قبول هوندو. اتان جي نجومين کان بحربانيا جي مستقبل بابت ڄاڻ پڻ ورتي آهي سندن چوڻ آهي ته بحربانيا جو مستقبل ابوالقاس ۽ سندس اولاد جي هٿن ۾ هوندو. خدا توهان کي ولي عهد عطا ڪندو جيڪو هڪ عرب عورت مان هوندو.“
ابوالقاس اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٽڙي پيو. سندس هيڊي منهن تي سرخي نروار ٿي ۽ گهڻن ڏينهن کانپوءِ مرڪيو.
”ته پوءِ اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪر جيڪي اتان جي ڏاهن ۽ نجومين کان معلوم ڪري آيو آهين. جيڪڏهن وڻيون ته انهن تي ضرور عمل ڪندس.“ هن چيو.
”پوءِ توهان کي جنگ نه امن جي صلاح ڏيندس.“ ڪهيداس چيو، ”جنگ توهان جي حق ۾ نه آهي. ان سان تباهي ايندي جنهن صورت ۾ نقصان ٿيندو. توهان ڀائرن سان صلح جي ڪوشش ڪريو. راضي ڪيو ته واپس اچي ويهن ۽ ڳالهيون ڪري ان آفت کي ٽارين.“
ابوالقاس کي ڪهيداس جي اڌوري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
”پر اصل مسئلو ته انهن اڻويهه عورتن جو آهي. ان کي ڪير حل ڪندو.“ ابوالقاس چيو.
”ان جو حل مون وٽ آهي.“ ڪهيداس چيو، ”اهي اڻويهه عورتون ورهائي سگهجن ٿيون.“
”پر ڪيئن.“ ابوالقاس پڇيو.
”مون وٽ ان مسئلي جو حل آهي.“ ڪهيداس چيو، ”توهان جي اجازت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڀائرن کي راضي ڪري گڏ ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته درٻار ۾ منصفن سامهون انهن اڻويهه عورتن کي مان ورهائي هر هڪ حوالي ڪندس. انهن جي اهڙي ورهاست ڪندس جيڪا هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هوندي ۽ ڪنهن کي اعتراض نه هوندو.“
ڪهيداس جي صلاحن جو ابوالقاس جي دل تي چڱو اثر ٿيو. هن کي پڪ هئي ته اهو عقلمند ۽ هن جو گهڻگهرو آهي. ان جون همدرديون هن سان آهن ۽ سندس حڪمرانيءَ کي ڪامياب ڏسڻ جو خواهشمند آهي. اهو سوچي ابوالقاس ڪجهه سردارن کي قلعي ٻاهران موڪليو ته اهي وڃي سندس ڀائرن کي صلح جو پيغام ڏين ۽ راضي ڪن ته جنگ ڪنهن جي فائدي ۾ نه آهي، اچن ته کين انهن اڻويهه عورتن مان انصاف موجب حصو ڏئي مملڪت ۾ سٺيون نشستون ڏئي ڌن دولت سان نوازيو ويندو. ڪجهه سردار قلعي ٻاهران ويا جڏهن انهن اتي پهچي نظر ڦيرائي ته هر طرف خيما ڏسجي رهيا هيا. نظر جي حد تائين خيما ائين ڦهليل هيا جيئن جيئرن انسانن جو قبرستان هجي جنهن مٿان جهنڊا ڪبوترن جيان اڏامندا هجن. قلعي اڳيان منجنيق بيٺل هئي ۽ اتي گهڙيل پٿر پيل هيا جيڪي قلعي جي ديوارن سان ٽڪرائجڻ لاءِ بي چين هيا.
انهن ٻنهي ڀائرن ايندڙ سردارن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خيمي ۾ وٺي سامهون ويهاريائون. اهي سردار بحربانيا جي ڪجهه قبيلن جا سرواڻ هيا ۽ شاهي محل ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هيا. اهي ڀائر انهن جي حيثيت کان واقف هيا ۽ کين خبر هئي ته اهي جن قبيلن جا سردار آهن انهن قبيلن جا ڪجهه ماڻهو بغاوت ڪري اچي هنن سان مليا آهن. جڏهن اهي سردار ٻن ڀائرن سامهون ٿيا ته انهن جون اکيون التجائن سان ڀريل هيون ۽ ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن ڪو ڏوهه ڪيو هئائون.
”اسان بحربانيا جا سردار وڏيون اميدون رکي توهان وٽ آيا آهيون.“ مک سردار ڳالهائيندي چيو، ”ابوالقاس اوهان جي بغاوت تي غمگين ۽ مايوس آهي. هن توهان لاءِ صلح جو پيغام موڪليو آهي. سندس دلي خواهش آهي ته توهان جنگ کان ڪنارو ڪري واپس محل ۾ اچو ته توهان کي منشا مطابق انهن عورتن مان حصو ڏنو ويندو ۽ بحربانيا جي ڪجهه علائقن جي اپت توهان حوالي ڪئي ويندي. هو توهان کي وڏن عهدن تي فائز ڪندو ۽ محل ۾ وڏن مرتبن تي ويهاريو ويندو. سندس چوڻ آهي ته جنگ مسئلي جو حل نه آهي. ٻنهي پاسن کان نقصان بحربانيا جي ماڻهن ۽ ملڪيتن جو ٿيندو. قوم ورهائجي چڪي آهي. ڀاءُ سامهون ڀاءُ آهي ۽ پيءُ سامهون پٽ تلوار ڪڍي بيٺل آهي.“
مک سردار جي ڳالهه ٻڌي ٻنهي ڀائرن ڦڪا ٽهڪ ڏنا جن ۾ ڪاوڙ ۽ بدلي جي باهه ڀڙڪي رهي هئي.
”ته پوءِ ابوالقاس ان وقت ڪٿي هيو جڏهن هن کي وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ التجا ڪئي وئي. کيس عرض ڪيو ويو ته هو نا انصافي نه ڪري. پنهنجي رويي کي درست رکي. هاڻي جڏهن اسان مڪمل تياريءَ سان هن آڏو آيا آهيون ته توهان کي تڪليف ڏئي اسان ڏانهن ڇو موڪليو آهي؟ ان کي ٻڌايو ته هو مقابلي لاءِ تيار ٿئي ڇو جو شڪست ان جو مقدر بڻجي چڪي آهي.“
وڏي ڀاءُ ڪاوڙ مان جواب ڏنو.
انهن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي سردار مايوسيءَ جي بادلن ۾ ڍڪجي ويا.
”توهان جو غصو ۽ ڪاوڙ بجا آهي پر جڏهن ابوالقاس توهان کي حق ڏيڻ تي راضي ٿيو آهي ته پوءِ آخر جنگ جو سبب ڪهڙو آهي؟“ هڪ سردار چيو.
ننڍو ڀاءُ وڏي کان وڌيڪ جذباتي ٿي ويو.
”اسان کي ابوالقاس جي وعدن تي ڪو اعتبار نه آهي.“ ان چيو، ”هو پهريون به اهڙا واعدا ڪري ڦري چڪو آهي. ان کي وڃي ٻڌايو ته قلعي جو محاصرو ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ڪيو ويندو، بهتري ان ۾ آهي ته هو اقتدار کان الڳ ٿي مملڪت جون واڳون اسان حوالي ڪري.“
سردارن محسوس ڪيو ڪو کڙتيل نه پيو نڪري. ٻنهي ڀائرن جي رويي کي ڏسي سمجهي ويا ته اهي جنگ لاءِ تيار آهن ۽ صلح ڪنهن به صورت ۾ نه قبوليندا. جڏهن اهي نااميد ٿيا ته مايوسيءَ مان هڪ ٻئي ڏي ڏٺائون ۽ اکين ئي اکين ۾ اشارا ڪيائون ته واپس ورڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. اهي اٿيا ۽ ٻنهي ڀائرن کان موڪلائي جڏهن خيمي جي در تي پهتا ته ننڍي ڀاءُ انهن کان سوال ڪيو.
”توهان بيشڪ صلح جو پيغام کڻي آيا آهيو پر اهو ته ٻڌايو ابوالقاس انهن اڻويهه عورتن کي مقرر حصن ۾ ورهائيندو ڪيئن!“
”هن انهن اڻويهه عورتن کي منصفاڻي طريقي ورهائڻ جو راز ڳولهي ورتو آهي.“ مک سردار چيو، ”يقين ڪيو اهو توهان سان ناانصافي نه ڪندو. هر ڀاءُ کي حصي مطابق عورتون ملنديون ۽ ڪنهن کي شڪايت نه ٿيندي.“
”اسان کي يقين نه ٿو اچي.“ وڏي ڀاءُ چيو، ”هن کي اها ورهاست هاڻي سمجهه ۾ آئي آهي؟ جڏهن موت کي سامهون ڏسي صلح تي راضي ٿيو آهي.“
”هن کي ان مسئلي جو حل ڪهيداس ٻڌايو آهي.“ هڪ سردار چيو، ”جنهن کي توهان چڱي ريت سڃاڻو، جيڪو ماهر نجومي ۽ حڪيم آهي.“
ڪهيداس جو ٻڌي ٻئي ڀائر حيرت ۾ پئجي ويا.
”اهو غلام جيڪو سنڌ کان بحربانيا ۾ آيو هيو؟“ وڏي ڀاءُ چيو، ”ته ڇا هاڻي بحربانيا جي مستقل جا فيصلا اتان جا غلام ڪندا؟ هاڻي آقائن تي اهڙو وقت اچي ويو آهي جو اهي هٿ ٻڌي غلامن جي حڪم جا منتظر آهن؟ ائين پيو لڳي ابوالقاس کان عقل موڪلائي ويو آهي ۽ هو شڪست کي سامهون ڏسي وڦلي رهيو آهي.“
سردار نااميد ٿي قلعي ۾ موٽي آيا ۽ ابوالقاس کي حال کان واقف ڪيائون. اهڙي خبر ٻڌڻ کانپوءِ ابوالقاس فڪرمند ٿي ويو. ڪهيداس ڪيترا دفعا ابوالقاس سان مليو ۽ ان هر دفعي کيس دلداري پئي ڏني ته حالتون بهتر ٿي وينديون ۽ جيئن وقت گذرندو هن جا ڀائر بيزار ٿي محاصرو ختم ڪري صلح تي راضي ٿيندا.
جڏهن قلعي جي محاصري کي ٽي مهينا گذري ويا. عراق کان اها خبر پهتي ته زال هٿان زهر ڏيڻ سبب خليفي جو موت واقع ٿي چڪو آهي. اتان جون حالتون خراب ٿي چڪيون آهن. اقتدار جي ڪشمڪش ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي چڪي آهي ۽ سوين ماڻهو موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڙهي ويندڙ جنگين ڏانهن رسد بند ٿي چڪي آهي ۽ رستا ڪٽجي چڪا آهن. جيڪي فوجون جتي هيون انهن کي اتي روڪيو ويو آهي.
اهڙي صورت ۾ عراق کان هڪ ايلچي اتي پهتو ۽ ٻنهي ڀائرن کي اهو پيغام پهچايو ته فوج ۽ اصلحي جي عراق ۾ سخت ضرورت آهي جيڪڏهن اها منجنيق واپس ڪري هڪ هزار فوجين جو جٿو موڪليندا ته عراق ۾ ڦهليل بغاوت کي ڪچلڻ ۾ مدد ملندي.
اهڙو پيغام پهچڻ شرط ٻنهي ڀائرن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون نروار ٿيون ۽ سندن چپ خشڪ ٿي ويا. انهن سوچيو به ڪين هيو ته حالتون اهڙيون ابتر ٿي وينديون جو انهن کي وٺڻ بدران ڏيڻو پوندو. انهن ايلچيءَ کي سختيءَ سان منع ڪئي ته اهڙي حال کان ڪنهن ٻئي کي واقف نه ڪري ڇو جو اهڙي خبر عام ٿيڻ سان انهن جي ڪمزوري سامهون ايندي ۽ دشمن ان جو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. انهن ڀائرن هڪ دستاويز تيار ڪري ايلچي هٿان واپس عراق ڏياري موڪليو جنهن ۾ اهو اشارو ڏنائون ته ”هزار سپاهين جو جٿو ۽ اها منجنيق واپس موڪلي ڏيندا پر ڪجهه مهلت ڏني وڃي ڇو جو حالتون اجازت نه ٿيون ڏين ته اهڙي حڪم تي جلد عمل ڪيو وڃي.جيئن حالتون ٺيڪ ٿيون ته بجا آوري ڪئي ويندي.“
ايلچيءَ جي رواني ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڀائر سودائن ۾ پئجي ويا. اهي اهڙي حڪم جي بجا آوري ڪيئن ڪندا جڏهن ته پاڻ جنگ جي حالت ۾ هيا. انهن سوچيو جيترو جلد ٿي سگهي قلعي تي حملو ڪري ڏين پر کين خبر هئي ته ٽن مهينن جي محاصري باوجود قلعي اندر ڪافي طاقت موجود هئي ۽ بحربانيا جا سردار جنگ لاءِ تيار هيا. حالتون انهن جي حق ۾ نه هيون. تڪڙ ۾ انهن جو فيصلو غلط ثابت ٿي پئي سگهيو.