ڪھاڻيون

چچريل زندگين جا قافلا

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. امر جليل ان وقت رسول ميمڻ لاءِ لکيو ھو:
”ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ سان جهنجهيل هيءُ نوجوان وڏي هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ساهه ڦوڪيندڙ مسيحا آهي. اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائي لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2053
  • 633
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چچريل زندگين جا قافلا

آخري خواهش

هن ڏانهن وڌندڙ قدمن جا آواز گهرا ٿي چڪا هئا. هو اکيون ڦاڙي ۽ چپن کي گول ڪري انهن آوازن کي ڪنائيندو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ روشنيءَ جا ڪجهه زرد ڪرڻا هن جي انڌيري ڪوٺڙيءَ ۾ پيا، ۽ پوءِ ديوارن تي لوهي سيخن جو عڪس ٺاهيندا وڌندڙ انسانن جي قدمن سان پٺتي ٿيندا سڄي ڪوٺيءَ ۾ ڦهلجي ويا. چمنيءَ جي لاٽ هن جي اکين کان ڪجهه قدم پري لوهي سيخن جي پويان هئي. هو روشنيءَ جو تاب سهي نه سگهيو ۽ هن جون اکيون چچيون ٿي ويون، نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا، ۽ هن ٻئي هٿ اکين تي ڏئي ڇڏيا.
”تنهنجي ڪا آخري خواهش؟“ اوچتو هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ اداس پڙاڏو پيدا ٿيو. هن پنهنجي تڪليف تي ضبط ڪري، اکين تان هٿ هٽائي، ٻاهر بيٺل انسانن کي نهاريو. اهي تعداد ۾ ٽي کن هيا، جن مان هڪ کي ٿلهي جسم تي ڪارو جبو ۽ مٿي تي اڇو ڪپڙو اوڍيل هو. پوءِ هن ٻين شخصن کي ڏٺو جن مان هڪ زرد شعلي واري چمني جهلي بت جيان خاموش بيٺو هيو ۽ ٻيو ان جي پويان ٻانهون ٻڌي ڪن خيالن ۾ گم هيو.
”قيدي تنهنجي ڪا آخري خواهش؟“ هڪ دفعو وري آواز آيو ۽ خاموشي ڦهلجي وئي. قيديءَ هنن جي آواز کي محسوس ڪري ڪنڌ کي ناڪار ۾ جهنجهوڙيو، جنهن جي ڪري هن جي ڪڙين مان ”جهڻ جهڻ ” جو آواز اڀريو. ٿوري دير کان پوءِ روشنيءَ جا ڪرڻا ڀتين تي سيخن جا ڊگها پاڇا ٺاهيندا ٻئي پاسي ڏانهن گم ٿي ويا. هو هڪ دفعو وري انڌيرن ۾ پنهنجي وجود کي ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن سوچيو، ”خواهشون به ڇا آهن؟“ ”غلاميءَ جو مفهوم آهن.“ ڇا واقعي هر خواهش غلامي آهي؟ ”انسان جي هر خواهش زندگيءَ کي آسان بڻائڻ جو ذريعو آهي، زندگي ٻوجهه آهي، انسان جي هر جدوجهد حياتيءَ جي گهٽيءَ کي آسان ڪرڻ جو نسخو آهي.“ هن جي دل ۾ ڄڻ دهڪو مچي ويو. هن ڦٿڪي وڏا تارا ڦوٽاري انڌيرن ۾ نهارڻ چاهيو، پر هر طرف بي وسي. خاموشيءَ ۾ وڄندڙ سائون سائون ۽ عجيب نراشا! هن کان ته اهو به وسري چڪو هيو ته هو قيد ۾ گهڻا ڀيرا آيو ۽ گهڻا ڀيرا آزاد ٿيو. هن جي لاءِ پنهنجي آزاديءَ جي ته ڳالهه ئي ڪو نه هئي. هر شيءِ قيد خانو آهي، پوءِ چاهي اهي قيد جون ديوارون هجن يا ٻاهران جو ماحول. هن جي اڳيان ان وقت آزادي جيئري لاش جيان هئي. هن تي انسانن جو وجود ائين محسوس ٿيو، جيئن ان کي زوريءَ غلاميءَ جو ڪفن پارائي سرشتيءَ جي قبر ۾ محض اهو ٻڌائي سمهاريو ويو هجي، ته ننڊ ڪريو ته خواب ڏسي مري وڃو. شروع شروع ۾ هن جو قيد ۾ اچڻ، به عجيب اتفاق هيو، هن جي آس پاس جي هر شيءِ غلام هئي، هن کي جڏهن به آزاد ڪيو ويو، ته قيد کان ٻاهر هن پنهنجن مقصدن سان ياري نڀائي. هن هر انسان کي دوکي جي ديوار سان آشنا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جو هن سان تعلق هيو ۽ هو پنهنجي ڪيترن سالن جي محنت جي ڦل سان پوريو پيو هيو. هن جو سرمايو انڌيرا، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ قابو پيو ڪرڻ چاهي، پر آزاديءَ جهڙا انڌيرا جيڪي هن جي هٿن ۾ نه پيا ڦاسن. غلاميءَ جهڙا انڌيرا جيڪي هن جي چوڌاري ڦهليل هئا، جن کي هو اکيون کولي به ڏسي پيو سگهي ته اکيون بند ڪري به. ”غلامي ڇا هي ؟“ هن پاڻ کان سوال ڪيو غلامي .... غلامي......... غلامي ....... دماغ تي پوندڙ ڪنهن ٻوجهه کان هو هيٺ ڍرڪندو ويو. اوندهه ۾ ڄڻ گوڙ مچي ويو. هن اکيون ڦوٽاري دماغ جي رڳن کي سيٽائي پاڻ سنڀاليو ۽ هو ڄڻ پاڻ ۾ موٽي آيو. پڙاڏا، غلامي ....... غلاميءَ مان ڦري اوندهه ۾ سائون سائون ڪري وڄڻ لڳا، ائين، جيئن هزارين ميل ڏور ويرانين ۾ مندر جا گهنڊ زنجير جي ڇڪ سان ڊڙانگ..... ڊڙانگ..... ڪري ڌرتيءَ تي غلاميءَ جو اعلان ڪندا هجن، ڇا اهي گهنڊ آزادي قبول ڪري سگهن ٿا؟ زنجيرن کي ڇني ڇا خود شڪتي پيدا ڪري سگهن ٿا. ۽ هو منجهي پيو. هن وٽ ڪو به جواب ڪو نه هيو. هو انڌيرن کي جاچڻ لڳو. انڌيرا..... انڌيرن سان هو ڪيڏو نه مانوس ٿي ويو هو. انسان ۾ حالتن کي جهٽڻ جي بهترين صلاحيت موجود آهي. هو هر شيءِ کي جلد قبول ڪندڙ آهي. غلامي، انڌيرا، نراسائي محض هر ڪا شيءِ هن کي ياد آيو، جڏهن هو پهريون دفعو انڌيرن ۾ آيو هيو ته هن پاڻ کي ڪارڻ نانگن ۾ ويڙهيل محسوس ڪيو هو، ۽ پوءِ آهستي آهستي جوڳي ٿي ويو. ۽ هاڻي، جڏهن هو روشنين ۾ نڪرندو آهي ته سج جا ڪرڻا هن کي وجود ۾ چڀندڙ محسوس ٿيندا آهن. هن سوچيو، ”سرشٽي جي هر غلامي انسان تي زوريءَ مڙهي وئي آهي ۽ انسان صدين کان انهن غلامين ۾ رهندي رهندي نرڄو ٿي ويو آهي.“ قيديءَ پنهنجون اکيون کڻي قيد جي دريءَ کان ٻاهر نهاريو، رات جا ستارا، اوندهه جو سينو چيريندر لاٽون، روشنيءَ جو مجموعو، آزاديءَ جو امر نشان. پر وقت جي زنجيرن ۾ قيد. ۽ هو ٻاهرين دنيا ۾ کوئجي ويو. هو آزاد هيو ۽ هن جي وطن کي به آزادي ملي چڪي آهي. هڪ ٻيو حڪمران تخت تي ويٺو. ماڻهن ۾ سڪون جي لهر، هنن پنهنجي دل جو وزن هلڪو ڪيو. پهاڙ جيڏين دل تي پيل ڇپن سان ڊڪٽيٽر کي سنگسار ڪيو پر ساڳيو دور- ٻن ڦيٿن واري گاڏيءَ تي رکيل ڪيترائي ٽن وزنن جا چنگهون ڪري ڇڪيندڙ هڏن جو پڃرو. ”هو غلام آهي، آخر ڪنهن جو؟“ ”زندگيءَ جو!“ ”پوءِ آزادي؟ “ ”بڪواس“ ”زندگيءَ جو تعلق ته هن سان ئي آهي، هو بذات خود پاڻ زندگي آهي.“ ”۽ زندگي؟“ ”چند ڪڻن جي محتاج!“ ”ته هو غلام آهي....... پيٽ جو!“ قيديءَ نظرون کڻي شهر جي اچ وڃ کي نهاريو. هڪ جدوجهد نڙيءَ ۾ ڦاٿل هڪ مسلسل چنگهه جنهن جي ختم ٿيڻ سان روح به پرواز ڪري وڃي. انسان دنيا ۾ سڀ ڪجهه جيئڻ لاءِ ڪري ٿو. هن جي جدوجهد حرارت لاءِ آهي، جيڪا هن کي جيئرو رکي سگهي. مسلسل جدوجهد، پر هو پائي ڇا ٿو؟ موت؟ ... ته پوءِ ان جدوجهد جو ڇا مطلب؟ زندگي کي آسان بنائڻ لاءِ، ٽهڪن جو سهارو، روئڻ جو سهارو، جنس جو سهارو، نفس کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هر قدم تي سهارو ئي سهارو. ڪيترو نه معذور آهي انسان. ته پوءِ آزادي؟ غلامي، خلا جيان دنيا کي ويڙهيل ٿلهو زنجير آهي. جنهن جي ڪڙين ۾ ڦاٿل انسان ڪنڍيءَ ۾ ڦاٿل مڇيءَ جيان آهي، يا ته عذاب ۾ ڦٿڪندي زندگي بسر ڪري يا ته آزاديءَ لاءِ ڪنڍيءَ ۾ ڦٿڪندي ڦٿڪندي جان ڏئي. پر هن جو ڇٽڻ مشڪل آهي. هن کي آزاديءَ جو مفهوم سمجهه ۾ ايندو ويو. هن کي پنهنجون رڳون سيٽيل ۽ تپيل سنهيون لوهي تارون محسوس ٿيون، جيڪي هن کي اندر ۾ چڀڻ لڳيون. هن کي پنهنجو جسم سيٽجي ڀرندو محسوس ٿيو. ان عذاب کان هڪ دفعو هو وري پاڻ ۾ موٽي آيو. ستارا هن آڏو الوپ ٿي چڪا هيا ۽ هو وري انڌيرن ۾ هيو، هن صرف اهو محسوس ڪرڻ لاءِ ته، واقعي هو قيد ۾ آهي، پنهنجين ڪڙين کي هٿ هڻي محسوس ڪيو. ٿڌيون، پاروٿي لاش جي جسم جهڙيون. هن کي هر ڪڙي ائين محسوس ٿي، جيئن غلامين جو ڪو سلسلو هجي. ڌرتيءَ کان وٺي ستارن تائين جيئن بذات خود هو آزاديءَ جو غلام آهي. هر آزاديءَ غلاميءَ جي ذرڙن مان ٺهي وجود ورتو آهي. آزادي، دل کي وندرائڻ ۽ زندگي گذرڻ جو خيالي آٿت آهي. ديواني جو خمار آهي. جواڻ غلاميءَ جي موهيڙي مان وهندڙ پونءِ آهي. آزادي بڪواس آهي. انساني تخليق هن جي وجود سان واحيات مذاق آهي. ”پر ڪائنات ۾ ان جا مقصد؟“ ”ڪنهن چرئي جي، ڪاغذ تي پاتل ڦڏين سڌين ليڪن کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. جن جو مفهوم بذات خود هن کي معلوم نه آهي.“ ”ته پوءِ حقيقي آزادي ڇا هي؟“ قيديءَ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو. ”حقيقي آزادي........“ هن چپن ۾ ورجايو ۽ پوءِ هو چرين جيان زور سان ڏڪندي رڙيون ڪندو جيئن ئي قيد جي دروازي ڏانهن ڊوڙيو ته زنجيرن جي ڇڪ کان هن کي جهٽڪو آيو ۽ هو پٺيءَ ڀر ڌڙام ڪري ڪري پيو. ”منهنجي هڪ آخري خواهش آهي............ منهنجي هڪ آخري خواهش آهي...........“ هو رڙيون ڪري شور مچائڻ لڳو، ڪجهه سپاهي ڌم ڌم ڪندا پنهنجن ڳورن بوٽن سان هن ڏانهن ڊوڙندا آيا، ”ڇاهي، ڇو پيو گوڙ ڪرين؟“ انهن مان هڪڙي سوال ڪيو. پوڙهو ڪجهه دير خاموش ٿيو ۽ هن جي اٿڻ ڪري ڪڙين ۾ ڇڻ ڇڻ جا آواز پيدا ٿيا. ”منهنجي هڪ آخري خواهش آهي......“ ”ڪهڙي؟“ ”مون کي آزادي ڏني وڃي.“ هن سخت لهجي ۾ چيو، جنهن ۾بيوسي به هئي ته درد به. سپاهين جا منهن حيرت ۽ عجب کان لهي ويا. ”شايد جيل ۾ مسلسل رهڻ ڪري تنهنجو دماغ صحيح ڪم نه ٿو ڪري؟“ "نه..........“ قيديءَ زور سان رڙ ڪندي چيو، ”دنيا ۾ حقيقي آزادي جسم کان روح جي آزادي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سان هميشه جدوجهد ڪندس. مون کي موت ڏيو........ آزادي ڏيو...... آزادي ڏيو....“ ۽ پوءِ هو زور سان ڍانڍيون ڪري پنهنجي غلاميءَ تي احتجاج ڪرڻ لڳو.