تاريخ جو سينو چيري حقيقتون پَڌريون ڪرڻ جي جُستجو
هونئن به سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب ۾ تحقيق جي شعبي کي اُها گُهربل اهميت نه ملي سگهي آهي، جيڪا ٻين ٻولين ۾ مُيسر آهي، نه فقط ايترو پر سنڌي ادب ۾ تحقيق جي موضوعن ۽ انهن جي اصولن تي به اڃا گهڻو ڪجهه لکجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته اڃا تائين به تحقيق جي موضوع تي لکڻ جي تمام گهڻي گهُرج آهي. تحقيق ڪندڙ لاءِ وقت، پئسو ۽ ان سان واڳيل ٻيون سهوليتون وڏو مسئلو هونديون آهن، جيڪو مسئلو تحقيق جي مقصد آڏو وڏيون مشڪلاتون پيداڪندو رهندو آهي. شايد انهن مشڪلاتن جي ڪري ئي تحقيق جا کوڙ سارا پاسا نِروار ٿيڻ کان محروم بڻيل آهن. بحرحال قديم دؤر ۾ انسانن جو پهريون اعتماد جادو، منتر ، ڏانئڻين، ڀوتن، پرين ۽ ٻين قدرتي منظرن ۾ هوندو هو يا ائين کڻي چئجي ،ته انسان جن شين ۽ ڳالهين جي گهيري ۾ هوندو هو، ان ۾ هن جو اعتماد ۽ اعتقاد هوندو هو. جيڪي پوءِ روايتن طور هلندا رهيا.
جڏهن انسان جي سوچ بيدار ٿي، ضرورتون وڌڻ لڳيون، تڏهن انهن قدرت جي قائم ڪيل حقيقتن، خيالن، ۽ راين کي معلوم ڪرڻ شروع ڪيو، ان کي پروڙيو ۽ پرکيو. ڪيترائي ناعقلي جا عقيدا هئا، جيڪي قومن جي آزمودن ۽ ڪوششن ۾ اُڀرندا رهيا هئا. اهو انهن انسانن جو تجرباتي علم هو، جيڪو هر شعبي ۾ وقت به وقت ترقي ڪندو رهيو. اڄ جو ترقي يافته دور به انهيءَ قديم دور جو سُڌريل نمونو آهي، جنهن ۾ انهن گذريل زندگين جو حصو آهي. جن وقت به وقت پنهنجي صلاحيتن، ۽ ڪوششن سان انهن ۾ حالتن ۽ گُهرجن جي لحاظ کان سڌارا، واڌارا ۽ تبديليون آنديون.ان سلسلي ۾ اندر جي جُستجو، ۽ جاکوڙ جي چاهنا ئي آهي،جيڪا مسئلي کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي رهندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هر شخص کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پوندي رهي ٿي. انهيءَ جدوجهد کي ئي تحقيق سڏيو وڃي ٿو. سائنسي اصول تحت ابتدائي سمجهاڻيءَ ۾ ڪنهن تحقيق بابت سندس قدرتي ترقيءَ جا سڀ مرحلا سمجهايا وڃن ٿا ۽ اهو ٻڌايو وڃي ٿو، ته تحقيق ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون حقيقتون اچي وڃن ٿيون. سائنسي تحقيق ۾ ڪنهن به شئي جي تحقيق ڪيل هڪجهڙائي ان وقت تائين سمجهائي ناهي سگهبي، جيسيتائين انهن جو تعلق ڪيترين ٻين شين سان ظاهر نه ڪيو وڃي. تحقيق طلب موضوعن تي ايسيتائين تحقيق ٿيندي رهندي، جيسيتائين ڪنهن آخري ثابتيءَ تي وڃي پُهچجي. جيسيتائين تحقيق ڪندڙ ڪنهن شئي جي مُشابهت معلوم ڪري نه سگهندو، ان وقت تائين ڪنهن به شئي جي سمجهاڻي، يا سبب، يا ڪا يقيني اصول رکندڙ ڳالهه سان مُشابهت ڳولي ڪڍي نه سگهندو. مُشابهت سمجهاڻي، ان جو پس منظر، ان جي تاريخ ۽ مُستند حوالا ئي مڪمل معلومات جا ذريعا هوندا آهن. اهوئي سائنسي تحقيق جو مقصد هوندو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ ئي محقق جي لاءِ حقيقي منزل جو رستو هموار ڪرڻ آهي.
تحقيقي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته، “ڪنهن مسئلي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي، ته حالتن کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي، نه ته ڪنهن مسئلي کي اڳتي سمجهي نه سگهبو”. مقصد ته جيسيتائين تحقيق ڪندڙ مسئلي جي اصلاحي مطلب کان واقف نه هوندو، تيسيتائين انهيءَ سان واسطو رکندڙ سوالن جي هن کي خبر نه پوندي، جن جا کيس جواب ڳولڻا هوندا آهن. قديم دؤر جي ڀيٽ ۾ موجوده دور ۾ تحقيق ڪندڙ لاءِ ڪيترائي تحقيقي هُنر وجود ۾ اچي چُڪا آهن. جنهنڪري انهن هنرن جي چونڊ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ وقت تحقيق ڪندڙ مونجهاري جو شڪار به ٿي ويندو آهي. ان لحاظ کان، تحقيق جي موضوع کي محققن فلاسافيڪل، سائنسي، تاريخي ، ۽ شُمارياتي انداز ۾ ورهايو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ سائنسي تحقيق جا اصول به ترقي ڪندا رهيا آهن ۽ انهن ۾ وقت به وقت ڦير به ايندو رهيو آهي. اهڙيون ڪي تبديليون دائمي رهيون، ته ڪي وري وقت گذرڻ سان نئين تحقيق جي ڪري ختم ٿي ويون، ڪنهن به تحقيق جا صحيح نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندڙ کي تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. تحقيق ڪندڙ جو صحيح نتيجو حاصل ڪرڻ، سندس قوتِ ارادي تي به منحصر هوندو آهي ته اهو تحقيق جي بهتر ۽ مستقل نتيجي ڪڍڻ لاءِ ڪيترو پڪو ۽ پُختو ارادو رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته تحقيق جي مڪمل ڪارروائي سلسليوار خيالن جي بنياد تي ٻڌل هوندي آهي.
مشڪور ڦلڪاري جي اندر ۾ اهڙن خيالن جا مضبوط بند ٻڌل آهن.مشڪور ڦلڪاري جو شُمار تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي آسمان جي اهڙن ستارن ۾ ٿئي ٿو، جن تمام مشڪل موضوعن يعني قديم تاريخ جون اُلجهيل ڳنڍيون سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪري، تحقيق وسيلي سنڌ وطن جي قديم تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو آهي. جيڪي گُمناميءَ جي چادر ۾ ويڙهجي، حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي تاريخ مان ميسارجي وڃن ٿا. مشڪور ڦلڪاري کي تحقيق ۽ تاريخ جي ٻوليءَ تي به عُبور آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سندس اُن فن جي ڪري سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا جهڙوڪ، عبدالواحدآريسر، موهن ڪلپنا، تاج جويو، حسين بخش ٿيٻو، گل حسن ڪلمتي، استاد لغاري، صوفي حضوربخش ۽ نور احمد جنجهيءَ وغيره سميت ڪيترائي نالا سندس رفاقت جي رسيءَ سان ٻڌل رهيا آهن. مشڪور جي نظر وڌيڪ گهري، حالتن ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخ جي وهڪري مطابق هوندي آهي. ان ڪري ئي ته ايوارڊ يافته لنڊن ڄائي، ايلائس البينيا جهڙي عورت سَياح به سندس مزاج کي شاعراڻو انداز رکندڙ سڏيو آهي. اهو انداز ئي علم جي اها منزل آهي، جيڪا تاريخ نويسيءَ جي فن کي تڪميل جو معراج ارپي ٿي. جنهن وسيلي محقق قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين قصن کان هٽي ڪري، اصل حقيقتن، سچ، صداقتن ۽ سببن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تيار ڪن ٿا. مشڪور ڦلڪارو به ان راهه جو پانڌيئڙو آهي. هن پنهنجي وَسَ ۽ وِت آهر اهڙيون خالي جڳهيون ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن تي تمام گهٽ يا نه هُئڻ جي برابر ڪنهن جي نظر پئي آهي.
مشڪور بخوبي ڄاڻي ٿو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافيءَ جي تابع هوندو آهي. اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي. مشڪور قديم تهذيب، سنڌ جي جاگرافي ۽ اقتصادي لاڳاپن سان هڪ جهڙائپ يا ويجهڙائپ ڳولهي لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهيو آهي. هو ماضيءَ ۾ به اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هڪ بهادر، جنگجو، پر امن پسند، شاهوڪار ثقافت ۽ تهذيب جي مالڪ رهي آهي. سندس ماضيءَ جي لکڻين ۾ اهڙي قسم جو تسلسل پڻ موجود رهيو آهي، جنهن لاءِ هو هميشه نه رڳو ڪتابن جي دنيا ۾ گُم هوندو آهي ، پر مشاهداتي سفرن ۾ جوڳين جيان هلندو رهيو آهي. پر اهڙي قسم جي معلومات جي ونڊ به ايمانداريءَ سان ڪندو رهيو آهي.مشڪور ڦلڪارو قومپرست، سوشلسٽ اديب، محقق، دانشور، شاعر، بهترين پارکو ، انسان دوست ۽ همدرد شخص هئڻ سان گڏوگڏ عاجزي ۽ نوڙت جو مُجسمو پڻ آهي.
مشڪور ڦلڪاري هن ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘۾ انتهائي اهم پاسن تي تحقيق ڪري ان تي وڌيڪ تحقيق جا گس کولي ڇڏيا آهن. هن هڪ اهڙو پٿر اُڇلايو آهي، جيڪو نئين تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي هلچل مچائي سگهي ٿو، جنهن ۾ ماضيءَ جي ڪيترن ئي رُخن کي نِروار ڪري دفن ٿيل تاريخ کي ٻيهر زندهه ڪيو اٿس. اها تاريخ جنهن تي لا علمي ۽ اونداهيءَ جا ڪيترائي ڪارا پردا چڙهيل آهن. اهي قديم نشانيون ۽ قديم انساني سرگرميون، جيڪي هن وقت جي نسل جي خواب ۽ خيال ۾ به ناهن. انساني ارتقا بابت بُنيادي سوال، پنڊ پهڻ ٿيل جيوت جا نشان، مختلف جانورن جا وڏي جسامت وارا ۽ تمام ڳرا پٿر، سَوَن جي تعداد ۾ وڻ، ٻوٽا ۽ انهن جا پنڊپهڻ، جبل تي انساني اوائلي قدمن جا نشان، ٻُڌ ڌرم جا واضح آثار، قديمي رستن تي پٿر جا زمين ۾ کُتل ڊگها ٿنڀا، غارن ۾ انساني ارتقائي آباديءَ جا نشان، ٺِڪَر جا ٿانَوَ، ٺِڪراٺو، چقمق جي پَٿر جا ٽُڪرا، اناج پيهڻ لاءِ مختلف نِنگهون، پٿر جا ڪُهاڙا ۽ ڪُهاڙيون ۽ ٻيا پٿر جا اوزار، پاڻي جي قديم وهڪرن جي ڪنارن تي انساني قدمن، کرن وارن ۽ چنبن وارن جانورن جي پيرن جا نشان، قلعي نُما جابلو کاهي، پٿر جي دور ۾ قديم ماڻهن جو ٺاهيل مضبوط قلعو، قديم اهرام نما آثار، صديون پراڻو قبائلي راڄوڻي نظام، اهم شخصيتن ۽ شاعرن جو ذڪر، آهي ۽ قديم تاريخ سان سلهاڙيل ڪيترائي پهلو ۽ عجيب موضوع، هن ڪتاب جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين مثال آهن. جن تي مشڪور ڦلڪاري پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ علمي بصيرت جي مُهر هڻي، ڪيترائي اڻ ڇُهيل بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن.
يقينن هي ڪتاب سنڌ جي تاريخي ماخذن ۾ پنهنجي هڪ مُنفرد حيثيت مڃرائيندو. هي ڪتاب هڪ اهڙو دستاويز ثابت ٿيندو، جنهن کي ڏاڪڻ بڻائي مستقبل جا مؤرخ ڪوهستان جي تاريخ جي بند پيل تاڪن کي کولي، قديم تهذيب جي مُنجهيل سُٽ کي سُلجهائيندا ۽ يقينن اُن سُٽ کي سُلجهائڻ وارو بُنيادي ڪردار مشڪور ڦلڪاري جو ئي هوندو. جيڪو هميشه تاريخ جي سچ کي سلام ڪرڻ لاءِ اڳڀرو رهيو آهي. اُميد ته هو ائين ئي مستقل مزاجيءَ سان سچ جو ساکي بڻيل رهندو. مونکي اها به قوي اُميد آهي، ته هي تاريخي دستاويز، تاريخ جي شاگردن لاءِ اُتساهه جي شاندار راهه صاف ڪندو، جنهن راهه تي هلندي تاريخ جا سمورا تڪرار حل ڪيا ويندا.
اعظم ڀٽي
پير محلا ٽنڊو محمد خان
03332807110
5 سيپٽمبر 2017ع