سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

 سنڌ جي ڪوهستان ۾ موجوده سماجي جوڙجڪ

سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل تاريخ جي مُطالعي مان اها خبر پوي ٿي، ته سنڌ ۾ هزارين سالن کان هڪ مضبوط سماجي ۽ حڪومتي نظام هو. هر ڳوٺ جو هڪ مُکي هوندو هو، انهيءَ مُکيءَ جي هڪ اوطاق هوندي هئي. جنهن ۾ پوري ڳوٺ جي ماڻهن جا مهمان اچي ترسندا هئا. ڳوٺاڻا به رات جو اُتي اچي گڏيل ڪچهريون ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت اها اوطاق انهيءَ ڳوٺ جي ماڻهن جي اتحاد کي قائم رکندي هئي. انهيءَ اوطاق تي روزانه ڏينهن جو ٿيل ڳوٺاڻن جي تڪرارن جا فيصلا به رات جو ٿيندا هئا. ٻئي ڏينهن تي انهن تڪراري ڌرين ۾ ٻيهر ميٺ مُحبت قائم رهندي هئي. اهڙيءَ ريت اها اوطاق سنڌي سماج جي بُنيادي ايڪي طور گڏيل سَرگرمين جو اُهڃاڻ بڻجي ويئي. اهڙيءَ ريت وري سَتَ ڳوٺ گڏجي پنهنجي سَتَ راڄي ٺاهيندا هئا. سڀني ڳوٺن جا مُکي ۽ ڳوٺاڻا گڏجي هڪ سَتَ راڄي جو پَٽيل چونڊيندا هئا، جيڪو پَٽيل هڪ بااخلاق، بي ريا، ۽ سچار هوندو هو. وري اهڙيون ڏهه سَتَ راڄيون گڏجي هڪ راڄُ جوڙينديون هيون، جنهن جو وري سڀ گڏجي هڪ راجا چونڊيندا هئا. اهو راجا به اُنهن سڀني سَت راڄين مان سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت چونڊيو ويندو هو. وري ائين ڏهه راڄَ گڏجي هڪ مهاراجا چونڊيندا هئا، جيڪو وري پوري سنڌ جو هڪ نهايت باصلاحيت حُڪمران هوندو هو.چيني سَياح ’هيون تسانگ‘ اهڙي شاهدي ڏيندي لکي ٿو ته؛”جڏهن آئون اروڙ پُهتس ته، ماڻهن کان بادشاهه جو ڏَسُ پُڇيم ته هوڪٿي ملندو؟ ماڻهن شهر جي هڪ چوسول جو ڏَسُ ڏنو، اُتي ڏٺم ته ماڻهو هڪ ٿَلهي تي ويٺا هئا، مون کي اُتي ڪو به بادشاهي ٺَٺُ ڏسڻ ۾ نه آيو. مون اُتي ويٺل ماڻهن کان بادشاهه جو ڏَسُ پڇيو ته، اُنهن ساڻن گڏ هڪ سادن عام ڪپڙن ۾ ٿَلهي تي ڪانڀَ ڪَڍي ويٺل ماڻهوءَ طرف اشارو ڪيو، ته آئون حيران ٿي ويس، ته ڇا بادشاهه هَهڙا به ٿيندا آهن ڇا. اهو شخص مون کي اوپرو ۽ ٻاهر جو ڏسي اُٿيو ۽ وڏي اُڪيرَ سان مليو، ڀَر ۾ ويهاريائين، ڪچهري ختم ٿيڻ بعد، جڏهن آئون ساڻس گڏ سندس شاهي قلعي ۽ تختگاهه تي آيس، ته مون کي پَڪَ ٿي ته واقعي هي سنڌ جو حاڪم راءِ سهاسي آهي.“ اهوئي سبب آهي، جو سنڌي سماج دنيا جي سماجن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امن پسند رهيو، پوري تاريخ ۾ ڪنهن به سنڌي حاڪم ڪنهن ٻئي مُلڪ تي حملو ڪري قبضو نه ڪيو، نه ئي تاريخ جي سَفاڪ حاڪمن جيان ڪي انساني سِسِين جا مينار ٺاهيا. انهيءَ سموري تاريخي سماج جي جَهلڪ وقت جي لاهن ۽ چاڙهن ۾ تيزيءَ سان ختم ٿي ويئي، پر ڪوهستان ۾ اهو قديم سماجي سرشتو زندهه آهي، ۽ اڃان تائين ساهه کڻي پيو.
هن وقت ڪوهستان جي وادين ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائش کي ڏسبو ته، سنڌ جي ڪوهستان جا سمورا قبيلا سنڌ جا سماٽ قبيلا آهن . وري ٻي خاص ڳالهه اها آهي ،ته اهي قبيلا وري گهڻو ڪري برفت قبيلي جي مختلف نُکن ، ۽ ذاتين جي صورت سان لاڳاپيل آهن . حقيقت ۾ ڪوهستان جا قبيلا اصل ۾ ذاتيون آهن . برفتن کانسواءِ ٻين قبيلن واريون ذاتيون سنڌ جي ڪوهستان ۾ جي آهن، ته به گهٽ آهن ، بلوچ قبيلا تمام گهٽ ۽ ڪن ٿورڙين جڳهين تي آهن ، ۽ وري انهن جا ڪوهستان ۾ ڌارڌار والاريل علائقا آهن . انهي ڪري ڪوهستان جي ماڻهن ۾ ڌار ڌار قبائلي ريتن ، رسمن ، لباسن ، روايتن ، ٻولين ، ۽ ٻين قبائلي ڳالهين جا ٽڪراءَ بلڪل ناهن ، جنهنڪري به ميٺ محبت مضبوطي سان قائم آهي . گهڻو ڪري هر ٻن جبلن جي وچ واري واديءَ ۾ هڪ الڳ قبيلو رهي ٿو. جنهن کي قبيلي جي بجاءِ ذات سمجهڻ صحيح ٿيندو . انهيءَ سموري واديءَ جا وسيلا انهيءَ قبيلي (ذات ) جي ماڻهن جي گڏيل ملڪيت آهن. پوري قبيلي( ذات ) جي راڄوڻي انتظام هلائڻ لاءِ انهن قبيلن ( ذاتين ) جا چڱا مڙس آهن. پورو قبيلو انهن چڱن مڙسن جي فيصلن جو احترام ڪري ٿو. قبيلن جا چڱا مڙس وري پنهنجي راڄ جي ماڻهن جي وڏي عزت ڪن ٿا. سندن سمورن ڏُکن، ۽ سُکن ۾ سندن پَرگهور لهن ٿا. آئي ويل سندن مدد ۽ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۽ پريشانين کي پنهنجي پريشاني سمجهي دور ڪن ٿا. ڪو به چڱو مڙس پنهنجي من ماني نه ٿو ڪري، اهوئي سبب آهي، جو ڪوهستاني قبيلن ۾ ميٺ، محبت ۽ ٻڌيءَ جو عنصر نهايت سَگهارو آهي. ڪوهستاني قبيلن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو ننڍو قبيلو به رهندڙ آهي ته، اهو به پاڻ تي وڏي قبيلي جا راڄوڻي قاعدا ۽ قانون لاڳو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ماڻهن جا ٽَڪراءَ نه هُئڻ جي برابر ٿين ٿا. اهڙيءَ ريت ڪوهستان جي هر هڪ واديءَ ۾ هڪ قبائلي ننڍڙي عوامي جمهوري حڪومت قائم آهي. اهڙو نظام سنڌ جي ڪوهستان جي سمورين وادين ۾ رهندڙ قبيلن ۾ لڳ ڀڳ هڪ جهڙو آهي. اُنهيءَ ڪري وري سنڌ جي ڪوهستاني قبيلن جي چڱن مڙسن جي وچ ۾ هڪ سَگهارو راڄوڻي اتحاد به قائم آهي. سمورا قبائلي چڱامڙس هڪٻئي جو احترام ۽ عزت ڪن ٿا. منجهن ڪي به ٽڪراءَ موجود ناهن. جنهن جو اَثر وري ڪوهستان جي قبيلن جي عام ماڻهن تي پوي ٿو. نتيجي ۾ پورو ڪوهستان هڪ گڏيل راڄوڻي جمهوري نظام جي رَسيءَ ۾ مضبوطيءَ سان ٻڌل آهي. ڪوهستان ۾ ڪنهن ڏاڍمڙسي، من ماني، ۽ پرائي مال کي تَڪڻَ جو ڪو به رُجحان موجود ناهي. انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ سماجي ڏوهن جو تصور ئي ناهي. ڪوهستاني قبيلن ۾ انتها درجي تائين قبيلي پرستي ( ذات پرستي ) آهي، انهيءَ ڪري قبيلي جو هر ماڻهو پنهنجي قبيلي ( ذات ) جي نَنگ ۽ ناموس جي ساکَ رکندڙ هوندو آهي. جنهن ڪري ڪو به ماڻهو ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، جيڪو ڪم سندس قبيلي يا ذات جي ناموسَ کي داغدار ڪري. انهيءَ سوچ سبب ئي ڪوهستان ۾ سمورا انساني اعليٰ قدر نهايت سَگهارا آهن. هزارين سالن جي اڳ واري. قديم سنڌ جي سماجي نظام جو هو بهو عڪس اڃان تائين ڪوهستان ۾ موجود آهي، جيڪو سنڌ جي قديم سماج جي عنصرن ۽ سماجي قدرن تي جامع تحقيق ڪرڻ لاءِ مورخن کي سڏي رهيو آهي.