تعارف
اهو سڀ ڪجهه ذاتي طرح ۽ نجي ادارن طرفان ٿيو. هن سال به سرڪار ان ڏس ۾ ڪو خاص پاڻ نه موکيو. همت افزائي ۽ ٺلهي تعاون جي حد تائين به نه! ادبي انجم سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن به ساهت سال جي سلسلي ۾ اڳتي وڌي ڪم ڪيو. ڪراچيءَ واري ”شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽيءَ“ ساهت ڪانفرنس منعقد ڪئي، جا گذريل ڏهن پندرهن سالن جي عرصي جي يادگار ۽ مثالي گڏجاڻي آهي. سڀ کان وڌيڪ جنهن جماعت هن ڪارج ۾ وڌون وڌ حصو ورتو سا ”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ آهي.
هميشه جيان هن جماعت جي سکر شاخ به پٺتي نه رهي آهي. ”لطيف سال“ جي موقعي تي سگا سکر اختتامي ”لطيف ڪانگريس“ سکر جي جيمخاني ميدان ۾ منعقد ڪئي هئي، جا پنهن جو مٽ پاڻ هئي ۽ نه وسرندڙ نقش ڇڏي ويندڙ محفل هئي. ”ٻارن جو سال“ جي موقعي تي سکر شاخ سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ شاخ جي سرگرم رڪن ادل سومري جو ٻارن لاءِ شاعري جو ڪتاب ”چنڊ پشم گولو“ ڇپرايو هيو. هن سال به اختتام وقت اسين سکر جي نوجوان ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جي نون افسانن جو مجموعو ”چچريل زندگين جا قافلا“ ساهت سال جي ڀيٽا طور پيش ڪري رهيا آهيون.
رسول ميمڻ هن وقت، سکر توڙي سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون نالو نه آهي، هن مهل تائين سندس ٻه ڪهاڻين جا مجموعا ”امن جي نالي“ ۽ ”ڪافر ديوتا“ شايع ٿي چڪا آهن. سندس هڪ شعري انتخاب ”اوشا جي آشا“ به پڙهندڙن وٽ پهچي چڪو آهي. رسول ميڻ جي ذڪر ۽ فن بابت راقم الحروف ۽ دوست امر جليل، سندس اڳين ٻن مجموعن جي مهاڳن ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، سندس پهرين مجموعي ”امن جي نالي“ تي لکندي مون راءِ ڏني هئي:
”جيترو قد ۾ مٿي اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ اونهو آهي. هي حليم سڀاءَ وارو نوجوان هن وقت ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد آهي، مڙدن جي وڍ ڪٽ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي، سو ته مان نه ٿو چئي سگهان، پر سماج جي جيئري جاڳندي افسانن ۽ ان جي اندر جي وڍ ڪٽ ڪمال مهارت سان ڪري سگهي ٿو. ڏاڍو اونهو آهي ۽ گهرو پڻ. حساس به ته حقيقت پسند به.... رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جا فرسوده ۽ انسانن دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسان جي عظمت جو داعي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري. هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي.... وٽس موضوع به آهي ته مقصد به وٽس منظر ڪشي به آهي ته ڪردار نگاري به. وٽس مشاهدو به آهي ته ان جو اظهار به. هن وٽ سوچ جي سيبتائي به آهي ته لطيف انساني جذبن جي عڪاسي به. وٽس لفظن جي چونڊ به آهي ته تشبيهن جي ترائي به.
رسول ميمڻ جي ساڳي ئي ڪتاب تي هلال پاڪستان جي ڪالم ۾ لکندي، امر جليل چوي ٿو:
”ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ سان جهنجهيل هيءُ نوجوان وڏي هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ساهه ڦوڪيندڙ مسيحا آهي. اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائي لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي“.
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي ٻي مجموعي ”ڪافر ديوتا“ (1979ع) جي مهاڳ ۾ امر هن لاءِ لکي ٿو: ”اوشا جي آشا“ پڙهڻ کان پوءِ شدت سان محسوس ڪيم ته رسول بنيادي طرح فڪشن جو ليکڪ آهي، ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندس لاڙو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن جن کي نظم توڙي نثر تي هڪ جهڙي قدرت آهي. في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي تري آيا آهن. هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمر شهباز... رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي.... مان فقط ايترو چوندس ته رسول جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدردي سان پڙهيا وڃن، رسول جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن، جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن”.
مٿين حوالن ۾ رسول جي افساني تي هڪ جامع راءِ جو اظهار ملي ٿو. سندس هن مجموعي جا افسانا به ان ئي راءِ ۽ معيار تي ٺهڪندڙ آهن، جيڪي ان عرصي دوران اسان کي سندس سوچ ۽ شعور ۽ فڪر و فهم ۾ نمايان واڌارو ۽ اوسر نظر اچي ٿي. فڪري طور هي افسانا سندس اڳين افسانن کان اڳتي وکون آهن. پر اظهار جي پنهن جي مخصوص شاعراڻي طريقي کي الوداع چئي رسول ان راه ۾ نثراڻي (خالص) اظهار جو تجربو ڪيو آهي. ان ڪري، منهن جي خيال ۾ هو ڪن افسانن جي موضوع کي نڀائڻ يا پلاٽ سان انصاف ڪرڻ ۾ اهڙو اثرائتو ثابت نه ٿيو آهي. جهڙو هونءَ اڳين ۾ ٿيو آهي، منهن جي اها راءِ ڪا حتمي نه آهي نه ڪي سند. پڙهندڙ پاڻ پڙهي فيصلو ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ جا مجاز آهن.
آخر ۾ هڪ ڳالهه لاءِ پنهن جي پاران پڙهندڙن کان معافي جي طلب ٿي ڪجي. ڇپائي جي اڻ پوري ۽ ناقص انتظامن سبب اسين هي ڪتاب ڇپائي ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان، ليکڪ ۽ سندس فن و فڪر جي معيار مطابق، پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهيون، اميد ته مواد جي بهتري ان ڪمتريءَ تي حاوي پوندي.
رشيد ڀٽي
صدر
س-گ-ا، سکر (شاخ)
بئريج روڊ سکر سنڌ
20 ڊسمبر 1981ع