سُر سورٺ
سورٺ سَرتين کي چَوي، مُٺيس مَڱڻهَار،
ڪيو قهر قهار، جنهن رَاڻيون سڀ رُئاڙِيُون!
سُر سورٺ ۾ مکيه ادا ڪار ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ آهن، پوءِ به سُر کي سڏيائين ’سورٺ‘ جي نالي سان، سورٺ جي ڪهاڻي به سهڻي ۽ سسئيءَ جيان دُکدائڪ آهي، جيڪا ويچاري سُهاڳ جي صدقي هستي ٿي، راءِ ڏياچ سندس غير حاضريءَ ۾ ٻيجل کي سِر ڏيڻ جو انجام ڏئي ويٺو، هاڻي سورٺ ڇا ڪري؟ پنهنجي سُک کي ڪَڙهي يا وَر جي وچن جو خيال رکي، هُوءَ ٻن باهين جي وچ ۾ هُئي، جنڊ کڻي ته جنڊ ڳورو، پُڙ کڻي ته پُڙ ڳورو، خود انڪاريءَ جو جُزو شاهه سائينءَ جي ٻين سُورمين ۾ به آهي، دُک درد سهڻ ته سُورمين ۽ سُورمن جو ورثو آهي، مگر جيڪو سورٺ سَٺو، سو ڪنهن ڪونه سَٺو هو، راجا راءِ ڏياچ جي راڻي هُئي، جنهن کي مايون، دايو،ن ٻايون گهڻيئي هُيون، راجا وٽ مال متاع جي ڪمي هُئي ڪانه، پلنگ پٿراڻيون، پالڪيون، نو لک ناڻي نيل، هن وٽ محل، ماڙيون، مندر وغيره موجود هُئا، هن راجا جهڙو ڏاتار ٻيو ڪونه ٿيو، حاتم طائي به سخاوت ۾ هن کان سرس ڪين هو، سوين سوالي آيا، خالي ڪوبه نه ويو، هن سخي جو هٿ ڪڏهن به خالي نه هو، راجا گوڏا تار هو، پر راجا جي جسم ۾ فقيري رُوح موجود هو، جهڙي تهڙي ساڌوءَ جي ور چڙهڻ وارو ڪين هو، پر رَندن ۽ عارفن جو ڳولائو هو، ائين کڻي چئجي ته پنهنجي جياپي ۾ راز رُوحاني جو طالب هو، اهڙا سائين لوڪ راجا دنيا ۾ رهي ڪري دنيا کان دور ٿا رهن، محلن ۾ رهندي به دل جي ڪٽيا ۾ ٿا گهارين. هن سان پاڙي جي راجا انيراءِ جي اڻبڻت هُئي، هو راجا راءِ ڏياچ سان پڄي ڪونه سگهيو، سو خيال ڪيائين ته راءِ ڏياچ کان سندس سخا جي وسيلي وير وٺان، سو ائين ڪيائين، جو سونين مهرن جو ٿالهه ڀري ڪنهن نوڪر کي ڏنائين ته هي ٿالهه چارڻ جي ڳوٺ ۾ گهمائي ته، جيڪو به جيڪو راجا راءِ ڏياچ جو سِر وڍي آڻي ڏيندو، تنهن کي سونين مهرن جو ٿالهه ملندو، سو ٻيجل اهو ذمو کڻي سونين مهرن جو ٿالهه پاڻ وٽ رکيائين ۽ سُرندو ساز کڻي پنڌ ڪري اچي، راءِ ڏياچ جي محلات هيٺان راڳ شروع ڪيائين، راجا راءِ ڏياچ کي هن جو راڳ ڏاڍو وڻيو، سندس دل موهجي وئي ۽ هن ٻيجل کي سون، هيرا، جواهر، قيمتي گهوڙا، هاٿي انعام ۾ ڏيڻا ڪيا، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، جهونا ڳڙهه جي شهر ۾ اها ڳالهه هلي وئي ته شهر ۾ هڪ عجيب قسم جو جوڳي آيو آهي، جيڪو ڏاڍو سُريلو ٿو ڳائي، ويس جوڳين وارو اٿس، شڪل شباهت شاهاڻي اٿس، ڏاڍو سهڻو سبيتو وڻندڙ جوان آهي، هڪ ساز هٿ ۾ اٿس، جنهن کي چنگ ٿا چون، جنهن کي ڏاڍا جُهوڙا ۽ جهاٻا ٻڌل آهن، ساز ڏاڍو سينگاريل آهي، هن جوڳيءَ جي چنگ ۾ ڪو راڳ جو راز رکيل هو، هر هڪ جي وات ۾ اها وائي هُئي ته هي ڪو راز وارو ساز آهي، جنهن مان اهڙو آواز ٿي نڪتو، جو جهنگل جا جانور به شوخي ڇڏي رهاڻيون رنگ ڪندا هُئا، ٻيجل جي راڳ جهنگ جي جانورن تي به جادوءَ وارو اثر ٿي ڪيو، سو راءِ ڏياچ تي ته گهڻو اثر ڪيو، جيڪو ٻيجل جي راڳ تي موهجي پيو، جنهن جي منظر نگاري شاهه سائين هن طرح پيش ڪئي آهي ته:
ڪي جو ٻِيجل ٻوليو، ڀِنيءَ ويهِي ڀَان،
گهوريان لَک لَطِيف چَئي، تَنهن جي قَدمن تَان قُربان!
آهستي آهستي ڳائيندو، وڄائيندو چارڻ محلات جي ڏيڍيءَ ۾ گِهڙيو، راجا مٿي ماڙيءَ تي هو، جا جڪ هٿ هلايو ۽ سُرندي جو آواز مٿي ويٺل راجا جي ڪَن تي پيو، اهڙو ڪو مڌر آواز ’سالڪ ساز سُرور سين، ڪي جو ڪَمايو،‘ جو سُڻي رُون رُون راز اُٿي کڙو ٿيو، گهوٽ راجا جي رُوح تي انهي سُر اهڙو ته اثر ڪيو، جو راجا ڇِرڪ ڀري اُٿيو ۽ هيٺ نهاريائين ته هڪ سهڻو عطائي هيٺ زمين تي بيٺو ڳائي وڄائي، راجا هڪدم سڏ ڪري چيس ته هليو آ مٿي يار! تڏهن جاجڪ چيس ته اُونچو تون عرش تي، آءٌ ڀورو مٿي ڀونءِ، تڏهن راجا چيس ته آءُ مٿاهون مڱڻا، چڙهي ۾ چوڏول. راجا حُڪم ڪيو ته هن مڱڻي، جنهن مُنهنجيءَ دل ۾ دردن جا درياهه وَهائي ڇڏيا آهن، تنهن کي منهنجي رنگ محل جي اندر مُون وٽ وٺي اچو! حُڪم جا بندا هيٺ لهي آيا ۽ ٻيجل کي مٿي هلڻ لاءِ چيائون. شاهه سائين انهيءَ ڳالهه جي منظر نگاري هن طرح ڪئي آهي ته:
آءُ مَٿَاهُون مَڱڻا، چَڙهي دَر ڏَاتَار،
توکي گهوٽ گُهرايو، خُلوت لاءِ کَنگَهار!
اتي رنگ محل ۾ راجا وٽ ٻئي ڪنهن کي اجازت ڪانه هُئي، بس اڪيلو ٻيجل رنگ محل ۾ راجا سان وڃي مُلاقي ٿيو، شايد راجا جي مغز جي تاڙي لکي پئي ۽ اڳئين جنم جي ناتي جو روشن نشان ٿيس، سو ٻيجل کي گُهرائي پاڻ سان گڏ وِهاريائين ۽ چيائينس،
اي چارڻ! اهڙو بِرهه جو آواز ڪٿان ٿو ڪڍين، جو اسان جون دليون لُٽيو ٿو وڃين؟ اڙي مڱڻهار! تُون ڀلي آئين، جيءُ آئين، اي چارڻ! تون مون کي ٻڌائي ته سهي ته تنهنجي چنگ ۾ آهي ڇا، جنهن منهنجو من اُٿاري ڦِٽو ڪيو آهي؟ اهڙي ريت راجا ڳائڻي سان ڪچهري شروع ڪئي، ڳائڻو به ڪو وڏو اسراري هو، تنهن راجا کي چيو ته اي راجا! مون ته تو کي فقط هڪ سُر ٻڌايو آهي، اڃا ته منهنجي سُر آلاپ ۾ ڪئي رِهاڻيون آهن، آءٌ تو کي اهو اسراري آلاپ ته ٻڌايان، پر ٻڌاءِ ته مون کي ڏيندين ڇا؟ راجا ته وڏو سخي هو، تنهن ٻيجل کي چيو، راجا جي زباني شاهه سائين هن طرح پيش ڪئي آهي ته:
مُون وَٽ مَال مَتاع جِي، ڪَمِي ڪونهي،
تو دَس ڏِيان مَڱڻا، رُوح رَچندا دَانُ.
راجا ٻيجل کي انعام ڏيڻ جو حُڪم ڪيو، راجا جي زباني شاهه سائين هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
تَازي ڏِيوس تَڪڙا، جوهر پَائي زين،
پَلنگ پَٿراڻِيون، پَالڪيون، نَوَ لَک نَاڻي نيل.
راجا جي حُڪم سان خزانن جا در کُلي ويا، سونن سَنجن سان گهوڙا اچي ويا، پر راجا وٽ پنهنجي چڙهيءَ جو سهڻو هاٿي هو، سو به ڪاهي آيا، راجا راڳيءَ کي چيو ته، جيڪي وڻئي سو کڻ، تڏهن ٻيجل راءِ ڏياچ کي چيو، سُڻ ڙي راءِ ڏياچ! تو ڀانئيو ته آءٌ ڪو پينو آهيان، جو ناڻي لاءِ ٿو تند هڻان! ٻيجل جي زباني شاهه سائين هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
پَائي پَٽ ڪَڻا، مُون تَان مَدد نَه مَڱيَا،
تَازي طَنبيلَن ۾، گهوڙا گَهر گَهڻا،
هَاٿِي ڪَارڻ هيڪڙي، آءٌ ڪَا تَند هَڻان!
ٻيجل کي ڪيترائي قيمتي انعام آڇيا ويا، پر هُو راضي نٿي ٿيو، راجا راءِ ڏياچ به مُنجهي پيو ته منڱتو وڏن وڏن انعامن تي به راضي نٿو ٿئي، آخر کيس ڇا گُهرجي، جيڪو کيس ڏئي راضي ڪجي؟ هٿين خالي کيس موٽائڻو به ڪونهي، سو کيس چيائين ته، ٻيجل ٻڌاءِ ته تو کي ڪهڙو انعام گهرجي، جو تون راضي ٿي وڃين، سو دل کولي ٻڌاءِ؟ مڱڻي چيس، راجا! ڪن ڏينم ته ٻُڌايائين! راجا ڪنڌ ڦيري کيس طرف ڪيو، مڱڻهار آهستي سرٻاٽ ڪري ڪُجهه چيس، راجا کِلي ڪنڌ ڌوڻي اِشاري ۾ هائوڪار ڪئي، راجا وٽ اُن وقت درٻار به اچي لڳي هُئي، پردي اندر امير، وزير، وڏا وڏا عاقل، داناءَ، راڻيون، مايون، ٻانهيون، سڀ جا سڀ موجود هُئا، تن پئي هي رنگ ڏٺو ته هي ڪهڙو مڱڻو آيو آهي! سي مُنجهي پيا ته ٻيجل، راءِ ڏياچ سان ڪهڙيون ڳالهيون راز جون ڪيون آهن، اِها خبر هُئي ٻيجل کي ٻي راءِ ڏياچ کي، پوءِ راءِ ڏياچ خوش ٿيندي ٻيجل کي چيو ته، تُنهنجو قدم پدم نه پاڙيان، هاڻ ڀل صنعا کُليو چئو ته سڄي درٻار ٻُڌي ته توکي کپي ڇا؟ تڏهن ٻيجل واتان شاهه سائين هن طرح چورايو آهي ته:
جي وهاڻيءَ ويرم ٿِئي، ته مرن هينئر ئي هلاءِ،
سُونهارا سورٺ وَر، ڳالهه هِينئين سِين لاءِ،
سو مڱڻهار ملهاءِ، جو وِچان ويرين آيو!
ٻيجل، راءِ ڏياچ کي چيو ته، ٻيا به سخي راجا گهڻا آهن، آءٌ اُنهن وٽ ڪونه ويس، تُنهنجي مون کي خبر هُئي ته تون اهڙو سخي آهين، جو ڪڏهن به نه ڪين ڪندو آهين:
تو دَر آيَس، جِيئن تُون نَانهن نَه سِکيو!
ٻيجل جا اِهي لفظ ٻُڌي، سورٺ راڻي وائڙي ٿي وئي، امير، وزير سڀ سمجهي ويا، سورٺ راڻيءَ ٻيجل کي چوڻ لڳي ته، اي ٻيجل! مُنهنجي وَر جو سِر ڪيئن ٿو کڻين! ٻيلي! ٻيو جيڪي کپئي سو کڻ، پر سُهاڳڻ کي ڏُهاڳڻ ڪيئن ٿو ڪرين؟ پر ٻيجل چيو ته، آءٌ وٺندس ته سِر، نه ته ٻيو ڪُجهه به ڪين وٺندس، ۽ سِر کان سواءِ موٽندس به ڪين! هوڏانهن سورٺ ٻين راڻين اميرن وزيرن جو درد مند حال، ته هوڏانهن راءِ ڏياچ ته ڪنهن ٻئي حال ۾ داخل هو، جنهن جي دل ۾ ذري برابر به ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو، ٻيجل کي چيائين ته، اي ٻيجل! تون هڪڙو سِر ٿو گُهرين، جي مُون وٽ گهڻا سِر هُجن ته سڀئي تُنهنجي حوالي ڪريان، راءِ ڏياچ کان مرشد لطليف هن طرح ٿو چوائي ته:
مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُون ڪَپار،
ته وَاريو وَڍيان، سِسيءَ کي سو وَار!
اي منهنجا پيارا دوست ٻيجل! هي سِر آهي ڪهڙي شيءِ، جو آءٌ تو کي ڏيڻ کان انڪار ڪريان؟ هِن مُنهنجي سِر ۾ هڏي ۽ چم کان سواءِ ٻيو ته ڪجهه ناهي، انهيءَ جي ڏيڻ ۾ ڪا وڏي قرباني ڪانه آهي، مون کي ته تو کي هڏو ۽ چم ڏيندي شرم ٿو ٿئي، شاهه سائين راءِ ڏياچ کان ٻيجل کي هن طرح چورايو آهي ته:
جو هِي هَڏ وچ ۾، ته لاهي هُوند ڏِيانءِ،
پر ڌِڙ مَٿي سِر هيڪڙو، جو ڏيندي لَڄ مَران.
يا
تَند بَرابَر توريان، سو سِرن پَائي،
ته اُتل اوڏانهن ٿِئي، جيڏانهن ٻيجل ٻُرائي،
هِي سَکڻو هَڏ آهي، سِر ۾ سڄڻ ناهه ڪي!
يا
جَنهن ۾ مَال نَه مِريءَ جيترو، تَنهن تُون طَمعدَار،
جي اَچيئي ڪَم ڪَپار، ته وِيهه ڀيرا وڍي ڏِيانءِ!
ٻيجل اهڙي وڏيءَ دل ۽ بي خوديءَ واري راجا جو حال ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چيائينس ته اي راجا راءِ ڏياچ! جي تنهنجي اها حالت آهي ته راڳ جي راز پيش ڪرڻ لاءِ آءٌ به تيار آهيان، بس اِئين چئي هُن واڄو هٿ ۾ کنيو، جو واڄو برهه جو ڪينرو هو، جو ٻيجل جي زوردار هٿ لڳڻ سان ڪينرو ڄڻ ڪنجهڻ لڳو هو، شاهه سائين هن منظر کي هن طرح پيش ڪيو آهي، فرمايو اٿس ته:
ڪنجهي ڪيرت ڪينرو، وڄو وائتي،
هنيائين تند حضور ۾، پارس پيرائتي،
سُڻندي سُلطان کي، ظاهر ٿيو ذاتي.
تند ٻُڌڻ سان سلطان مطلق هستيءَ جي راز کان ٿيو واقف پوءِ ڇا ڪيائين جو:
ڪَڍندي ڪَاتي، وِڌائين ڪَرٽ ڪَپار ۾!
پوءِ ٿيو ائين، جو راءِ ڏياج جو ڌِڙ ڌُٻي پيو کٽ تي، مٿو پيو پَٽ، شاهه سائين هن حقيقت جو منظر هن طرح پيش ڪيو آهي ته:
ٻَايُون دَايُون ٻَانِهيُون، پِٽيو ڪَڍَن پَار،
پَئي رَهيا پَٽ ۾، سَورٺ جَا سِينگَار،
رَاڻين ۾ رَاڙو ٿِيو، پِٽن پَئِي پَچَار،
هَهڙا رَاءِ کَنگَهار، ڪِينَ ٿِيندا ڪَڏهين!
گرنار جي چمن مان گِرناري گُل جي ڇِڄي وڃڻ جي منظرنگاري شاهه سائينءَ هن طرح سان ڪئي آهي ته:
گُل ڇِنُو گِرنار جو، پِٽڻ ٿِيون پِٽِين،
سَهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين،
ڳوڙها ڳَل ڳَاڙِين، رَاجا رَات رَم گيو!
ٻيجل جڏهن راءِ ڏياچ جو سِر کڻي، راجا انيراءِ وٽ آيو ته راءِ ڏياچ جو سِر ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ته، اهڙو سخي، جنهن پنهنجو سِر وڍي سواليءَ کي ڏنو آهي، کيس ڏاڍو اَرمان ٿيو، ۽ ٻيجل کي ڏاڍو ڳالهايائين، ۽ کيس چيائين ته، تو اهڙي سخيءَ جو سِر ورتو آهي، تو مان اسان کي به خطرو آهي، سو کيس ٻارن ٻچن سميت ملڪ نيڪالي ڏنائين، ۽ ٻيجل گرنار لڏو کڻي آيو، ڏٺائين ته باهه جو وڏو مچ متو پيو آهي، جتي راءِ ڏياچ جي خاڪي جسم کي ساڙيو پيو وڃي، جنهن ۾ سورٺ به ٽپو ڏنو، ٻيجل به ارمان مان ٽپو ڏنو، سندس زال به مُرس سان گڏ باهه ۾ ٽپو ڏنو ۽ سڀئي راءِ ڏياچ سان گڏ سڙي رک ٿي ويا، شاهه سائين سڀني سُورمين جي دانهن جو دردناڪ نقش چِٽيو آهي، ليڪن سورٺ ڀيري ماٺ ٿو ڏسجي، مُڙس کي هٿن سان پنهنجو سِر ڪٽيندو ڏسي، زال جي دل ۾ ڪهڙي نه آنڌ مانڌ ٿي هُوندي! راءِ ڏياچ جو به ڪمال چئبو، جو راڳ جي رَس تي سِر وڍي ڏنائين، پر جس سورٺ کي به آهي، جنهن پنهنجي اکين سان اهو هولناڪ واقعو ڏٺو ۽ سَٺو، ويچاريءَ بيوسيءَ جي حالت ۾ دل دهلائيندڙ ورلاپ ڪيا هُوندا، شاهه سائين سورٺ جي دلي اُمنگن جو اظهار ڪري ها ته سُر سورٺ وڌيڪ پرڪشش ٿئي ها، سُر سورٺ جو داستان عجيب عِبارت سان ڀريل آهي، پر سورٺ جي سيرت تي الائي ڇو پردو ڪيل آهي؟ شاهه سائين جي من موهيندڙ لفظن ۾ سورٺ جي دلي سوز جو اظهار هن دردناڪ داستان کي ڏاڍو مؤثر ۽ مڪمل ڪري ها، هڪ نقطي نگاهه کان ڪن پڙهندڙن وري سورٺ سان بيحد بي انصافي ڪئي آهي، جو سورٺ جي معنيٰ هروڀرو نفس ڪئي اٿن، آءٌ ٿو پُڇان ته سورٺ نفس ڪيئن ٿي؟ هن ويچاريءَ راءِ ڏياچ جي اِرادي آڏو ڪيئن آئي، هُن راءِ ڏياچ لاءِ ڪهڙي شيطاني ڄار پکيڙي هُئي، سندس مڙس راءِ ڏياچ، ٻيجل سان جيڪو سِر ڏيڻ جو وچن ڪيو هو، انهيءَ کان به کيس ڪونه روڪيائين، اُلٽو جڏهن راءِ ڏياچ پنهنجو سِر وڍي ٻيجل کي ڏنو، تڏهن پاڻ به سندس پٺيان جيئري جلي خاڪ ٿي، جي نفس هُئي ته پاڻ کي جيئري جلائڻ جو ڪهڙو ضرور هوس؟ ڪنهن ائين ڪرڻ لاءِ زور ته ڪونه ڪيو هو، سورٺ سچي راجپوت زال ثابت ٿي، جيڪا مڙس سان گڏ چِکيا چڙهي، سورٺ جي قرباني نظر انداز ڪري کيس نفس سان مشابهت ڏيڻ وڏي ادبي غلطي ڪيل آهي. شاهه سائينءَ جي سُورمي سورٺ جيڪڏهن اهڙي نيچ ڪردار هُئي، ته پوءِ آکاڻيءَ کي سندس نالي سان سڏي پاڻ کيس اهڙي مشهوري ڪيئن ڏنائين؟ جن سورٺ کي نفس سان مشابهت ڏني آهي، تن وري ٻيجل جي مراد مرشد ڪئي آهي، ڪهڙيون نه هٿ ٺوڪيون معنائون ڪڍي گند ڪيو ويو آهي، جو ٻيجل کي مرشد بنايو ويو آهي، ٻيجل ته پئسن جي لالچ ۾ اچي راءِ ڏياچ جهڙي سخيءَ کان سِر جي طلب ڪئي، ڪوبه لالچي مرشد ٿي نٿو سگهي، ٻيجل جي زال هيرن جو ٿالهه وٺي رکيو هو، سو ٻيجل کي راءِ ڏياچ جو سِر ضرور وٺڻو هو، جي نه ته راجا انيراءَ ٻيجل جو سِر ڪپرائي ها، پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن راءِ ڏياچ جو سِر طلبيو، آکاڻيءَ جي آخر ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻيجل راءِ ڏياچ جو سِر وٺي، راجا انيراءِ وٽ آيو ته راءِ ڏياچ جو سِر ڏسي، راجا انيراءِ حيرت ۾ اچي ويو ته ههڙو سخي، جنهن سِر جي سخاوت ڪئي، ٻيجل تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ کيس ملڪ نيڪالي ڏنائين ۽ واپس گرنار راءِ ڏياچ جي شهر آيو ۽ سورٺ کي چکيا تي سڙندو ڏسي پاڻ هوش وڃائي ويٺو، ۽ پڇتاءُ جو اظهار ڪري پاڻ کي به کڻي اُن چِکيا تي اُڇلايائين ۽ سڙي خاڪ ٿي ويو، ٻيجل آخر ۾ پڇتايو ته راءِ ڏياچ جو سِر وٺي، سورٺ کي ڏُهاڳ ڏئي، هُن بُرو ڪم ڪيو هو، اِنهن نُڪتن تي سوچڻ ويچارڻ کان پوءِ به ٻيجل کي مرشد چئي سڄي آکاڻيءَ کي تمثيلي رنگ ڏيڻ بلڪل ٺيڪ ناهي، ٻيجل تمام صنعف سيرت وارو اداڪار آهي، هن ڳالهه کي وسارڻ نه گهرجي ته ٻيجل کي جنهن ڳالهه چوٽ رسائي چريو ڪيو، سا هُئي سورٺ جو جيئرو پاڻ جلائڻ، جيڪڏهن سورٺ نفس هُئي ته هُن جي جيئري سڙڻ تي ٻيجل گهڻو خوش ٿئي ها، شاهه سائينءَ جي نظم ۾ ڪٿي به اهڙو اِشارو نٿو مِلي، جنهن مان سورٺ لاءِ گُمان آڻجي ته هُوءَ نفس هُئي، باقي رهيو هي سوال ته جي سورٺ نفس نه آهي ته شاهه سائين سندس سيرت کي پنهنجي نظم ۾ گهڻو اُجاگر ڇو نه ڪيو؟ انهيءَ لاءِ هي خيال سامهون اچي ٿو ته، شاهه سائين جي زندگيءَ مان پڌرو آهي ته کيس سُرود سماع جو بيحد شوق هو، ۽ جن حالتن هيٺ وفات ڪيائين، سي پڻ ڏيکارين ٿيون ۽ راڳ شاهه سائينءَ جي جان جو جياپو ۽ رُوح لاءِ راحت هو، پاڻ جڏهن هندوستان طرف سفر تي ويا هوندا ته اُتي ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي آکاڻي ٻُڌي هُوندي، تڏهن سندس دل ۾ جذبو جاڳيو هُوندو ته راءِ ڏياچ جي دل جو نقش پنهنجي شعر ۾ چِٽيان، جو اُن جهڙو مثال پوري دنيا ۾ اڻلڀ آهي، هيءَ هڪ سچي تاريخي حقيقت، شاهه سائينءَ کي مِلي. سُر سورٺ ۾ هڪ راڳ جي عاشق، ٻئي راڳ جي عاشق جي تصوير ڪڍي پيش ڪئي آهي، سماع شاهه سائينءَ کي ڏاڍو پيارو هو، هن آکاڻيءَ ۾ ڄڻ کيس وجهه مليو هو ته سماع جي رُوحاني طاقت جو بيان ڪري. شاهه سائينءَ جو سُر سورٺ سماع اڳيان ڀيٽا آهي، هن آکاڻيءَ تي ڪنهن تمثيل جي انومان ڪرڻ جو ضرور ڪونه آهي، هتي شاهه سائينءَ راڳ جي رُوحاني برڪت جو بيان ڪيو آهي، سُر سورٺ اُن شاعر جو لکيل آهي، جنهن جي رُوحاني غذا راڳ هو، يعني راءِ ڏياچ جي قرباني، شاهه سائينءَ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، سسئي به سِر ڏنو، سهڻي جي قرباني لاثاني آهي، پر راڳ لاءِ پنهنجن هٿن سان پنهنجو ڪنڌ ڪپي ڏيڻ ته رُڳو راءِ ڏياچ جو ڪم هو، راءِ ڏياچ جو محبوب هو ساز ۽ سماع، شاهه سائينءَ کي هن آکاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو مرد اداڪار هٿ اچي ويو هو، جو هر طرح سان سُورمو سڏجڻ جي لائق هو، ائين ٿو سمجهجي ته راءِ ڏياچ جي قربانيءَ جو بيان ڪندي شاهه سائين، سورٺ تي توجهه نه ڪيو، شايد ان خيال کان ته سورٺ جي سُورن جو بيان راءِ ڏياچ جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيندو، ان ڪري راءِ ڏياچ کي اهميت وڌيڪ ڏنائين، راڳ تي پنهنجو سِر پنهنجن هٿن سان گهوري ڏنو.
ساڳي وقت سيل ستيا جي مورت، سورٺ جي قربانيءَ جي قدر داني ڪندي پنهنجي نظم جو نالو ئي رکيائين سُر سورٺ