ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جوچوٿون دور
انهيءَڪوهستان جي ماڻهن جي ڊيلٽائي علائقن ۾ پکڙڻ سان ئي انساني تهذيب جي چوٿين ارتقائي دور جي شروعات ٿي. انهيءَ دور ۾ انساني آباديون ڪوهستان مان ٻاهر نڪتيون، سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن ۾ هنن زراعت کان پنهنجي ارتقا جو سفر شروع ڪيو. ٻئي طرف هو مختلف تجربن مان سِکيل ڏاهپ جي ذريعي شهر اَڏي به رهڻ لڳا، ائين هو شهري زندگي ۾ داخل ٿيا. ڪوهستان مان ڊيلٽا طرف وڌڻ واري سندن پهرئين قدم جا آثارآمريءَ جي آثارن ۾ ڀرپور تحقيق ڪري ڳولي سگهجن ٿا. اهو ترقيءَجو سفر ائين اوچتو نه ٿيو هوندو، انهيءَ ٻهراڙي کان شهري سماج تائين ارتقا جو سفر به هزارن سالن تي مُحيط هوندو. انهيءَ سموري عرصي جون شاهديون سنڌ جي قديم شهرن جي آثارن ۾ موجود هونديون. اهي سڀ شاهديون سنڌ جي تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ بعد ئي ظاهر ٿينديون. جيڪڏهن سنڌ جي قديم تاريخي ماڳن جي کوٽائي ٿي پوي، ته تاريخ جا ڪَئين لِڪل راز ظاهر ٿيندا. جن سان نه صرف سنڌ جي تاريخ مڪمل ٿيندي،پر دنيا ۾ انساني ارتقا بابت ڪيترائي مونجهارا به دور ٿي سگهن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته آمريءَ جي آثارن جي به ڪا مڪمل کوٽائي نه ٿي سگهي. هن دڙي جي تمام ٿوري حصي جي آڳاٽو کوٽائي ٿي هئي، انهيءَ ڪيل کوٽائيءَ مان مليل شيون به سنڀالي نه رکيون ويون؛ نه ئي انهن مليل شين جي ڪا سائنسي نموني چڪاس ٿي. جيڪڏهن انهن شين کي سنڀالي رکجي ها، ته هن وقت به انهن شين جي سائنسي سهوليتن جي روشنيءَ ۾ ڪا تحقيق ڪري ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ها. وڏي ڳالهه ته آمري دڙي جي کوٽائيءَ جون مڪمل رپورٽون به ڪٿي موجود ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن، مطلب ته کوٽائيءَ جي سموري محنت ضايع ٿي ويئي. هن وقت به آمريءَ جي دڙي جي رهيل آثارن جي کوٽائيءَ سان انهيءَ ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي ٿو، پر هن ملڪ جو ڪو به ادارو انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؛ نه ئي حڪومت طرفان عالمي ادارن کي ڪو انهيءَ طرف متوجهه ڪيو ويو آهي. آمريءَ سان گڏ ساڳئي وقت ٻيا به شهر آباد ٿيا هوندا، پر انهن بابت به ڪا ڳولا نه ڪئي ويئي. انهيءَ کان پوءِ ٻيا به ڪيترا ئي شهر آباد ٿيا هوندا ۽ اها قديم تهذيب زميني ۽ قدرتي وسيلن ۽ ماحول موجب ترقي ڪندي اڳتي وڌندي، موهن جي دڙي جهڙي شاهڪار تهذيبي دور تائين پهتي هوندي. پر انهيءَ بابت ڪا مُستند شاهدي نه ٿي ملي، جنهن ڳالهه جو سبب به قديم تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ جو نه ٿيڻ آهي. بهرحال اهڙيءَ ريت هزارين سالن جي ارتقائي سفر جا مرحلا طئه ڪندي،سنڌي تهذيب ترقيءَ جي اعليٰ قدرن جي آسمان کي نيٺ ڇُهي ورتو. اڃان به انهيءَ تحقيق کي چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪوهستان ۾ ڪيتريون ئي شاهديون موجود هونديون.جنهن سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيبن ۾ ڳڻائي سگهون ٿا، پر افسوس جو سنڌ جي قديم ماڳن تي ڪو تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي. بهرحال ڪوهستان ۾ موجود هن ٽئين ۽ چوٿين دور جي چند آثارن کي ڏسڻ ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ بعد، اسين اهو به چئي سگهڻ جهڙا آهيون، ته موهن جو دڙو پنج هزار سال نه، پر پنجويهه هزار سال قديم آهي.سنڌي تهذيب ڪا پاڇاٽي تهذيب نه پر تمام گهڻي آڳاٽي شايد دنيا جي ارتقا بعد پهرين انساني تهذيب آهي. هيلتائين جيڪو اهو سمجهيو ويو ته، دنيا ۾ پهريان انساني قدم آفريڪا کنڊ ۾ لڳا، يا اهو چيو ويو ته بابل جي تهذيب دنيا جي قديم تهذيب آهي. اها ڳالهه هاڻي سنڌ جي ڪوهستان جي مُشاهدي بعد صحيح نه ٿي لڳي. ڪوهستان ۾ جيڪڏهن مڪمل تحقيق ڪئي وڃي ته، گهڻا ئي تاريخ جا لِڪل راز ظاهر ٿيندا، ۽ ڪيترائي ارتقا ۽ انساني تهذيب بابت مُنجهيل سوال حل ٿيندا.