سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

  تاريخ جي ڳجهارت جي ڳنڍ کوليندڙ محقق

مشڪور ڦلڪاري صاحب جو ڪتاب ’’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘‘ نظر مان گذريو. جيئن ته سنڌ جي تاريخ آڳاٽي هجڻ سان گڏوگڏ منجھائيندڙ حد تائين ڳجھارت پڻ بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ تي هيستائين جيترو به ڪم ٿيو آهي، اهو اڻپوري هئڻ سان گڏوگڏ سائنسي لحاظ کان غير مستند تحقيق تي آڌاريل آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي اتهاس تي ويجھي ماضي ۾ ايم ايڇ پنهور صاحب چڱو موچارو ڪم ڪيو ۽ سندس ٻن ڪتابن ’’ڪراناليجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ‘‘ ۽ ’’سورس مٽيريل آن سنڌ‘‘ انهي روايت کي ڪنهن حد تائين ٽوڙيو، پر تنهن هوندي به سنڌ جي تاريخ تي جهڙي ساکائتي نموني ڪم ڪرڻ جي گھرج آهي، اها اڃا تائين جوڳي نموني پوري ٿي نه سگھي آهي. واڌواڻي صاحب جو ناول ’’ريٽرن آف دي آرينز‘‘ پڻ سنڌ جي اتهاس تي هڪ نئين انداز سان روشني وجھي ٿو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته آريا سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هئا. سنڌ جا اصلوڪا رهواسي دراوڙ هئا يا آريا، اهو پڻ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اڻسليل سوال آهي.
مشڪور صاحب جو هي ڪتاب سنڌ جي ڪوهستان جي تاريخ تي شايد هي پهرين ڪوشش آهي جنهن ۾هُن سنڌ جي ڪوهستان جي اتهاس جي آڳاٽي هجڻ بابت ڪجهه نوان انڪشاف ڪيا آهن ۽ ڪوهستان جي آڳاٽي تاريخ جي آڌار تي سنڌ جي تاريخ کي هزارين نه پر لکين ، ڪروڙين سال آڳاٽو ڄاڻايو اٿس. جيڪڏهن سندس ڳالهه ۾ ڳرُ آهي ،ته پوءِ سنڌ جي تاريخ جي پنج هزار ورهيه قديم هجڻ واري دعويٰٰٰٰ تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ نئين سر تحقيق ڪرڻي پوندي. آءٌ سمجھان ٿو ته ان لحاظ کان مشڪور ڦلڪاري صاحب جو هي ڪتاب تمام گھڻو اهم ۽ وقتائتو آهي . جو هن وطن دوست محقق سنڌ جي تاريخي قدامت جي حوالي سان نهايت اهم سوال اٿاريا آهن. جن سوالن جي جوابن جي ڳولا سان تاريخ جي تحقيقي ڪم جي ماٺار ٽٽندي ، نوان بحث ۽ ڳولائون شروع ٿينديون ، ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارا حرڪت ۾ ايندا . جنهن ڪري سنڌ ۾ موجود تاريخي اثاثن جي مالڪي ٿيندي ۽ سائنسي تحقيق جا نوان رخ پيدا ٿيندا . جنهن کوجنا جي ضرورت به آهي.
اُميد اٿم ته مشڪور صاحب سنڌ جي تاريخ جي ٻين به اڻسليل سوالن تي پڻ قلم کڻندو ۽ سائنسي انداز سان انهن تي تحقيق ڪري سنڌ جي آئيندي جي محققن لاءِ تحقيق جا نوان گس کوليندو.


هدايت ڀٽو
يو ڪي .