سنڌ شناسي
سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو
ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
- 0/5.0
- 4685
- 973
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه ، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.مشڪور ڦلڪارو ڪوهستان جي ارتقائي عمل، سماجي ۽ زميني حالتن کي سامهون رکندي، وڏي اعتماد سان چوي ٿو ته؛ ”موهن جو دڙو پنج هزار سالن بدران پنجويهه هزار (25000) سال پراڻو آهي.“ جنهن لاءِ هن سنڌ جي مشهور تاريخدان گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ’سنڌو سووير‘ جو حوالو به ڏنو آهي. جنهن پڻ اهڙي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جن کي پَرکڻ سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيب ثابت ڪري سگهون ٿا.
هي ڪتاب ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي سنگت يوڪي جي سهڪار سان 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين مشڪور ڦلڪاري جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ مشڪور ڦلڪارو
- ڇپيو ويو 2017
- ڇپائيندڙ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 19/Mar/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 973 ڀيرا