لطيفيات

شاهه جون سورميون

ڀٽ ڌڻيءَ جي حوالي سان ڪتاب ’شاهه جون سُورميون‘ ۾ ليکڪ سُورمين جي ڪردار جي درجي بندي ڪندي، انسان جي روحاني انڊلٺ جا رنگ پسائي ٿو. انساني حياتي جي رُوپن مان هڪ رُوپ يا رنگ ڏُک به آهي، جيڪو سُکن جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو. شاهه سائينءَ جو رسالو، دُک جي پني ۾ ويڙهيل آهي، جنهن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ پسجن ٿا.
ليکڪ، پنهنجيءَ تحرير ۾ سُورمين جي ڪردارن کي ڀيٽيندي، عورت جي جدوجهد، وفا (Commitment) کي عورت جي سرشت جو اهم جُزو ۽ عمل سمجهي ٿو.
Title Cover of book شاهه جون سورميون

ارپنا

اڻڳڻيون يادون ڇڏي ويندڙ
امڙ ٻائي ۽ ڏاڏي بچُل
جي نالي
سندن پيار مُنهنجي لاءِ
نئين سج نئون هوندو هو.
اُنهن جي دُعائن سان
نهايت سُکيو وقت گُذاري رهيو آهيان.

پنڌ ڪندي جو ڌِڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتي لاتم،
پيار منجهان ٿي ڀاڪُر پاتم،
مُنهنجي امڙ......
(ڀيرو مل)

- استاد حيدري چانڊيو