پبلشر پاران
استاد حيدري چانڊيي سُورمين جي ڪردارن کي لطيف جي شاعريءَ جي تشريح ڪندي، اسان آڏو نمايان ڪيو آهي. هن جاکوڙي انسان، پنهنجي دُورانديشي ۽ قومي سوچ سان شاهه جي سُورمين کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان پتو پئي ٿو ته، اسان جي سياسي توڙي سماجي ڪم ۾، جيڪڏهن عورت شامل ناهي ته اسين مقصد ماڻي نه ٿا سگهون ۽ منزل تائين پهچڻ مشڪل ٿيو پوي.
استاد حيدري چانڊيي جي ڪتاب ’شاهه ۽ سچل جا سنيها‘ جي ڪامياب شاعت کانپوءِ هيءُ ٻيو ڪتاب ’شاهه جون سُورميون‘ ايلسا پبليڪيشن پاران ڇپائيندي آءٌ خوشيءَ پيو محسوس ڪريان.
استاد حيدريءَ جي هنن ٻنهي ڪتابن جي تياريءَ ۾ سرمد ميراڻي، علي نواز آريسر ۽ ڀاءُ خادم چانڊيو مون سان گڏ گڏ رهيا، تنهن لاءِ سندن وڏا وڙ.
واحد ڪانڌڙو
قاسم آباد، حيدرآباد
تاريخ
2017-01-03
0305706-0341