(9)
اهڙي خبر پوڻ شرط ابوالقاس جي منهن تي سرهائي اچي وئي ۽ قلعي جي دروازي تي وڃي انهن جو استقبال ڪيائين. ابوالقاس ڏٺو ان جا ڀائر بيزار ۽ پريشان هيا، سندن منهن تي ندامت جون ريکائون هيون. اهو انهن کي احترام سان وٺي آيو ۽ توازع ڪيائين. محل اندر خوشيون ڦهلجي ويون ۽ جڏهن سڀني کي خبر پئي ته جنگ جا بادل جهڪا ٿي چڪا آهن ته ساڳيون سرگرميون بحال ٿي ويون ۽ ڏيتي ليتي عروج تي پهچي وئي.
ڪجهه ڏينهن آرام کانپوءِ ابوالقاس ڀائرن سان ڳالهيون شروع ڪيون. اتي اهي سردار به موجود هيا جن ٻنهي ڀائرن کي صلح نامو پيش ڪيو هيو. سڀ کان پهريون ابوالقاس ٻنهي ڀائرن جو ٿورائتو ٿيو جن جنگ کان پاسو ڪري ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو هيو. هن کين يقين ڏياريو ته اهي فڪر مند نه ٿين ساڻن انصاف ڪيو ويندو ۽ منشا موجب انهن عورتن جي ورهاست ڪري مقرر حصن ۾ حوالي ڪيون وينديون.
”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ ننڍي ڀاءُ چيو، ”شاهي منصف ان مسئلي کي سلجهائي نه سگهيو آهي ته آخر اهو غلام انکي ڪيئن حل ڪندو؟“
”اهو غلام نه پر هڪ دانانءُ شخص آهي.“ ابوالقاس چيو، ”توهان ڀروسو ڪيو ۽ ڏسو ته اهو مسئلو ڪيئن ٿو حل ڪري.“
”ٺيڪ آهي.“ وچين چيو، ”اسان کي ڪو اعتراض نه آهي. جيڪڏهن اهو شخص ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي ته اها اسان جي خوشقسمتي هوندي.“
ابوالقاس ڀاءُ جي اهڙي جواب تي خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته ڪهيداس ۽ انهن اڻويهه عورتن کي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي. جڏهن اهي اڻويهه عورتون درٻار ۾ پيش ڪيون ويون ته انهن جي سونهن جي تجليءَ سان هر شيءِ روشن ٿي وئي. اهي وڄ جيان چمڪڻ لڳيون ۽ سندن روشنيءَ ۾ هر شيءِ ڌنڌلائجي وئي.
ڪهيداس درٻار ۾ داخل ٿيو ته حسيناهن سان ساڻ هئي. هن هيٺ جهڪي سلام ڪري ابوالقاس جي چوغي کي چميو ۽ سڌو ٿي سندس ڪن ڀرسان ڳالهائيندي چيو، ”حضور مونسان گڏ آيل عورت اها آهي جنهن مان نجوم مطابق اوهان کي اولاد عطا ٿيندو ۽ بحربانيا کي وارث نصيب ٿيندو.“ اهڙي ڳالهه ٻڌي ابوالقاس حسينا ڏانهن حسرت مان نهارڻ لڳو. ان جون اکيون مسلسل ڏانهس ڏسنديون رهيون. سندس ٻن ڀائرن جي دل ۾ شڪ ۽ وسوسا جنم وٺڻ لڳا. اهي ڪهيداس کي ابوالقاس ڀرسان ڳالهيندي سوچڻ لڳا ته شايد انهن خلاف ڪا سازش ٿي رهي آهي.
”هيءَ عورت ڪير آهي؟“ ننڍي ڀاءُ حسينا ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هن کي هتي ڇو آندو ويو آهي؟“
”حضور.“ ڪهيداس چيو، ”توهان ڏسندا ته هيءَ عورت انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست ۾ ڪيئن ٿي مددگار ثابت ٿئي.“
”اي غلام.“ ننڍي ڀاءُ چيو، ”اسان کي اڃان يقين نه پيو اچي ته تون انهن اڻويهه عورتن کي ورهائڻ ۾ ڪامياب ويندين.“
ڪهيداس ادب مان ڪنڌ هيٺ جهڪائي عرض ڪيو.
”ٿورو انتظار ڪيو. جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن کي ورهائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيان ته جيڪا سزا سمجهه م اچي ڏجو. جيڪڏهن ڪامياب ٿيان ته اها خوشنصيبي هوندي. شل توهان ڀائرن کي راضي ڪري بحربانيا کي جنگ جي باهه کان بچائي وجهان.“
”ته پوءِ دير نه ڪر.“ ابوالقاس چيو، ”انهن عورتن کي ورهاءِ جيئن منهنجن ڀائرن کي يقين اچي ته هيءَ دل انهن ڏانهن صاف آهي.“ ڪهيداس درٻار ۾ سڀني تي نظر ڦيرائي. هن انهن اڻويهه عورتن کي ڏٺو جن ۾ سندس محبوبا هارانسي به شامل هئي. اها پيار ۽ حسرت مان کيس نهاري رهي هئي پوءِ حسينا ڏي ڏٺو جيڪا سندس اشاري جي منتظر هئي.
درٻار ۾ سڀ ڪهيداس ڏانهن تجسس مان نهاري رهيا هيا جيئن کين يقين نه پئي آيو ته اهو غلام ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هارانسي پر اميد نظر سان ڪهيداس ڏانهن نهاري رهي هئي. ان کي ڪهيداس جي چمڪندڙ اکين ۾ پنهنجو ڇوٽڪارو نظر اچي رهيو هيو. درٻار ۾ وزيرن ۽ مشيرن کانسواءِ اهو منصف به موجود هيو. جيڪو عورتن جي ورهاست واري مسئلي تي سوچيندي چريو ٿي چڪو هيو. اهو ڪهيداس ڏانهن حيرت ۽ شڪ مان نهاري رهيو هيو.
ڪهيداس انهن اڻويهه عورتن کي سامهون بيهاريو پوءِ ٽنهي ڀائرن جو ٿورو مڃيو.
”توهان جي بردباري ۽ تعاون جو ٿورائتو آهيان.“ هن چيو، ”ڪوشش ڪندس ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي ۽ منهنجي ڪيل ورهاست اوهان لاءِ قابل قبول هجي.“
هن پوءِ حسينا ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هيءَ عورت جو تعلق بحربانيا سان آهي، کيس قزاقن ان ٻيڙي مان گرفتار ڪيو هيو جيڪو سرانديپ کان عراق وڃي رهيو هيو. جيئن ته هن جو تعلق بحربانيا سان آهي کيس وٺي هتي حاضر ٿيو آهيان. اها انهن اڻويهه عورتن کي ورهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.“
”اهو ڪيئن؟“ شاهي منصف اعتراض واريو.
هن جي ڳالهه درٻار ۾ ويٺلن جي ذهن ۾ مونجهارا پيدا ڪري وڌا. جيئن ته ڪهيداس ابوالقاس کي اشارو ڏنو ته کيس ان عورت مان اولاد عطا ٿيندو ۽ بحربانيا کي وارث ملندو. ابوالقاس مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ وچ ۾ ڳالهايو. ”مونکي ان عورت تي ڪو اعتراض نه آهي.“ هن چيو، ”جيڪڏهن اها مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي ته ان کي آزمائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي.“
”مان عاليجناب ابوالقاس جي عقلمنديءَ جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان.“ ڪهيداس چيو، ”اميد ته ٻين ڀائرن لاءِ اها ڳالهه مونجهاري جو سبب نه هوندي.“
”پر ان عورت کي ملائڻ سان انهن جو تعداد ويهه تي ٿيندو. ته ڇا تون اڻويهه عورتن بجاءِ ويهن کي ورهائيندين.“ ننڍي ڀاءُ پڇيو.
”نه حضور.“ ڪهيداس چيو، ”مان توهان کي صرف اڻويهه عورتون ورهائي ڏيندس.“
”ته پوءِ اها عورت ڪيڏانهن ويندي.“ وچين سوال ڪيو.
ڪهيداس ڪنڌ هيٺ ڪري سوچڻ لڳو. هن وٽ وضاحت لاءِ لفظ ته هيا پر چوڻ جي جرئت نه هئي. هن محسوس ڪيو جيڪڏهن ڳالهائڻ ۾ احتياط نه ڪيائين ته کيس ڀائر ناراض ٿي ويندا ۽ سندن دل ۾ بدگماني جنم وٺندي جنهن ڪري نئون فساد شروع ٿي ويندو.
”حضور.“ ڪهيداس چيو، ”هيءَ عورت مونسان آئي آهي ۽ مونسان گڏ ويندي.“
ابوالقاس ڪهيداس جي راءِ سان متفق هيو پر ٻنهي ڀائرن جي دل ۾ خدشا جنم وٺي رهيا هيا.
”اي غلام.“ ننڍي چيو، ”تنهنجيون ڳالهيون سمجهه کان بالاتر آهن.“ وچين پڻ شوڪارو ڀريندي چيو، ”خبر نه آهي ڪهڙي ڳجهارت آهي. مونکي تنهنجيون ڳالهيون عجيب غريب محسوس ٿي رهيون آهن.“
”ڪهيداس دير نه ڪر.“ ابوالقاس تجسس کي ٽوڙيندي چيو، ”ڳالهه منجهائڻ کان چڱو آهي ته ان کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪر.“
ابوالقاس جي چوڻ تي ڪهيداس اڳتي وڌيو ۽ هن حسينا جي نازڪ ويڻيءَ ۾ هٿ وجهي ان کي اڻويهه عورتن ۾ شامل ڪيو.
درٻار ۾ موجود سڀ غور سان ڏسندا رهيا ۽ سندس هر حرڪت جو جائزو وٺندا رهيا. ”جيئن ته معاهدي موجب وڏي ڀاءُ کي اڻويهه عورتن جو اڌ وچين ڀاءُ کي چوٿون ۽ ننڍي ڀاءُ کي پنجون حصو ملڻو آهي جيڪا ناممڪن ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. تنهنڪري هڪ وڌيڪ عورت ملائي انهن جو انگ ويهه ڪيو ويو آهي.“ ڪهيداس چيو ۽ پوءِ هن ويهن عورتن مان ڏهه عورتون جن ۾ حسينا به شامل هئي ابوالقاس حوالي ڪيون ۽ چيو:
”حضور معاهدي موجب عورتن جو اڌ حصو توهان کي مبارڪ هجي.“ هن پنج عورتون وچين ڀاءُ کي ڏنيون.
”ويهن عورتن جو چوٿون حصو توهان حوالي.“
هن پوءِ چار عورتون ننڍي ڀاءُ حوالي ڪيون.
”ويهن عورتن جو پنجون حصو توهان جي امانت.“
جڏهن ڏهه پنج ۽ چئن جي انگ ۾ اڻويهه عورتون ورهائجي ويون ته هارانسي اڪيلي رهجي وئي. ڪهيداس اڳتي وڌي هارانسيءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ ان کي آڻي پاڻ سان بيهاريو.
”هيءَ ويهين عورت مونسان گڏ آئي هئي ۽ مون سان گڏ واپس ويندي.“ هن چيو.
ٽنهي ڀائرن غور ڪيو ته کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي چڪي هئي. اهي اڻويهه عورتون مقرر حصن موجب ورهائجي چڪيون هيون.
”اي غلام.“ ننڍي ڀاءُ چيو، ”تنهنجو عقل ۽ دانائي پنهنجيءَ جاءِ تي ڀر تون گڏ آندل عورت بدلي ٻي عورت کي پاڻ سان ڇو ملايو آهي؟“
ننڍي ڀاءُ جي ڳالهه تي ابوالقاس تاڙيون وڄائيندو تخت تان اٿيو ۽ هن ڪهيداس کي ڀاڪر ۾ وٺي ڀرسان ويهاريو.
”مان تنهنجي دانائي ۽ ڏاهپ کان متاثر ٿيو آهيان.“ هن چيو، ”جيئن ته حسينا منهنجي حصي ۾ آئي آهي. مونکي ان بدلي سندس چونڊيل عورت تي ڪو اعتراض نه آهي. انهن جو ورهاڱو معاهدي موجب ٿي چڪو آهي. اميد ته ڀائرن جي شڪايت دور ٿي وئي هوندي.“
انهن ٻن ڀائرن وٽ اهڙي ورهاست کانپوءِ ڏڦيڙ جو ڪو جواز نه هيو. اهي مطمئن ڏسجي رهيا هيا. انهن جي دل ۾ بغاوت جي باهه ٿڌي ٿي چڪي هئي.
ڪهيداس کي اجازت ڏني وئي ته هارانسيءَ کي وٺي وڃڻ جو مجاز آهي. ابوالقاس پٺي ٺپيندي کيس شاهي چوغو عطا ڪيو. ”اڄ کانپوءِ تون آزاد آهين.“ هن چيو، ”جيڏانهن چاهين وڃي سگهين ٿو.“
ڪهيداس هارانسيءَ کي ساڻ ڪري روانو ٿيو ته هن کي دنيا جي وڏي دولت ملي چڪي هئي. هن هارانسيءَ کي سيني سان لڳائي پيار ڪيو. هارانسيءَ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هن ڪهيداس جي هٿن کي چميو ۽ اکين تي رکي ڇڏيو.
”پاڻ کان ڪڏهن جدا نه ڪجانءِ.“ هارانسيءَ چيو، ”تنهنجي آهيان، تنهنجي رهندس.“
ڪهيداس هن جا ڳوڙها اگهيا ۽ دلجاءِ ڏني.
”هارانسي يقين ڪر توکان الڳ ٿي مري چڪو هوس. توسان ملي جيئرو ٿي پيو آهيان.“ هن هارانسيءَ کي گهوڙي تي ويهاريو ۽ جڏهن پويان ويٺو ته هارانسيءَ سوال ڪيو. ”ڪيڏانهن؟ سنڌ جا رستا ته بند ٿي چڪا آهن.“ ڪهيداس هن جي وارن کي چميو ۽ چيو، ”هڪ اهڙي سنڌ جي ڳولها ۽ جتي مذهب نظريا فرقا ۽ ذاتيون نه هجن. اهڙي ملڪ جي ڳولها ۾ جتي امن شرافت ۽ پيار هجي. جتي انسان انسان جي خون جو اڃايل نه هجي. جتي جنگين ۽ تباهين جو ڪو وجود نه هجي. جتي انسان آزاد هجي. جتي بک بربادي ۽ غلاميءَ جو تصور نه هجي. ماڻهو خوف کان آزاد هجن. استحصال جا دربند هجن. تحفظ جي حڪمراني هجي. هر طرف خوشيون ۽ ٽهڪ هجن.“
”ها ڪهيداس.“ هارانسيءَ چيو، ”مونکي اهڙي سنڌ وٺي هل. اهڙو ملڪ ڏيکار.“
ڪهيداس گهوڙي جي پاسن ۾ کڙيون هنيون ۽ واڳن کي ڍلو ڇڏيو. گهوڙو واءُ مينهن ڪندو پنهنجن سنبن سان بيابانن جي مٽي اڏائيندو اڳتي ڊوڙندو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ حسينا جي وجود مان ابوالقاس کي بحربانيا جي مملڪت جو وارث پيدا ٿيو. جنهن جي شڪل ڏاهر جهڙي هئي.