ڪھاڻيون

چچريل زندگين جا قافلا

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. امر جليل ان وقت رسول ميمڻ لاءِ لکيو ھو:
”ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ سان جهنجهيل هيءُ نوجوان وڏي هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ساهه ڦوڪيندڙ مسيحا آهي. اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائي لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2053
  • 633
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چچريل زندگين جا قافلا

بارش کانپوءِ

ان ڏينهن نظرن اڳيان ڌنڌ هيو. آڪاش مان هڪ ٻئي پٺيان ڪرندڙ پاڻيءَ جي بوندن هر شيءِ کي ڌنڌلڪو ڪري ڇڏيو هيو. ڏاند گاڏين ۾ پيل ڀوري پلال تي پاڻيءَ جون بوندون وسي ٻئي پاسي کان ريلا ڪري ٿي وهيون ۽ ان جا ڦيٿا اڌ تائين ڪچي مٽيءَ جي گاري ۾ هيٺ تي لٿا ويا، چيڪڙ سان ڀريل گول ڦيٿا، جن جي تيزيءَ سان هلڻ ڪري گهاٽيءَ مٽيءَ جون ڦينگون اڏامي پري ٿي وڃي ڪريون. ڏاند هيا جو تراين مان ڇپ ڇپ ڪري ڊوڙندا ٿي ويا ۽ هر ڪا شيءِ ڌوتل هئي. ساون وڻن کان وٺي ويندي ولين جي مقبرن ۽ ڪتبن تائين جن جي کڏڙن ۾ ڪبوتر پرن ۾ منهن هنيو ويٺا هيا. گاڏير وسڪاري جو واس وٺي رهيا هيا، انهن پاڻ کي اجرڪن ۾ ويڙهي ڇڏيو هيو، ٻيو پاڻي هيو جو ٽڙڪاٽ ڪندو انهن جي اجرڪن کي آلو ڪندو، ململ جي قميص مان لنگهيندو، انهن کي وهنجاري رهيو هيو. هو سرديءَ کان ڪرنگهي ۾ اٿندڙ ڌرڙين مان لطف وٺي رهيا هيا. هو ڳائي رهيا هئا، هر شيءِ کان بي خود، انهن جي آوازن ۾ڪا به خوف جي لرزش نه هئي، ان ۾ مستي سمايل هئي، جنهن انهن جي آوازن جي گونج کي ڦهلائي ڇڏيو هيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ اهي چپ آهن ۽ انهن جي اندر ۾ ڪو آهي جيڪو وادين جي آلاڻ ۾ پاڻ به گهلڻ ٿو چاهي. ڊوڙندڙ ڏاندن جي ڇڪ کان گپ ۾ پيهجي اڳتي وڌندڙ ڏاند گاڏين جي ڦيٿن مان چرڙاٽ ٿي نڪتا، جيڪي مينهن جي گوڙ گمسان ۽ ڌڌڪن ۾ دٻيل هوندي به منفرد هيا.
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪيائين،
مندائتي مينهن جي، رت نه روڪيائين،
پلر پلٽيائين، سانگين گهڻا سک ٿيا.
۽ هو ڳائيندا ويا هڪ ٻئي پٺيان ڪرندڙ بوندن جي لڙاٽ پويان ڏور ٿيندا تمام ڏور......
اڌروٽ علي نواز بلوچ جي گهر ۾ ٻيو ڪجهه به نه هيو، سواءِ هن جي زال ۽ ٻن ٻارن جي، جن مان هڪ ڌيءَ هئي ۽ ٻيو پنجن سالن جو پٽ. جنهن جا ڦاٽل ڪپڙا مينهن ڪري آلا ٿي ويا هيا ۽ هو ٿڌ کان ڏڪي رهيو هيو، پر هن کي ڪا به پرواهه نه هئي، هو سرديءَ کان ڏڪندي به پنهنجي شرارتن کان نه ٿي مڙيو. هن هر هر ستن سالن جي لاليءَ کي تنگ ٿي ڪيو، هروڀرو به هن غريب تي رعب ٿي ويهاريو. لاليءَ جهوپي جي ڇت مان ٽمندڙ پاڻيءَ جي بوندن سان آلي ٿيل ڌرتيءَ مان مٽي ٿي پٽي، جنهن تي ماڻس ڇڙٻيو ٿي. پر ڍڍو هيو جو هن جا مٽيءَ مان ٺاهيل سڀ رانديڪا ڊاهيو هر هر ڀڳو ٿي ويو. لاليءَ دانهن ڪري ماءَ کي ٿي سڏيو ۽ ماڻس ڍڍوءَ کي ڇڙٻڻ بدران الٽو لاليءَ کي ٿي ڳالهايو، ”مان ٿي ڇوانءِ گوڙ نه ڪر“ ۽ پوءِ هن نڪتل مٽيءَ ڪري ٺهيل کٻڙي ڏانهن هن جو ڌيان ڇڪائيندي ٿي چيو، ”هو ڏس ڪوٺيءَ ۾ ڪيڏو پاڻي گڏ ٿي ويو آهي.....اچي پڻهين ته ٻڌايانس ٿي”.
ماءُ جون ڇٻيون ٻڌي ويچاري لالي هر هر وسامي ٿي وئي. وسندڙ مينهن ماڻس کي ڇتو ڪري ڇڏيو هيو،. ڇت هئي جو ٽمڻ بند ئي نه پئي ڪيو ۽ مينهن گذريل ٻن پهرن کان ساڳي رفتار سان پئي وسيو. هوا بند هئي ۽ وڻ ائين بي جان محسوس ٿي رهيا هئا جيئن گوتم اکيون ٻوٽيون ڌيان ۾ گم هجي ۽ هن کي ڪنهن به مينهن يا طوفان جي پرواهه نه هجي. ٻارين جا ٻنا پسي پلپلا ٿي ويا هيا ۽ ٻنين ۾ چڱو پاڻي دٻا ٺاهيو بيٺو هيو. علي نواز بلوچ جو گهر به انهن ئي ٻنين جي وچ ۾ اوڏڪين ڀتين جي ڪمزور ڪلهن تي رکيل جهوپو هيو ۽ اڳيان اگهاڙو اڱڻ جنهن جون حدون ٽوها ۽ ڪانڊيرا هيا، جيڪي مينهن جي بوندن هيٺان ڌوپجي صفا سانورا ٿي ويا هئا ۽ پورو لوڙهو ائين ٿي لڳو جيئن ڪاري بدن وارو وحشي اکيون ٻوٽي پيو هجي ۽ وسندڙ مينهن ۾ وهنجندو هجي.
لالي اڃا به مٽيءَ سان پئي کيڏي ۽ ڍڍوءَ هن کي هر هر تنگ ٿي ڪيو، ڇت مان ساڳيءَ ريت پاڻي پئي ٽميو، جنهن جي رفتار ۾ تيزي اچي وئي هئي. هاڻي ڇت مٿان جهڪيل بڙ جون اهي لامون به بي سڌ ٿي نظر آون، جيڪي جهوپي جي ٻئي هنڌ تائين پنهنجون ٻانهون پکيڙيون بيٺيون هيون، پري کان انهن ٽارين جي وچ ۾ بيٺل جهوپڙي ائين نظر ايندي هئي، جيئن بڙ جيڏو مضبوط بلند خدا پنهنجو هٿ ڊگهيڙي جهوپڙيءَ جهڙي ڪمزور ۽ سجدي ۾ پيل هيڻي انسان مٿان ڇانو ڪندو هجي. وقت گذرندو ويو ۽ مينهن وڌندو ويو، ٽپهري وهنجي ته سانجهيءَ به وهنجڻ لاءِ وار ڇوڙيا.
علي نواز بلوچ اڄ وقت کان پهرين ئي گهر وري پيو هيو، هنجي ڪلهي تي هميشه جيان ڪوڏر رکيل هئي، پر اڄ هن ململ جي قميص لاهي، نيپوڙي هٿ ۾ کنئي هئي. باقي پوتڙو هيو، جيڪو هن کي گوڏن تائين ٻڌل هيو، جنهن مان پاڻي جون بوندون پئي ڳڙيون ۽ هيٺ هن جي پنين تائين گپ سان ڀريل ڄنگهن ۾ جذب ٿي ٿي ويون. پوتڙو آلو هجڻ ڪري هن جي بدن سان چهٽي پيو هيو، جنهن ڪري هن جو انگ انگ صاف ظاهر ٿي رهيو هيو. سيني ۽ بدن جا وار وسندڙ پاڻيءَ ڪري بدن سان ڄمي پينگهي ۾ سمهيل ٻار جيئن سانت هيا. مڇون هيٺ جهڪيل هيون ۽ مٿي جا وار ڳنڍا ڳنڍا، جن هنجي ڪنن کي ڍڪي ڇڏيو هيو، هو جهوپي ۾ گهريو ته اڱڻ ۾ اڃان به نم جون اهي ڏانڊيون اتي ئي پون هيون، جن کي هن صبح ڏندڻ ڀڃي اڇلايو هيو، ڪچڙن ڳاڙهسري گونچن واريون ٽاريون جن جي چوٽين جا سرا هن کي ڏاڍا ڀلا ٿي معلوم ٿيا. هو اندر گهريو ته هن جي گپ هاڻن آلن پيرن ڌرتيءَ تي هن جي قدمن جو ڪو به نشان نه ٺاهيو، ڇو جو ڌرتي به هن جي پيرن جيان آلي هئي.
هن کي ڏسي لاليءَ اڇل ڏني ۽ پنهنجن مٽيءَ هاڻن هٿن سان هن کي وڃي چنبڙي علي نواز هن کي کنيو ۽ ڳل تي چمي ڏني. لاليءَ جي ڄڻ دل وڏي ٿي وئي، هن ٿڌو ساهه کڻي پيءُ کي ڍڍوءَ جي شڪايت ڪئي. ”بابا ڊڍوءَ نه منهنجا سڀ رانديڪا ڀڃي ڇڏيا”. هن جي منهن ۾ ويچارگي اچي وئي، جيڪا ان وقت هر ٻار جي منهن ۾ اچي ويندي آهي. ڇو جو پيار ملڻ سان انهن جي من جي چلولائي پاڻيءَ جيان رجي انهن جي من کي ڀري ڇڏيندي آهي. علي نواز منهن ۾ گهنج وجهي پٽ کي ڇڙٻيو. پر ڍڍو هن اڳيان سينو ساهي بيهي رهيو، ”نه مڙندم ڇا ڪندين“ هن چيو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ اٻاڻڪو ٿي پيءُ ڏانهن نهارڻ لڳو، پر پڻس ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. هن لاليءَ کي هيٺ لاهي گلان ڏانهن نهاريو، جيڪا جهوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ بيهي هن ڏانهن نهاري رهي هئي، جتي مينهن کان ڪجهه نه ڪجهه بچاءَ ۽ ڇت مٿان سٺي نموني لنبيل هئي، پر هيٺيان ڌرتي آلي هئي، جو پاڻي اوڏڪي ڀت جي پاڙ مان سمي جهوپي ۾ ننڍا ننڍا دٻا ٺاهي رهيو هيو. ”گهر۾ پچائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي؟“ علي نواز پڇيو ۽ گلان ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو.
”هتي ته باهه ٻارڻ جي جاءِ نه آهي“ هن چيو
علي نواز پهريون دفعو ڄڻ جهوپي ۾ نظر ڦيرائي نهاريو. چيڪڙ سان ڀريل ڪچي زمين ۽ پاڻيءَ ۾ پسيل هر ڪا شيءِ پاٿاريءَ تي رکيل بسترا پاڻيءَ جي وزن کان سسي ويا هئا ۽ پکي جي وچ ۾ بيٺل پنڃر جي ٻانهيءَ ۾ ٽنگيل ديڳڙيون ۽ لوٽا ائين ٿي محسوس ٿيا، جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ٿڪ پٽڻ لاءِ ڪجهه منٽ ڪر ڀڳا هجن ۽ ان جي جسم تي پگهر جون هلڪيون هلڪيون بوندون چمڪنديون هجن. پوريءَ جهوپڙيءَ ۾ پلال گاڏڙ مٽيءَ جي هلڪي خوشبوءِ سمايل هئي، جيڪا ڦهلجندڙ اوندهه ۾ ڏاڍي عجيب ٿي لڳي.
وقت گذريو ته مينهن سان گڏ هنن جي خوف ۾ به اضافو ٿي ويو. خاص ڪري گلان جيڪا اندر ئي اندر ۾ پڄري بخيل ٿي پئي هئي. هوءَ ٻارن کي هر هر ڇڻڀي جهوپڙيءَ جي ان پاسي ڏانهن ڇڪي رهي هئي، جيڪو ٽمندڙ ڇت جي مصيبت کان محفوظ هيو، پر ٻار مينهن مان مزو وٺي رهيا هيا. هو هر هر پاڻ ۾ وڙهيا ٿي ۽ وري پرچي کيڏيا ٿي. علي نواز ڪوڏر سان اوڏڪين ڀتين جي پاڙن ۾ مٽيءَ جا لپا ڏئي انهن کي سهارو ڏئي رهيو هيو، پر مٽي اتي ڄمي ئي نه پئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ هو ضدي ٻار جهڙين ڀتين کي جتن ڪري پرچائي رهيو هيو، پر ڳوڙها هيا جيڪي قطارن جي صورت ۾ انهن تان ترڪيا ٿي ويا ۽ وهندي وهندي انهن جي پاڙن ۾ پيل مٽيءَ جي لپن کي به لوڙهيو ٿي ويا. علي نواز جي محنت جو ايترو ڦل ضرور ٿيو ته هاڻي پاڻي آسانيءَ سان اوڏڪين ڀتين مان رسجي اندر نه ٿي آيو. هو مسلسل ڌرتي کوٽي انهن جي پاڙن کي سهارو ڏيندو رهيو. انڌيري ۾ وڄ چمڪڻ شروع ڪري ڏنو هيو ۽ گاج سان گڏ هن کي پنهنجي اگهاڙي پٺيءَ تي ڪرندڙ بوندن جا ٽڙڪا ائين ٿي محسوس ٿيا، جيئن جهوپي مٿان بيٺل بڙ جي ٽارين مان پاڻي جي بار کان ٺڪاءَ نڪرندا هجن ۽ اهي ڏار ڪرندا محسوس ٿيندا هجن.
گلان ڏاڍي فڪر مند ٿي وئي هئي. هن کي اوڀر واري جاري مان سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو هيو. سانجهيءَ جي لاش کي وهنجاريندڙ بوندون ۽ نيريءَ وڄ جا چمڪاٽ، جيڪي آسمان ۾ ٺڪائن سان گڏ پيدا ٿي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پکڙجي ويا ۽ انهن چمڪاٽن جي روشنيءَ ۾ پري پري تائين بيٺل وڻ، جيڪي ڄڻ پنهنجي ساول وڃائي ويٺا هيا ۽ انهن ۾ موت جهڙي نيراڻ ڀرجي وئي هئي. هوءَ وڄ جي روشنيءَ ۾ انهن پاڻي سان ٽٻ لاهين ۽ تراين کي ڏسي رهي هئي، جن ۾ مينهن جون بوندون ڌڙڪڻ جا آواز پيدا ڪري ڦوٽا ٺاهي رهيون هيون، جن مان ڪجهه ڦاٽي رهيا هيا ۽ ڪجهه ٺهي رهيا هيا.
هيءُ ايڏو مينهن ته ڪو نه هيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ان کان به وڌيڪ خطرناڪ مينهن ڏٺا هيا، پر پوءِ به هوءَ دلگير ٿي وئي هئي. هن کي رکي رکي ٻارن جو خيال ٿي آيو، جيڪي ٽمندڙ ڇت هيٺان لاپرواهي سان کيڏي رهيا هيا. هوءَ پوريءَ طرح انهن ڏانهن متوجهه ٿي وئي ۽ هن پنهنجي ليکي اکيون ٻوٽي ڀڻڪيو. هوءَ خدا ۽ رسول جا نالا وٺي انهن کي ياد ڪرڻ لڳي.
ڍڍوءَ ماءَ جي ال ڪئي. ”الا سائين....... کلا سائين....... ملا سائين........“ ۽ پوءِ هو ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
”چپ ذليل“ ماڻس زور سان چيو ۽ لالي ڳاڙهي ٿي رعب ويهارڻ لاءِ ٻانهون کنجي هن تي چڙهي آئي.
”حرامي....... ڪافر ........ الاهه جي نالي....... تنهنجو من وڌي ويو آ”.
هن جيئن ئي ڍڍوءَ کي پڪڙي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڍڍوءَ اڳ ۾ ئي هن کي منهن واري چماٽ وهائي ڪڍي ۽ هوءَ ڍاڍيون ڪري روئي پئي. لاليءَ کي روئندو ڏسي ماڻس هن کي ڪنڊ ۾ ڇڪي ورتو ۽ ڍڍوءَ ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاري، هن کي پرچائڻ لڳي.
هر طرف سانت لڳي پئي هئي، ڄڻ وڌندڙ انڌيرو هر گوڙ کي چهي وڌيڪ ڪارو ٿي ويو هيو. هاڻي ته مٿان کان هيٺ ڪرندڙ بوندو به نه ڏسجي رهيون هيون، سواءِ ان وقت جي جڏهن وڄ چمڪي ٿي ۽ ان ۾ نيريون پيليون ڦينگون هڪٻئي پٺيان هيٺ اينديون ٿي نظر آيون، نه ته انهن جا ٿڙڪا پئي ٻڌا ۽ ٻيو گاج جو شور، جيڪو هڪ وڏي ڌماڪي سان ڦهلجي آسمان جي ٻئي ڪنڊ تائين ڊڪندو جهڪو ٿيندو ٿي ويو، جيئن ڪنهن کي عذاب پهچائي. هن جي وات تي هٿ ڏئي، هن جي بلند ٿيندڙ رڙ کي روڪي جهڪو ڪيو وڃي. علي نواز جهوپڙيءَ ۾ ويٺو سهڪي رهيو هيو. هن جون ڄنگهون ڦهليل ۽ وات کليل هيو. هن بدن کي ٻانهن جي سهاري ڇڏي ڏنو هيو، جيڪي هن جي پٺيءَ کان وريل ۽ چنبن ڀر ڌرتيءَ تي کتل هيون، جهوپي ۾ ٻرندڙ چمني جي روشنيءَ ۾ هن جي بدن تان ڳڙندڙ پاڻي هڪ پاسي کان هيڊو ٿي نظر آيو ۽ ٻي کان ڌنڌلڪو. ٻارن کي هاڻي بک به لڳڻ شروع ٿي وئي هئي، هو هر هر مٿو کنهي، کڙين کي زور سان ڌرتي تي هڻي ماءُ کي روئي مانيءَ لاءِ چئي رهيا هيا، ماڻس هر هر انهن جي کاڏين تي هٿ ڦيري دلاسو ٿي ڏنو ۽ علي نواز ڏي ٿي ڏٺو، جيڪو ائين ئي ويٺو اکيون ٻوٽي سهڪي رهيو هيو.
”اڙي مينهن بند ٿي ته ماني پچايون ٿا“ هن ويٺي ويٺي ٿڪيل آواز ۾ چيو ”اڙي ميان آهي ته خير“
۽ جهوپي ۾ خاموشي ڦهلجي وئي، جنهن ۾ ڇت مان ڳڙندڙ بوندن جا آواز، جهنگ ۾ ٽان ٽان ڪندڙ ڏيڏرن جي آواز سان مشابهت رکي رهيا هيا.
”اڄ ته مينهن بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي“ گلان چيو، ”خدا خير ڪري.... ڀتين جون پاڙون ئي ڳري ويون آهن.“ هن سوچيو جيڪر هي جهوپو ڇڏي ڪنهن ٻيءَ جڳهه تي پناهه وٺجي، پر هر طرف پاڻي پاڻي هيو. وڄ جي روشنيءَ ۾ نظر جي حد کان شروع ٿي ٻيءَ حد تائين وڻن جون پاڙون به پاڻيءَ ۾ ٻڏل ٿي نظر آيون. هر طرف پاڻيءَ مان ٺهندڙ ۽ ڦاٽندڙ ڦوٽا هيا، ائين ٿي لڳو ڄڻ پوري ڌرتيءَ کي ماتا نڪتي هجي ۽ هوءَ عذاب کان دانهيندي هجي. علي نواز گلان جي ڳالهه تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهيو هيو. مينهن ۾ سڄو ڏينهن ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ جي ٿڪاوٽ ۽ ڀتين جي پاڙن کي سهارو ڏيڻ جي تڪليف ڪري هن جو سنڌ سنڌ ڏکي رهيو هيو. هن کي گلان جي ڪا به ڳالهه نه ٿي وڻي، هو مينهن کان بي فڪر هيو، آخر هو سوچي به ته ان مصيبت تي ڇو سوچي. آخر هو ڪري به ڇا پيو سگهي. هنن جي ته حياتي ئي انهن ڪچن جهوپن ۾ بسر ٿي هئي. انهن جي پناهه لاءِ هيا ته اهي ئي جهوپا جيڪي پنهنجي ڪمزور ڪچين ٻانهن تي وزني تگارين جهڙين ڇتين کي جهليو بيٺا هيا، علي نواز سمهڻ پيو چاهي ۽ هن کي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا، ٻار پهريون کان به وڌيڪ بي چين ٿي ويا هيا ۽ گلان پنهنجون آڱريون مهٽيندي رهي.
رات جي ٻئي پهر جڏهن گلان ڪنڊ ۾ پنهنجي ٻنهي ٻارن کي ڪڇ ۾ لڪائي، انهن جي وارن ۾ هٿ ڦيري رهي هئي ۽ ٻئي ننڊا ٻار پنهنجي آلن ڪپڙن ۽ مٽيءَ هاڻن هٿن سان هن جي ڪڇ ۾ اکيون ٻوٽيو ستا پيا هيا ته اوچتو ڀتيون هيٺ جهڪنديون ويون. علي نواز جهوپي ۾ سڌو ٿيو سمهيو پيو هيو، هن جي پيشانيءَ ۾ گهنج هيا، پوءِ به هن جي ساهن کڻڻ جي سلسلي مان ائين ٿي لڳو جيئن هن کي ڪو به فڪر ڪو نه هجي، جيئن چوندو هجي، آخر ڪري به ڇا ٿو سگهجي؟ ڇت هيٺ جهڪندي وئي، پوءِ اوڏڪين ڀتين هڪ ٿلهي سوڙ جيان انهن جي وجود کي مينهن جي بوندن کان بچائي ورتو. جهوپي مان ڪا به دانهن بلند نه ٿي پر ڀتين ۽ ڇت جي ڪرڻ سان دٻڪو ضرور پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ دهلجي ويو. هيٺ ڪريل ڍير مان مٽي دونهي وانگر مٿي بلند ٿي اڏامڻ جي ڪئي پر لڳاتار ڪرندڙ مينهن جي بوندن ان کي پاڻ ۾ سمائي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
ماحول تي ساڳي سانت هئي وڻ وهنجي رهيا هيا ۽ انهن جون ٽاريون پاڻيءَ جي وزن کان ڳوريون ٿي ويون هيون. هوا ۾ سمايل مٽيءَ جي خوشبوءَ هر ڪنهن کي مست ڪري رهي هئي. هر ساهه وارو خوش هيو، گاڏير سرديءَ ۾ ڏڪندي به وسڪاري جو واس وٺي رهيا هيا، سرديءَ کان ڪرنگهي ۾ اٿندڙ ڌررين مان لطف وٺي رهيا هيا، هو ڳائي رهيا هيا. هر شيءِ کان بي خود، انهن جي آوازن ۾ خوف جي ڪا به لرزش نه هئي، ان ۾ هڪ مستي سمايل هئي جنهن انهن جي آوازن جي گونج کي ڦهلائي ڇڏيو هيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ اهي چپ آهن ۽ انهن جي اندر ۾ ڪو آهي جيڪو وادين جي آلاڻ ۾ پاڻ به گهلڻ ٿو چاهي. ڊوڙندڙ ڏاندن جي ڇڪ کان گپ ۾ پيهجي اڳتي وڌندو ڏاند گاڏين جي ڦٽين مان چرڙاٽ ٿي نڪتا، جيڪي مينهن جي گوڙ گمسان ۽ ڌڌڪن ۾ دٻيل هوندي به منفرد هئا.
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪيائين،
مندائتي مينهن جي، رت نه روڪيائين،
پلر پلٽائين، گهڻا سانگين سک ٿيا.
۽ هو ڳائيندا ويا. هڪ ٻئي پٺيان ڪرندڙ بوندن جي لڙاٽ پويان ڏور ٿيندا ويا. ڏور ...... تمام ڏور.....