مهاڳ
ليکڪ، پنهنجيءَ تحرير ۾ سُورمين جي ڪردارن کي ڀيٽيندي، عورت جي جدوجهد، وفا (Commitment) کي عورت جي سرشت جو اهم جُزو ۽ عمل سمجهي ٿو. سهڻي ۽ سسئي جي ڀيٽ، فڪري طرح سان لڪل ۽ عيان نُڪتن کي سمجهايو اٿائين. اهڙيءَ طرح ٻنهي سُورمين بابت سندس هي خيال ته شاهه سائين، سهڻي ۽ سسئي جي مختلف ڪيفيتن ۽ حال جي ڀيٽ ڪئي آهي. سهڻي محبوب جي جُدائيءَ جو سُور سانڍيو ۽ موت قبول ڪيو، ۽ سسئي جُدائيءَ جو ڏک جهلي نه سگهي ۽ گهڻا سُور سٺائين.
ليکڪ جي تجزئي ۽ تحقيق موجب، شاهه سائين، سهڻي ۽ سسئيءَ کي ظاهري مشابهت ڏيندي هڪ ئي درجي تي رکيو آهي، پر سالڪ جي حيثيت ۾ ٻئي جُستجو ڪندي، حياتيءَ تان هٿ کڻن ٿيون. تفاوت اهو آهي ته، سهڻي سُور، صبر سان سهي ٿي، هُوءَ حوصلي واري آهي. اندر جو اندر ۾ ڪڙهندي کيس پنهنجي مٿان ضابطو هو. سسئي پنهنجو درد لڪائي نه سگهي. اُٻهرائپ ڪيائين ۽ اوترو ڏک ڏٺائين. ليلا ۽ مومل جي ڀيٽ ڪندي، ڀٽ ڌڻيءَ جي تصور، تخيل، نظريي ۽ فلسفي کي رُوحاني هدايت جي مترادف ڄاڻي ٿو. تمثيلي معنيٰ ۽ مقصد کي ليکڪ ڪردار جي سيرت ۾ تبديليءَ جي صورت کي، انسان ۾ گَھري ۽ ڳمڀير جي پيدا ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي ٿو.
جيئن:
اَلاَ ڏَاهِي مَ ٿِيَان، ڏَاهِيُون ڏُک ڏِسَن،
مُون سِين مُون پِرِين، ڀورَائِيءَ ۾ ڀَال ڪَيا.
يا مومل کان شاهه سائين چورائي ٿو:
ڏِيئَا تيل ڦُليلَ جَا، ٻَارِيمَ تائين ٻَانگَ،
وَٽ سَورِيندي وَلهَا وِئو تيل ٻَري،
مَوٽ مُسَافَر سُپرين! چَانگي تي چَڙهِي،
رَاڻي لاءِ رَڙِي ويئي وِهَامي رَاتِڙِي.
نُوري، سُر مارئي ۽ سورٺ جو اڀياس، ڌار ڌار ڪيو ويو آهي. سندن ڪردار هڪ ٻئي کان مختلف آهن. ڀٽ ڌڻي، نياز نوڙت کي سُونهن جي ڀيٽ ۾ اوليت ڏني آهي. ليکڪ: سُر سورٺ ۾ سماع کي اهميت ڏني اٿس. سُر مارئي ۾ شاهه سائين پنهنجي رُوح جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ روايتي ۽ آڳاٽي ٿيل تحقيق کي به اهميت ڏيندي ۽ ڪن نُڪتن سان اختلاف ڪندي، ڪن نَوَن نُڪتن جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي، شخصيت ۽ اُن جي عقيدي ۽ خيال کي ظاهر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، مثال سَماع جي رُوحاني طاقت، قيد مان آزادي وغيره.
استاد حيدري چانڊيي، جنهن سوچ ويچار سان، هي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. اُميد رکجي ٿي ته هُو آئينده به وڌيڪ، علمي، سائنسي، سوچ کي آڏو رکندي، ڪي نوان خيال، نئين انداز سان سنڌي ادب کي ڏيندو.
ڊاڪٽر تهمينه مفتي
سنڌ يونيورسٽي، هائوسنگ سوسائٽي
تاريخ
20 ڊسمبر 2016ع
ڄامشورو- سنڌ