چچريل زندگين جا قافلا
قافلو وڌندو ويو ۽ ڳوٺ جا پوئتي ڇڏيل جهوپا اڳتي وڌندڙ قافلي جي قدمن جي ڌوڙ ۾ ڌنڌلڪا ٿيندا وڻن پويان گم ٿي ويا ۽ اڳيان ميلن ۾ ڦهليل، ساون وڻن جي جهنڊن ۾ لڪل ٺوٺ سڪل زمين جا ٻارا، انهن اڳيان نروار ٿي بيهي رهيا.
راهوءَ منجهند تائين هر ڪاهيو ۽ هو سج جي وڌندڙ تپش جو تاب نه سهي کيڙيل زمين جي وڏن وڏن ڀترن تي قدم رکندو اچي واهه جي ڪناري تي ويٺو. هن پاڻيءَ جو ٻڪ ڀري وات ۾ وڌو ۽ لڳاتار پاڻيءَ جا پنج ڇهه ٻڪ پي ويو. هن اونهو ساهه کڻي ڀنڀي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن ۾ لڙڪندڙ پاڻي جي بوندن کي ٻانهن هڻي مهٽيو ۽ پنهنجي آلين ٻانهن کي قميص جي پاند سان اگهندو، ٻنيءَ جي بند تي بيٺل ٻٻر جي ڇانو ۾ اچي ويٺو. هن ڪجهه گهڙيون اکيون ٻوٽي پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ اکيون کولي سامهون ڦهليل ڌرتيءَ کي نهاريو. ناسي ڀوري ڌرتي تي پاتل هر جا تازا ليڪا ۽ ڪاٿي ڪاٿي بيٺل ٽوها. هن کي اها ڌرتي ڄانڱري ٻير جيان محسوس ٿي. جنهن مان هو ڦل حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ وڌائيندو ۽ اهي زخمي ٿي پوندا. هن سوچيو کيس ان ڌرتيءَ تي گهمڻ مهل قدم قدم تي زهري ڪنڊا محسوس ٿيندا هيا. هن کي ان ڌرتيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجائپ محسوس نه ٿي هئي. اها اوپري هئي تڏهن ته هن کي رسولو چوندو هو ته ”راهو، ڇا تون جنهن ڌرتيءَ تي ڌر تتيءَ بکون ۽ تڪليفون ڪاٽي هر هلائين ٿو اها توکي ڪڏهن پنهنجي محسوس ٿي آهي“.
هو سڀ ڪجهه سمجهندي به پنهنجي وڏن واتان ٻڌل جملو چوندو هيو ”ڌرتي وڏيري جي آهي، اهو مالڪ آهي، اسان کي ڀلا ڪهڙو حق ٿو پهچي ته پرائي ملڪيت تي قبضو ڪريون؟“ پر اڄ هن کي احساس ٿي رهيو هيو، رسولي سان هن جون ڪيل ڪچهريون هاڻي رنگ ڏيکاري رهيون هيون، هن جو يار رسولو جيڪو خبر نه هڪ ڏينهن ڪٿان اچي ڳوٺ ۾ وارد ٿيو ۽ پيٽ پالڻ لاءِ وڏيري وٽ ڌنار ٿيو هو. سنهڙو ۽ خوبصورت شڪل وارو جيڪو ڌنار گهٽ ۽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرو وڌيڪ لڳندو هيو. هو هر ڳوٺاڻي سان زوريءَ ڪچهري ڪندو هيو. انهن سان عجيب قسم جون سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهيون ڪندو هيو.
اهو پوءِ، هن راهوءَ کي ٻڌايو هيو ته هو شهر مان صرف انهن کي پنهنجي حقن ۽ وڏيري جي ظلم جو احساس ڏيارڻ آيو آهي، هو لکيل پڙهيل آهي ۽ هن جا ٻيا ساٿي به آس پاس جي ڳوٺن ۾ ٻين هارين سان گڏ ٻنين تي ڪم ڪري رهيا آهن. رسولو هوندو ڏاڍو بي باڪ هيو، ٻڪريون چاريندي موج ۾ اچي سيٽيون گهڻيون وڄائيندو هيو، سيٽي هن جي اچڻ جي مخصوص نشاني هوندي هئي، ان کان پوءِ هو ڪلهن ۾ لٺ لٽڪايو، موج ۾ جهومندو، وڻن جي جهنڊن مان ظاهر ٿيندو هيو. هو وڏيري جي سخت خلاف هيو، هو چوندو هيو ”هي زمينون انهن جون آهن جيڪي انهن کي آباد ڪن ٿا. ڪوئي ڪنهن جو مالڪ نه آهي. هر انسان پنهنجي زندگيءَ ۽ محنت جو پاڻ مالڪ آهي ڪوئي به ڪنهن جي زندگي کي استعمال ڪرڻ جو حق نه ٿو رکي، سڀ برابر آهن“. ڳوٺ جا ڪراڙا هن کي چريو سمجهندا هيا، هو جڏهن به مستيءَ ۾ سيٽيون وڄائيندو، ڪلراٺي زمين تي هلندو وڻن جي پويان ظاهر ٿيندو هيو ته منجهند جي وقت، ٿڪاوٽ ۽ گرميءَ کان چور چور ٽاپ تي ٿڌي پاڻيءَ جي مٽ تي چوڌاري ويٺل، ڪراڙا هن کي پريان ڏسي کلي پوندا هيا.
”اچيو ٿو چريو“ هو چوندا هيا ۽ پوءِ ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا هيا. پهريون پهريون رسولي انهن ٻڍن سان چڱي مٿي ماري ڪئي هئي. پر ان ڳالهه کي هميشه بيوقوفي تصور ڪندا هيا ته هو پنهنجي زندگي پاڻ تي استعمال ڪرڻ جا مستحق آهن. پوءِ رسولي به انهن کي ڪن هڻن ڇڏي ڏنو. هو راهوءَ کي واڇ چٻي ڪري ڪلهن ۾ لٽڪيل لڪڻ ۾ هٿ اٽڪائي هيٺ جهڪي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هيو. ”ڪراڙا موت کان سواءِ ٻيو سوچي به ڇا ٿا سگهن؟“ هو نوجوانن ۾ يقين رکندو هيو پر آخري وقت تائين هو پنهنجي ڀر جو هڪ نوجوان به ٺاهي نه سگهيو. نوجوان اڪثر ڇڙواڳ هيا، هو ڇوڪرين جي ڳالهين کان سواءِ ڪا ٻي ڳالهه ٻڌڻ لئي تيار نه هوندا هيا ۽ خاص ڪري سردين ۾، جڏهن ساوا چڻا ناسي ٿي ويندا هيا ۽ پوهه جا پارا ڦٽي نروار ٿيندا هيا، ته ٽوليون ٺاهي، ڪنهن پيهي هيٺان باهه ٻاري ڏڌڙي پچائيندا هيا ۽ هٿ سيڪي مزي مزي سان ڳوٺ جي جوانڙين جون ڳالهيون ڪندا هيا ۽ ڏڌڙي چٻاڙي راتيون بسر ڪندا هيا. ڪڏهن راهو به انهن جيان هو، پوري رات هو خانيءَ جي تصورن ۾ بسر ڪندو هيو ۽ ائين ئي پيهي هيٺان پوهه ۾ ٻرندڙ باهه ۾ ڏڌڙيءَ تي ڪچهريون ڪندي هن جو وقت بسر ٿيندو هيو. پر جڏهن پڻس گذاري ويو ۽ بيواهه ماءُ ۽ يتيم ڀائرن جو ٻوجهه اچي سندس ڪلهن تي پيو ته هو پنهنجي جاءِ تي اچي وڏيري جي زمين جو هاري ٿيو هو. رسولي سان هن جي ملاقات به اتي ئي ٻنيءَ تي ٿي هئي ۽ پوءِ هو هن جي بي باڪ شخصيت کان متاثر ٿي هن سان گهرو ٿي ويو هيو. رسولو راهوءَ کي هميشه ان ڳالهه تي اڪسائيندو هيو ته ڪيئن به ڪري وڏيري کان زمين کسجي، ۽ اها ڳوٺ جي هارين کي ورهائي ڏجي. ڪڏهن ڪڏهن راهوءَ کي رسولي کان خوف محسوس ٿيندو هيو، جيئن هو ڳوٺ ۾ وڏيري کي قتل ڪرڻ آيو هجي هن جي ياري هڪ قاتل سان هجي، پر تڏهن به هن کي رسولي جي ڳالهين ۾ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو هو ۽ هن جي عزت ڪندو هو.
هڪڙي ڏينهن هو رسولي سان گڏ سرور شاهه جي مقبري جي ٻاهران مٽيءَ جي ٿلهي تي ويٺو هيو. سنجها جو ٽائيم هيو ۽ مقبري مان ايندڙ پاريهرن جي ڳٽڙون ڳون، ڳٽڙ گون جا آواز بلند ٿي رهيا هيا، سرمئي انڌيرن ۾ ڳاڙهو شفق، افق ۾ جذب ٿي ويو هيو. هاري ڪلهن تي هر کنيو ڍونڍا ٿيا، ڏاندن کي ڳٽڪارون ڏيندا وٿاڻن ڏانهن وري رهيا هيا. وڻ خاموش هيا ۽ هوا ۾ اوٻر ڪري هٻس سمايل هيو. ڳالهين ڳالهين ۾ رسولي هن کي شهر جو هڪ واقعو ٻڌايو هو. هن چيوهو ته ”راهو، شهر جي پوليس هڪ اهڙي ٽولي کي پڪڙيو آهي، جيڪو ٻارن کي اغوا ڪري پٿر ڍوئائيندو هيو ۽ انهن کي زوريءَ پنائيندو هو“.
”اڇا!“ راهو جون اکيون ويڪريون ٿي ويون هيون ۽ هن چيو هو ”پوءِ پوليس انهن کي ڇا ڪيو؟“
”پهريون پوري ڳالهه ٻڌ نه“ رسولي چيو هو ۽ پوءِ ساڳي مخصوص انداز ۾ واڇ چٻي ڪري ڳالهه جاري رکي هئي. ”اهي انهن ٻارن جي ڪمائي پاڻ کڻندا هيا، انهن کي مارون ڏيندا هيا ۽ ڳٽن کي ڏنڀ ڏئي انهن جي منهن کي خراب ڪري ڇڏيندا هيا. جيئن انهن کي مائٽ نه سڃاڻي سگهن“.
”انهن کي کارائيندا پياريندا به پورو سارو هيا؟“ راهوءَ ٻار جيان بي چين ٿي سوال ڪيو هو.
”انهن کي کارائيندا به پورو سارو هيا بس جيئن اهي جيئرا رهي سگهن ۽ انهن لاءِ ڪمائي سگهن.“ رسولو ڪجهه دير خاموش ٿي ويو هو، جيئن پنهنجي سوچن کي گڏ ڪندو هجي، پوءِ هن ڳالهه کي پورو ڪندي چيو هو ”هڪڙي ڏينهن پوليس ڇاپو هڻي ان ٽولي کي پڪڙيو ۽ جيل اماڻي ڇڏيو“.
”بس ڇڙو جيل اماڻي ڇڏيو؟“ راهوءَ ڪاوڙ ۾ چيو ”جيڪڏهن مان پوليس وارو هجان ها ته انهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيان ها.“
جوش کان راهوءَ جي ڳلن ۾ سرخي ڀرجي آئي هئي ۽ هن جي ڀنڀي ڏاڙهيءَ جا وار سڌا ٿي سخت سوئي جهڙا ٿي ويا هئا. رسولي ڪجهه دير راهوءَ کي نهاريو هيو ۽ پوءِ هن جي منهن ۾ گنڀيرتا ڀرجي آئي هئي، سنجها هن جي ڳوڙهن کي لڪائي ڇڏيو هو.
”راهو، هڪ ڳالهه چوانءِ ناراض ته نه ٿيندي؟“ رسولي چيو هو ۽ راهوءَ ٺهه پهه وراڻيو هيو ”چئه“
رسولي ڀريل آواز ۾ چيو هيو ”تون انهن ظالمن کي ان ڪري ڦاسيءَ تي چاڙهين هان جو انهن معصوم ٻارن جي زندگي تباهه ڪئي هئي، انهن تي ظلم ڪيو هيو؟“
راهوءَ عجب مان هن کي نهاريو هيو ۽ لاشعوري طور چيو هيو.
”ها ها....“
”تون انهن کي ان ڪري نه بخشين هان جو انهن ڪن انسانن جي زندگيءَ کي استعمال ڪري انهن کي تباهه ڪيو، پنهنجي زندگيءَ کي ٺاهيو؟”
”ها ها.... اڳتي چئه“
”راهو زندگي انسانن کي هڪ دفعو ملندي آهي، جيڪڏهن انسان دنيا ۾ هڪ دفعو اچي اها زندگي به ڦرائي وڃي ته ان کان وڌيڪ دوکو ڪهڙو آهي”.
”ها ها بابا سمجهيم... اڳتي چئه نه.”
راهوءَ بيزار ٿي چيو هيو ۽ سيني ۾ ڪنهن اٿندڙ درد کان رسولي جون اکيون ڀرجي آيون هيون. هن جي بي باڪ آواز ۾ پهريون ڀيرو لرزش اچي وئي هئي ۽ اهو ڳورو ٿي ويو هيو. هن چيو هيو ته ”پوءِ راهو هي جو روز هزارين هاري دوکو کائي پنهنجي زندگي ڦرائي رهيا آهن، سندن زندگيءَ جو پورهيو وڏيرو ڌاڙو هڻي، ڦري وڃي ٿو، ڇا اهو ظلم نه آهي، تون زمين تي هر هلائين ٿو، ڪيترن مهينن جي محنت کان پوءِ، جڏهن کيتن ۾ ساوا سلا اڀري سونهري ٿين ٿا، ته وڏيرو تنهنجي محنت تي قبضو ڪري کڻي وڃي ٿو ڇا تون پاڻ ڪڏهن پيٽ ڀري کاڌو آهي؟ تنهنجي زندگي ڇا زندگي نه آهي؟ ته پوءِ اها زندگي ڪيئن وڏيري جي ڪم اچي ٿي. تون جيئن چيو ته مان انهن ظالمن کي ڦاسيءَ تي لڙڪائي ڇڏيان ها، جيڪي معصوم ٻارن جي زندگين کي ڦري، پنهنجي زندگيءَ کي ٺاهين ٿا، ته ڇا وڏيرو هزارين هارين جي زندگين کي استعمال ڪري پنهنجو ڀڀ نه ٿو ڀري؟ اسان جي سماج ۾ هو هزارين زندگين کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ حق بجانب آهي؟ راهو توکي مڃڻو پوندو ته ماءُ جي پيٽ مان هر انسان هڪجهڙو ايندو آهي. ڌرتي ڪنهن جي ميراث نه هئي نه آهي، ته پوءِ ڪيئن هڪ شخص ڪنهن ٻئي شخص جي زندگيءَ کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو حق رکي ٿو. ڇا تون ان شخص کي ڦاسي نه ڏيندين جيڪو هزارين زندگين جو مالڪ سڏائي، انهن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ به سزا جو حقدار نه آهي؟”
راهو صفا سسي ويو هيو ۽ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو هيو ”يار توکي ته سڄو ڏينهن اهي ئي ڳالهيون آهن، هروڀرو بيزار ڪيو ٿي“. ائين چئي هن اوٻاسي ڏئي ڪنڌ ٻئي پاسي ڏانهن لاڙي ڇڏيو هيو ۽ رسولو اڃا به ائين ئي هيٺ ڪنڌ ڪيو ويٺو هيو. سنجها ڦري رات ٿي هئي ۽ هنن جا عڪس اوندهه ۾ گم ٿي ويا هيا.
ان ڏينهن کان پوءِ، راهوءَ ڪڏهن به رسولي جي سيٽين جا آواز نه ٻڌا. هن جو مستيءَ ۾ اچي ڪلهن ۾ لڪڻ ڦاسائي هلڻ نه ڏٺو. چپن چپن ۾ اها ڳالهه وڃي وڏيري جي ڪن پئي هئي ته هن جو ڌنار رسولو ماڻهن کي هن جي برخلاف ڀڙڪائي رهيو آهي. ان ڏينهن کان پوءِ وڏيرو رسولي جي ڪڍ پيو ۽ اهڙو موقعو هٿ ڪرڻ لڳو جو ان فتني کي پاڙن کان پٽي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏجي. پر رسولو ان کان اڳ ئي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو هيو. ٻيلن ۾ وڄندڙ هن جون سيٽيون خاموش ٿي ويون هيون. ڌڻ جي ڳچين ۾ ٻڌل گهنڊڙين جا آواز بند ٿي ويا هئا ۽ هر ڪنهن هن کي وساري ڇڏيو هيو. پر هو راهوءَ کي اڃا به ياد هيو. هو هن جي ٻڌايل هڪ هڪ لفظ تي غور ڪندو رهيو ۽ هاڻي هو به سوچي رهيو هيو. هن جي ٻني پچي راس ٿيندي ته وڏيرو جهار جيان اچي ان تي حملو ڪندو ۽ جهٽ پٽ ۾ ان کي ڀڀ ۾ سمائي ڇڏيندو. هو ان کي ڪجهه چئي به نه سگهندو، هن کي محسوس ٿيو، جيئن هو وڏيري جو زرخريد غلام هجي. هن جي زندگي پنهنجي زندگي نه هجي. جيئن هن جو وجود وڏيري لاءِ هجي. هو پنهنجو پاڻ کي اوپرو محسوس ٿيو. هن سوچيو. هن ننڍ وڏائي واري سماج ۾ زندگي جهڙي اهم شيءِ به غريبن لاءِ نه آهي، ٻين شين سان گڏ زندگي به اميرن لاءِ آهي هڪ غريب به اميرن لاءِ آهي”.
هن کي ٻٻر جي ڇانو ۾ سوچيندي سوچيندي سنجها ٿي وئي ۽ شفق جي لالاڻ افق ۾ جذب ٿيڻ لڳي. هن هر کڻي ڪلهي تي رکيو ۽ ڏاندن جي جوڙي کي ڳٽڪارون ڏيندو ٻين ڪڙمين سان اچي ساڻ ٿيو. هر ڪنهن جي ڪلهي تي هر هيو، هر ڪو ٺوٺ زمين جي ٻارن مان نڪري نروار ٿيندو ويو. هر ڪو ڪلهي تي صليب جهڙو هر سجائي، پيچرن جي ڌوڙ اڏائيندڙ قافلن ۾ شامل ٿيندو ويو. راهوءَ پويان ڪنڌ کڻي ڏٺو. ڏور اولهه ڏي، ڦهليل شفق جي لالاڻ اڳيان ڪلهن تي صليبن جهڙا هر سجائي، ڪارا ڪارا پاڇولا، اڳتي وڌي رهيا هيا. پاڇولا، جن جي جيئرو هوندي به زندگيءَ جو وجود نه هيو پر اهي اڳتي وڌي رهيا هئا. جن جي سامهون، لهرائيندڙ کيت هيا ۽ انهن جي قدمن چمڻ لئي بيتاب، ڌرتي ۽ آسمان جي ميلاپ وٽ، شفق جي لالاڻ.