هڪ رات جو عذاب
رات گهري ٿي ته خاموشيءَ ۾ اڃا به اضافو ٿي ويو. ٻنين ٻاهران بيٺل پاڻيءَ ۾ ڏيڏرن جي ٽان ٽان تيز ٿي وئي، ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن خاموشي هڪ ڌماڪي سان ڦاٽندي ۽ اوندهه جون چڳون ٽڪرا ٽڪرا ٿي پٽ تي ڇڻي پونديون. ٿڌ ڪري هر ڪو وڃي بستري ڀيڙو ٿيو هيو ۽ سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي ننڊ ۽ سپنن سان دور ڪري رهيو هيو.
خبر نه پئي ته اوچتو سم واهه جي ڪڙ تان بندوقن جا ٺڪاءَ ٿيا. هڪ .... ٻه ..... ٽي .... ۽ پوءِ ته سانده ڪيترا فئر ٿيا. سڄو ڳوٺ ڇرڪ ڀري، سوڙيون سوري جاڳي پيو. خوف ۽ سيءَ سبب هر ڪنهن جي جان مان ڌرڙيون نڪري ويون. سرڙاٽ نڪري ويا، همراهه وارو وارو ڪندا ڪانڊيرن کي لتاڙيندا اڳتي وڌندا ويا، جڏهن سم واهه تي پهتا ته ڏٺائون ته ڪير اونڌي منهن ڪڙ تي جيپ ڀرسان ڌڌڙ ۾ ليٽيو پيو آهي. پهريون ته اونڌي هئڻ ڪري سڃاتائون ڪو نه پر پوءِ جڏهن اونڌي منهن کي سهارو ڏئي سڌو ڪيائون ته همراهن جي زبان اچي ڏندن سان لڳي. چي ”اڙي ميان هي ته پنهنجو رئيس مٺڻ خان آهي”.
پوءِ ته هوءِ هوءِ ٿي وئي. ٻن همراهن کڻي ڄنگهن کان سهارو ڏنس باقي ٻيا جنبي ويس ٻانهن ۽ چيلهه کي. رئيس جي ٿلهي جسم کي سهارو ڏيندا، چنگهندا سيني تي هٿ هڻندا، اچي ڳوٺ پهتا هر ڪنهن کي خبر پئي ”رئيس وڏي کي گوليون لڳيون آهن.... رئيس وڏي کي گوليون لڳيون آهن“
”اڙي ڪهڙا هيا اهي ...... مونکي ڏس ته ڏيو؟”
پوڙهو قادن هٿن مان پئي نڪتو ويو، جوش ۾ سڄو پئي ڏڪيو. ”اڙي وڏيرو ماتو ابو.... سو به اسان جي تڪ ۾ زوراوري ڪري ويا....“
سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر سيلاب وانگر ڦهلجي وئي ته رئيس مٺڻ خان کي گوليون لڳيون آهن. هر ڪو ياحسين ياحسين ڪندو لوڙهن مان نڪتو ۽ اچي شاهه جي پڙ تي گڏ ٿيو، ٻن ٽن همراهن سٽ ڏيئي پنهل جي دوڪان مان کٽ ڪڍي اتي ئي کڻي رئيس وڏي کي ليٽايائون، پريي مڙس قادن کان اهو ڪو نه پڳو ان اتان ئي رڙ ڪئي. ”اڙي ميان ههڙي پاري ۾ هن کي اتي ڇو ٿا سمهاريو. منهنجي پکي ڏي کڻي هلوس“ اها ڳالهه سڀني کي دل سان لڳي. چئن همراهن کٽ کي ڪلهو ڏنو ته کٽ جا چرڙاٽ ئي نڪري ويا. ڄاڻ ڀڳي ڙي .... ڄاڻ ڀڳي. سڄو ڳوٺ پوش پوش ڪندو اچي قادن جي لوڙهي ٻاهران گڏ ٿيو. رئيس وڏي جي کٽ ڪلهن تان لاهي اندر پکي ۾ رکي وئي.
پکي کي چوڌاري پترون ڏنل هيون ۽ مٿان گاهه جي ڇت، جنهن جا ڪک سياري جي هوا ۾ سرڙ سرڙ ڪري پيا ڏڪندا هيا ۽ پکي جون ڪانن واريون پترون هوا کي ڪڏهن به روڪي نه سگهنديون هيون.
گهڙي گذري ته حڪيم پيرل پنهنجي اڇي چادر ۾ ڏڪندو ڏڪندو پريان ظاهر ٿيو. هن جي اڳيان لونگ ماڇي هيو، جيڪو تيز وکون کڻندو پڙ ڏانهن وڌي رهيو هيو. ”اچو حڪيم سائين اچو“ هو رکي رکي پوئتي نهاري ٻڍي حڪيم کي چئي رهيو هيو.
حڪيم پيرل هتان کان ميل پري کوهارن جي ڳوٺ ۾ رهندو هيو پنهنجي تڪ جو هڪڙو ئي مشهور حڪيم هيو، ڏاڍو محنتي ۽ جفاڪش مجال جو اڌ رات جو به ڪنهن کي موٽائي، ڪو به چائٺ تي ويس ته اڪيلو نه موٽائيندس. اونهارو هجي يا سيارو. آنڌي هجي يا مينهن هو پنهنجي خاص اڇي چادر ۾ ضرور بيمار جي گهر پهچندو ۽ هاڻي هو رئيس وڏي جي مرهم پٽي ڪرڻ آيو هيو. رستي سان ايندي، لونگ هن کي ٻڌايو هيو ته وڏيري تي کوسن حملو ڪيو آهي ۽ هن کي کٻيءَ ڄنگهه جي پاسي ۾ گولي لڳي آهي. سڄي ڄنگهه رت ۾ لال ٿي وئيس اٿس.
لونگ حڪيم پيرل کي ساڻ ڪري، قادن جي لوڙهي وٽ پهتو ته هن کي ويهارو کن همراهه مليا، جيڪي هيڏي هوڏي ڪڏهن اڱڻ ۾ ته ڪڏهن پکي ۾ پريشان ۽ بي حال ڦري رهيا هئا. مال اڃان به ڪر کنيو رانڀاٽ ڪري رهيو هيو. لونگ حڪيم کي ساڻ ڪري پکي ۾ گهڙيو ته هيٺ پٽ تي ڪڇن ۾ ٻار جهلي ويٺل عورتن سري پري هن کي رستو ڏنو ۽ ڳالهائڻ بند ڪري ڳٽي تي آڱر رکي پهريون حڪيم کي نهاريو ۽ پوءِ رئيس جي منهن ۾ ڏٺو. جيڪو اکيون بند ڪيو، بيهوش پيو هيو.
حڪيم بسم الله پڙهي سوڙ مٿي کنئي ۽ رئيس جي ڄنگهه کي نهاريو. سڄي سٿڻ پاچي کان وٺي ابداڻي تائين رت سان رسجي وئي هئي. ويٺل عورتن جي دل ڪچي پڪي ٿيڻ لڳي، سڀني جي بدن مان سرڙاٽ نڪري ويا ”اڙي ابا.....هائي هائي“ انهن ٿڌا ساهه ڀريا، حڪيم رئيس جي پاچي کي مٿي ڇڪي کڻي زخم ظاهر ڪيو. گامڻ ڇت مان چمني لاهي، کڻي زخم جي ويجهو آيو حڪيم زخم کي تپاسيو ۽ نرڙ ۾ گهنج وجهي، کيسي مان دوا جي دٻي ۽ ميرو ڪپڙو ڪڍي ٻه چار لپريون ٺاهي کڻي رئيس جي زخم کي ٻڌيون. الله ڪندو ته ڀلو ٿيندو.... هن چيو ۽ ڇڪي کڻي سوڙ کي ٻيهر رئيس جي مٿان وجهي ڇڏيو.
گهڙي کن گذري ته رئيس به آهستي آهستي اک پٽي. هن جي پهرين نظر وڃي پکي جي ڇت تي پئي، لڙڪندڙ پلال جا تاندورا جيڪي هوا تي هيڏي هوڏي لڏي رئيس کي ويچارا ڪڍي رهيا هئا. هن اک ٽيڏي ڪري آس پاس نهاريو پٽ تي عورتون ويٺل هيون جيڪي افسوس ۽ غم مان هن ڏانهن نهاري رهيو هيون. ڀرسان ئي قادن هٿ ۾ لٺ جهليو بيٺو هيو ۽ هن ڏي ائين نهاري رهيو هيو جيئن هو رئيس جي اک کلڻ جو انتظار ڪندو هجي.
”اڙي ماتو ابا رئيس هاڻي فرحت ته آهي نه...... اڙي اڪيلو سمجهي وار ڪري ويا... پرواهه نه ڪر رئيس پنهنجا همراهه به موڪليا اٿم کوسن جي ڪڍ ڀڻان نه ته ڀڄن ها، ڪيون ته ها ڳڀا ڳڀا.... اصلي فڪر ئي نه ڪر“.
قادن ڪجهه دير چپ ٿيو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”تازو تازو همراهه ڊوڙائي حڪيم پيرل کي گهرايو هوم، سوچيم خان کي ڪجهه ته آرام ايندو نه، هاڻي فرحت ته آهي نه ابا.... پيرل حڪيم آهي معشوق“.
پريو مڙس قادن ڳالهائيندو ويو ۽ رئيس اڃا پنهنجي هوش ۾ نه هيو. هن جون اکيون هر هر پاسن ڏانهن ٿي ڦريون. هن کي ماحول ڏاڍو اوپرو ٿي لڳو. رکي رکي هن کي ڄنگهه مان سور جون سٽون اڀرندي پئي محسوس ٿيون، جن کان هو ٻيڻو پئي ٿي ويو. هن همت ڪري آهستي آهستي هٿ وڌائي زخم کي ڇهيو. ان تي ٿلهيون ڪپڙي جون لپريون ٻڌل هيون، جن جي اندر ڀريل نرم نرم مرهم کي محسوس ڪري هن کي ڏاڍي بڇان لڳي. هن جو زخم ڪري رهيو هيو جنهن کان هن جي بيهوشي ختم ٿي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ هن محسوس ڪيو جيئن هن جو پورو جسم ڪرندو هجي.
”پاڻي“ هن چيو.
گامڻ هڪدم هيٺ ويٺل مائين کي سوري ڪنڊ ۾ رکيل دلي مان مٽيءَ جو ڪپو ڀري، رئيس کي پٺيان سهارو ڏئي، ٿورو اٿاري، کڻي وات تي رکيس، مٽيءَ جو ڪپو ۽ کوهه جو بدبودار پاڻي، رئيس کان هڪ ڍڪ به هيٺ نه لٿو ۽ هن پهرين ڍڪ سان ئي گرڙي ڪري کڻي سوڙ کي آلو ڪري ڇڏيو،. هن ڪاوڙ مان گامڻ کي نهاريو، پٺيءَ سان زور ڏئي سمهڻ جي ڪئي گامڻ هن کي سهارو ڏئي آهستي آهستي سمهاريو ۽ باقي پاڻي کي اتي ئي کٽ هيٺان هاري ڇڏيو.
قادن پنهنجي پر ۾ ڏاڍو ڇڪي ٿيو، هن وٽ رئيس کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه هيو، هن وٽ سٺو برتن به ڪو نه هيو، جنهن سان هو پاڻي آڇي رئيس جي دل خوش ڪري سگهي. رئيس کي جيئن جيئن هوش ايندو ويو تيئن تيئن هن جو زخم پهريون کان به وڌيڪ ڪرڻ لڳو. هن دل ئي دل ۾ حڪيم پيرل کي گار وهائي ڪڍي ڀيڻسان ڪتي جو پڇ زخم تي مرهم رکي ويو آ. ڪن زهر ٻرڪي ويو آ. رئيس کان رهيو نه ٿيو ۽ هن اکيون مٿي ڪري قادن کان پڇيو.
”مان واري ڳوٺ ماڻهو موڪليو اٿو نه؟“
”هائو هائو سائين.... اهي ته همراهه پڳا به وڃي.... ابا هي به ته پنهنجو پکو ٿي... دل جاءِ ڪر“، قادن قرب مان ڳالهائيندي ٿورو ٿورو ڏڪيو به ٿي.
رئيس مٺڻ خان کي مٿان پاتل سوڙ مان بدبوءِ اچي رهي هئي هن ٿورو ڪنڌ ورائي هيِٺان رکيل وهاڻي کي نهاريو. ميرو اصلي صفا ڪارو، جنهن تي تيل جي سڻپ ڪري، مٽيءَ چڪا ڄميل هئا. رئيس کي الٽي ايندي ايندي سيني ۾ اٽڪي پئي.
”اڙي ماتو سڃي جا پٽ گهر ۾ ڪا سٺي سوڙ به نه هيئي جو هيءَ منهنجي مٿان وڌي اٿئي. اڙي هي وهاڻو ته ڏس اچئي ٿو شرم“.
رئيس کي اهڙي ڪاوڙ آئي جو زخم مان اٿندڙ سور ئي وسري ويس. آواز ٿلهو ٿي ويس جهڙو ٻڪر. هيڊو منهن ڳاڙهو ٿي ويس لال. قادن رئيس جا اکر ٻڌي پيرن تائين ڏڪي ويو. هن اڱڻ ۾ وڃي زوار کي سڏ ڪيو. زوار ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندو تيز تيز وکون کڻندون هن وٽ اچي پهتو.
”جي پريا مڙس“.
”اڙي ابا تو وٽ ڪا سوڙڙي آهي، رئيس کي ميري سوڙ ڏيندي ته پاڻ کي شرم ٿو اچي. تو وٽ ڪا چڱيرڙي آهي ته کنيو آ“.
قادن وات تي هٿ رکي زوريءَ کنگهيو. زوار اجهو اجهو ڪندو لوڙهي جو در ٽپي پڙ ڏانهن وڌيو ته قادن پويان رڙ ڪيس ”ايڏانهن ڪو سٺو وهاڻو به کنيو اچجانءِ“.
”هائو هائو“ زوار چيو ۽ پوءِ هو چانڊوڪيءَ ۾ اوجهل ٿي ويو. جهوپي کان ٻاهر سم ۽ پوک لاءِ گڏ ڪيل پاڻيءَ جا دٻا هيا جن تي سدائين مڇرن جا ٽولا پيا ڀون ڀون ڪندا هيا. سڄي ڳوٺ جي گندگي به انهيءَ پوسل ۾ اچي پوندي هئي. گڏ ٿيل ڪاري پاڻيءَ مان سدائين بدبوءِ پئي ايندي هئي، جنهن سان ڳوٺ جا ماڻهو هيراڪ ٿي ويا هيا، ڍنڍن جي آس پاس پيل گند ڪچرو ۽ بدبوءِ ڳوٺ وارن کي ڪو نه آزاريندي هئي. هو به مڇرن جيان گندگيءَ مان ڦٽي نڪتا هئا. مڇرن جي ڏنگن جي هنن لاءِ ڪا به حيثيت ڪو نه هئي پر اهي سڀ شيون رئيس لاءِ نيون هيون. پکي جو گهٽيل ماحول، اتي رکيل دلن مان پيدا ٿيندڙ چيڪڙ جو احساس، ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل مال جون رانڀون ۽ گندگيءَ مان اٿندڙ بدبوءِ. مڇرن جا ولر، جيڪي ڀون ڀون ڪندا گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڀٽڪي رهيا هيا ۽ پکي ۾ ٻرندڙ هيڊي شعلي واري بتيءَ جي اڻپوري روشني، جنهن کان رئيس کي گهٽ محسوس ٿي رهي هئي، هو ته انهن سڀني شين کان ڏور ڄايو هيو، جتي چمڪ ئي چمڪ هئي. روشني ئي روشني هئي. صفائي ئي صفائي هئي. هن کي ڪهڙي خبر ته بدبوءِ ڇا ٿيندي آهي، ڪکائن جهوپن ۾ راتيون ڪيئن بسر ٿينديون آهن. بدبودار بسترن ۾ سک جا سپنا ڪيئن ڏسبا آهن ۽ وڏي ڳالهه اها ته ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ ڍڪيل مفلس انسانن سان زندگيءَ جون گهڙيون ڪيئن گذاربيون آهن. هو صاف سٿرن هوادار بنگلن جو هيراڪ هيو، هن کي ڪهڙي خبر ته مڇرن جا ولر انسانن تي حملو ڪيئن ڪندا آهن. زخم کائڻ کان پوءِ حڪيم جي لپرين تي ڦٽ ڪيئن ٺرندا آهن. رئيس عذاب ۾ ڦتڪندو رهيو.
زوار گهران سوڙ ۽ وهاڻو کڻي آيو، پر رئيس جو اڃا به بدبوءِ کان مٿو ڦاٽو ٿي ويو. هن کي مڇر ڏنگي رهيا هيا. هن جي آس پاس ڀون ڀون ڪري، هن کي ستائي رهيا هيا. ٻوسٽ وڌندو ويو ۽ هن کان رهيو نه ٿيو نيٺ هن قادن کي چيو ”مون کي اسپتال کڻائي هلو“.
قادن صفا ککو وکو ٿي ويو.
”اڙي صدقي وڃانءِ رئيس اسپتال ته هتان ڏهه ميل پري آهي، جي چوين ته تيار ڪرايون ڏاند، پوءِ الهه واهي جڏهن گاڏي پهتي“.
رئيس جو پارو چڙهي ويو ۽ هن ڳالهه ورائيندي چيو ”اڙي اڃا ڪو نه پهتا منهنجي گهر وارا؟“
”بس سائين اجهو ڪي اجهو آيا“. قادن چيو ۽ پوءِ هن روئڻ هارڪي آواز ۾ چيو ”ڇورن چنڊن کي ته سوير ئي موڪليو هوم... الائي ڪاڏي گم ٿي ويا”.
گهڙي کن ماٺ ٿي.
”ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي اٿو؟” رئيس هڪ دفعو وري ڳالهايو.
”سائين ٿاڻو ته ٻارهن ميل پري آ. ڇا ڪجي؟” پريو مڙس قادن ڏک ۾ ذري گهٽ روئي پيو.
سياري جي قيامت جيڏي رات آهستي آهستي لڙندي وئي. چانڊوڪي وقت سان گڏ گهري ٿي وئي. ڊڀن مان لنگهندڙ پيچرا وڌيڪ چٽا ٿي ويا. شاهه جي پڙ تي هاڻي ڪو به همراهه نه هيو، سڀ آهستي آهستي ٽڙي پکڙي ويا هيا. ڪي گهرن ڏي وڃي ستا هيا ته ڪي اڃا به پريي مڙس جي اڱڻ ۾ ٽولو ٺاهي ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هئا. پڙ تي فانوسو اڃا به ٻري رهيو هو. هر طرف سانت ڇانيل هئي ۽ انهيءَ سانت کي چيريندڙ، تڏن جي ڪرڙڪت ڪرڙڪت ۽ ڏيڏرن جي ٽان ٽان.
وقت سان گڏ رئيس وڏي جي حالت خراب ٿيندي وئي. هن جو من پيو چاهي ته هو اٿي ڀڄي وڃي. مونجهه کان هن جو اندر ڦاٽو ٿي ويو.
قادن تڙ تڪڙ ۾ رئيس لاءِ ماني به تيار ڪرائي هئي، شابس هجي ويچاري زوار کي جنهن اڌرات جو ننهن کي تڪليف ڏئي، رئيس لاءِ جوئر جي ماني تيار ڪرائي هئي ۽ کير ڏهايو هيو. پر رئيس پنڊيءَ کي لامارو ڏئي هڪ ڏنو. کير جي لوٽيءَ سوڌو ماني به وڃي پري پئي.
”اڙي ڪتي جا پٽ، اسان وري جوئر جي ماني کائيندا آهيون، آڇيندي شرم به نه ٿو اچئي؟”
قادن ويچارو جيڪو پهريون ئي ڏڪيو پئي، ان جي وات مان ته هڪ اکر به نه نڪتو، ويچارو صفا چپ ٿي رئيس اڳيان ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو.
بدبوءِ کان رئيس کي الٽيون اچڻ لڳي، هن رکي رکي ڏاڪيو ٿي. هن کي پنهنجي آس پاس بيٺل ماڻهن مان بڇان ٿي آئي. مڇرن هن جي منهن جا ريپٽ لاهي ڇڏيا هيا. آس پاس ڦهليل گندگيءَ ڪري هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو هو، هو ڏاڪيندو رهيو. هن وڏي آواز ۾ رڙيون ڪري پريي مڙس کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون. ”تنهنجي ماءُ کي..... تنهنجي ڀيڻ کي.....تنهنجي زال کي.....“
قادن ويچارو ڏڪي ويو. ڇڙو پيو ابا ابا ڪري نيٺ رئيس وڦلي وڦلي بيهوش ٿي ويو ۽ قادن اکين مان ڳوڙها اگهي سوڙ سوري هن جي مٿان وجهي ڇڏي.
الله الله ڪري اسر ٿيو ته ڪڪڙن به دس هنيا، رئيس وڏي جي ڳوٺ وارا جيپ ڪاهيو، واويلا ڪندا پهچي ويا. هيڏيون ڪيلي جي ڦرهي جيڏيون مڇون ۽ گول مٽول ڳٽا. هر ڪو نرڙ ۾ گهنج وجهي ٽپو ڏئي جيپ مان لٿو ۽ پرين مڙس جي پکي ۾ گهڙي ويو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ جيپ ڳوٺ جي سوڙهن پيچرن تان ترڪندي، وڻن جي ٽارين سان گسندي، سم واهه جي ڪپر ڏانهن گم ٿي وئي.
ان ڳالهه کي ڪيترا مهينا گذري ويا. رئيس مٺڻ خان چڱو ڀلو ٿي ويو. هو هاڻي خير سان گهمندو ڦرندو به هيو. پريو مڙس قادن ۽ ٻيا ڳوٺ وارا خوش هيا ته هنن پنهنجي وت آهر ڏکي وقت رئيس مٺڻ خان جي چڱي خدمت چاڪري ڪئي. آئي وئي کان پئي خان جا پار پتا پڇندا هيا. ”ڏي خبر ڀائو....هاڻي رئيس مٺڻ خان خوش آ.... چڱو ڀلو، الهه خوش رکيس”.
وقت گذريو ته هڪ ڏينهن رئيس مٺڻ خان جي جيپ اچي ڳوٺ جي ٻاهران رڪي. هن جي ڀرسان چار پنج همراهه دونالي بندوقن کي ڪڇ ۾ سوگهو جهليو مڇون وٽي رهيا هيا. رئيس مٺڻ خان ڏاڍو ٿڪل هيو. پلئه ڪرڻ لاءِ کوسن کي ڳوليندي ڳوليندي هڪ دفعو وري اچي ان ننڍڙي ڳوٺ ڀرسان پهتو هيو. ساڳيا جهوپا، سم ۽ پوسل، گندگيءَ جا ڍير ۽ ميرا ماڻهو سانجهيءَ جو ٽائيم هيو ۽ شاهه جي پڙ تي پنهل جي هٽ اڳيان شيشن وارو فانوسو هميشه جيان پئي ٻريو. رئيس مٺڻ خان پنهنجي ڌڌڙيل مڇن جي وارن کي وٽيو ۽ پوءِ ڪجهه سوچيندي جيپ ۾ ويٺل همراهن کي اشارو ڏنو ”اڙي ڏيو انهن جهوپن کي باهه“
”پر سائين انهن ته توهان کي ڏکئي وقت ۾ پناهه ڏني هئي“.
رئيس جي انگ انگ مان ڌرڙيون نڪري ويون بدبوءِ، گندگي، مڇرن جا ڏنگ، حڪيم جي لپري، جوئر جي ماني، بستري جي ڌپ، ميرا انسان ۽ مونجهه ئي مونجهه.
”اڙي ٻڌو نه ٿا ڪمينهءِ ڏيو جهوپن کي باهه“.
ٻه چار همراهه بندوقون سڌيون ڪري، لانگ ورائي جيپ مان لٿا ۽ هوائي فئر ڪندا، ڪاهي پيا ڳوٺ ۾. جهٽ پلڪ ۾ هيڊا هيڊا شعلا بلندا ٿيا ۽ پوءِ سڄو ڳوٺ ٻرڻ لڳو. هوءِ هوءِ ٿي وئي. ڀڄ ڊڪ لڳي وئي. وارو ڙي وارو. همراهه ساڳيا ئي هوائي فئر ڪندا اچي واپس جيپ ۾ ويٺا. رئيس ٿڌو ساهه کڻي مرڪيو جيئن هن کوسن سان پلئه ڪيو هجي.