(7)
اهڙين خبرن کانپوءِ شهر جي حڪمران گوپيءَ محل ۾ سردارن جو ميڙ گهرايو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ميڙ ۾ جوڳڻي نالي اها جادوگردياڻي به موجود هئي جيڪا علم کي استعمال ڪري دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کان واقف ڪندي هئي. جڏهن گوپيءَ جوڳڻيءَ کان ڏاهر متعلق پڇيو ته ان پنهنجيون گول باز جهڙيون اکيون ڦيرائيندي جواب ڏنو ”منهنجي علم موجب ڏاهر ڌرتيءَ تي موجود نه آهي. اهو ڪائنات جي اهڙي ڪنڊ ڏانهن روانو ٿي چڪو آهي جتي منهنجو علم پهچڻ کان عاري آهي.“ ان جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ميڙ ۾ موجود ماڻهن تي سڪتو طاري ٿي ويو. سوچڻ لڳا هاڻي ڪهڙو قدم کڻجي؟ هڪ سردار اڳتي وڌي گوپيءَ کي صلاح ڏني ته ”وڙهي دم ڏجي ان کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه آهي. جڏهن عرب فوجون هتي پهچنديون ته ساڳيو قتل عام شروع ڪنديون جيئن ان کان اڳ ٻيا قلعا فتح ڪرڻ کانپوءِ ڪيو آهي. بزدلن جيان ڪنڌ نوائي ساهه ڏيڻ کان بهتر آهي بهادرن جيان وڙهي مرجي.“
گوپيءَ ان جي تائيد ڪئي. ان کان اڳ جو ٻيو راءِ ڏي. برهمڻ آباد کان هڪ قاصد پهتو جيڪو زخمي هيو. ان جي کڙين وٽ رت ڄميل هيو، ائين پئي لڳو گهوڙي تي مسلسل سفر ڪرڻ ڪري ان جي پيرن جون کڙيون پائيدان سان گسي ڦٽجي چڪيون هيون. ان جون اکيون ڏرا ڏئي ويل ۽ چپ خشڪ هيا. اتي پهچڻ شرط گوپيءَ کي سندس ڀاءُ جيسينا جو خط ڏنو جنهن ۾ ڏاهر جي موت جي تصديق ٿيل هئي ۽ لکيل هيو.
”والد بزرگوار بهادرن جيان وڙهندي رائوڙ وٽ مارجي چڪو آهي. تون اروڙ ۾ پنهنجا قدم مضبوط رکجانءِ ڇو جو دشمن ڪنهن وقت به حملو ڪري سگهي ٿو.“
اهو خط ملڻ شرط گوپيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ پيءُ جي موت جو ٻڌي کيس صدمو رسيو. ڏاهر جي موت جي پڪ ٿي وڃڻ کانپوءِ اها خبر قلعي ۾ هر شخص جي چپن تي اچي وئي ۽ سڀني کي خوف ورائي ويو. نوبهار مندر جي شمنيءَ نغارا وڃائي ڏاهر جي روح کي مڪتي ڏيڻ لاءِ ماڻهو گڏ ڪري هڪ اجتماعي پرارٿنا ڪئي. هر طرف سنک گوجڻ لڳا. ديويءَ اڳيان جڏهن لوبان ٻاريوويو ته ان جي اٿندڙ دونهي مان ڏک ۽ وڇوڙي جو واس اچڻ لڳو. ڪهيداس ان وقت نوبهار بتخاني ۾ موجود هيو. هن کي لوبان جو اڀرندڙ دونهون ائين محسوس ٿيو جيئن هارانسيءَ جي ياد هوائن ۾ گهلندي هجي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن سوچيو هيو ته اروڙ پهچي ابوالقاس لاءِ اهڙيون جڙيون ٻوٽيون حاصل ڪري وٺندو جيڪي سندس فائديمند ثابت ٿينديون پر اتي نفسا نفسي ڦهليل هئي. هر ڪنهن کي سرجي لڳل هئي. ڪو ڪنهن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هيو. اهي علاقي جيڪي سندس نظرداريءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هيا هر وقت هن پويان پاڇي جيان لڳل هوندا هيا. اهي رات هن سان گڏ ان سراءِ ۾ گذاريندا هيا جيڪا قلعي جي ڏکڻ واري در ڀرسان هئي. اتان ٻڌيا کان ايندڙ قافلا داخل ٿيندا هيا. انهن قافلن ۾ علاقين جي اچ وڃ تي ڪا پابندي نه هئي جيڪي شڪل صورت ۽ لباس ۾ مختلف هوندا هيا. انهن علاقين کان بحربانيا جون خبرون پهچنديون هيون.
هڪ رات سراءِ ۾ بحربانيا کان آيل هڪ علاقي هن کي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان ٻڌايو ته ”اتي هڪ وڏي جنگ جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي. ابوالقاس خلاف ٻئي ڀائر عراق جي حڪمرانن جي مدد سان وڏو لشڪر ترتيب ڏئي هڪ منجنيق سان سامهون ٿيا آهن. ڪنهن وقت به جنگ لڳي سگهي ٿي جنهن ۾ جاني نقصان جو خدشو آهي. جهڳڙي جو اصل سبب اهي اڻويهه عورتون آهن جن جي ورهاست مسئلو بڻجي چڪي آهي. ابوالقاس خليفي جي موت کانپوءِ هڪ سخت گير حڪمران جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. انهن اڻويهه عورتن جي سونهن ۾ ايڏو ته گرفتار ٿي چڪو آهي جو رت جا رشتا هن لاءِ زهر بڻجي چڪا آهن. سندس ڀائر به ضدي ۽ هٺيلا آهن. اهي پڻ انهن اڻويهه عورتن جي عشق ۾ انڌا ٿي چڪا آهن. ڪنهن به صرت ۾ ان لاءِ تيار نه آهن ته کين پنهنجي حصي کان گهٽ تعداد ڏنو وڃي. اهڙي صورتحال جو عراقي حڪمران پورو فائدو وٺي رهيا آهن. اهي موقعي جي تاڙ ۾ آهن جو ٽن ڀائرن کي وڙهائي تباهه ڪن ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي بحربانيا جون واڳون ڏين جيڪو انهن جي چوڻ ۾ هجي ۽ وفاداريءَ سان حڪومت جا فرائض سرانجام ڏئي.“
ان علاقيءَ جڏهن ڪهيداس کي بحربانيا جي تازن واقعن کان واقف ڪيو ته هو هارانسيءَ لاءِ فڪر مند ٿي ويو. سوچڻ لڳو اهڙي جنگ جي صورت ۾ خون خرابو ٿيندو جنهن جو شڪار هن جي محبوبا هارانسي به ٿي سگهي ٿي. منجنيق مان اڇلايل پٿر قلعي اندر هر شيءِ کي تباهه ڪري ڇڏندا. اهي محل ۽ جيل خانن جون پتيون ڊاهي پٽ ڪندا. اهڙي صورت ۾ هارانسيءَ جي جان کي خطرو آهي. اهو سوچي فڪر ۾ پئجي ويو. پوري رات بستر تي پاسا ورائي سوچيندو رهيو ته هارانسيءَ جي حياتي ڪيئن بچائي سگهجي ٿي؟ کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. بستر تان اٿيو ۽ سراءِ ٻاهران هڪ توڻيءَ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو جنهن مٿان سوراخن واري ٽڪر نما فانوس ۾ ڏيئو روشن هيو. ڪجهه تير انداز فصيل تي بيٺل هيا. شهر ويران هيو ۽ خاموشي ڇانيل هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري آسمان کي ڏٺو. ستارا ائين ٽمڪي رهيا هيا جيئن ٽانڊا وسامڻ کان اڳ چمڪندا هجن. نامڪمل چنڊ هن جي حسرتن جيان بيٺل هيو. هن لاءِ ملڪي سياست بي معنا هئي. هن کي ڏاهر جي موت جو ڏک نه هيو. جيسينا جي جلاوطنيءَ جو فڪر نه هيو. انهن ڳالهين کان پري پنهنجي دنيا ۾ گم هيو. هن لاءِ سڀ کان قيمتي شيءِ هارانسي هئي. هن لاءِ انهن حڪمرانن ۽ خليفن کان وڌيڪ هئي جيڪي حوس لالچ ۽ اقتدار جا بکايل هيا. هن جو اقتدار سياست ۽ حاصلات هوءَ هئي. هن جي محبوبا جيڪا اڀ تي کڙيل نامڪمل چنڊ ۾ڏسي مرڪي رهي هئي. هو چنڊ کي ڏسي هارانسيءَ کي ياد ڪندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو ته سندس حياتي بچائڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ ان کي بحربانيا مان ڪيئن آزاد ڪرائي سگهجي ٿو؟ ڪهيداس جي من ۾ آيو ته جيڪر بحربانيا جي انهن ٽن ڀائرن وچ ۾ صلح ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته اها سندس زندگيءَ جي وڏي ڪاميابي هوندي. هو سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو ته آخر انهن ڀائرن ۾ صلح ڪيئن ممڪن آهي؟ جيئن هڪ ٻئي کي ويجهو اچن ۽ جنگ ٽري وڃي جنهن ۾ وڏي نقصان جو انديشو آهي. هن سوچيو اصل مسئلو انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست آهي جيڪا ڀائرن ۾ تضاد جو سبب آهي. ڇا ڪو اهڙو حل نه آهي جو انهن عورتن جي ورهاست ممڪن ٿي پوي؟ اهي حصن جي بنياد تي انهن ڀائرن ۾ اهڙي طريقي ورهائجي پون جو هارانسي اڻويهه عورتن کان الڳ ٿي هن جي حصي ۾ اچي. هڪ رياضيدار جيان ان مسئلي تي ويچارڻ لڳو. ذهن تي زور ڏئي سوچڻ لڳو ته آخر انهن اڻويهه عورتن کي عراق جي حڪمران جي فرمان جي روشنيءَ ۾ ڪيئن ورهائي سگهجي ٿو؟
پوري رات شهر جي ويرانيءَ ۾ ٿوڻيءَ کي ٽيڪ ڏئي چنڊ ڏانهن ڏسي سوچيندو رهيو ۽ چين ۾ ورجهائيندورهيو.
”اڻويهه عورتن جو اڌ وڏي کي
ڇوٿون وچين کي
پنجون ننڍي کي
۽ هارانسي؟“
هر هر ساڳيا جملا ورجائيندو رهيو. هن محسوس ڪيو چنڊ ٽي ٽڪر ٿي ڌرتيءَ تي ڪريو هجي ۽ ستارا وسامي ويا هجن. خالي آسمان ڏاڍو مفلس پئي نظر آيو. خالي آسمان تي انگ اڀريا ۽ هن پڙهي ورتا. جڏهن حساب لڳايو ته خوشيءَ کان سندس ٽهڪ نڪري ويو. هن کوڙو ڀڃي وڌو هيو.هڪ ماهر نجومي ۽ رياضيدان جيان حساب لڳائي انهن اڻويهه عورتن کي ٽن حصن ۾ ورهائي هارانسيءَ کي حاصل ڪري ورتو هيو. اهي اڻويهه عورتون هن جي حساب موجب ورهائجي چڪيون هيون ۽ هارانسي هن جي حصي ۾ اچي چڪي هئي. ڪهيداس عراقي حڪمرانن پاران بحربانيا ۾ پيدا ڪيل ان مسئلي جو حل ڳولهي ڪڍيو هيو. سندس ذهن ۾ اهڙي جدول اچي چڪي هئي جيڪا مسئلي جو حل هئي. کيس دل چاهيو ته اڏامي بحربانيا پهچي ۽ اتي اڀرندڙ طوفان جو رخ موڙي وجهي هن انهن ٽن ڀائرن کي راضي ڪرڻ لاءِ اهڙو راز هٿ ڪيو هيو جو اهي انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست تي راضي ٿي پون ۽ خوني جنگ کان بچي پون جنهن ۾ بحربانيا جي تباهه ٿيڻ جو امڪان هيو. هن کي پڪ هئي ته سندس سوچيل جدول انهن ڀائرن لاءِ ضرور قابل قبول هوندي جنهن تحت اڻويهه عورتون گهربل حصن ۾ ورهائي سگهبيون ۽ جدول ۾ اها گنجائش جود هئي ته هارانسي سندس حصي ۾ اچي پئي سگهي. ڪهيداس اهڙو حل سوچڻ کانپوءِ بحربانيا پهچڻ لاءِ بي چين ٿي ويو.
اها چنڊ جي نائين تاريخ هئي جڏهن عرب فوجن اروڙ تي حملو ڪيو. قلعي جي فصيل تان نظر وجهڻ سان ائين پئي ڏٺو جيئن باهه جو سيلاب جهر جهنگ جلائيندو اڳتي وڌندو پيو اچي. ايندڙ هر سپاهيءَ جي هٿ ۾ باهه جا اُلا موت جو ناچ پئي نچيا. دف ۽ شرنائين جي سرن تي ڳورن بوٽن جي هلڻ جا آواز ڌرتيءَ جي دل دهڪائي رهيا هيا. هر طرف هيڊن شعلن ۾ اٿندڙ قدمن جي اڏامندڙ مٽيءَ اوندهه کي ناسي بڻائي ڇڏيو هيو. عرب فوجون قلعي ويجهو آيون ۽ ٽولن ۾ ورهائجي ويون. هر ٽولي پنهنجي چوڌاري خندق کوٽڻ شروع ڪئي. چار هاٿي اڳتي وڌيا جن تي تيرانداز سوار هيا. هڪ هاٿيءَ تي پالڪيءَ ۾ ڏاهر جي زال لاڏي سوار هئي ٻه تلوار باز سندس پاسن کان بيٺل هيا. فيلبان هاٿين جي مڻڪن تي لانگ ورائي ائين ويٺل هيا جيئن پهاڙ جي چوٽيءَ تي پهچي اتي پيل پٿرن تي ويهي ساهه پٽيندا هجن.
گوپي ڪجهه سردارن سان قلعي جي فصيل تي بيهي هيٺ اهو سڀ ڏسي رهيو هيو. هن کي خبر هئي ته حالتون هٿن مان نڪرنديون پيون وڃن پوءِ به هن هٿيار ڦٽا نه ڪيا. قلعي جا دروازا بند ڪرائي تاڙ ۾ هيو ته ڪهڙو وار ڪجي جو ان آيل مصيبت کي ٽاري پار پوڻ جو رستو ڳولهي ڪڍجي. هن کي جيسينا مان گهڻيون اميدون وابستا هيون. دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان به اهو گمان هيو ته متان ڏاهر جيئرو هجي ۽ ڪٿان ڪنهن وڏي فوج سان ظاهر ٿي دشمن ٿي ڪڙڪي پوي.
هڪ فيلبان هاٿي هڪليندو جڏهن فصيل هيٺان پهتو ته پالڪيءَ مان لاڏيءَ رڙ ڪري چيو، ”اي معصوم قلعي جا رهواسيو ٻڌو. ڏاهر مارجي چڪو آهي. مان ان ڏاهر جي زال لاڏي اوهان سان مخاطب آهيان. هاڻي ان ڏاهر جي راڻي نه رهي آهيان پر عرب سپاهه سالار جي حصي ۾ اچي سندس حرم جي داسي بڻجي چڪي آهيان. مونکي حڪم ڪيو ويو آهي ته توهان کي امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏيان. ان غلط فهميءَ ۾ نه رهجو ته ڏاهر جيئرو آهي۽ اچي توهان جي مدد ڪندو جيڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪري پيش پوندا ته توهان سان سٺو سلوڪ ڪيو ويندو ۽ جان جي امان ڏئي عزت سان نوازيو ويندو.“
مٿان فصيل تان گوپيءَ ان کي سڃاتو. اها لاڏي هئي جنهن جو منهن فيلبان پويان سپاهيءَ جي هٿ ۾ جهليل باهه جي الي جي روشنيءَ ۾ دوزخ جي مخلوق جهڙو پئي ڏٺو. اها هراسيل ۽ مجبور هئي. لاڏيءَ جي حالت ڏسي گوپيءَ جو ڪنڌ شرم کان هيٺ ٿي ويو. سندس دل مان اهو گمان ته ڏاهر جيئرو آهي صفا ختم ٿي ويو. هن کي جيسينا جي مدد جو خيال ان زمين تي پر ڦهلائي ڪريل ڪانءَ جي وجود جهڙو محسوس ٿيو جنهن جو موت زهريلي تير ڪري مئل ماڻهوءَ جو ماس کائڻ ڪري ٿيو هجي. گوپي مايوس ٿي ويو. ٿڪيل قدمن سان هلندو فصيل تان هيٺ لٿو. محافظن کي حڪم ڏنائين، ”سڀ مال دولت گڏ ڪري پيٽين ۾ وڌو وڃي ۽ ٻانهين کي محل مان جيل منتقل ڪيو وڃي.“ اروڙ پنهنجي تاريخ ۾ اهڙو ڏکيو دور نه ڏٺو هيو. ديبل کان چيتور تائين ڪڏهن ڪو اهڙو زلزلو نه آيو هيو جنهن اتان جي سلطنت جي بنيادن کي لوڏي وڌو هجي. قلعي اندر سڀ هيسيل هيا. انهن عرب فوج جي منجنيقن جا قصا ٻڌا هيا جيڪي جبل جيڏا پٿر مينهن جيان وسائي پئي سگهيون. انهن منجنيقن اڳيان ٿلهيون ديوارون ڪپهه جهڙون نرم ۽ ململ جهڙيون سنهيون هيون. هر ڪنهن کي سرجي لڳي ۽ امن لاءِ واجهائڻ لڳا. ڪجهه سردارن فيصلو ڪيو ته قلعي کان ٻاهر نڪري عرب فوج کي وفاداريءَ جو يقين ڏياري سِر جي امان گهرندا. قلعي اندر اهي افواهون گردش ڪرڻ لڳيون ته گوپي فرار ٿي پنهنجي ڀاءُ جيسينا ڏانهن چتور روانو ٿيڻ وارو آهي. اهڙي صورت ۾ هر ڪو پاڻ کي بي وس ۽ لاچار سمجهڻ لڳو. اتي پناهه ورتل علاقين پڻ بهتري ان ۾ سمجهي ته معافي وٺي عرب جو ساٿ ڏين ۽ سر بچائين.
قلعي اندر موجود علاقين جي سربراهه هڪ رات لڪي ٻاهر وڃي عرب فوج جي سپهه سالار سان ملي جان جي امان گهري ۽ وفاداريءَ جو يقين ڏياريو. ان سان اقرار ڪيو ته عرب فوجن لاءِ اهي قلعي جا دروازا کولڻ ۾ مدد ڪندا ۽ وقت به وقت اندروني صورتحال کان واقف ڪندا رهندا. عرب فوج جي سپهه سالار کيس خاطري ڪرائي ته اهڙي عمل ڪري پراڻيون ڳالهيون وساري جان جي امان ڏئي کين عهدن سان نوازيو ويندو.
ڪهيداس لاءِ اهي اڻوسرندڙ ڏينهن هيا. نوبهار مندر اندر پناهه ورتل اڌ شهر جي آبادي سنگ مرمر جي گهوڙي تي سوار امن جي ديويءَ اڳيان جهڪيل هئي. سون مان ٺهيل ديويءَ جو رنگ فيروزي ڪٽُ چڙهيل ٽامي جهڙو ٿي چڪو هيو. هر شيءِ جو حسن حملي جي خزان ۾ مرجهائجي چڪو هيو. قلعي جا رهواسي پنهنجيون قيمتي شيون ديويءَ تي گهوري رهيا هيا، پڪ هئي ته اها سندن آخري سهارو ۽ طاقت جو سرچشمو آهي جيڪا غيبي مدد ڪري بچائي وجهندي. سنک وڃي رهيا هيا ۽ لوبان جي دونهي ۾ موت جي فرشتي جو روح گهمي رهيو هيو.
عرب فوجن اروڙ جو محاصرو ڪري رسد ڪٽي ڇڏي ۽ ماڻهو بک مرڻ لڳا. هڪ علاقي جيڪو قلعي جي فصيل تي حفاظت لاءِ معمور هيو اهو روز رات جو تير سان خط ٻڌي عرب فوج ڏانهن اڇلائيندو هيو جنهن ۾ قلعي جي اندروني صورت حال جا تفصيل هوندا هيا. هڪ رات ڪهيداس ان علاقيءَ کي ائين ڪرڻ کان روڪيو.
”توکي سهاسي خاندان جو نمڪخوار هوندي اهڙي غداري نه ڪرڻ گهرجي.“ ان ڪهيداس جي چوڻ کي ڪا اهميت نه ڏني.
”ياد رکجانءِ تون اسان جي نگهبانيءَ ۾ آهين. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کي ٻڌائيندين ته سر جو خير نه سمجهجانءِ.“ ان علائقي چيو.
ڪهيداس کي ڪاوڙ وٺي وئي. محسوس ڪيائين اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ جا ماڻهو مصيبت ۾ ڦاٿل آهن ان علاقي کي ڪڏهن اجازت نه ڏيندو ته اهو وچ ۾ ويهي منافقي ڪري. جڏهن علاقيءَ خط لکي پورو ڪيو ۽ تير سان ٻڌي عرب فوج ڏي اڇلائڻ جون تياريون ڪري رهيو هيو ته ڪهيداس هٿ سان روڪيو.
”توکي ان جي اجازت نه ڏيندس ته جنهن ٿالهيءَ ۾ کائي رهيو آهين ان ۾ ٽنگ ڪر.“
علاقيءَ هن کي ڌڪو ڏنو ۽ پري ڪري تير جو رخ هن ڏانهن ڪري کيس ڌمڪي ڏني.
”توکي خبر نه آهي ته سهاسي خاندان جي فوج ۾ اسان ڪيترا طاقتور آهيون وڌيڪ گوڙ ڪندين ته فوجين کي گهرائي قيد ڪرائي ڇڏيندو سانءِ.“
ڪهيداس نه مڙيو. هن علائقيءَ تي حملو ڪيو. قلعي جي فصيل تي ٻن شخصن کي وڙهندو ڏسي سپاهي اتي پهتا. انهن کي الڳ ڪيو. علاقي جنهن جي هٿن مان تير ڪمان ڇڏائجي هيٺ ڪريو هيو ڪهيداس تي الزام هنيو ته اهو عرب فوج جو جاسوس آهي ۽ خط لکي تير سان ٻڌي قلعي جي فصيل تان هيٺ اڇلائي رهيو هيو ته نظر پوڻ تي اتي پهچي کيس روڪيو جنهن تي هن حملو ڪيو. اهڙي ڳالهه ٻڌي سپاهين ڪهيداس کي پڪڙي سوگهو ڪيو ۽ گهليندا قلعي جي ڀت تان هيٺ لهي قيد خاني طرف وڌيا. ڪهيداس رڙيون ڪري ٻڌائيندو رهيو، ”حقيقت ان جي برعڪس آهي. تير سان خط ٻڌي هو نه پر اهو علاقي اڇلائي رهيو هيو جيڪو الزام مڙهي رهيو آهي. هن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر علاقي نه مڙيو ۽ هن مٿان حملو ڪيو.“
ڪهيداس هر هر ساڳيا جملا ورجائيندو رهيو. هن جي ڪنهن نه ٻڌي. سپاهي گهليندا هن کي قيدخاني ۾ وٺي اندر اڇلي ٻاهران لوهي دروازو بند ڪري هليا ويا. ڪهيداس جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو هيو. اتي هر طرف سانت هئي ۽ انڌيرو ڦهليل هيو. اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچيو جيڪڏهن ائين قيدخاني ۾ رهيو ته وقت هٿن مان نڪري ويندو. هن وٽ وقت جي وڏي اهميت هئي. جلد بحربانيا پهچڻو هيو جتي هارانسي هن جو انتظار ڪري رهي هئي. اها آزاديءَ لاءِ واجهائي رهي هئي ۽ ڇوٽڪاري جي راهه ڳولهي رهي هئي. اهو سوچي بي چين ٿي ويو ۽ پاڻ کي بي وس محسوس ڪيائين. هن کي قيدخاني مان نڪرڻ جو ڪو رستو نظر نه آيو. مايوس ٿي ڀتين کي ڌڪ هڻڻ شروع ڪيائين. جڏهن ڀتين کي ڌڪ هڻي رهيو هيو ته هڪ ڀت پويان هن کي ساڳيا ڌڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، محسوس ڪيائين ڀت پويان ڪو موجود آهي جيڪو هن جي کڙڪائڻ تي ساڳين آوازن ۾ ورنائي رهيو آهي. هن ڀت جو جائزو ورتو. اها ڪا ايڏي مضبوط نه هئي. ان جو ليپو هر هنڌ لٿل هيو ۽ ڪمزور پئي ڏٺي. هن هٿ وجهي بوٽ جي ڳجهي خاني مان چاقو ڪڍيو جيڪو مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ اتي لڪائي رکندو هيو پوءِ کوکلي جاءِ هٿ ڪري اتان کوٽڻ شروع ڪيو. ڀت جي پار هڪ سوراخ ٺهي ويو. ان ۾ اک وجهي ڏٺائين. هن کي سوراخ جي گول دائري ۾ هڪ عورت نظر آئي جيڪا خوبصورت ۽ جوان هئي. اها هراسيل ۽ خوف ۾ ورتل هئي.
”مونکي پنهنجو سمجهه“ ڪهيداس هن کي آواز ڏنو ”مان به تو جيان هڪ قيدي آهيان.“
عورت ڪجهه نه ڳالهايو اها هيسيل هرڻيءَ جيان سوراخ ڏانهن ڏسندي رهي.
”تون ڪير آهين؟“ ڪهيداس پڇيو ”توکي ڪهڙي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو آهي؟“
”منهنجو نالو حسينا آهي“ عورت جواب ڏنو ”منهنجو واسطو ان بحري ٻيڙي سان آهي جيڪو سرانديپ کان عراق وڃي رهيو هيو ته ديبل وٽ ان کي قزاقن لٽيو. مان ان ٻيڙي مان هٿ آيل عورت آهيان. مونکي بعد ۾ اروڙ منتقل ڪيو ويو.“
”ڇا تون ان ٻيڙي جي ڳالهه ڪري رهي آهين جنهن کي قزاقن لٽيو. مان ان ٻيڙي مان هٿ آيل عورت آهيان. مونکي بعد ۾ اروڙ منتقل ڪيو ويو.“
”ڇا تون ان ٻيڙي جي ڳالهه ڪري رهي آهين جنهن کي قزاقن لٽيو ۽ عراقي حڪمرانن لاءِ سنڌ تي حملي جو سبب بڻيو.“ ڪهيداس پڇيو.
”ها.“ عورت چيو، ”ساڳي ٻيڙي جي قيدي عورت آهيان پر مان ڪنهن به حال ۾ عراق وڃڻ لاءِ تيار نه آهيان. اتان جا حڪمران ظالم ۽ عياش آهن.“
”ته ڇا تون سنڌ ۾ رهڻ چاهين ٿي؟“
”نه.“ عورت چيو، ”هتي ڪجهه وقت ڏاهر جي حرم ۾ رهي آهيان.
هن مونسان همبستري ڪئي ۽ عزت کي داغدار ڪيو. منهنجي دل ۾ ان خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ملڪ بحربانيا ۾ قبر جي جاءِ ملي ته خوشنصيبي سمجهندس.“
بحربانيا جو نانءُ ٻڌي ڪهيداس جي دل جي ڌڙڪن تيز تي وئي.
”ته ڇا تون بحربانيا جي آهين؟“ هن پڇيو.
”ها بحربانيا منهنجو وطن آهي.“ عورت چيو، ”پنهنجي ديس کي ياد ڪري اڄ به اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي اچن ٿا.“
”ڇا اتي اڄ به تنهنجا عزيز موجود آهن؟“ ڪهيداس چيو.
”نه.“ عورت جواب ڏنو، ”اهي مروان جي ڏينهن ۾ هڪ گهرو لڙائي سبب مارجي ويا. اتي منهنجو ڪير به نه آهي.“
ڪهيداس سوچيو هن کي جنهن عورت جي ڳولها هئي اها ملي چڪي آهي. هن کي هڪ اهڙي ئي خوبصورت ۽ جوان عورت جي تلاش هئي جنهن کي ساڻ وٺي بحربانيا پهچي ۽ سوچيل منصوبي تي عمل ڪري انهن اڻويهه عورتن کي ورهائي هارانسيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي.
”جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته ڇا مونسان ساٿ ڏئي سگهندينءَ“ ڪهيداس چيو، ”مان توکي بحربانيا پهچائڻ ۾ مدد ڪري سگهان ٿو ۽ جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته توکي اتان جي شاهي خاندان ۾ سٺي حيثيت ڏياري سگهان ٿو.“ ڪهيداس جي ڳالهه تي عورت کي اعتبار نه آيو.
”پر ڪيئن.“ هن پڇيو، ”تون پاڻ هڪ قيدي آهين. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سهاسي خاندان جي حرم جي هڪ ٻانهيءَ کي بحربانيا جي شاهي خاندان تائين پهچائي سگهين؟“
”فڪر نه ڪر.“ ڪهيداس چيو، ”وقت جو انتظار ڪر. ڪڏهن به اهڙو وقت اچي سگهي ٿو.“
ڪهيداس جي ڳالهه تي عورت ۾ اعتماد آيو ۽ سندس خوف ڪنهن حد تائين گهٽجي ويو.
جنهن رات علاقيءَ جي اڇلايل تير ۾ ٻڌل خط مان عرب فوجين کي اها خبر ملي ته گوپي قلعو ڇڏي چيتور روانو ٿي چڪو آهي ۽ هر ڪنهن جا حوصلا پست آهن. ان رات منجنيقن جا رسا ڇڪي قلعي تي پٿر وسايا. پٿر هوا ۾ بلند ٿي فصيلن تي ڪرندا رهيا ۽ فصيلون پڪل هنداڻن جيان ٽٽي رت ڳاڙينديون رهيون. ڪجهه پٿر نوبهار مندر تي ڪريا ۽ ڪجهه قيد خانن کي لڳا. ڀتيون ڊهنديون ويون ۽ ماڻهو ڪرندا ويا. جڏهن قيدخاني جي ڀت ڊٺي ته ڪهيداس چستيءَ مان ڊوڙيو. قيدخاني جي ٻئي پاسي پهچي حسينا کي ساڻ کنيو. اوندهه جو فائدو وٺي نڪري ان سراءِ تائين پهتو جتي ترسيل هيو. اتي ساڳيا گهوڙا ٻڌل نظر آيا جيڪي علاقي استعمال ڪندا هيا. هن هڪ گهوڙو حسينا حوالي ڪيو ۽ ٻئي تي پاڻ چڙهي ويٺو. گهوڙي کي پاسن کان کڙيون هنيون ۽ گهوڙو واءُ مينهن ڪندو ان دروازي ڏانهن ڀڳو جتي جنگ جو زور گهٽ هيو. حسينا هن پويان گهوڙو ڊڪايو ۽ اتان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
هن جي منزل بحربانيا هئي جتي هارانسي مقدر جي فيصلي جي منتظر هئي.