ناچو
جڏهن هن ناچ شروع ڪيو ته هر ڪنهن جي جسم مان ڄڻ ڌرڙيون نڪري ويون ماڻهو ڏندن کي زور ڏيئي، ڪرسين تي ڦٿڪي ڦٿڪي هن جي مست جسم کي ڏسڻ لڳا. سازن جي لهه وچڙ تي جڏهن هوءَ مست هرڻيءَ جيان ڇال ڏيئي کلي رهي هئي ته ماڻهو هن جي مٿان گهور گهور ٿي رهيا هئا. هوءَ نچي نه پئي پر ڄڻ سڀني جي روح کي نچائي پئي.
وڏيري الهداد جو ته آواز ئي اڻڀو ٿي ويو. ڪمدار رحمو جيڪو هن جي ڀرسان ئي ويٺو هيو ان کي آهستگيءَ سان چيائين، ”ٻيلي رحمو، دلڙي ته هٿن مان نڪتي ٿي وڃي، هاڻي هلاءِ ڪو حيلو“.
”ڀوتار فڪر ئي نه ڪيو، هي اسٽيج جون پتليون ته نچنديون ئي پئسي جي ڌاڳي تي آهن. هاڻي ٿو بلو ڪريان“.
”وارو ڪر ڀيڻان“
رئيس الهداد ٿورو کلندي خشڪ آواز ۾ چيو ۽ وري هو اسٽيج تي نچندڙ عورت ۾ اکيون کپائي ويهي رهيو.
شو ختم ٿيو ته رئيس الهداد به مڇ کي وڪڙ ڏيئي گهڙي پيو ان ساڳي نچڻيءَ جي ڪمري ۾. هن اتي هڪڙي خوبصورت جوان کي آئيني جي اڳيان ڦڻي ڏيندي ڏٺو. هو تمام خوبصورت هيو، رئيس سمجهيو شايد ان نچڻيءَ جو ڀاءُ آهي.
نوجوان جڏهن اڌ وهيءَ جي وڏي پٽڪيدار شخص کي ڪمري ۾ گهڙندو ڏٺو ته هن ٿورو ڇرڪي پٺتي نهاريو، ”ڪير آهيو توهان؟“
”اڙي ڀائو مان آهيان ته رئيس پر آيو هن جي تلاش ۾ آهيان“
”ڪنهن جي تلاش ۾؟“
”هن، جنهن هاڻي هاڻي ٿلهي تي جهمر پاتي.”
نوجوان ٿورو ڦڪو ٿي ويو.
”ڪهڙو ڪم آ تنهنجو ان ۾.”
”بس هي نوٽ پيش ڪرڻا آهن.” رئيس ڏهن هزارن جا نوٽ ٻاهر ڪڍندي چيو.
رئيس جي ڳالهه تي نوجوان ڪجهه سوچيو.
”ته پوءِ اهي تون فنڊ ۾ ڏيڻ گهرين ٿو شايد؟”
”فنڊ!“ رئيس چيو ”ڇا جو فنڊ؟”
”شايد توهان کي خبر نه آهي ته هي اسٽيج شو شاگردن جي ٺاهيل انقلابي پارٽيءَ جي فنڊ جمع ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هيو”.
رئيس جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا.
”پر هوءَ نچڻي؟“
نوجوان ٿڌو شوڪارو ڀريو.
”اها نچڻي مان هيس رئيس صاحب. دراصل اسان کي فنڊ جي سخت لوڙ هئي، ٻيو ڪو رستو نه ڏسي لازمن مون کي ائين نچڻو پيو“.
خود غرض رئيس جون اکيون چچيون ٿي نوجوان جي پروقار چهري جو جائزو وٺڻ لڳيون.