سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

  مو ن ڪوهستان ڪيئن ڏٺو

ڪوهستان جا جبل مون کي ننڍي هوندي کان وڻندا هئا. مون ڪراچيءَ جي ڪوهستان جي ڪجهه جاين، منگهو پير، ۽ چئوڪنڊيءَ جي قبرستان سميت، ٺٽي ضلعي جي ڪوهستان ۾ مڪلي، ۽ سونڊا جا قبرستان، سُجاول ضلعي جي ابن شاهه جون ٽَڪريون ۽ دادو ضلعي (هاڻي ڄامشورو ضلعي) جي رني ڪوٽ، سيوهڻ جي اوسي پاسي جا ڪجهه جابلو حصا، ڄامشوري جي اوسي پاسي جون ٽَڪريون، مختلف دورن ۾ ڏٺيون هيون. باقي سنڌ جي وچئين ڪوهستان جي مُشاهداتي دوري جو ڪيتري وقت کان خيال هو، پر ڪو اهڙو موقعو نه مليو. ڇو ته وچئين ڪوهستان جي اڙانگن پنڌن واري اڻ ڏٺل مُشاهداتي سَفر لاءِ مون کي ڪنهن کاهوڙي ڪوهستاني ماڻهوءَ جي ساٿ جي ضرورت هُئي. مون سوشل ميڊيا جي فيس بوڪ تي اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو. پندرهن منٽن بعد مون سان هڪ اڻ ڏٺل فيس بوڪ جي دوست اسماعيل باريجي طرفان رابطو ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه ٿي، هن هر ڳالهه ۾ ساٿ ڏيڻ جي حامي ڀري. سچ پُڇو ته ايترو جلدي ايڏي وڏي حامي ڀرڻ تي مون کي تعجب به لڳو. اعتبار به نه پيو اچي، ڇوته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ٻَٽاڪي ماڻهو به هوندا آهن. سندن ڳالهيون وڏيون پر عمل گهٽ هوندو آهي. مون کي اڳ ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياري، آسري ۾ رکي عين وقت تي پير ڊاهي ڀَڄي ويا هئا. انهيءَ غير يقيني صورتحال ۾آئون حيدرآباد هڪ پروگرام جي دعوت ۾ ويس، ته هن همراهه مونکي اُتي ڳولي اچي لڌو،۽ پنهنجو تعارف ڪرائڻ بعد پروگرام جي پُڄاڻيءَتي مون کي ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجي اوطاق تي وٺي ويو. اُتي خبر پئي ته هي همراهه مالي طور وچولي ڪلاس جو ماڻهو آهي، پر ڪوهستان جي باريجا قبيلي جو اهم ماڻهو آهي،۽ ڪوهستان سان سندس ازلي عشق آهي.هن ڪوهستان جي مُشاهداتي دوري جي مقصدن کان آگاهي وٺڻ بعد تفصيلي رٿابندي ڪري ورتي. خير پروگرام کي آخري شڪل ڏيئي، اسان مقرر تاريخ تي ڪوهستان روانا ٿياسين. اسان پهرئين ڏينهن هڪ ڪار ۾ روانا ٿياسين، ڇو ته سِري شهر وڃڻو هو، جتي پڪو روڊ وڃي ٿو. جتي مون کي سندس چوڻ موجب ڪوهستان ۾ پَٿر تي اُڪَر جي ڪم جي واحد مرڪز کي به ڏسڻو هو، ۽ سِري جي ڀَر ۾ ڪوهستان جي هڪ وڏي ڄاڻو ۽ وڏي لائبريري قائم ڪندڙ دُر محمد پالاريءَ سان به ملي، ڪوهستان بابت ڄاڻ به وٺڻي هئي؛ ته جيئن اسان جي مُشاهداتي دوري ڪرڻ ۾ ڪجهه رهنمائي ٿي سگهي. سِري شهر هڪ چڱيرڙو شهر آهي، هتي پَٿَر تي اُڪَر جو ڪم ٿئي ٿو. اسانجي پَٿَر تي اُڪَر جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ولي محمد ۽ الهه بخش خاصخيليءَسان ڪچهري به ٿي. پَٿَر تي اُڪَر جي ڪم جا مختلف نمونا ڏٺاسين. هنن ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻو پيو، جن ڪوهستان ۾ ٿيندڙ تاريخي اُڪَر جي ڪم کي زندهه رکيو آهي.
سِري شهر بااخلاق ۽ مُحبتي ماڻهن جو شهر آهي، هتي ويجهو ئي سائين جي ايم سيد جو پُراڻو ساٿي، مشهور عالم ۽ پنهنجي عاليشان ذاتي لائبريري رکندڙ سائين دُرمحمد پالاري به رهي ٿو. هو ڪوهستان جي هڪ نامور اوطاقي مرد وڏيري مرحوم مَلهه پالاري جو فرزند آهي،جيڪو پنهنجي دور ۾ ڪوهستان جو اهم اوطاقي مرد هو . دُر محمد پالاري به پنهنجي وڏڙن جي تَڏي کي آباد رکيو اچي. اسان وڏيري دُر محمد پالاريءَ جي اوطاق تي پُهتاسين، ته هو باوجود پيرسنيءَ جي پنهنجي اوطاق تي ويٺو هو. هن مون سان ملڻ وقت ئي چيو، ته مشڪور صاحب! تو ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘،لکي سنڌي ٻوليءَجي ٻاونجاهه اَکريَ تي مُنفرد ڪم ڪيو آهي. توهان جي ڏسڻ لاءِ آئون آتو هُئس، ائين چئي ڀاڪر پائي وڏي پاٻوهه مان مليو. انهيءَ مان اندازو ٿيو، ته هي مارڪيٽ ۾ موجود هر نئون ڪتاب وٺي پڙهندو آهي. هن مُحبتي انسان جي ڪچهري علمي ڄاڻ سان ڀرپور هوندي آهي. هي خوش اخلاق مُحبتي ۽ مهمان نواز انسان آهي. اسان پنهنجي ڪوهستان ۾ تاريخ جي ڳولا جي سفر جي شروعات ئي هن بُزرگ جي ملڻ سان ڪئي هئي. کانئس ڪوهستان جي باري ۾ ڪجهه قيمتي معلومات ملي. رات جو دير تائين ڪچهري ڪري اسين واپس ڪوٽڙيءَ روانا ٿياسين، ڇو ته ٻئي ڏينهن ڪوٽڙيءَ مان جيپ کڻي ڪوهستان جي اڙانگي پنڌ تي نڪرڻو هو.ٻئي ڏينهن سويري ڪوٽڙيءَ مان جيپ تي روانا ٿياسين. ڪوهستان جي مختلف جبلن جو معائنو ڪندا، شاهديون گڏ ڪندا، نتيجا حاصل ڪندا، اڳتي وڌندا رهياسين. اسان وٽ جيپ ۾ ڀُڳڙا ، پاڻي، ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ موجود هو. ان ڪري پورو ڏينهن پهاڙن جو پنڌ ڪندا رهياسين. هي منهنجو اندرئين ڪوهستان جو پهريون تحقِيقي سفر هو. ان لاءِ هر شئي مون لاءِ وڌيڪ ڪشش رکندڙ هئي.
ڪوهستان سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڃايل علائقو آهي، هتي لوڪ ڪهاڻين وارو ديو مالائي سنڌي سماج موجود آهي. هر قبيلي جون پنهنجون پنهنجون بادشاهيون، علائقا ۽ سندن چڱا مڙس آهن، پر اهي چَڱا مڙس ۽ سَردار پنهنجي راڄَ جا خيرخواهه، سخي، ۽ انصاف تي ٻَڌل فيصلا ڪندڙ آهن. اهوئي سبب آهي، جو ڪوهستان ۾ ڏوهه ٿين ئي ڪونه، شايد ان حساب سان ڪوهستان ڌرتيءَ جي گولي تي اڪيلو اهڙو پُر امن علائقو آهي؛ جنهن جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. انساني همدردي، مُحبت، سخا، ۽ قربانيءَجا هتي وِکَ وِکَ تي مثال ملن ٿا. هتي ڪي به قبيلائي ٽڪراءَ موجود ناهن، نه ئي هتي ڪا مذهبي انتهاپسندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪوهستان جي ماڻهن جا پنهنجا انساني قدر ۽ رُجحان آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ،ته قديم سنڌ ڪيتري نه انسان دوست ۽ خوشحال هئي.
ٿاڻو بولاخان ڪوهستان جو وڏو شهر آهي،هتي ضرورت جي هر شئي ملي وڃي ٿي. ان ڪري هي ڪوهستان جو هڪ سُٺو واپاري مرڪز آهي. اسان سفر جي واپسيءَ ۾ هن شهر جي سَرگرم صحافين غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ سَرور خاصخيليءَ سان به مليا هئاسين. جن ٻڌايو ته هي شهر ڪوهستان جي سياسي ۽ سماجي سَرگرمين جو به مرڪز آهي. هتي وڏيري ڪانڀوخان برهماڻيءَ سان به ڪچهري ٿي، جنهن مان معلوم ٿيو ته ٿاڻو بولا خان هڪ پُر امن شهر آهي. هتي ڪو به مذهبي تضاد موجود ناهي، هندو ۽ مسلمان نهايت ميٺ ۽مُحبت سان رهن ٿا. هتي مسجد ۽ مندر شاندار نموني سان ٺهرايل ۽ آباد هئا، جيڪي اسان پاڻ ڏٺا.
ٿاڻو احمد خان مَلڪ خاندان جي رهڻ جو هنڌ آهي، هتي ڪوهستان جي سياست تي ڇانيل مَلڪ خاندان رهي ٿو. سندن عاليشان بنگلا ۽ باغيچا هن شهر کي سُهڻو بڻايو بيٺا آهن. اسان وقت گهٽ هجڻ سبب هتي شهر ۾ نه لٿاسون، پر رستي تان گذرندي، اسان هي شهر ڏٺو. ڪوهستان جو ٽيون شهر ٿاڻو عارب خان، برهماڻي قبيلي جو مرڪز آهي. برهماڻي قبيلي جو اهم ماڻهو بابو خان برهماڻي هڪ مثالي سنڌي ثقافت سان پيار ڪندڙ ۽ اوطاقي مُڙس هئڻ سان گڏ وڏو سخي ڏاتار آهي. هن جي در تان ڪو به سوالي خالي نه موٽندو آهي. سندس مهمان نوازي به مثالي آهي، سندس اوطاق تي سياري جي مُند ۾ روزانو مچ ڪچهريون ٿينديون آهن. اسان کي به سندس اوطاق تي ٿيندڙ مچ ڪچهريءَ ۾ ويهڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪچهريءَ ۾ ڪوهستان جي تمام وڏن شاعرن ڪاپٽ فقير۽ ٻٻر فقير جي شاعري سندن پوٽي هادي بخش کان ٻُڌڻ جو موقعو مليو. ٻٻر فقير ڪوهستان جو تمام سٺو شاعر هو، سندس شاعري شاهه صاحب جي شاعريءَ جيان سُر وار آهي. شاعري پيار، مُحبت، انصاف، وطن سان مُحبت، ۽ همت جي پيغام سان ڀَرپور آهي. هادي بخش کي ٻٻر فقير ۽ ڪاپٽ فقير جي شاعري گهڻي ڀاڱي ياد آهي. افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي، جو ڪوهستان جي هنن ٻنهي وڏن شاعرن جي شاعري اڃان تائين محفوظ نه ڪئي ويئي آهي. مُلڪ جا ادارا اهڙين ڳالهين تي توجهه ئي نه ٿا ڏين، نتيجي طور پيرسن هادي بخش کان پوءِ ڪوهستان جي هنن ٻنهي بزرگن جي شاعري، هميشه لاءِ گُم ٿي ويندي. اهڙن الائجي ڪيترن ڪوهستاني بُزرگن جو ڪلام ضايع ٿي ويو هوندو، جنهن جي ڪا به خبر ناهي. مُلڪ جي انهيءَ مقصد لاءِ قائم ڪيل ادارن ۽ خانگي پبلشنگ ادارن کي انهيءَ ڏس ۾ سَرگرم ٿيڻ گهرجي. بابو خان برهماڻيءَ جو وڏو ڀاءُ وڏيرو صالح محمد برهماڻي، شاهه جي رسالي جو حافظ آهي. هي ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي جو چَڱومُڙس پڻ آهي. قبيلي جا سمورا فيصلا هي خاندان ڪندو آهي، سندن فيصلا انصاف تي ٻَڌل هوندا آهن. انهيءَ لاءِ ڪوهستان جو برهماڻي قبيلو پنهنجي قبائلي ٻَڌيءَ سبب سماجي ٽڪرائن جو گهٽ شڪار آهي. بابو خان جا ٻيا ڀائُر عطامحمد برهماڻي ۽ ڪانڀو خان برهماڻي به آهن، جيڪي به شاهه جي رسالي جا پارکو آهن. ڪانڀو خان برهماڻي ٿاڻي بولا خان ۾ رهندو آهي. بابو خان برهماڻي سان اڌرات تائين مچ تي ڪچهري هلندي رهي، سندس ڪوهستان سان پيار، ثقافتي خفت، ۽ شاهه صاحب جي ڪلام سان عشق ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪاش سنڌ جا سڀ قبائلي چَڱا مُڙس اهڙا انسان دوست، وطن دوست ۽ ساڃاهه وند ٿي پون، ته سنڌ جي سَرهائي موٽڻ ۾ ڪا وڌيڪ دير نه لڳندي.
علاءُالدين شيهڻو نوجوان ۽ قديم آثارن جو ڳوليندڙ آهي، کيس قديم آثارن کي ڳولڻ جو وڏو شوق آهي. اهو نوجوان به انهيءَ ڪچهري ۾ موجود هو، هن نوجوان کي غربت سبب اسڪولي تعليم ته نه ملي سگهي؛ پر ڪوهستان جي جبلن سان سندس عشق کيس ٿاڻي عارب خان واري علائقي جو هڪ مثالي سُونهون بڻائي ڇڏيو آهي. هن نوجوان اسان سان گڏ ٿاڻي عارب خان جي علائقي ۾ پورو هڪ ڏينهن گڏ گذاريو ۽ علائقي ۾ موجود اُهي ماڳ ڏيکاريا، جن کان اڳ ۾ ڪو به مُحقق يا ليکڪ واقف نه هو. هن اسان کي اُٺن جا پنڊ پهڻ، جمال شاهه جي قبرستان ۾ ڊگهي قبر، قديم ڪنڊيءَ جو وڻ، هوتوءَ جي مر واري تاريخي قديم انساني آبادي، پنڊ پهڻ ٿيل ڪيترائي وڻ، ماڻهن ۽ جانورن جي پيرن جا لڳل قديم نشان وغيره ڏيکاريا. جي هي نوجوان اسان کي نه ملي ها، ته اسان ڪافي قديم شيون نه ڏسي سگهون ها. ڪوهستان ۾ وائلڊ لائف کاتي طرفان ڪوهستان جي جبلن کي کيرٿر نيشنل پارڪ قرار ڏيندي، پوري ڪوهستان ۾ نيشنل پارڪ جون مختلف جاين تي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، جتي پارڪ جا انتظامي آفيسر رهن ٿا. ڪوهستان ۾ شڪار تي پابندي آهي، انهيءَ مقصد لاءِ پارڪ جو خاص فورس به مقرر ٿيل آهي. ڪوهستان جي جبلن تي سوين واچ مين به مقرر ٿيل آهن، جيڪي شڪارين تي نظر رکن ٿا. ڪنهن کي شڪار ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ڪو به ماڻهو ڪوهستان ۾ گُهمندي اُنهن جي نظر کان بچي نه ٿو سگهي. اسان کي ڪيترين ئي جاين تي شڪاري سمجهي گهيري ۾ آندو ويو ۽ تسلي ڪرڻ بعد اُهي واچ مين واپس ٿيا. عام گُهمندڙ ماڻهن تي ڪا به پابندي ناهي.
ڪوهستان جي ڪرچات ڳوٺ لڳ کيرٿر نيشنل پارڪ جو هڪ عاليشان سينٽر به آهي، جتي ريسٽ هائوس، ۽ ميوزيم به آهي. هتي کيرٿر نيشنل پارڪ بابت ڪافي معلومات به ملي ٿي. ميوزيم ۾ نيشنل پارڪ ۾ موجود جانورن بابت معلومات، ڪوهستان جي جبلن جا ماڊل، ۽ مختلف شين جا پنڊپهڻ رکيل آهن. مُحققن لاءِ هن سينٽر ۾ سندن دلچسپي جون ڪافي شيون رکيل آهن،خاص ڪري هتي ڪوهستان ۾ ملندڙ پنڊپهڻن جو وڏو ذخيرو آهي. جيڪڏهن ڪو مُحقق صرف کيرٿر نيشنل پارڪ جي ڪرچات سينٽر ۾ رکيل ڪوهستاني پنڊپهڻن جو جائزو وٺي، تڏهن به هو ڪافي رولڙي ۽ پنڌ کان بچي سگهي ٿو. آرڪيالاجي کاتي وارا صرف ڪوهستان جي وچ ۾ يا خاص ڪري تونگ جهڙي جاءِ تي ڪو اهڙو ميوزيم ٺاهي وجهن، ۽ ڪوهستان ۾ لڀندڙ تاريخي شيون گڏ ڪن، ته هڪ مُنفرد ۽ شاهوڪار آرڪيالاجي ميوزيم ۽ شاهوڪار ريسرچ سينٽر ٺهي سگهي ٿو. کيرٿرنيشنل پارڪ جي هن سينٽر ۾ پرڏيهي سَياحن ۽ سرڪاري آفيسرن لاءِ رهائش جو به بندوبست ٿيل آهي، پر جيڪڏهن هتي مُلڪي مُحققن لاءِ ڪو رهائشي انتظام هُجي، تڏهن به ڪو مون جهڙو فقير هتي رهي گهڻو ڪم ڪري سگهي ٿو؛ پر هتي رهڻ لاءِ وڏو اَثر رَسوخ کپي. اسان به هي سينٽر انهي ڪري فضيلت سان گهمي سگهياسين جو اسماعيل باريجو بااَثر ڪوهستاني ۽ باريجا قبيلي جي چَڱو مُڙس هو . انهي ڪري مون فقير کي هتي گهمڻ جي سعادت نصيب ٿي. هن سينٽر جي انچارج پانڌي خان بُرفت اسانجي آجيان ڪئي، ملڻ بعد خبر پئي، ته انچارج پانڌي خان بُرفت به ڪوهستان سان مُحبت ڪندڙ آهي. حالانڪ هو انهيءَ وقت به ڪنهن اعليٰ آفيسر جي رهائشي انتظامڪاريءَ سبب تمام گهڻو مصروف هو ، پر جلدي جلدي چانهه به پياريائين ۽ ميوزيم کولي گُهمڻ جي اجازت به ڏنائين. هن باهمت انسان جي دل۾ کيرٿرنيشنل پارڪ ۾ موجود سڀني جانورن سان پيار به نظر آيو، هن با اَثر شڪارين سان مُنهن ڏيڻ جا به ڪجهه واقعا ٻڌايا،جنهن۾ هن وڏي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو هو.
ڪوهستان جي جبلن ۾ سِرهه، گَڊ،هرڻ، بَگهڙ، گَدڙ، ڳورپٽ، لومڙ، سِيڙهه، جابلو ڄاها، جابلو وڏا ٻِلا، چَراخ ، نورَ، ڇلو مرون، سوئر، مشڪ ٻِلا، ڪارا ۽ اڇا سَها وغيره مختلف جابلو نانگ ۽ بلائون، پنجاهه کان مٿي جابلو پکين جا قسم موجود آهن. ڪوهستان ۾ مختلف جاين تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ننڍا ڊيم به ٺاهيل آهن، اهڙيءَ ريت مٿي جبلن جي اوچين چوٽين تي قدرتي جابلو چشمن ۽ ڪجهه علائقن ۾ جانورن کي پاڻي پيارڻ لاءِ نَلڪا ۽ پاڻيءَ جون لائنون به ڏسڻ ۾ آيون. ڪوهستان ۾ ’ويرُوءَ وارو علائقو‘، سُنبڪ،دراوت ڊيم، ۽ لوڻي ڪوٽ واري ڪجهه علائقي کي لائسنس ۽ پرميشن وٺڻ وارن شڪارين لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. جتي پوڙهن، ۽ واڌو نسلن وارا جانور ڇڏيا وڃن ٿا، جن جو شڪار به ڪيو وڃي ٿو. باقي پوري ڪوهستان ۾ شڪار تي قانوني بندش آهي. جيڪڏهن سِرهه، گڊ ۽ هرڻن کي بگهڙن، گدڙن، چراخن ۽ ٻين جانورن کان ڌار هڪ علائقي کي مخصوص ڪري رکيو وڃي، ته هنن جانورن جي ناياب نسل ۾ وڏو اضافو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه شڪار لاءِ مخصوص علائقي کي به پابندي واري علائقي کان ڪا خاردار واڙ ڏيئي ڌار ڪيو وڃي، ته بهتر ٿيندو. جيئن نوجوان جانور انهن شڪار جي اجازت وارن علائقن ڏانهن نه وڃي سگهن. ڪوهستان جيئن ته تاريخ جي ڊگهي عرصي تائين مٺي پاڻي ۾ ٻڏل رهيو . ان ڪري ڪوهستان جي ڪيترن ئي تلائن ۾ واڳونءَ جو نسل رهندو هو، جيڪو نِگهداشت نه هئڻ سبب خطري ۾ آهي، حڪومت کي گُهرجي ته ڪوهستان ۾ موجود تاريخي واڳونءَ جي نسل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي.ياد رهي ته سنڌ جي ڪوهستان جا ماڻهو فطرت دوست ۽ جانورن سان پيار ڪندڙ آهن. ڪوهستان جا عام ماڻهو به جانورن جي شڪار کي ڏوهه سمجهن ٿا، انهيءَ ڪري سنڌ جو ڪوهستاني علائقو جانورن لاءِ هر لحاظ کان محفوظ پناهه گاهه آهي. سنڌ جي ڪوهستان ڏانهن بلوچستان کان به جانوراچي پناهه وٺن ٿا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪوهستاني جانورن جي تعداد ۾ مسلسل واڌارو ايندو رهي ٿو. ڪوهستان جي راڄوڻي قانون ۾ به ناياب جانورن جي شڪار تي خاص ڏنڊ رکيل آهي. ڪوهستان جي ماڻهن جي فطرت دوستي ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي عملي جي هڪ ٻئي سان سهڪار جي سلسلي تحت ئي هتي جانورن جا نسل محفوظ آهن.
ڪوهستان جا ماڻهو سنڌي ثقافت جا امين آهن. ڪوهستان ۾ وڃڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ کي تاريخ جي قديم سنڌ جي پُرامن ۽ جاڳندڙ سنڌي سماج ۾ ساهه کڻندي محسوس ڪري ٿو. ڪوهستان ۾ نه صرف ڪوهستان جي قبائلي راڄ ڌڻين جون اوطاقون آباد آهن، پر ڪوهستان جو هر ماڻهو مُحبتي درياءَ دل ۽ سخي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪوهستان جي هر ڳوٺ جي اوطاق وسندڙ ۽ آباد آهي. انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ لاءِ مون ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي جي راڄ ڌڻي خاندان جي بابو خان برهماڻيءَ جي اوطاق تي مچ ڪچهري تي رات گُذارڻ کانپوءِ ڪوهستان جي هڪ پورهيت ماڻهو شاهه محمد باريجي جي اوطاق تي مچ ڪچهريءَ جي دعوت قبول ڪئي. سج لٿي جڏهن آئون پنهنجي دوست اسماعيل باريجي سان گڏ انهيءَ پورهيت جي اوطاق تي پهتس، ته هتي به اوطاق آباد هئي، مَچُ ٻَريو پَئي، ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿيل هئا. هتي به مونکي ڪوهستان جي اوطاقي درياءَ دلي ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ نه آيو. هن مچ ڪچهري ۾ هڪ فنڪار راول فقير باريجي کي ڪُلهي تي کڻي ڪچهريءَ ۾ آندو ويو، ڇو ته پوليو سبب سندس هڪ ٽنگ سُڪي ويئي هئي. هن فنڪار جڏهن تَنبوري وڄائي پنهنجي درديلي آواز سان وِجداني ڪيفيت ۾ ’مورا‘ ڳائي ٻُڌايا، ته سموري ڪچهريءَ تي سحر طاري ٿي ويو.
فقير راول باريجو نه صرف ’مورا‘ ڳائي ٿو، پر هو ’مورن‘ جو سُٺو شاعر به آهي. ان کان علاوه هي ڪوهستان جي پکين ۽ جانورن جون ٻوليون به ڪندو آهي، جيڪي بلڪل اصلي لڳنديون آهن. آزمودي خاطر هن ڪچهريءَ ۾ ويهي جڏهن گِدڙ جي اوناڙ ڪئي ته جواب ۾ اوسي پاسي جو سمورو علائقو گِدڙن جي جوابي اوناڙن سان گونجي اُٿيو؛ جنهن کي ڏسي سڀ اَچرج ۾ پئجي ويا.اهڙيءَ ريت هي سڀني جابلو جانورن ۽ پکين جون اصلي ٻوليون ڄاڻندو آهي. مون کي پوري ڪوهستان ۾ آرڪيالاجي کاتي ۽ ثقافت کاتي جي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نه آيا. نه ته، نه سنڌ جي تاريخ اڻ پوري هجي ها ۽ نه ئي ڪوهستان جا ڏات ڌڻي فنڪار لاوارث ۽ لِڪل هجن ها.
هتي جا چونڊيل عوامي نمائندا به عوام دوست ۽ راڄوڻي قانون جي پوئيواري ڪندڙ آهن.جيڪا ڳالهه مون تونگ جي چيئرمين ڌڻي بخش باريجي سان ڪچهري ڪندي محسوس ڪئي،سندس دل ۾ ڪوهستان جي ترقيءَ جا روشن خيال موجود هئا. سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڪوهستان جي عوامي نمائندن لاءِ ڪو خصوصي ترقياتي پئڪيج رکي، ته ڪوهستان جو علائقو به ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌي سگهي ٿو.
ڪوهستان جتي انساني قدرن جو اَمين آهي، اُتي ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجي تاريخي ارتقا جي پنڌ ۾ مُشڪل حالتن هوندي به وڏي همت سان جيئڻ جو ڍنگ ڄاڻن ٿا. ڪوهستان جا ماڻهو جديد سهوليتون نه هئڻ جي باوجود به زندگيءَ جي بقاءَ جي جنگ ۾ نه صرف جيئن پيا، پر جاڳن به پيا.
جيئن ته ڪوهستان باراني علائقو آهي. هتي برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ ڊيم ٺاهڻ جو هُنر به هزارين سالن کان موجود آهي، پر برساتن ۾ عام ماڻهن جا ٺاهيل ڊيم ٽُٽي وڃن ٿا ۽ پاڻي ضايع ٿئي ٿوانهيءَ لاءِ جيڪڏهن سرڪار طرفان ڪوهستان ۾ ننڍا ننڍا برساتي ڊيم ٺاهيا وڃن، ته ڪوهستان جون زرخيز زمينون سون اُپائي سگهن ٿيون. ڪوهستان جو علائقو لکين سال مٺي پاڻيءَ جي سمنڊ کير ساگر ۾ ٻُڏل رهيو، انهيءَ ڪري هتي زير زمين مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا به موجود آهن. ڪوهستان ۾ عوامي نمائندن طرفان ڪجهه ٿورا روڊ به ٺهرايل آهن، پر هتي اڪثر رستا ڪچا ۽ ڏُکيا آهن. انهيءَ ڪري هتي جي ٺهيل تمام ٿورڙين اسپتالن ۾ به بُنيادي علاج جون سهوليتون ۽ ڊاڪٽر نه هئڻ جي برابر آهن. هتي اسڪولن جو انتظام به نه هئڻ جي برابر آهي، انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. ڪوهستان ۾ بجليءَ جا ٿنڀا ته لڳل آهن، پر بجلي نه آهي. عوامي نمائندن وٽ ترقياتي بجيٽ ناهي ۽ حڪومت جي طرفان ڪا به مالڪي ناهي.
انهن حالتن ۾ ڪوهستان جي ماڻهن مُتبادل رستا ڳولي ڪڍيا آهن.راڄوڻي بُنياد تي هو ڪچن رستن جي پاڻ سَنڀال ڪن ٿا، بجليءَ جي نه هئڻ جي مسئلي جو حل هنن وٽ شَمسي توانائيءَ جو سولر سسٽم آهي. هر جڳهه تي انهيءَ جو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي ڄار وڇايو پيو وڃي. ٽريڪٽر به ڪوهستان ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، زمينن جي ٺاهڻ جو ڪم به جاري آهي. هتي برساتن تي جوئر، مُڱ، گوار، ۽ تِرَ پوکيا وڃن ٿا.سولر تي هلندڙ ٽيوب ويلن تي ڪڻڪ ۽ بصرجا فصل پوکيا وڃن ٿا. ڪجهه جاين تي صوفي ٻيربه پوکڻ جي شروعات ٿي آهي، هتي زمينن جي بي مثال زرخيزيءَ تي تمام ڀَلا فصل ٿين ٿا. اهو ڏينهن پري ناهي،جڏهن ڪوهستان پيداوار جي لحاظ کان سنڌ جو شاهوڪار علائقو ٿي ويندو. هتي رڍون، ٻڪريون، ۽ ڳائو مال بي انداز پاليو وڃي ٿو.ڪوهستان جا ماڻهو محنتي ۽ سادا آهن.ڪوهستان جي ڪافي خاندانن جي ڪجهه ماڻهن حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، جتي هو هاڻي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ به لڳا آهن.مريضن جو علاج به اُتي ڪرائين ٿا.ڪوهستان ۾ سواريءَ لاءِ هاڻي اُٺن بجاءِ جيپون، ۽ موٽر سائيڪل عام ٿي ويا آهن، ڪوهستان جي هر دڪان تي پيٽرول ملي ٿو، پر اهو ڏيڍوڻي اگهه تي ملندو آهي .
منهنجو ڪوهستان جي وچئين ڀاڱي جو هي سفر پنجن ڏينهن جو هو. مون ۽ منهنجي ڪوهستاني ساٿي اسماعيل باريچي اهي پنج ڏينهن ۽ پنج راتيون بغير آرام ۽ ساهي کڻڻ جي ڪوهستان ۾ گُذاريون. ڪافي تاريخ جون نشانيون، تاريخي ماڳ، ۽ اُهڃاڻ ڳولي هٿ ڪيا. ائين واپس پهچي لکڻ ويٺس، پر ڪوهستان جي رهيل ڏاکڻئين ڀاڱي جو وچ رهيل هو. مون انهيءَ سلسلي ۾ فيس بوڪ تي پيغام ڏنو ته، ته موٽ ۾ هڪ همراهه احمد خان پالاري، جنهن سان به منهنجي اڳ ۾ ڪا ڏيٺ ويٺ نه هئي؛ تنهن مُڪمل سهڪار جو يقين ڏياريندي، جهمپير اچڻ جي دعوت ڏني. مون جهمپير وڃڻ جو سفر سَنڀاهيو، جهمپير ۾ منهنجو هڪ پراڻو ساٿي، ۽ قومي خدمتن کي پنهنجي زندگي ارپيندڙ رسول بخش درس اڳ ۾ موجود هو، پر هي دوست پيري ۽ بيماريءَ سبب هلڻ چلڻ جي قابل نه رهيو آهي. پر هن وٽان وڏي تاريخي ڄاڻ حاصل ٿي. جهمپير ۾ هن شخص جي وڏي عزت ۽ احترام موجود آهي، سندس ساٿ منهنجون ڪافي پريشانيون دور ڪري ڇڏيون. منهنجي نئين دوست احمد خان پالاري به ڀرپور ساٿ ڏنو، هن پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڪوهستان جي هن حصي ۾ جنت مڪان جون بُٺيون ۽ ٻيا تاريخي ماڳ ڏيکاريا، جيڪي ڏسڻ کانسواءِ منهنجو هي ڪتاب اڌورو رهجي وڃي ها. جَفاڪشيءَ ۽ رولڙن سبب منهنجي طبيعت خراب ٿي پئي، پر دوستن جي مدد سان آئون پنج ڏينهن جهمپير ۾ رهائش دوران گهڻو ڪجهه حاصل ڪري آيس. دوستن خاص ڪري رسول بخش درس ۽ سندس خاندان جي ڀاتين ۽ احمد خان پالاريءَ منهنجي ناچاقائي دوران منهنجو تمام وڏو خيال رکيو. ائين آئون ڪوهستان بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري هن تحقيق کي مڪمل ڪرڻ جهڙو ٿي ويس. ائين ئي ڪوهستاني ماڻهن جي پنهنجي ڪوهستان سان محبت جي سَگهه منهنجي ڪاميابيءَ جو سبب بڻي.
منهنجي ڪوهستان جي سفر دوران ڪيل ڪچهرين جي نتيجي ۾ ڪوهستان جي باشعور طبقي ۾ وڏو اُتساهه پيدا ٿيو آهي. اسماعيل باريجو ڪوهستان ۾ ماڻهن جون ٽيمون ٺاهي رهيو آهي، جيڪي ڪوهستان جي گُم ٿيل تاريخي ماڳن جي ڳولا ۾ سَرگرم ٿينديون، وري جڏهن ڪوهستان جي ڪنهن ٻئي تاريخ جي ڳولا جي سفر ڪرڻ لاءِ ڪا مدد يا موقعو مليو، ته انشاءَ الله پوري ڪوهستان ۾ تاريخ جا لِڪل سمورا راز پڌرا ڪبا.
مون صرف دوست اسماعيل باريجي جي سهڪار سان پنجن ڏينهن جي جاکوڙ ۽ رسول بخش درس ۽ احمد خان پالاريءَ جي ساٿ سان مختصر عرصي جي جاکوڙ ۾ هيڏي ساري تاريخي معلومات حاصل ڪئي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڪافي گُم ٿيل صفحن کي منظر عام تي آندو آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪافي سوالن کي حل ڪري ڪجهه نتيجا سامهون آندا آهن، جيڪڏهن ڪي مضبوط تحقيقي ادارا سنجيدگيءَ سان ميدانِ عمل ۾ اچن، ته سنڌ جي تاريخ اڃان گڏ ڪرڻ ممڪن آهي. مون صرف ڳولا جي جاکوڙ ۾ اُتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ، بي سمريءَ ۾ جاکوڙ ڪري هي ڪتاب لکيو آهي. منهنجو لکيل هي ڪتاب نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي اهم ڪتابن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻبو، پر هن ڪتاب سان سنڌ جي تاريخ جي تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏو اُتساهه پڻ پيدا ٿيندو.