ممتاز مهر : رسول ميمڻ (اڀياس)
رسول ميمڻ ننڍپن کان ذهين ۽ حساس رهيو آهي، ويتر جو جوانيءَ جي پهرين مرحلي ۾ جڏهن سندس هم عمر ساٿي ڪرڪيٽ جي ڪامينٽري ٻڌڻ ۾ وقت گذاريندا هئا، تڏهن هو سکر جي معصوم شاهه لائبريري ۾ روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي سنڌي ادب سميت عالمي ادب جو اڀياس ڪرڻ لڳو ته سندس دوست به ڪتاب بنجي ويا. هن ليو ٽالسٽاءِ، نيٿيل هاٿورن، اسٽين بيڪ، ارسڪن ڪاڊويل، خليل جبران، قرت العين حيدر، هينرخ بوئل ۽ امر جليل جي فن ۽ فڪر مان اتساهه وٺي ڪهاڻيون ۽ شعر رچڻ شروع ڪري ڏنا.
هڪ ڳالهه واضح آهي ته هو گهڻن ئي ليکڪن، خاص طرح خليل جبران کان متاثر ٿيل نظر اچي ٿو، پر هن جي لکڻ جي اسٽائيل ۽ اظهار بيان، پنهنجو آهي. رسول ميمڻ جي فن ۽ فڪر سان مالا مال ڪهاڻيون به لکي ٿو ته خوبصورت ۽ پر اثر اميجري وارا شعر به رچي ٿو. ڪهاڻين جي مذڪوره ٽن مجموعن کان علاوه هن جو هڪ شعري مجموعو ”اوشا جي آشا“ 1979ع ۾ڇپيو آهي. جمالياتي حض ڏيندڙ سندس فڪر انگيز شاعري ۽ فلسفيانه موضوع وارين توڙي خالصا معروضي حقيقت جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ هيءُ فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته هو ڪهڙي صنف ۾ وڌيڪ ڪامياب آهي... ڪهاڻيءَ جي صنف يا شاعريءَ جي ميدان ۾! ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ هو ٻنهي صنفن کي ڪاميابيءَ سان نڀائيندو آيو آهي.
مثال طور سندس فڪر انگيز شاعريءَ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو!
انڌا
ڪير ٿو چوي
انڌن کي اکيون
نه هونديون آهن.
انهن کي ته،
صاف ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
آس پاس جي هر شيءِ
هر لقاءُ-
اهي ڏسي سگهندا آهن
۽ محسوس ڪندا آهن
پر -
اوندهه ۾ جنم وٺندا آهن
اوندهه ۾ رهندا آهن
۽ اوندهه ۾ مري ويندا آهن.
منهنجي خيال ۾ سندس مٿيون شعر جديد سنڌي شاعريءَ جو بهترين نمونو آهي ته وري سندس نثر نگاريءَ جو هڪ بهترين نمونو هن جي ڪهاڻي ”ورکا“ جي هيٺين هڪ پئراگراف مان پسي سگهجي ٿو: ”هن قبرستان ۾ نظر ڦيري، هن ڏٺو، چانڊوڪي ڄڻ بيوه رن هئي جنهن پيلي منهن تي لپاٽون هڻي پار پئي ڪڍيا. پريان هڪ ڪنڊيءَ جو اگهاڙو وڻ بيٺو هيو، جنهن جي سموري ساواڻ سرديءَ پي ڇڏي هئي ۽ اهو ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن ٻانهون ڦهلائي خيرات وٺندڙ فقير جي اگهاڙي بدن ۾ ڳنڍيون پئجي ويون هجن ۽ هو اتي ئي سڪ ٿي ويو هجي. کبڙ روئي رهيا هيا ۽ انهن جي پتن تي ڄميل ڳوڙها هر هر هيٺ ٿي ڇڻيا. وچ قبرستان ۾ بيٺل ڪچي مسجد جا منارا هن کي بي جان لڳا ۽ قبرن جا ڪتبا هن کي کائڻ لاءِ ڄڻ وات کولي بيهي رهيا“.
هڪ پرڏيهي نقاد شاعر جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته:
“He looks Right into the patterns for the feelings Behind them.”
رسول ميمڻ جي نثر ۾ شاعرانه حسن ۽ تخيل آهي ته وري سندس شعرن ۾ نثري قوت ۽ وسعت سمايل آهي، تنهن ڪري رسول ميمڻ پنهنجي شعري مجموعي ”اوشا جي آشا“ جي مهاڳ ۾ درست لکيو آهي ته: آءُ سمجهان ٿو ته دنيا جي هر سٺي ڪهاڻيڪار وٽ شاعريءَ جا عڪس ضرور آهن. پوءِ انهن کي الڳ نموني چٽي ٿو يا نه، اهو هن تي منحصر آهي.
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي نئين مجموعي ”چچريل زندگين جا قافلا“ ۾ شامل ڪهاڻيون سندس ٻين ٻن مجموعن ۾ شامل ڪهاڻين جي موضوعن ۽ انهن جي ٽريٽمينٽ کان مختلف آهن. هن جي نئين مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عام سماجي مسئلن کي موضوع بنايو ويو آهي. اهي ڪهاڻيون مجموعي طرح سماجي حقيقت نگاريءَ جي زمري ۾ اچي وڃن ٿيون. جڏهن ته سندس اڳ وارن مجموعن جون ڪهاڻيون مجموعي طرح عام سماجي مسئلن جي بجاءِ ميٽافزيڪل موضوعن تي آڌار رکن ٿيون، تنهن ڪري هن جي لکڻين ۾ ويرائٽي ملندي.
جيستائين مقصد ۽ نظريي جو تعلق آهي ته رسول ميمڻ جي فلسفيانه ۽ نيم فلسفيانه ڪهاڻين ۾ مقصد ۽ نظريو تبليغ ۽ پرچار جي حد تائين چٽو نظر ايندو، جڏهن ته سندس سماجي حقيقت وارين ڪهاڻين ۾ تبليغ ۽ پرچار جو عنصر نظر ڪو نه ايندو. بهرحال سماجي حقيقت واريون ڪهاڻيون، جن ۾ رسول ميمڻ جون ان قسم جون ڪهاڻيون شامل آهن، مقصد ۽ مطلب کان عاري ڪو نه هونديون آهن. چوڻ جو مقصد هي آهي ته سندس نئين مجموعي جي ڪهاڻين ۾ نظريو فن تي حاوي ڪونهي، جڏهن ته سندس ٻين گنڀير موضوعن وارين ڪهاڻين ۾ مقصد ۽ نظريو فن تي حاوي نظر ايندو. سندس ڪهاڻي ”ورکا“ (جنهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان) جي ٽريٽمينٽ اهڙي ته خوبصورتي سان ڪئي وئي آهي جو ان ۾ ڀيٽ ڪيل نظريي ۽ ڪهاڻيءَ جي اسٽرڪچرل تاڃي پيٽي ۾ توازن نظر ايندو. رسول ميمڻ جي ڪهاڻي ”ورکا“ خارجي ۽ داخلي حقيقت نگاري ۽ خوبين واري صورتحال جي امتزاج جو اعليٰ نمونو آهي.
دنيا جي ڪنهن به سڄاڻ اديب ڪا هڪ به سٽ بنا مقصد ۽ مطلب جي ڪا نه لکي آهي. هر تخليق جي پٺيان ڪو نه ڪو مقصد مطلب ضرور هوندو آهي. سوال فقط هيءُ هوندو آهي ته ڪنهن ليکڪ ڪيتري حد تائين ان مقصد ۽ مطلب کي فني طرح سان نڀايو آهي. سو رسول ميمڻ جي لکڻين ۾ مقصد ۽ مطلب ڪٿي واضح ته ڪٿي ڳجهو پر آهي ضرور. ان سان گڏ موجوده دور جي ٻين نوجوان ۽ روشن دماغ ليکڪن وانگر آزاد طبع آهي هو پنهنجي تخليقي اظهار کي ڪنهن به ضابطي جو پابند بنائڻ پسند ڪو نه ڪندو آهي. تنهن ڪري سندس لکڻيون گهڻ رنگي ۽ وسيع ڪينواس رکن ٿيون ۽ لڳي ٿو ته هو پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي فن ۽ فڪر جي انهن بلندين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، جتي (بقول سارتر) پهچڻ بعد فنڪار پنهنجي تخليق تي حيرت کائيندي بي اختيار چئي ڏيندو آهي ته: ”ڇا هيءَ تخليق منهنجي آهي؟“