مهاڳ : يوسف شاهين
وري هڪ ڀيرو ٻيهر جناب مشڪور ڦلڪاري سان 26 مئي 2017 تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن وري به پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، ته مون به همت ڪري رات جو ڪمپيوٽر کولي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو. مشڪور ڦلڪارو جس لهڻي ، جو سندس هي ڪتاب ڪوهستان توڙي سنڌ بابت مجموعي طور ايڏو ته غير معمولي، تاريخي حقيقتن تي ٻڌل ۽ دلچسپ لڳو، جو ان کي پڙهندي صبح جا چار ٿي ويا. هن ڪتاب جو مون هر جملو ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو ۽ ان راءِ تي پهتس،ته ڪو عالم، سنڌ جو سچو سپوت ۽ تاريخ جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪندڙ ئي ههڙو ڪتاب لکي سگهي ٿو.سندس ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ آئون سندس علميت ۽ وطن دوستيءَ جو قائل ٿي ويس، هاڻي هو مون لاءِ اوپرو نه آهي، ۽ نه ئي منهنجي خيالن ۽ هن جي خيالن ۾ ڪو ٽڪراءُ آ هي.
مثال طور هو لکي ٿو ته ؛
“سنڌ جي تاريخ تي لا علمي ۽ اونداهيءَ جا ڪئين پردا چڙهيل آهن. انهيءَ ڪري ’سنڌي‘ دنيا جي اها بدنصيب قوم آهي، جنهن جي ڪا به مُستند تاريخ لکيل ناهي.”
هو ٻڌائي ٿو ته؛”ڪوهستان سنڌ جو واحدعلائقو آهي، جتان انساني ارتقا بابت بُنيادي سوالن جا جواب حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڪوهستان ۾ انساني چُرپُر گهٽ ٿيڻ سبب هتي ڪيترائي اهڙا نشان موجود آهن، جن سان قديم سماجي ارتقا ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي زندگيءَ جي اوسر جا واضح اُهڃاڻ ملي سگهن ٿا. قديم دور ۾ ڪوهستان کي کير ساگر ۽ سورن ديپ سڏبو هو. هتي لکين سال اڳ پنڊ پهڻ ٿيل جيوت جا چٽا نشان ملن ٿا، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو،ته زندگيءَ جي ارتقا جو عمل تمام گهڻو آڳاٽو هتان کان ئي شروع ٿيو.“
مصنف ڪوهستان جي هڪ ڳوٺ واحد ڏني باريجي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ڳوٺ جي ڀرسان ديهه ڪنڊو ترائيءَ وٽ لکين سال اڳ پنڊ پهڻ ٿيل مختلف جانورن جا وڏي جسامت وارا ۽ تمام ڳرا پٿر موجود آهن. مڪاني ماڻهو انهن کي اُٺن ۽ هاٿين جا پنڊ پهڻ سڏين ٿا. اهڙا پنڊ پهڻ ڪوهستان جي ٻين علائقن ۾ به موجود آهن.
لائق مصنف لکي ٿو ته؛ ”ڪوهستان ۾ اهڙا سَوَن جي تعداد ۾ وڻ، ٻوٽا ۽ انهن جا پنڊپهڻ موجود آهن، جيڪي لکين سالن کان هتي پيدا ٿيندا رهن ٿا.“
هو ٻڌائي ٿو ته؛ ”ڪنڊي ترائيءَ ۾ سوين سال پراڻو هڪ ڪنڊيءَ جو وڻ آهي، جنهن جي ٿُڙَ جي گولائي نَوَ فُٽ ٽي اِنچ آهي. اهو ڳوٺ انهيءَ وڻ جي نسبت سان ’ڪنڊو ترائي‘ سڏجي ٿو.“
مصنف ڳوٺ قادر بخش باريجي جو به ذڪر ڪري ٿو، جنهن جي سامهون دمبار جبل تي انساني اوائلي قدمن جا نشان اڄ به موجود آهن. هو بشيءَ جي تمام وسيع قبرستان جو به ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ميلن ۾ پکڙيل آهي. ان قبرستان سان لڳ ڳوٺ تونگ وٽ مصر جي اهرامن جيان هڪ هٿرادو ٺاهيل تمام وڏي ٽڪري موجود آهي. جيڪا ’ميري جي بُٺي‘ سڏجي ٿي. اها ٽڪري هڪ ايڪڙ کان به وڌيڪ ايراضيءَ تي ٻڌل آهي، جيڪا مصر جي اهرامن جيان ٽِڪُنڊي هئڻ بدران گول آهي. ان جي اوچائي 200 فوٽن کان ڪجهه گهٽ آهي. ان کي ٺاهڻ لاءِ تمام ڳرا پٿر استعمال ڪيل آهن. ان اهرام نُما بُٺيءَ جي هيٺ اندر وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺاهيل آهن. شايد ان بُٺيءَ جي اندر ڪا عمارت آهي. اها ڪهڙي مقصد ڪاڻ ٺاهي ويئي، ان تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ممڪن آهي، ته ان عمارت اندر مصر جي اهرامن جيان ڪي لاش ممي ڪري رکيا ويا هجن. اهو به ٿي سگهي ٿو، ته ان ٽڪريءَ جي اندر ڪو قيمتي مال دفن هجي. انجي کوٽائي ڪرڻ سان تاريخ جا وڏا راز ظاهر ٿي سگهن ٿا. واضح رهي ته اها هٿرادو ٺاهيل ٽڪري مصر جي اهرامن کان به پراڻي آهي.
چون ٿا ته مصر ۾ جيڪي لاش ممي ٺاهي رکيا ويندا هئا، ان عمل لاءِ ڪيميائي جُزا سنڌ مان گهرايا ويندا هئا. اهو به چيو وڃي ٿو،ته مصر وارن اهرام ٺاهڻ جو فن سنڌين کان سکيو. چوڏهين صدي قبل مسيح ۾ مصر جي شهنشاهه ’اخنتون‘ پنهنجو محل اڏائڻ لاءِ سنڌ مان ماهر ۽ ڪاريگر سڏايا. مصر ۾ جيڪي به بادشاهه يا شهنشاهه ٿيا، اهي پاڻ کي ’فرعون‘ ۽ خدا جو اولاد سڏائيندا هئا. جڏهن ته اخنتون پاڻ کي ’خدا جو ٻانهون‘ سڏايو ۽ اقرار ڪيائين ته ’خدا واحد لاشريڪ‘ آهي. هن مصر ۾ اڳوڻن خدائن را، ايمن را ۽ ٻين جا عبادت گهر ڀڃائي ڇڏيا. هي شخص انساني تاريخ ۾ پهريون حاڪم هو، جنهن قومن جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي حق کي تسليم ڪيو.
ان وقت مصر جي فوجن جا عراق، شام ۽ ٻين علائقن تي قبضا هئا. اخنتون پنهنجي فوجن کي حڪم ڏنو، ته هو هڪدم سمورا ملڪ خالي ڪري موٽي اچن. اخنتون چيو ته، ڌارين ملڪن تي قبضو ڪرڻ نه فقط ڏوهه آهي، بلڪه عظيم گناهه آهي. انسان دوست فڪر جي اهڙي وسعت اڄ جي جديد ۽ جمهوري دور ۾ به پيدا ٿي نه سگهي آهي. اخنتون سان عقيدت سبب مون (يوسف شاهين) پنهنجي ڀاءُ محمد سليم جي پٽ جو نالو ’اخنتون‘ رکايو. واضح رهي، ته اخنتون کان 900 سال اڳ سُمير ۽ اڪاد (موجوده عراق ۽ شام) جي شهنشاهه سارگن پنهنجو نئون دارالحڪومت اَڏائڻ لاءِ سنڌ مان ماهر ۽ ڪاريگر گهرايا هئا. شهنشاهه سارگن جي چوڻ موجب، سنڌ جي ماڻهن نه فقط سارگن لاءِ دارالحڪومت ’اگادي‘ ٺاهيو، بلڪ هنن سُمير ۽ اڪاد ۾ پهريون ڀيرو واهه کوٽيا، هتي زرعي توڙي آبپاشي نظام متعارف ڪرايو، اسڪول قائم ڪيا ۽ هتي پهريون ڀيرو گهرن ۾ دَرَ ۽ دريون استعمال ڪيون ويون. جنهن سبب سنڌي معمارن جي هاڪَ پري پري تائين پکڙجي ويئي هئي .
سُمير ۽ اڪاد ۾ سنڌين کي ’ملوها‘ (ڪاري مٿي وارا ماڻهو) سڏيو ويندو هو. اهي گهڻي ڀاڱي موهن جي دڙي جا ماڻهو هئا. ٿي سگهي ٿو ته موهن جي دڙي واري شهر جو اصل نالو ’ملوها‘ هجي. شهنشاهه سارگن ملوها جي ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. اهي تحريرون اڄ به لنڊن ميوزيم ۾ محفوظ آهن. ان لحاظ کان شهنشاهه سارگن کي سنڌ جي تاريخ جو پهريون تاريخدان به چئي سگهجي ٿو، جنهن اڄ کان 4300 سال اڳ سنڌين بابت لکڻ شروع ڪيو. ان وقت سُمير ۽ اڪاد ۾ ’ملوها‘ جي ماڻهن ڪيترائي ڳوٺ ٻَڌا هئا. ملوها جي ماڻهن کي عام طور دنيا جي علمن جو اڪابر، صنعت، زراعت، آبپاشي ۽ ٻين علمن ۾ مهارت رکندڙ سمجهيو ويندو هو.
تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهو بحث ٿيل آهي، ته عراق جي پهرين ’سُميرين تهذيب‘ جو بُنياد سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن رکيو. سنڌين جي ٺاهيل صورتخطيءَ تان سُميري ٻوليءَ لاءِ اسڪرپٽ به ٺاهيو ويو. جنهن جي امريڪي ماهرَ پڻ تصديق ڪن ٿا. ان نئين اسڪرپٽ کي ’ڪيونيفارم‘ اسڪرپٽ سڏيو ويو هو، جيڪو دنيا جي پنجاهه کان وڌيڪ ملڪن اختيار ڪيو هو.
ڪتاب جو لائق مصنف وڌيڪ لکي ٿوته؛ ”ڪوهستان ۾ ٻُڌ ڌرم جا واضح آثار موجود آهن. هتي جي قديمي رستن تي پٿر جا زمين ۾ کُتل ڊگها ٿنڀا ملن ٿا. جن تان لکت گهڻي ڀاڱي ميسارجي ويئي آهي. ممڪن آهي ته اُهي ٿنڀا شهنشاهه اشوڪ جي ڏينهن ۾ اڄ کان ٻه هزار ٽي سئو سال اڳ لڳايا ويا هجن. شهنشاهه اشوڪ انهن ٿنڀن تي يوناني ۽ ارامائيڪ ٻولين ۾ پنهنجا فرمان لکرايا. انهن ٿنڀن کي اڄ به مقدس حيثيت حاصل آهي ۽ ڪيترن ئي ٿنڀن تي ڏهاڙا ملهايا وڃن ٿا. انهن مان هڪ ٿنڀو ريڪ لڳ ڳوٺ نبي بخش باريجي جي ڀر ۾ روهيءَ واري اسٽاپ تي کُتل آهي. انجي اوچائي ٻارنهن فُوٽ ٽي اِنچ ۽ ويڪر ويهه کان ٻاويهه اِنچ آهي. اهڙو ئي هڪ ٻيو ٿنڀو اتان کان اوڀر طرف جيئي لال جي آستان تي لڳل آهي، جنهن تي به ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو.”
مصنف ٿاڻي عارب خان ۾ هڪ بُٺي يا ٽڪريءَ جو ذڪر ڪيو آهي،جنهن کي ڪوهستان جا ماڻهو ’هوتوءَ جو مَرُ‘ سڏين ٿا. ان جي اوچائي اندازي موجب ٽي سئو فوٽ کن ٿيندي. ان ٽڪريءَ جي چوٽي کان ڪجهه هيٺ ٻه غارون آهن، انهن مان هڪ غار جي ماپ ڊيگهه ۾ تيرنهن فٽ ۽ ويڪر ۾ سَتَ فوٽ آهي. انهن غارن ۾ انساني ارتقائي آباديءَ جا پڪا نشان ملن ٿا. هتي ٺِڪَر جا ٿانَوَ، ٺِڪراٺو، چقمق جي پٿر جا ٽُڪرا، اناج پيهڻ لاءِ مختلف نِنگهون، پٿر جا ڪُهاڙا ۽ ڪُهاڙيون ۽ ٻيا پٿر جا اوزار ملن ٿا. هن ٽڪري جي هيٺان پاڻيءَ جي قديم وهڪرن جي ڪنارن تي ڪيترائي انساني قدمن ۽ کرن وارن ۽ چنبن وارن جانورن جي پيرن جا نشان پڻ موجود آهن. هتي کوٽائي ڪرڻ سان ڪي ٻيون انيڪ شيون به حاصل ٿي سگهن ٿيون. خاص طور هتان انساني ارتقائي عمل بابت ڪيترن ئي حل طلب سوالن جا جواب ملي سگهن ٿا. ان لاءِ تحقيقي ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي.هيسيتائين انساني ارتقا بابت اهو سمجهيو وڃي ٿو،ته انسان پهريان قدم آفريڪي کنڊ ۾ رکيا. جيڪڏهن ڪوهستان جي آثارن تي تحقيق ڪئي وڃي، ته تاريخ جا ڪئين نوان باب کلي سگهن ٿا. شايد تاريخ جا لِڪل اُهڃاڻ آفريڪا کان به اڳ هتي انساني تهذيب جا ڪي پڪا ثبوت ڏيئي وجهن.
مصنف ڪوهستان ۾ تونگ لڳ دارا جي علائقي جو به ذڪر ڪيو آهي. هتي هڪ بزرگ دارا شاهه جي مزار آهي. چوڌاري جبلن جي وچ ۾ هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي ميدان آهي.ان علائقي جي اُتر اولهه طرف هڪ قلعي نُما جابلو کاهي آهي، جتي وڏا وڏا پٿر آڻي ’گبربند‘ ٻَڌو ويو. جنهن کي جابلو پاڻيءَ سان ڀريو ويو. اتي رهائشي جاين جا آثار به ملن ٿا. اها کاهي ان زماني جي حساب سان مڪمل محفوظ قلعو يا پناهه گاهه هُئي. ان کي دنيا جو اوائلي قلعو به چئي سگهجي ٿو.
مصنف ڪوهستان جي ارتقائي عمل، سماجي ۽ زميني حالتن کي سامهون رکندي، وڏي اعتماد سان چوي ٿو ته؛ ”موهن جو دڙو پنج هزار سالن بدران پنجويهه هزار (25000) سال پراڻو آهي.“ جنهن لاءِ هن سنڌ جي مشهور تاريخدان گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ’سنڌو سووير‘ جو حوالو به ڏنو آهي. جنهن پڻ اهڙي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جن کي پَرکڻ سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيب ثابت ڪري سگهون ٿا.
ڪتاب جي لائق مصنف سنڌ تي ماضيءَ ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي حملن جو به ذڪر ڪيو آهي. خاص طور تي عربن جيڪي سنڌ تي لڳاتار ڪاهون ڪيون، اُهي سڀ جون سڀ ڪوهستان جي وطن دوست ماڻهن ٻين سنڌين سان گڏجي ناڪام ڪيون. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو، ان وقت سنڌ جي سياسي توڙي مذهبي صورتحال مختلف ٿي چڪي هئي، سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر ’هندو‘ هو، جڏهن ته هتي جي عوام جي اڪثريت ’ٻُڌمت‘ تي ايمان رکندي هئي. سنڌ جو بادشاهه راءِ سهاسي به ٻڌڌرم جو پوئلڳ هو . راجا ڏاهر جو پيءُ چچ هندو برهمڻ هو ، جيڪو راءِ سهاسي جي محل ۾ ملازم هو. راءِ سهاسي جي وفات بعد سندس راڻي سونهن ديوي چچ سان شادي ڪئي . ۽ چچ گهريلو نوڪر مان سنڌ جو حاڪم بڻجي ويو . انهي ڪري ٻڌ ڌرم جي ماڻهن راءِ سهاسي جي وفات کي قتل سمجهيو ، اتان ئي سنڌ ۾ هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي وچ ۾ مذهبي تضاد شروع ٿيا . ٻُڌمت جي پوئلڳ عوام کي هڪ هندوءَ جي غداري پسند نه آئي . حالانڪ راجا چچ طرفان انهي غلط فهمي کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي . راجا ڏاهر ته تمام گهڻي ڪوشش ڪئي . هن پنهنجي حڪومت ۾ ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن کي شامل ڪيو ، کين اعليٰ منصب به ڏنا . مٿن اعتماد به ڪيو ، پر اندروني نفرت ختم نه ٿي سگهي .سنڌ مذهبي نفاق مان نه نڪري سگهي .اهو نفاق اندروني طور وڌيل ئي رهيو . سنڌ ۾ ايڪتا ۽ قومي ٻڌيءَ جا تمام مضبوط ناتا ٻيهر نه جڙي سگهيا . اهڙي ويڌن سبب ڪوهستان جي ماڻهن عربن جي آخري حملي وقت سنڌ جي حاڪم راجا ڏاهر جو ساٿ ڏيڻ بدران عرب حملي آور محمد بن قاسم جو ساٿ ڏنو، جيڪو سنڌ تي قابض ٿي ويو. ان تاريخي واقعي بابت مصنف هڪ عرب مورخ احمد بلاذريءَ جو حوالو ڏي ٿو، جنهن پنهنجي ڪتاب ’فتوح البلدان‘ ۾ لکيو آهي ته؛“عرب تمام وڏي عرصي تائين سنڌ تي لڳاتار ڪاهون ڪندا رهيا. هو ڪيتريون ئي خونريز جنگيون ڪرڻ جي باوجود سنڌ تي قابض ٿي نه سگهيا. هنن لاءِ سنڌ تي قبضو ڪرڻ ناممڪن هو. پوءِ جڏهن سنڌ ۾ مذهبي نفاق پيدا ٿيو تڏهن عربن لاءِ سنڌ تي قبضو ڪرڻ آسان ٿي پيو. سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ عربن سنڌ جي سمورن شهرن ۾ وڏي پيماني تي ڦُرلٽ ڪئي، ان کان علاوه هزارين سنڌي مردن توڙي عورتن کي غلام ڪري عراق، شام ۽ ٻين ملڪن جي شهرن ۾ غلامن جي بازارن ۾ وڪرو ڪيو.”
مصنف هڪ عرب تاريخدان جاحظ جي ڪتاب ’الحيوان‘ جو حوالو ڏي ٿو، ان ۾ لکيل آهي ته؛“محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هزارين سنڌي مردن ۽ عورتن کي غلام قرار ڏئي عراق، شام ۽ حجاز ڏانهن موڪليو. انهن جو تعداد ايترو ته وڏو هو جو غلامن جي بازارن ۾ غلامن جا اگهه ڪِري پيا. اهڙا واقعا ٻين عرب مورخن به قلمبند ڪيا آهن.”
مصنف لکي ٿو ته؛“اڄ به ڪوهستان ۾ صديون پراڻو قبائلي راڄوڻي نظام موجود آهي، جيڪو انهن جو پنهنجو جوڙيل آهي. ڪوهستان شايد دنيا جو اهو واحد علائقو آهي، جتي ڏوهه جو ڪو به تصور ناهي. هتي ڪو به سماجي ڏوهه نٿو ٿئي. جيڪي به قانون نافذ ڪندڙ ادارا آهن، اُهي هتي سرگرم ناهن. هتي ڪنهن به ڌنار وٽ توهان ڪهاڙي نه ڏسندا. هتي وڻ وڍڻ به ڏوهه آهي.”
لائق مصنف ڪوهستان جي سفر دوران، ڪيترين ئي اهم شخصيتن ۽ هتي جي وڏن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. هن خاص طور ڪاپٽ فقير ۽ ٻٻر فقير جي شاعريءَ جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي آهي.
هو لکي ٿو ته؛“ٻٻر فقير ڪوهستان جو تمام وڏو شاعر هو. هن جي شاعري شاهه لطيف جيان وطن سان محبت، پيار ۽ امن جي پيغام تي ٻڌل آهي. هڪ شخص هادي بخش کي ٻٻر فقير ۽ ڪاپٽ فقير جي شاعري گهڻي ڀاڱي ياد آهي، اها هاڻ فوري طور رڪارڊ ٿيڻ گهرجي نه ته هنن ٻنهي بزرگن جي شاعري هميشه لاءِ گم ٿي ويندي.”
مصنف ڪوهستان جي هڪ ڳوٺ سريءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. جتي هن جي ملاقات هڪ سنڌ دوست در محمد پالاريءَ سان ٿي، جيڪو سائين جي ايم سيد جو پراڻو ساٿي هو. در محمد پالاريءَ جو نالو پڙهي مون کي منهنجا ٻه دوست مَٽڪو پالاري ۽ سُهراب پالاري ياد آيا.منهنجو به اڻ سڌيءَ طرح گذريل پنجيتاليهن سالن کان ڪوهستان سان تعلق رهيو آهي. مٽڪو پالاري هڪ انتهائي بهادر، بي خوف ۽ بيباڪ شخص هو. جڏهن طاقتور سرڪاري ڪامورا ۽ ٻاهر کان آيل ماڻهو پالارين کان زمينون ڦرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا، تڏهن مٽڪو مرحوم انهن ماڻهن جي اکين ۾ اکيون وجهي چوندو هو ته؛“هي سموريون زمينون، هي سمورا بَرَ پَٽ ۽ اُنهن مٿان آسمان اسان جو آهي. ڪنهن کي ڪَکُ به نه ڏينداسين.”
منهنجون مٽڪي مرحوم سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون. هڪ ڀيري هو مون کي پنهنجي جيپ ۾ ڪلو کوهر ڳوٺ کان ڪجهه مفاصلي تي اهو هنڌ ڏيکارڻ هليو، جيڪو سمنڊ جو پيٽ ٿي لڳو، جتان سمونڊ موٽ کائي ويو آهي. مٽڪي مرحوم سان منهنجي دوستي ۽ هڪ ٻئي لاءِ عقيدت ان حد تائين وڌي ويئي، جو هڪ ڏينهن هن مون کي ٽي ايڪڙ زمين ’تحفي طور‘ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هو ڪوٽڙيءَ ويو، جتي باقاعدي اسٽامپ پيپر تي منهنجي نالي زمين لکرائي آيو. ان ڏينهن هو ڏاڍو خوش هو. جڏهن ته آئون حيرت وچان گم هوس. هن وقت مٽڪي مرحوم جا ٻه سُلڇڻا ۽ تمام سمجهدار پُٽَ رمضان ۽ لقمان آهن. اهي به پنهنجي پيءُ وانگر بهادر، سُڄاڻ ۽ وڏي فضيلت جا مالڪ آهن.
آئون جڏهن هي سٽون لکي رهيو هئس، ته منهنجو دوست رکيل مورائي مون وٽ آيو. مون اچڻ شرط هن کان پڇيو، ته ڇا اوهان ’مشڪور ڦلڪارو‘ کي سڃاڻو ٿا؟ هن حيرت وچان سوال ڪيو ته، اوهان ڇو مشڪور ڦلڪاري جو پُڇي رهيا آهيو. چيو مانس ته هن ادي مون ڏانهن پنهنجو زبردست ڪتاب موڪليو آهي. اهو ڪتاب تحقيق ۽ علم جي دنيا ۾ ڪئين نيون راهون کولي ڇڏيندو، ڪيترائي ٿرٿلا آڻي ڇڏيندو. ان شخص سان منهنجي ملاقات ناهي، پر هن ڏاڍو اهم ڪتاب لکيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي لکڻي سندس تعارف لاءِ ڪافي آهي. ان جي باوجود اوهان ان جي شخصيت بابت ڪجهه ٻُڌايو. رکيل مورائي هڪدم جوش ۾ اچي ويو. مشڪور ڦلڪاري جو نالو کڻندي هنجون اکيون جرڪڻ لڳيون. هو چوندو ويو ته؛“مشڪور ڦلڪارو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ، شاعر ۽ جاکوڙي قومي ڪارڪن رهيو آهي. جنهن سموري ڄمار سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي هن جو خواب رهيو آهي.” رکيل جڏهن مشڪور جو اهو تعارف ڪرايو، ته مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، ته هي عشق جو اڙانگو سفر ڪو اهڙو کاهوڙي ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن لاءِ شاهه سائين چئي ويو هو ته:
سک نه ستا ڪڏهن ، کرڪڻا لاهي ،
اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو .
مون کي اُميد آهي ته مشڪورڦلڪاري جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ڪتابن ۾ ڳڻيو ويندو. سنڌي ڪتابن جي تحقيقي ڪتابن جي ذمري ۾ هن ڪتاب کي اهم مڃتا ضرور ملندي.
يوسف شاهين
ڪراچي
31 مئي 2017