(6)
خليفي جي موت جو سڀ کان وڏو اثر شاهي مارڪيٽ جي آخري ڇيڙي وٽ ٺهيل شراب خاني جي ان رقاصا تي ٿيو جيڪا وزن وڌي وڃڻ سبب ٿلهي ٿي پئي هئي پر خليفي جي موت کانپوءِ بکون ڪاٽي صفا سنهي ٿي پئي. جڏهن آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺائين ته ڏهه سال ننڍي پئي نظر آئي. سوچيائين خليفي جي موت کي اڃان پنجويهه ڏينهن گذريا آهن. ايندڙ پندرنهن ڏينهن اندر خبر نه آهي سندس عمر ڪٿي پهچندي؟ نوراني سرڪس ۾ ڪم ڪندڙ ٻه مسخرا جيڪي ڦٽي تي بيهي ناچ ڪندا هيا ۽ مذاق ڪري ماڻهو کلائيندا هيا، اهي سرڪس بند ٿي وڃڻ سبب بازار جي بند دوڪان اڳيان دڪيءَ تي ڪارا ڪپڙا پائي ويٺل هيا. سڄو شهر انهن کي سڃاڻيندو هيو ۽ جڏهن به انهن مسخرن تي ڪنهن جي نظر پوندي هئي ته ان جي منهن مان کل نڪري ويندي هئي. بازار جي بند دوڪان اڳيان دڪي تي ويٺل مسخرن کي ايڏو اداس ڏسي ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ انهن کي ڏسي هٿ سان وات پئي لڪايو ته متان ڪنهن شاهي سپاهيءَ جي نظر پئجي وڃي. اهڙي صورتحال ڏسي هڪ ٻن ماڻهن داروغي کي شڪايت ڪئي ته انهن مسخرن کي جيترو جلد ٿي سگهي ان دڪي تان اٿاري گهر موڪليو وڃي. داروغي سپاهي موڪلي انهن مسخرن کي روڪيو ته اهي اتان هليا وڃن ۽ سرعام نه گهمن ڇو جو انهن کي ڏسي ماڻهو قانون هٿن ۾ کڻڻ تي مجبور ٿي پوندا. اهڙي ڳالهه ٻڌي ٻئي مسخرا نماڻو منهن ڪري هليا ويا ۽ قسم کنيائون ته اهي اڄ کانپوءِ ڪڏهن مذاق نه ڪندا. جڏهن چاليهه ڏينهن گذريا ته ماڻهن ڪارا ڪپڙا لاهي گڏ ڪري سرڪاري حوالدار حوالي ڪيا. ان ٻوري ٻڌي ڳاڙهي سمنڊ کان ٻيڙي ۾ چاڙهي مصر موڪلي ڏني ته ان کي نيل درياهه ۾ اڇلايو وڃي جيئن دنيا مان موڪلائي ويل خليفي جي روح کي تسڪين پهچي ۽ ابوالقاس کي اعتبار اچي ته سندس پيءُ جي وفات تي مخلوق ڏک ۽ افسوس ۾ ڪيڏو نه ڀوڳيو جو اهي ڪارا ڪپڙا ڏسي نيل درياهه جون مڇيون پڻ رنيون هونديون ته بحربانيا جو سخي مرد جنهن کي پنهنجي مخلوق سان بي حد پيار هيو، اهو پڪ سان دنيا مان موڪلائي ويو ۽ درياهه ۾ مڇين سان گڏ ڪجهه واڳون به هوندا جن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هونديون.
چاليهي کانپوءِ ابوالقاس نئي پڳ مٿي تي رکي جنهن تي ٺهيل چوٿين تاريخ جي چنڊ اندر چئن ڪنڊن وارو ستارو هيو. اهو ستارو درٻار جي هڪ نجوميءَ جي پيشنگوئيءَ کانپوءِ لڳايو ويو هيو. ان شاهي نجوميءَ حساب لڳائي معلوم ڪيو هيو ته ابوالقاس جي حڪومت جو چرچو دنيا جي چئن ئي ڪنڊن ۾ هوندو جنهن ڪري ان جي پڳ ۾ چنڊ اندر سوَن جو اهڙو ستارو هنيو وڃي جنهن کي چار ڪنڊون هجن ڇو جو دنيا ۾ پنجون طرف موجود نه آهي انڪري پنجن ڪنڊن وارو ستارو بيوقوفي ۽ ڇهن ڪنڊن وارو ڪفر آهي.
ابوالقاس جڏهن پڳ ٻڌي تخت تي ويٺو ته هن جا ڀائر اڳين ڪرسين تي ويهي هن کي حريس نظرن سان ائين ڏسڻ لڳا جيئن شينهن جهنگ ۾ هرڻ جي هر حرڪت جو جائزو وٺندا هجن. ابوالقاس مطمئن ۽ پرسڪون پئي ڏٺو. هن کي تخت ائين محسوس ٿي رهيو هيو جيئن ڪنهن حبشيءَ جي هنج ۾ ويٺل هجي. هن تخت تي ويهڻ شرط جيڪو فرمان جاري ڪيو، اهو سندس ڀائرن لاءِ دل ڏاريندڙ ۽ حيران ڪندڙ هيو.
”جيئن ته پيءُ جي وفات کانپوءِ رواج موجب حڪومت جو وارث آهيان انڪري اڄ کانپوءِ منهنجي وات مان نڪتل هر لفظ قانون هوندو. ڪنهن کي به اجازت نه هوندي ته اعتراض واري ٻئي صورت ۾ کيس نتيجو ڀوڳڻو پوندو.“ پوءِ هن ڀائرن ڏانهن ڏسندي چيو، ”منهنجا ڀائر منهنجين ٻانهن جهڙا آهن. فرد جون ٻانهون ان جي اختيار ۾ هونديون آهن ۽ منشا مطابق ڪم ڪنديون آهن. اميد ته منهنجا ڀائر به چئي ۾ هوندا ۽ خليفي جي حيثيت ۾ عزت ڪندا. منهنجي هر حڪم تي عمل ڪندا. اهڙو ڪوبه قدم نه کڻندا جنهن سان دل آزاري ٿئي ۽ حڪومت جي وهنوار ۾ رڪاوٽ اچي.“
ابوالقاس پهريون دفعو رعب ۽ دٻدٻي سان ڳالهايو جنهن کان هن جو سنهو آواز ٿلهو ٿي ويو. اهڙي تقرير کانپوءِ درٻار ۾ شاهي نشست برخواست ڪئي وئي. ابوالقاس محل ۾ وڃي سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن هن طاقت کي استعمال ڪري انهن اڻويهه عورتن تي قبضو ڪيو ته پوءِ ڇا ڪندو؟ هن کي نامرديءَ جو احساس هيو. ڪهيداس کي وئي ڪئي مهينا گذري ويا هيا. اهو نه موٽيو هيو. هن کي انتظار هيو، پڪ هئي ڪهيداس موٽندو ته سندس من جي مراد پوري ٿيندي. بحربانيا جي مملڪت کي ولي عهد ملندو. هو ان ڳالهه کي هرگز قبول نه ڪندو ته سندس جيئري يا مئي هن جا ڀائر يا انهن جو اولاد حڪومت تي قابض ٿين. هن کي پنهنجن ضدي ڀائرن ۽ انهن جي ناجائز اولاد کان نفرت هئي.
هڪ ڏينهن جڏهن ابوالقاس محل ۾ ٻن خالي ڪرسين اڳيان اڪيلو شطرنج کيڏي رهيو هيو ته هن جا ڀائر هَٺَ مان هلندا اچي سندس سامهون ويٺا ۽ خاموشيءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺل ابوالقاس کي اڪيلو شطرنج کيڏندي ڏسندا رهيا. هن جي هڪ چال تي ننڍي ڀاءُ کان ٽهڪ نڪري ويو. ابوالقاس ڪنڌ مٿي ڪري ان کي ڏٺو.
”ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اها دشمن جي چال هئي جنهن کي غلط کيڏي مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس.“ ابوالقاس چيو ۽ ننڍو ڀاءُ ٽهڪ ڏيندي ائين چپ ٿي ويو جيئن کيس وڇونءَ ڏنگيو هجي.
”دشمن جي چال جو اختيار پاڻ وٽ رکڻ خواب ۾ جنگ کٽڻ برابر آهي.“ وچين وچ ۾ ڳالهائيندي چيو.
ابوالقاس ان کي رحم جي نظرن سان ڏٺو.
”طاقتور هٿ هر چال پاڻ وٽ رکڻ جا مجاز هوندا آهن. پوءِ اها چال پنهنجي هجي، دشمن جي يا دوست جي.“ هن جواب ڏنو.
ابوالقاس جي تکي لهجي کي ٻنهي ڀائرن شدت سان محسوس ڪيو. پوءِ مطلب جي ڳالهه ڪئي.
”اسان تو وٽ انڪري آيا آهيون ته انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست جو فيصلو جلد ٿيڻ گهرجي نه ته انصاف کي طول ڏيڻ ناانصافي هوندي آهي.“ ابوالقاس جي اکين ۾ ڪاوڙ ڀرجي آئي جنهن کان منهن جون مشڪون ڇڪجي ويون ۽ گهنج گهرا ٿي ويا. ان جو منهن مرحوم خليفي جهڙو ٿي ويو.
”توهان ڄاڻو ٿا ته انهن عورتن جي ورهاست سولو ڪم نه آهي. جيئن ته مان وقت جو خليفو آهيان ۽ هاڻي حالتون بدلجي چڪيون آهن. انڪري انهن تي منهنجو حق آهي. جيئن چاهيندس تيئن ڪندس. اوهان کي منهنجي فيصلي ٺُڪرائڻ جو ڪو اختيار نه آهي. توهان کي جيترو ڏيان قبول ڪرڻو پوندو. توهان جي منشا موجب ورهائي نه ٿو سگهان. جيڪڏهن ڳالهه وڻي ٿي ته واهه نه ته جيڪي ڪرڻو اٿوَ ڪيو.“
هن جي ڳالهه ٻڌي ٻئي ڀائر باهه ٿي ويا. ڪاوڙ مان ڪرسيون سوري اتي هليا ويا. ابوالقاس ڀائرن جي وڃڻ کانپوءِ ڪافي دير ڪنڌ هيٺ ڪري شطرنج جي مهرن کي ڏسندو رهيو، کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته پنهنجي پاران ڪهڙي چال هلي ۽ دشمن پاران ڪهڙي ۽ اهو سوچيندي هن ڪاوڙ ۾ شطرنج کي مهرن سميت سَٽَ ڏئي پري اڇلائي ڇڏيو.
اهو جمعي جو ڏينهن هيو جڏهن منجهند کانپوءِ ٻن ڀائرن ابوالقاس خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. اهڙو اعلان ٻڌڻ شرط جهر جهنگ ۾ باهه لڳي وئي ۽ هر ڪنهن تي خوف طاري ٿي ويو. ملڪ ۾ شيون مهانگيون ٿي ويون ۽ ماڻهن وٽ جائيداد وٺڻ جيترو پئسو نه گڏ ٿيو. زمينن ۽ عمارتن جا اگهه ڪري پيا. شاهي مارڪيٽ ۾ پنندڙ خواجا سرا کي ڪنهن خيرات نه ڏني ۽ ان ڪاوڙ ۾ اچي بک کان شهر جي ڪوٽوال جي پٽ کي ٻانهن ۾ چڪ وڌو. ان خواجا سرا کي پڪڙي سزا طور سرعام ڏند ڀڳا ويا. ڪوٽوال جو پٽ چڪ جي اثر مان نڪري جڏهن بخار مان اٿيو ته ان تاڙي وڄائي پنهنجي شفايابيءَ جو اظهار ڪيو.
ٻنهي ڀائرن ڪن باغي سردارن کي پاڻ سان ملايو ۽ پري پهاڙن ۾ لشڪر ترتيب ڏنو. ان لشڪر ۾ اهي پکالي به شامل هيا جيڪي روز صبح جو شهر ۾ ڇنڪار ڪندا هيا، انهن جون پکالون پراڻيون ٿي پيون هيون. حڪومت وٽ ايترا پئسا نه هيا جو نيون وٺي ڏئي، انهن کي چيو ويو ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري پکالون وٺن نه ته ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ پگهارون بند ڪيون وينديون. غريب پکالين وٽ ايترا پئسا نه هيا جو خرچ ڪري نيون پکالون وٺي سگهن. سندن پگهارون بند ٿي ويون ۽ اهي باغي فوج ۾ شامل ٿي ويا. سوچيائون خودڪشيءَ کان وڙهڻ چڱو آهي. انهن کي باغي فوج ۾ نيون پکالون وٺي ڏنيون ويون ۽ نالي ماتر پگهار ڏئي اهو ڪم سونپيو ويو ته جنگ جي صورت ۾ اهي سپاهين کي پاڻي پيئاريندا. جيڪڏهن ڪو زخمي سپاهي جنگ جي ميدان ۾ انهن کي ائين چوي ته، ”پهريون مون کي نه هن کي پيئار.“ ته سزا طور پوري پکال ان مٿان هاري خالي ڪندا.
ٻئي ڀائر ٿورن ڏينهن ۾ تر جي سردارن کي فتح جي صورت ۾ وڏيون جاڳيرون ڏيڻ جي لالچ ۾ پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن چڱي فوج تيار ٿي ته ننڍي ڀاءُ سوچيو ابوالقاس جي فوج تي حملي کان اڳ جيڪڏهن عراق وڃي اتان جي حڪمرانن کي حقيقت کان آگاهه ڪري جديد اسلحو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته پوءِ فتح حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي. اهو سوچي ننڍوڀاءُ ڪجهه ساٿي ساڻ ڪري عراق جي حڪمران وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائين.
”اي عظيم سلطنت جا بهادر حڪمران. اهو ٻڌائيندي ڏک پيو ٿئي ته توهان جي احڪامن تي بحربانيا ۾ ڪو عمل نه ٿو ڪيو وڃي. اهڙن احڪامن کي پڙهي ڦاڙي ڦِٽو ڪري سرعام توهين ڪئي پئي وڃي. توهان ابوالقاس کي انهن اڻويهه عورتن متعلق جيڪو حڪم ڏنو هيو ان تي عمل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو آهي، سندس دل ۾ بي ايماني پيدا ٿي چڪي آهي. اهو انهن علاقين جي پڻ مالي ۽ افرادي مدد ڪري رهيو آهي جيڪي مڪران جي ساحل تي سنڌ ڏانهن وڌندڙ عرب فوجن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. ان جي افعالن کي ڏسي اسان ٻنهي فيصلو ڪيو آهي ته اهڙي سرڪشيءَ جو حال اوهان اڳيان پيش ڪري گستاخيءَ جي سزا ڏيون. اسان اوهان جي مدد جا منتظر آهيون ۽ اميد رکون ٿا ته اسان جي اخلاقي مدد ڪندا جيئن ان نافرمان کي سزا ڏئي سوگهو ڪيون ۽ اوهان جي سلطنت جو مان مٿانهون ڪري سگهون.“
عراقي حڪمرانن کي ان گهڙيءَ جو انتظار هيو جيئن تتل لوهه تي ڌڪ هڻي سگهن. انهن محسوس ڪيو اهڙو موقعو اچي چڪو آهي جو اڳتي وڌي انهن ڀائرن جي اختلافن جو فائدو وٺي بحربانيا ۾ تبديلي آڻي انهن علاقين جي امداد بند ڪرائي سگهن جيڪي مملڪت جي راهه ۾ روڙا اٽڪائي رهيا هيا. عراقي حڪمرانن ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ پوءِ خليفي چيو.
”توهان کي ڪهڙي امداد جي ضرورت آهي؟ اسان مالي ۽ افرادي مدد ڪرڻ کان قاصر آهيون ڇو جو توهان کي خبر هوندي ته اسان جون فوجون دنيا جي ڏورانهن علائقن ۾ وڏين جنگين کي منهن ڏئي رهيون آهن.“
خليفي جي ڳالهه تي ننڍي ڀاءُ ادب مان چيو، ”اي عظيم حڪمران مان ڪا مالي يا افرادي امداد وٺڻ نه آيو آهيان پر انهن منجنيقن متعلق عرض ڪرڻ آيو آهيان جيڪي سنڌ تي حملو ڪندڙ فوجين وٽ آهن. جيڪڏهن هڪ اهڙي منجنيق عطا ڪئي وڃي ته حملي ڪرڻ ۾ سهولت ٿيندي ۽ ان سرڪش ابوالقاس کي زير ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي.“
ننڍي ڀاءُ جي ڳالهه تي درٻار ۾ موجود صلاحڪارن سس پس ڪئي. هڪ صلاحڪار اٿي خليفي جي ڪن ۾ ڳالهايو ۽ خليفي ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيو.
”اسان درخواست تي غور ڪيو آهي. سڀني جو خيال آهي ته هڪ اهڙي منجنيق اوهان حوالي ڪئي ويندي جيڪا ٿوري مشق کانپوءِ اوهان جا نشاني باز استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا.“
حڪمران جي اهڙي اشاري تي ننڍي ڀاءُ جي منهن تي سرهائي اچي وئي ۽ ان نوڙي ٿورا مڃيا.
ننڍو ڀاءُ جڏهن بحربانيا موٽيو ته هڪ منجنيق سندس ساڻ هئي. ان کي اوڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي ابوالقاس خلاف باغي فوجون صف آرا هيون. جڏهن ابوالقاس کي خبر پئي ته هن جا ڀائر هڪ وڏي حملي جون تياريون ڪري رهيا آهن. قلعي جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ تيراندازن کي فصيلن تي چاڙهي سخت نگرانيءَ جي هدايت ڪئي.
هڪ رات جڏهن فصيلن تي ٻرندڙ شعلن ڪري ايڏي اوندهه نه هئي. برج تي بيٺل هڪ سپاهي پري کان لشڪر کي ايندي ڏٺو. اهي دفن ۽ شرنائين سان اڳتي وڌندا پئي آيا. انهن جي جهليل فانوسن مان ڪرڻا بلند تي عرش کي ڇُهي رهيا هيا. هڪ منجنيق هئي جنهن کي سوين سپاهي رسن سان ڇڪيندا پئي آيا. اهڙو منظر ڏسي برج تي بيٺل سپاهيءَ سنک وات تي چاڙهي ڦوڪ ڏني. هرڪو ننڊ مان ڇِرڪ ڀري ائين اٿيو جيئن اسرافيل قيامت جو اعلان ڪيو هجي.