ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقاجو ڇهون دور
عربن سنڌ ۾ هندو ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم وچ ۾ تضاد وڌايا. تضادن جو فائدو وٺندي، هو سنڌ تي قابض به ٿيا ۽ سنڌ کي خوب ڦُريو ۽ لُٽيو. سنڌ جي هزارين ماڻهن کي غلام بڻائي بازارن ۾ وِڪرو ڪيو. ايترا سنڌي ماڻهو مارڪيٽن ۾ وِڪيا ويا، جو انساني غلامن جي وِڪري جو اَگههُ ڪِري پيو. عرب تاريخدان جاحظ انهيءَ جي شاهدي ڏيندي پنهنجي ڪتاب ’الحيوان‘ ۾ لکي ٿو ته؛“محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد تمام گهڻي ۾ گهڻا سنڌي مرد ۽ عورتون غلام ڪري عراق، شام ۽ حجاز جي شهرن جي واپاري بازارن ۾ وڪري لاءِ آندا ويا هئا.“عربن جي سنڌ تي قبضي بعد ڪيل ظلمن جو داستان ايترو دردناڪ آهي، جو اُنهيءَ تي ڪَئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا.سڀني عرب مورخن پنهنجي ڪتابن ۾ انهن جا تفصيل ڏنا آهن.
عربن جي سنڌ تي قبضي بعد سنڌ مان ڪيل ڦُرلُٽ جي مال تي اُنهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو. جنهن جا تفصيل به ڊگها آهن، ته ڪيئن وليد بن عبدالملڪ جي لشڪرن جي مهندارن کي سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ اقتدار سنڀالڻ بعد بي رحمانه انداز ۾ قتل ڪرايو. جنهن سلسلي ۾ محمد بن قاسم کي به دردناڪ عذاب ڏيئي ماريو ويو. پوءِ خود عربن جي وچ ۾ هڪ وڏي ڊگهي ڇڪتاڻ هلي، جنهن جي ذڪر سان عرب جون تاريخون ڀَريون پيون آهن. راجا ڏاهر جي بهادر پُٽ جئسينه عربن خلاف گوريلا جنگيون شروع ڪيون.راجا ڏاهر جي ميدان جنگ ۾ سنڌ تان قربان ٿيڻ بعد عرب جڏهن سنڌ تي قابض ٿيا، ته انهن پنهنجي سنڌي اتحادين جيڪي ٻُڌڌرم جا پوئلڳ هئا، انهن سان به سڀ ڪيل معاهدا ٽوڙي زيادتيون ڪرڻ شروع ڪيون، نتيجي ۾ ٻُڌڌرم جا ڪافي پوئلڳ ڪوهستان جي علائقن ڏانهن ڌِڪجي ويا. عربن جي بيوفائي سندن دل ۾ وطن سان غداريءَ جو پَڇتاءُ پيدا ڪيو. جئسينه جڏهن عربن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون، ته اُنهن ۾ ڪوهستان جي ماڻهن ساڻس ساٿ ڏنو. جئسينه جهمپير لڳ هيم ڪوٽ،۽ لوڻي ڪوٽ ويجهو اُکري ڪس ۽ تونگ کان اُتر طرف ٽڪي بارڻ جي ويجهو، سيوهڻ واري قديم رستي جي ڀرسان هڪ هنڌ تي گوريلا ڪئمپون قائم ڪري،عربن خلاف ڪارروايون ڪيون. اها ٽڪي بارڻ واري ڪئمپ اڃان تائين ’جئسيراءِ جو تڙ‘نالي سان سڏجي ٿي، جتي هڪ پاڻيءَ جو تانگهو کوهه به موجود آهي. مٿي هڪ ٽَڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪئمپ جا آثار به موجود آهن، جنهن مان لڳي ٿو، ته هي ڪئمپ ڪافي عرصو عربن خلاف مزاحمت ڪندڙ سنڌين جو مرڪز رهي. هتان ڪئمپ کان تونگ، ’لوڻي ڪوٽ‘ واري جئسينه جي حامي ماڻهن جي مرڪز ’اکري ڪس‘، ۽ جهمپير لڳ قلعي ’هيم ڪوٽ‘ ڏانهن به اڙانگا ۽ خُفيه رستا ويندا هئا. انهيءَ مان هن ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان ۾ موجود ’جيسيراءِ جي تڙ‘ واري گوريلا ڪئمپ،جئسينه جي ڪوهستان ۾ عربن خلاف سمورين ڪاررواين جو مرڪز به رهي هئي. هن ڪيمپ سبب عربن جا ڪوهستان مان پير پٽجي ويا . هي گوريلا ڪيمپ عربن جي واهي پانڌي کان اولهه طرف کيرٿر جي ڪڇ ۾ موجود قلعي جنهن کي هن وقت ڪوهستان جا ماڻهو“ ڪاروڪوٽ ”جي نالي سان سڏين ٿا تي قبضي بعد قائم ڪيل ٿي ڏسجي .هن ئي ڪيمپ تان ڪاروايون ڪري عرب ڪارندن کي ڪارو ڪوٽ تي پير کُپڻ نه ڏنا ويا . هي ڪئمپ ايترو ّخفيه هئي، جو عربن کي انهيءَ ڪئمپ جي پڇاڙيءَ تائين خبر نه پئجي سگهي، نه ته چچنامي يا ٻين تاريخن ۾ انهيءَ جو ذڪر ضرور موجود هجي ها. جنهن ڳالهه مان اها شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان جي ماڻهن جئسينه سان نه صرف گڏجي جنگ وڙهي، پر جئسينه کي مضبوط پناهه گاهه به ڏني. بهادر جئسينه عرب فوجي ڪئمپن تي راتاها هڻندي، 107 هجري مطابق 725ع ۾ سنڌوطن جي حفاظت ڪندي، پنهنجي ڀاءُ ۽ ساٿين سميت پنهنجو آخري ساهه ڏنو. ياد رهي ته جئسينه جي تيرهن سالن جي گوريلا جنگ ۾ عربن جا ٻه سئو کان مٿي مخبر، جنرل ۽ نواب قتل ٿيا. جئسينه جي قربان ٿيڻ بعد عربن سمجهيو، ته هاڻي سنڌ تي مڪمل قابض ٿي ويندا، پر ائين نه ٿيو. جئسينه کان پوءِ وري سنڌي قبيلا سومرا، سما، جت، سهتا، لاکا، ٺڪر، پنهور، شورا، جوکيا، چنا، ملاح ۽ٻيون ذاتيون عربن خلاف ميدان جنگ ۾ ڌار ڌار ٽولا ٺاهي وڙهنديون ۽ راتاها هڻنديون رهيون. انهيءَ ڳالهه جو اهو ثبوت آهي، ته عرب سنڌ جي ڪنهن به مفتوح شهر ۾ رهي نه سگهيا. هو سنڌ ۾ کاهيون کوٽي 111 هجري تائين رهندا آيا. عربن جي گورنر حڪم بن عوام ڪلبي، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني کي مُنهن ڏيڻ لاءِ محمد بن قاسم جي پٽ عمرو بن محمد سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. هو سنڌ ۾ 111 هجريءَ ۾ پهتا. سنڌ جي شهرن کي غير محفوظ سمجهي مسلسل کاهين ۾ رهڻ واري حالت کان تنگ ٿي، هنن صرف عربن جي رهڻ لاءِ هڪ شهر نما فوجي ڇانوڻي،’محفوظه‘نالي سنڌونديءَ جي ڇوڙ کان اُڀرندي طرف تعمير ڪرائي. ڪافي عرصو کين سنڌي بهادر قبيلن جو مقابلو ڪرڻو پيو. آخرڪار عرب ٿڪجي ’محفوظه‘ ۾ امن سان رهڻ لڳا، هنن تنگ ٿي سنڌين سان ڇيڙ ڇاڙ بند ڪري ڇڏي، ته موٽ ۾ سنڌين طرفان ٿيندڙ ڪارروايون به بند ٿي ويون. عرب ايترو مجبور ٿيا، جو هنن سنڌي لباس پائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجيون سَنوارتون به سنڌين جهڙيون ٺهرايون. بلڪل امن پسند ٿي ويا، ته سنڌين به مٿن حملا ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا،پوءِ هو محفوظه کان ٻاهر به امن پسند ٿي نڪرڻ جهڙا ٿيا. ان بعد هنن سنڌو نديءَ جي اُلهندي ڪپ تي هڪ پاڻيءَ ۾ گهيريل ٻيٽ تي 125 هجريءَ ۾ ’منصوره‘ نالي ٻيو ننڍو فوجي قلعو ۽ شهر اَڏايو. جنهن بابت تاريخ جا مورخ وري اها ڳالهه ٺاهين ٿا، ته عربن سنڌ جي بغاوت کي بلڪل ختم ڪري، پوءِ انهيءَ خوشيءَ ۾ منصوره جو شهر تعمير ڪرايو. جيڪا ڳالهه اصل حقيقت کان گهڻو پري آهي. اصل ۾ عربن جي مرڪزي حڪومت خانه جنگين ۽ حڪمرانن جي عياش پرستين سبب بلڪل ڪمزور ٿي چُڪي هئي. سنڌ ۾ عربن خلاف هلندڙ مزاحمت سبب عربن جي عسڪري قوت گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا، نتيجي ۾ هتي جي مقرر عرب حاڪمن ڪمزوريءَ سبب ڪنڌ هيٺ ڪري پئي وقت گذاريو. اهڙيءَ حالت ۾ ڇيڙڇاڙ نه ڪرڻ ڪري، سنڌين جون عربن خلاف ڪارروايون به تمام گهڻو گهٽجي ويون هيون، جن حالتن ۾ هنن منصوره جو شهر اَڏايو هو. 125 هجري ۾ منصوره جي تعمير وقت عربن جي مرڪزي حڪومت آخري پساهن ۾ هئي ، ڇو ته عربن جي حاڪم هشام بن عبدالمالڪ ساڳئي سال ۾ وفات ڪئي. ان بعد وليد بن يزيد بن عبدالملڪ حڪومت سنڀالي، هي عرب حڪمران پنهنجي پيءَ يزيد بن عبدالملڪ کان به اڳتي نڪري ويو. هن بابت تاريخ ’جنت السنڌ‘ ۾ لکيل آهي، ته؛ ”هي عياش سان گڏ شرابي ته هو، پر هن شراب جو هڪ حوض به ٺهرايو، جنهن ۾ وهنجندو هو.“اهوئي سبب هو جو هي بدڪردار ۽ عياش عرب حاڪم بنو اميه جو آخري حاڪم ثابت ٿيو. جنهن کان پوءِ وري بنو عباسيه وارن جو حڪومتي دور شروع ٿيو. ان بعد سنڌ ۾ حڪومتي مرڪز جي نه هئڻ سبب سنڌ جون قبائلي قوتون ميدان ۾ آيون ۽ سنڌ ورهائجي ويئي، جڏهن ته ڪوهستان ۾ اڳ ئي قبائلي نظام موجود هو.
عربن جي بيوفائيءَ سبب سڀ ٻُڌ ڌرم جا پيروڪار ڪوهستاني علائقن ۾ ڌڪجي ويا هئا. ٻئي طرف عربن خلاف مزاحمت ڪندڙ سنڌي قوتون به جئسينه کان پوءِ ڪوهستان جي ماڻهن سان رابطي ۾ نه رهيون، جيئن ته عربن ۽ راجا ڏاهر جي جنگ دوران ٻُڌڌرم جي اڪثريتي ماڻهن عربن جو ساٿ ڏنو هو. نتيجي ۾ هڪ طرف هو هندو ڌرم وارن جو اعتماد وڃائي ويٺا، ته ٻئي طرف عربن به ساڻن بيوفائي ڪئي. نتيجي ۾ ڪوهستان ۾ رهندڙ قبيلا جئسينه کان پوءِ بلڪل اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ويا. انهيءَ ڪري ڪوهستاني ماڻهن ۾ حڪومتي ۽ سياسي رُجحان گهٽجي ويو. ڪوهستاني ماڻهن ۾ قبائلي مفاد پيدا ٿيا، پر هڪ ڳالهه ڪوهستاني ماڻهن ۾ وڌيڪ سگهه ورتي، جو هنن جي وچ ۾ قبائلي ٽڪراءَ نه ٿيا. جنهن سبب ڪوهستان ۾ ميٺ محبت وارو عنصر بچي ويو، انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ بدامني جي بيماري پيدا نه ٿي.. عربن جي نالي ماتر حڪومت جو دائرو صرف منصوره شهر تائين رهيو.ڪوهستاني ماڻهن کي عربن جي بيوفائيءَ سان صدمو پهتو. هنن وري پنهنجي قبائلي علائقن کي عرب حڪمرانن لاءِ علائقه غير بڻائي ڇڏيو. هو عرب فوجن کي ڪوهستاني علائقن مان گُذرندي نقصان پهچائيندا رهيا. نتيجي ۾ عربن جا گورنر صرف ’منصوره‘ ۽ ’محفوظه‘ تائين قيد رهجي ويا، جتي مجبوريءَ جي حالت ۾ هو ڊپ سبب پنهنجن شهرن محفوظه ۽ منصوره کان ٻاهر نڪري نه سگهندا هئا؛ پر عام عرب واپارين سان سنڌين جو رَوَيو دوستانا رهيو. اهڙي شاهدي ڏيندي، علي بن حسين المسعوديءَ پنهنجي ڪتاب ’التنبيه الاشراف‘ ۾ لکي ٿو ته، ”هن وقت به سنڌ جي اولاهين سرحد جي نگراني ميدن ۽ ٻين جابلو قبيلن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي هر وقت سنڌ جي حفاظت لاءِ تيار ويٺل آهن. ڪنهن به عرب فوج جي قافلي کي هر وقت ميدن ۽ ٻين جابلو قبيلن جي اوچتي حملي جو خطرو رهي ٿو. پر اهي ساڳيا ميد ۽ ٻيا جابلو قبيلا عرب واپارين، ايرانين ۽ ٻين قومن جي قافلن لاءِ ڏاڍا مهربان هوندا آهن. ڪوهستاني ماڻهو حد درجي جا سخي مهمان نواز به آهن. حڪمران عربن کي هو غاصب ۽ ڦوروسمجهن ٿا. عرب حڪمرانن سان وڙهڻ ڄڻ سندن فرض ۾ شامل آهي. صرف ميد ۽ جابلو قبيلا نه پر سڀ سنڌي ذاتيون عرب حڪمرانن جي خلاف آهن.“مسعودي وڌيڪ لکي ٿو ته، ”سنڌ جي سموري سفر ۾ سنڌين جو مون سان ۽ منهنجي ساٿين سان رَوَيو مُهذب ۽ دوستانه هو، جڏهن ته هنن کي اها به خبر هئي ته اسين به عرب آهيون. پر کين اهو يقين هو، ته اسين سنڌ ۽ سنڌين جا دشمن نه آهيون.“ انهيءَ مان اهو ثابت ٿيو، ته سنڌين جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَجو بُنياد پنهنجي مادر وطن سنڌ جو مفاد آهي. سنڌي پنهنجي وطن سان بيحد محبت ڪن ٿا. هتي هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي، ته علي بن حسين مسعودي، اهل تشيعت جو هو، هو عرب حڪمرانن جي خلاف هو. ڪوهستان يا سنڌ ۾ اهي ڳالهيون هلندڙ آهن، ته حضرت علي عليه السلام سنڌ ۾ آيو هو، ۽ مختلف جاين ۽ چشمن کي حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪيو ويندو آهي، جيڪا ڳالهه تاريخي حقيقتن موجب دُرست ناهي. شايد گُمان غالب آهي، ته مشهور مورخ علي بن حسين مسعوديءَ جي سنڌ ۾ اچڻ تي ئي اهي ڳالهيون اڳتي هلي، حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪيون ويون، باقي علي بن حسين مسعودي سنڌ ۾ آيو ۽ رهيو به هو. هن پنهنجي ڪتابن ۾ سنڌين جي محبت ۽ انسانيت جي وڏي ساراهه ڪئي آهي. مسعوديءَ جي لکڻين ۾ سنڌ سان بي انتها پيار ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو. هر جاءِ تي سنڌين جي وڏائي ۽ خلوص جو ذڪر ڪري ٿو. انهيءَ مان انهيءَ ڳالهه جي پڻ شاهدي ملي ٿي ته، مسعوديءَ کي سنڌي ماڻهن طرفان بيحد پيار مليو هوندو؛ ڇو ته سنڌي ماڻهو تاريخي طور محبتن جا امين رهيا آهن. حڪمران عربن جي ٽولي به جڏهن سنڌين سان هٿ چُراند بند ڪئي ته، سنڌين به موٽ ۾ ساڻن ويڙهه بند ڪري ڇڏي. هو آرام سان پنهنجا شهر محفوظه ۽ منصوره تعمير ڪرائي سگهيا. مسعودي ته سنڌ جو گهڻگهرو، همدرد ۽ دوست هو، جنهن محبت جو اظهار هن جي لکڻين ۾ شاهديءَ طور موجود آهي.
عربن جي منصوره تائين محدود ٿيڻ بعد سنڌ ۾ الڳ الڳ قبيلائي حڪومتي راڄ قائم ٿيا، جن مان سومرا قبيلي جي حڪومتي راڄ جو دائرو وڌيڪ هو. پر سومرن جي دور ۾ به ڪوهستان ۾ سندن اثر نه هو. حالانڪ عربن طرفان پکيڙيل مذهبي تضاد جو نتيجو پوري سنڌي قوم غلاميءَ جي صورت ۾ ڏسي چڪي هئي. هاڻي ته ڪوهستان جي ماڻهن وٽ اهو ٻُڌڌرم جو مذهبي جذبو به نه رهيو، جنهن جذبي تحت هو راجا ڏاهر کان حڪومتي برابريءَ جو حق حاصل ڪرڻ بعد به مطمئن نه هئا. هڪ طرف هو راجا ڏاهر جي وطن دوستيءَ جو فائدو وٺندي مراعاتون به وٺندا رهيا هئا، ته ٻئي طرف هو عربن طرفان ڏنل لالچن تي پوري سنڌ تي حڪمراني جا خواب ڏسندي ، عربن جي اندروني طور مدد به ڪندا رهيا هئا ، ۽ لالچ ۾ اچي عربن جو ساٿ ڏيئي، سنڌ جي غلاميءَ جو سبب بنيا. جنهن جو پڇتاءُ سندن دل ۾ پيدا ٿيو، جنهن سبب هو ٻُڌ ڌرم تان به هٿ کڻي ويا، پر وقت گُذري چڪو هو. نتيجي طور پورا پنج سئو سال ڪوهستاني سنڌي ، سنڌ جي ڊيلٽائي سنڌين کان ڪٽيل رهيا. ان بعد مٿن اعتماد بحال ٿيو ۽ هو سنڌ جي قومي ڌارا ۾ وڃي شامل ٿيا. سمن جي دور ۾ ڪوهستان جي ماڻهن جي حڪومتي معاملن ۾ شرڪت ٿي. جيئن ته ڄام نظام الدين جي دور ۾ شهيد مخدوم بلاول جو ڪوهستاني ماڻهن سان گهرو لاڳاپو هو، ڇاڪاڻ ته شهيد مخدوم بلاول خود ڪوهستاني هو. سندس والد ڄام حسن سمون لسٻيلي جو گورنر هو. ٻئي طرف دولهه درياءَ خان جا ڪجهه لاڳاپا ڪوهستان ۾ اڳي ئي موجود هئا. اهوئي سبب هو جو دولهه درياءَ خان ڪوهستاني ماڻهن جي مدد سان افغانستان کان ٿيندڙ حملا بهادريءَ سان روڪيندو رهيو. دولهه درياءَ خان، مرزا شاهه بيگ ارغون جي ڀاءَ محمود ارغون جي سنڌ تي حملي کي نه صرف روڪيو، پر ڪوهستاني قبيلن جي مدد سان ارغونن کي عبرتناڪ شڪست ڏني، جنهن ۾ مرزا محمود ارغون مارجي ويو. نتيجي ۾ ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ وري ڪنهن به افغانيءَ سنڌ تي حملي ڪرڻ جي جُرئت نه ڪئي.ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي پوري اڌ صديءَ جي حڪمرانيءَ دوران ڪو به افغانستان کان ٿيندڙ حملو ڪامياب نه ٿيو. دولهه درياءَ خان پنهنجي ڏاهپ ۽ ڪوهستاني قبيلن جي ساٿ سان مقابلا ڪندو فتحياب ٿيندو رهيو.دولهه درياءَ خان ۽ شاهه حيدر سنائي شهيد مخدوم بلاول جا عقيدتمند هئا. انهيءَ زماني ۾ سيد حيدر شاهه جو ڏاڏو سخي ابراهيم شاهه مدفن خاڻوٺ، وري ڄام نظام الدين جي خاص ويجهن ماڻهن مان هو. اهوئي سبب هو، جو دولهه درياءَ خان پنهنجي ذاتي رهائش به ڪوهستان جي ڀَر ۾ خاصائيءَ ۾ قائم ڪئي، جتي هن جي قُبن واري عاليشان اوطاق هئي، جيڪا ائين کڻي چئجي، ته سنڌ جي حڪومت جي فوجي طاقت جو مرڪز هئي. هن اوطاق تي ويهي، هڪ طرف دريائي واپار تي نظر رکي ويندي هئي. گڏو گڏ سنڌ جي سامونڊي بندرگاهن سان رابطو قائم ڪري، ٻين ملڪن جي طرفان سمنڊ ۾ ٿيندڙ بحري چُرپُر تي سامونڊي وڻجارن معرفت چوڪسي به رکي ويندي هئي. ته ٻئي طرف وري ڪوهستان جي رستي دشمنن جي حملن کي روڪڻ جي رٿابندي به ڪئي ويندي هئي. مطلب ته هي اوطاق سنڌ جي دفاعي سرگرمين جو اهم مرڪز رهي، جنهن جا آثار ڊَٺل حالت ۾ اڄ به موجود آهن. افسو س آهي، جو سنڌ جي هن عظيم جنرل جي تاريخي اوطاق جي آثارن جي به ڪنهن پَرگهور نه لڌي، ۽ اها هينئر بلڪل ڊهي ڍير ٿي چڪي آهي. انهيءَ تاريخي اوطاق تي ڪوهستان جي ماڻهن جا ميڙاڪا رهيا، هتان ئي تياريون ڪري افغانستان جي ارغونن جي حملن کي روڪيو ويو. هن ئي اوطاق تي ڄام نظام الدين جون ڪوهستاني ماڻهن سان ڪچهريون ٿيون، ڄام نظام الدين ڪوهستاني سردارن جي دعوتن تي ويو. ارغونن سان ٿيل جنگين ۾ ڪوهستاني ماڻهن دولهه درياءَ خان سان وِک وک تي ساٿ ڏيئي، پنهنجي حُب الوطنيءَ جا ڪَئين داستان پنهنجي غيرتمند رت سان لکيا. ڪوهستان جي ماڻهن وفا جو ثبوت ڏيندي، دولهه درياءَ خان جي شهادت کانپوءِ به ڪوهستان کي ارغونن لاءِ علائقه غير رکيو. شهيد مخدوم بلاول جي تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو، ۽ ٽلٽيءَ جي ميدان تي پنهنجي سِرن جا نذرانا ڏنا. شهيد مخدوم بلاول جي شهادت بعد هنن ارغونن سان سندن پوري دور ۾ ويڙهاند جاري رکي. نشانيءَ طور لڪيءَ ۽ ڪانڀو جبلن جي وچ ۾ ٿاڻي عارب خان جي علائقي ۾ پير مهري باريجي جي قبرستان ۾ ارغونن سان وڙهندي سنڌ تان قربان ٿيندڙ ڪجهه باريجا قبيلي جي شهيدن جون قبرون به موجود آهن . ارغونن جون ننڊون حرام ڪندڙ شهيد قاسم باريجو به گُمان آهي، ته شايد هتي دفن ٿيل هجي. هن قبرستان ۾ ڪنهن به قبر تي ڪو قُبو يا شاندار پَٿر جي ڇَٽڙي اَڏيل ناهي. جيڪا ڳالهه هنن شهيدن جي بلاولي تحريڪ جي پوئلڳ هئڻ جو ثبوت آهي، ڇاڪاڻ ته بلاولي تحريڪ جي ڪنهن به بُزرگ تي ڪو قبو اَڏيل ناهي. خود مخدوم بلاول تي به هينئر تازو قُبو جوڙايو ويو آهي، نه ته ويجهڙائيءَ واري دور تائين خود شهيد مخدوم بلاول تي اَڏيل هڪ چوڪنڊي موجود هئي. مخدوم بلاول جي بهادر ساٿي سيد حيدر شاهه سنائيءَ کان ويندي، سائين جي ايم سيد تائين ڪنهن جي مزار تي قُبو اَڏيل ناهي.
سمن کانپوءِ ويندي ڪلهوڙن جي دور تائين ڪوهستان جي ماڻهن وطن جي ويرين سان ڪَئين مُهاڏا اَٽڪايا. انهن مُهاڏن سبب ئي ارغونن يا مغلن جي فوج ڪوهستان مان نه گُذرندي هئي. انهيءَ جو ٻيو وڏو ثبوت اهو به آهي، ته همايون کي به ايران ڏانهن ويندي ڪوهستان مان گُذرڻ وقت ڪو عوامي ساٿ نه مليو. صرف ڪوهستان ۾ ٻاهران کان ايندڙ جلاوطن ٿيل بلوچ قبيلي جي سردار چاڪر اعظم ڪنهن جاگير ۽ مُستقل رهائشي علائقي ملڻ جي آسري ۾ پنهنجي قبيلي جي ڪجهه ماڻهن سان سندس ساٿ ڏنو. باقي ڪوهستان جي اصل رهاڪن مان سندس ڪو به مددگار نه ٿيو هو. وري مغل باغي شهزادي دارا شڪوه به ڪوهستان کي دهليءَ جي دربار کان محفوظ سمجهندي، ڪجهه ڏينهن ڪوهستان ۾ گذاريا. ڪوهستانين پنهنجي انسان دوستيءَ جو مثال قائم ڪندي، هن پناهه وٺندڙ صوفي منش مجبور باغي شهزادي دارا شڪوه ۽ انجي ساٿين کي نه ايذايو.
ڪلهوڙا جيئن ته ڪوهستانين جي ساٿ سان حڪومت ۾ آيا هئا . خاص ڪري ڪوهستان جي کوسن سندن ساٿ ڏنو، پر ڪلهوڙن دهليءَ جي درٻار ۽ مغلن جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳرا خراج وصول ڪري عوام کي نِپوڙڻ شروع ڪيو. ايتري قدر جو هو ڪوهستاني ماڻهن جي ٽڪرائن ۽ حملن وقت ٺٽي جي مغل نوابن سان هر دفعي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺل هوندا هئا، جن نوابن سان ڪوهستاني قبيلن جو ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه هو. انهيءَ ڪري ڪلهوڙن جي انهن حڪومتي پاليسين سبب ڪوهستان جا ماڻهو ساڻن جلد ئي لاتعلق ٿي ويا. انهيءَ ڳالهه جا به ٽي تاريخي ثبوت موجود آهن. هڪ ثبوت اهو آهي ته سِسِين جا مينار ٺاهيندڙ سَفاڪ رهزن نادر شاهه افشار ڪلهوڙن کان زبردستي ڏن وٺڻ بعد واپس ايران ويندي، قلندر جي درگاهه سان عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو، ڇو ته ڪوهستان جي قبيلن جي قلندر شهباز سان اڃان تائين به والهانه عقيدت موجود آهي. ڪوهستاني ماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ هن قلندر جي درگاهه تي اچڻ جو ڊرامو ڪيو هو، ڇوته ڪوهستان مان کيس گُذري ايران وڃڻو هو. نادر شاهه جهڙو خوني ۽ بي رحم انسان به خاموشيءَ سان بغير ڪنهن ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي تيزيءَ سان ڪوهستان مان گذريو. نه هن ڪنهن سان ڦِٽايو، ۽ نه ئي ڪوهستان جي ماڻهن ساڻس ڪا جنگ ڪئي. اهو ڪلهوڙا حڪومت سان ڪوهستانين جي لاتعلقيءَ جو اظهار هو. جي ڪلهوڙن جي حڪومت سان ڪوهستاني قبيلن جو ڪو تعلق هجي ها، ته شايد نادر شاهه ائين سلامتيءَ سان بغير ڪنهن نقصان کائڻ جي ڪوهستان مان نه گُذري سگهي ها. انهيءَ جو ٻيو ثبوت اهو آهي ته ڪلهوڙن جي خانه جنگيءَ وقت ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي سَڏ تي آيل مددخان پٺاڻ جو لشڪر به ڪوهستان مان نه گُذري سگهيو. جي ڪوهستان جا ماڻهو ڪلهوڙن جا همدرد هجن ها، ته سندن ونگار تي آيل مددخان پٺاڻ به ڪوهستان مان گُذري اچي ها. ڪلهوڙن سان ڪوهستان جي قبيلن جي لا تعلقيءَ جو ٽيون ثبوت اهو آهي، ته ڪلهوڙا رنيڪوٽ جهڙي محفوظ پناهگاهه ڇڏي دربدر ٿيندا، نادر شاهه جي ڪاهه وقت عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لِڪا هئا. ياخداآباد مان نِڪرڻ کانپوءِ، هو مختلف جاين تي لڏپلاڻ ڪرڻ، ۽ دربدر ٿيڻ بعد حيدرآباد ۾ قلعو جوڙائي تخت گاهه نه بنائين ها. جي ڪوهستاني ماڻهن جو ساڻن ساٿ هجي ها، ته رنيڪوٽ ڪلهوڙن جو مضبوط تخت گاهه ٿي سگهيو ٿي.
ميرن جي دور ۾ به ڪوهستان جا ماڻهو ميراڻي بلوچ حڪومت کان پاسيرا رهيا. ميرن جو باصلاحيت وزير اعظم نواب ولي محمدخان لغاري ڪجهه عرصو رني ڪوٽ ۾ اچي رهيو، هن ميري ڪوٽ ٺهرائي رنيڪوٽ کي تختگاهه بنائڻ جو سوچيو به هو، هن رني ڪوٽ جي مرمت جي ڪوشش به ڪئي. پر ٽالپر حڪمرانن جي عدم دلچسپي ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي لاتعلقيءَ سبب هو ائين نه ڪري سگهيو. ميرن جي حڪومت کان ڪوهستان جي قبيلن جي لاتعلقيءَ جو ٻيو ثبوت اهو آهي، ته دٻي ۽ مياڻيءَ جي جنگ ۾ ڪو به ڪوهستاني قبيلو يا جَٿو شامل نه هو. انهيءَ ڳالهه جو ٽيون ثبوت اهو آهي، ته دٻي جي جنگ ۾ هارائڻ کانپوءِ مير شير محمد خان ٽالپر، پهرين ڪوهستان ڏانهن وڃڻ جو سوچيو هو. پر پوءِ شايد هن ڪوهستان جي ماڻهن جي ساٿ ڏيڻ، يا نه ڏيڻ واري غير يقيني صورتحال سبب لاهور وڃي، راجا رنجيت سنگهه وٽ سياسي پناهه ورتي. مير شيرمحمد خان ٽالپر جي حامي فوج ڪيترو عرصو اَڇڙي ٿَر جهڙي ريگستان ۾ دربدر ٿيندي ڀَٽڪندي رهي. ٻي حالت ۾ مير شيرمحمدخان ٽالپر جيڪڏهن ڪوهستان وڃي انگريزن خلاف جنگي تياري ڪري ها،ته کيس دربدري نصيب نه ٿئي ها. هو ڪوهستان مان ويهي، انگريز فوج جو سٺي نموني مقابلو ڪري سگهيو ٿي. ائين ڪرڻ سان سنڌ جي ڦُريل آزادي واپس ملي سگهي ٿي. پر افسوس ٽالپرحڪمران پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪوهستان جي ماڻهن جي دلين ۾ ڪا مُحبت پيدا ڪري نه سگهيا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن جو ڪوهستان کان لاتعلق رهڻ سنڌ جي تاريخ جو اهم سانحو آهي.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ به ڪوهستان هڪ لاتعلق ۽ وِساريل علائقو رهيو. هتي جي دور دراز اڙانگن رستن کي لتاڙي، هتي پهچي عوام جا ڏُک سور گهٽائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ سندن ترجيح ۾ نه هو. پنهنجي واپاري مفاد پرست حڪمرانيءَ جي شوق سبب انگريزن جو به ڪو توجهه ڪوهستان تي نه رهيو. پوري دور حڪومت ۾ سندن ڪا خاص دلچسپي ڪوهستاني علائقن سان نه رهي.جنهن سبب ڪوهستان سمورين سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان لاتعلق رهندو آيو. چالاڪ انگريزن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ ڪوهستان مان گذرندڙ رستن کي محفوظ بنائڻ لاءِ، ڪجهه ڪوهستاني سردارن سان ميل ميلاپ رکيو ۽ دوستيءَ جي نالي ۾ پنهنجا واپاري مُفاد حاصل ڪندا رهيا. وڌيڪ ڪوهستان ۾ سماجي ترقيءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. جيڪو حڪومتي رَوَيو انگريزن جي وڃڻ بعد اڃان تائين ساڳيو رهندو اچي. ڪوهستان سمن جي دور حڪومت کان پوءِ لاڳيتو اڃان تائين هڪ وِساريل علائقو آهي، جتي اڄ به ڪوهستان جو قبائلي راڄوڻي نظام موجود آهي.
ڪوهستان جي انهيءَ مختصر تاريخي سياسي پسمنظر کان پوءِ، اچو ته ڪوهستان جي سماج جي روح ۾ لهون، ته هنن ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ وري پاڻ کي واپس موٽ کائڻي پوندي.
جيئن ته پاڻ اڳ۾ ئي ذڪر ڪري چڪا آهيون، ته عربن جي قبضي بعد ڪوهستان ڊيلٽائي ماڻهن کان سماجي طور جهڙوڪ ڪٽجي ويو. انهيءَ ڪري سموري تاريخي اُٿل پُٿل ۾ ڪوهستان سماجي طور ڪٽجڻ سبب ارتقائي طور جمود جو شڪار رهيو. ڪوهستان جي قبيلن جا ڊيلٽائي علائقن سان صرف عارضي طور ڏُڪاريل حالتن ۾ ڪجهه اچ وڃ جا نه هئڻ جي برابر تعلقات رهيا. انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ قبائلي راڄوڻي نظام قائم رهيو، ۽ اڃان تائين ڪوهستان ۾ اهو ئي صديون پراڻو قائم ڪيل راڄوڻي قبائلي نظام موجود آهي؛ جيڪو نظام انهن جو پنهنجو جوڙيل آهي. جنهن نظام تي هو فخر به ڪن ٿا، ۽ انهن راڄوڻي اصولن کي هو خوشيءَ سان قبولين به ٿا. هتي قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪو به مضبوط ادارو يا فورس موجود ناهي. اهي راڄوڻي اصول ۽ ضابطا به قديم زماني کان هلندا اچن،جن کي تبديل ڪرڻ لاءِ کين ضرورت محسوس نه ٿي آهي.
ڪوهستان شايد دنيا جو اهو واحد علائقو آهي، جتي گهڻي ڀاڱي ڪو به سماجي ڏوهه نه ٿو ٿئي. جتي ڪوبه قانون نافذ ڪندڙ ادارو گهڻو سَرگرم ناهي ۽ نه ئي هتي ڪنهن قانون نافذ ڪندڙ اداري جي ضرورت ئي آهي. هتي ڏوهه جو ڪو به تصور ناهي، جيڪا ڳالهه نهايت حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ڪوهستان ۾ انساني همدردي، سخا، قرباني، سهپ، مذهبي رواداري، نسلي رواداري ، ڪاروباري رواداري، ۽ قبائلي محبت نه صرف موجود آهي، پر پوري سگهه ۽ ساڃاهه سان مضبوط به آهي. هتي انساني قتل ته پري جي ڳالهه آهي، پر ڪنهن به ساهواري کي رَنجايو يا ماريو نه ٿو وڃي. هتي جي فطرت دوستيءَ ۾ اها به ڳالهه شامل آهي،ته هو سخت ضرورت کان سواءِ ڪنهن به وڻ کي نه وڍيندا آهن. هتي ڪو به ڌنار ڪهاڙي هٿ ۾ نه کڻندو آهي. هتي جي راڄوڻي قانون ۾ وڻ وڍڻ وڏو ڏوهه آهي، اهوئي سبب آهي، جو ديهه ڪنڊو ترائيءَ ۾ هڪ قديم نَوَ فوٽ ٽي اِنچ ويڪري ٿُڙَ وارو هڪ قديم ڪنڊيءَ جو هڪ پراڻو وڻ موجود آهي، جنهن تي ڪنهن ڪهاڙيءَ جي وَڍَ جا نشان به نه آهن. ڪوهستان جي ماڻهن جي فطرت دوستيءَ جي شاهدي کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ موجود، اهي ڪيترن نسلن جا جانور به ڏيندا، جن جو شڪارڪوهستاني عام ماڻهن طرفان نه ٿو ڪيو وڃي. خونخوار جانور به زندهه گهمن پيا، اهي شروعاتي پٿر جي زماني کان ڪوهستان ۾ رهندڙ جانور آهن؛ جن جو نسل هزارين سالن کان سلامت آهي.
ڪوهستان ۾ لاش ساڙڻ بجاءِ گهڻي ڀاڱي قديم زماني کان دفن ڪيا ويندا هئا، جن جي پويان به شايد ڪوهستاني ماڻهن جي وڻ نه وڍڻ وارو جذبو موجود هجي. هو پنهنجي عزيزن سان بي انتها پيار ڪندا هئا. ڪوهستان ۾ پٿر جي قبرن جو قديم زماني کان رواج هو. هو پنهنجي پيارن جي قبرن تي محبت جو ثبوت ڏيندي چِٽسالي ڪرائيندا هئا. شروعاتي قبرن تي سورج مکيءَ جو گل، گول چندرما جو نشان، ۽ اَٺ ڪُنڊو تارو اُڪر ڪرائيندا هئا. ياد رهي ته سنڌين جي تاري جون اَٺَ ڪُنڊون آهن. اَجرڪَ تي به اَٺن ڪُنڊن وارو تارو آهي. سنڌي ڀرت تي به اَٺَن ڪُنڊن وارو تارو آهي.جڏهن ته ٻين قومن يا ملڪن ۾ تارو پنجن ڪُنڊن وارو آهي. بين الاقوامي طور به تارو پنجن ڪُنڊن وارو آهي، پر سنڌي قوم وٽ قديم زماني کان اڄ تائين اَٺن ڪُنڊن وارو تارو موجود آهي.
ڪوهستان ۾ قبرن جي مُشاهدي سان اها ڄاڻ ملي ٿي، ته قبرن جي ٺاهڻ يا قبرن جي پَٿرن تي اُڪَر يا چِٽساليءَ جو ڪم به مرحليوار ارتقا پذير رهيو آهي. قبرن تي مردن جي قبرن جي سيرانديءَ کان پَٿر جو اُڪر ڪيل خوبصورت تاجُ، هٿيارن، ۽ مختلف اوزارن جون تصويرون اُڪريل آهن، جڏهن ته عورتن جون قبرون بنا تاجَ جي مختلف زنانن زيورن سان چِٽيل آهن. ڪوهستان جي، شهيدپير مهري باريجي ، سيد جمال شاهه، تئونگ لڳ ڄام لوهار ۽ بشيءَ جي قبرستان، ڪراچيءَ جي چئوڪنڊي جي قبرستان، ٺٽي جي مڪليءَ جي قبرستان ، جهمپير ۾ هيم ڪوٽ جي ڀرواري قبرستان ۽ سونڊا جي قبرستانن ۾ مختلف دورن جي قبرن جو تفصيلي مُشاهدو ڪري سگهجي ٿو. قبرن تي نفيس اُڪَر ۽ چِٽساليءَ جو ڪم حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هي هُنر صدين کان ڪوهستان ۾ موجود رهيو آهي. ڪوهستان جي قبرستانن جو غور سان مُشاهدو ڪرڻ سان، مختلف دورن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، دلچسپي، استعمال ۾ ايندڙ زيورن، هٿيارن ۽ ناموري جي معيارن جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. قبرن جي چِٽساليءَ ذريعي مختلف دورن جي سماجي قدرن جا عڪس چٽيل آهن. انهيءَ ڪري ڪوهستان جا قبرستان به تاريخ جي ڳولائو محققن لاءِ وڏي معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن.
ڪوهستان ۾ هاڻي قبرستانن کان سواءِ امير ماڻهو پنهنجي گهرن جي ديوارن کي به پَٿر جا اُڪَر ٿيل خوبصورت ٽائلز هڻائن ٿا. سَرِي شهر ۾ گيانچند ايسراڻيءَ جو اهڙو بنگلو ڏسڻ جي لائق آهي، جيڪو پَٿرن تي چِٽسالي ٿيل ٽائلز لڳڻ سبب خوبصورت لڳي ٿو. ڪوهستان ۾ پَٿر تي اُڪَر جو ڪم هاڻي صرف سَريءَ جي شهر ۾ ٿئي ٿو، جيڪوڪم مشهور ڪاريگر ولي محمد ۽ الهه بخش خاصخيلي ڪن ٿا. هنن پنهنجي دڪان تي پَٿر ڪَٽڻ جي مشين به رکي آهي، جنهن سان کين پٿر جا گُهربل ماپ موجب بلاڪ ٺاهڻ ۾ آساني ٿي ويئي آهي.
ڪوهستان ۾ ڪو به مذهبي تضاد موجود ناهي، هندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي سان محبت ڪن ٿا. هڪٻئي جي مذهبي عبادتگاهن جو نه صرف احترام ڪن ٿا، پر هتي انهن عبادتگاهن جي مرمت به گڏجي ڪن ٿا. هتي مسلمان ۽ هندو گڏجي عيدون ۽ تهوار ملهائين ٿا، خوشيون ڪن ٿا، ۽ هڪٻئي کي تُحفا ۽ مٺايون ڏين ٿا. ڪوهستان ۾ ڪٿي به ڪنهن مذهبي انتها پسنديءَ جو ذري جيترو به وجود ڏسڻ ۾ نه ايندو. هر مذهب وارو پنهنجي عبادت کي، عبادتگاهه تائين محدود رکندو آهي. ٻاهر عام زندگيءَ ۾ انساني قدر زندهه ۽ سلامت آهن. واقعي صوفين جي سنڌ ڪوهستان ۾ اڃان تائين موجود آهي، ڪوهستان جي مسلمان بُزرگن جي درگاهن تي ميلا ۽ ڏهاڙا به هندو لڳرائين ٿا.بُزرگن جي درگاهن ۽ مسجدن جي مرمت ۾ به حصو وٺن ٿا. ٻئي طرف تونگ ۾ رتن ناٿ جي سماڌي جا سنڀاليندڙ وري مسلمان آهن . ڪو مسلمان انهيءَڳالهه تي اعتراض نه ٿو ڪري. ايڏي مذهبي رواداري شايد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏسڻ ۾ اچي. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جا وڏا امير ۽ ڪاروباري هندو سيٺ پاڻ کي ڪوهستان جي شهرن ۾ محفوظ سمجهن ٿا. انهن جا ڪاروبار ته پوري پاڪستان جي شهرن ۽ ملڪ کان ٻاهر به آهن، پر سندن گهر اڄ به ڪوهستان ۾ آهن، جتي هنن کي پنهنجي ٻارن ٻچن جو ڪو به اونو ناهي. ڪيترن ئي هندو ماڻهن ۽ مسلمان مذهبي ماڻهن جي دل ۾ جهاتي پائڻ کانپوءِ به ڪا مذهبي نفرت ڏسڻ ۾ نه ايندي. ڪوهستان ۾ کير وڪڻڻ، سوالي کي خالي هٿين موٽائڻ، مسافر جي مدد نه ڪرڻ، تڏي تي آيل کي بغير ڪجهه کارائڻ، پيئارڻ جي واپس ڪرڻ. آيل کان سندس حال احوال نه وٺڻ، ڪنهن به قسم جي چوري ڪرڻ، عورت جو احترام نه ڪرڻ، منٿ ميڙ کي مان نه ڏيڻ، وڏا ڏوهه سمجهيا وڃن ٿا. واقعي ڪوهستان ۾ عظيم قديم سنڌ جا انساني قدر ۽ رُجحان، ترقي يافته سماج تي اڄ به چٿرون ڪري رهيا آهن.اها ئي ڪوهستاني سماج جي وڏائي آهي، جيڪا وقت جي مُحققن کي ڪوهستاني سماج جي اُنهن ڳالهين تي لکڻ ۽ دنيا تائين اهي ڳالهيون پهچائڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.ڪوهستان جيترو ٻاهر کان سخت ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ايترو ئي پنهنجي اندر ۾ نَرم ۽ گُلن جي خوشبوءَ سان واسيل علائقو آهي.