ديپڪ
اوڻٽيهه سال گذري چڪا آهن، راڳ رنگ نه لاتو. جوش ۾ شدت اچي وئي، واڇون وڌيڪ چٻيون ٿي ويون، آواز ۾ وڌيڪ گجگوڙ اچي ويو. سڀ عمارتون وڃن ٿيون وقت سان گڏ وڌنديون. من چئي ٿو ”ير! هڪ نه هڪ ڏينهن انهن کي باهه ضرور لڳندي، ديپڪ راڳ ڪوڙو نه ٿو ٿي سگهي، استاد تانسين جو قسم آ. ديپڪ ضرور رنگ لائيندو”.
ڏسان ٿو منهنجي سامهون ٻن ٽن آسمان جيڏين بلند عمارتن جي درين مان دونهون فضا ۾ پکڙجي رهيو آهي. جلندڙ شين جي ڌپ، دونهي سان گڏ نڪ ۾ داخل ٿئي ٿي. تان ۾ هڪ نئون رنگ ڀرجي ٿو وڃي. اکيون ٻوٽي، هڪ هٿ سان تنبورو وڄائيندي، ٻيو هٿ فضا ۾ ڊگهيڙيندي زور سان راڳ آلاپيان ٿو. باهه وڌندي ٿي وڃي،. دونهين جي جاءِ هيڊا ڳاڙها باه جا الا ٿا اچي والارين. ماڻهن جي هوءِ هوءِ تيز ٿي ٿيندي وڃي. وارو وارو جا آواز ٿا اچن، هو مون کي پڪ ڳوليندا هوندا، هنن کي خبر آهي ته مان اوڻٽيهه سالن کان انهن جي عمارتن اڳيان ديپڪ راڳ ڳائي رهيو آهيان. خوف ۽ خوشيءَ جا تاثر گڏجي منهنجي آواز ۾ نئون جوش ٿا آڻي وجهن.تنبوري جي تان ”ها...... آ“ جي آواز سان چٻيون سئيون ٿيندڙ واڇون، هوا ۾ سر جي تان تي لهرائيندڙ هٿ. اڄ اهي سامراجي ضرور بسم ٿيندا. ديپڪ ڪوڙو نه آهي. استاد تانيس جو قسم اڄ واهه جو لڳو اٿن.
باهه وڌندي ٿي وڃي، ماڻهن جي هل آسمان مٿي تي کڻي ڏنو آهي، شهر جي گهگهن هڪ ئي مهل وڄڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
اکيون کولي ڏسان ٿو، منهنجي سامهون ڪيتريون ئي عمارتون باهه جي الن جي لپيٽ ۾ آهن. راڳ ڳائڻ بند ٿو ڪريان ۽ سامراجين جي سڙڻ جو مزو ڏسڻ لاءِ لٽا ڇنڊي، اٿي تنبوري کي هٿ ۾ لڙڪائيندو اڳتي ٿو وڌان، ٻرندڙ جاين جي ويجهو ٿو ايندو وڃان، پريان ڏسان ٿو، ڪيترائي همراهه هٿن ۾ باهه جا الا کڻي نعرا هڻن ٿا. هنن جي آوازن ۾ باهه کان وڌيڪ رعب ۽ دهشت ڀريل آهي. هو عمارتن کي باهيون ڏيندا، اڳتي وڌن ٿا. هو مزدور آهن. پنهنجو حق گهرن ٿا. مون کي پنهنجي بڪواس کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي ٿي، پنهنجي خوشفهميءَ تي ڏک ۽ خار اچي ٿي. مون جيڪي اوڻٽيهن سالن ۾ نه ڪيو. اهو هي جوان منٽن ۾ ڪري ويا. تنبوري کي ڏسي، پوءِ خار مان مٿي بلند ڪري، باهه جي الن اندر اڇلي ڇڏيان ٿو. ٽڙڪاٽ ڪري ٻرندڙ ڪاٺين مان هڪ وڏي ڪاٺي کڻي انقلابين جي پٺيان هلندو وڃان ٿو.