لطيفيات

شاهه جون سورميون

ڀٽ ڌڻيءَ جي حوالي سان ڪتاب ’شاهه جون سُورميون‘ ۾ ليکڪ سُورمين جي ڪردار جي درجي بندي ڪندي، انسان جي روحاني انڊلٺ جا رنگ پسائي ٿو. انساني حياتي جي رُوپن مان هڪ رُوپ يا رنگ ڏُک به آهي، جيڪو سُکن جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو. شاهه سائينءَ جو رسالو، دُک جي پني ۾ ويڙهيل آهي، جنهن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ پسجن ٿا.
ليکڪ، پنهنجيءَ تحرير ۾ سُورمين جي ڪردارن کي ڀيٽيندي، عورت جي جدوجهد، وفا (Commitment) کي عورت جي سرشت جو اهم جُزو ۽ عمل سمجهي ٿو.
Title Cover of book شاهه جون سورميون

پنهنجي پاران

مهراڻ جي ماٿريءَ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف، جيڪو دنيا جي ادبي تاج جو لاثاني گوهر ۽ سُورمين جو شاعر آهي، سندس روايتي شاعريءَ جو ڳچ حصو اُنهن جي نالن سان چيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس عورت جي اُمنگن لاءِ عزت هُئي. هن پنهنجي وسيع النظري، روشن خيالي، باريڪ بيني ۽ انساني سڀاءَ جي ڳُوڙهي ڄاڻ مان پروڙيو هو، عورت جيڪي همت ۽ بهادريءَ جا اعليٰ عمل ڪري سگهي ٿي، سي مرد جي پهچ کان ٻاهر آهن. عورت جي قرباني بينظير بيمثال ۽ عبرت ناڪ آهي، جيتوڻيڪ هوءَ جسماني طور نفيس ۽ نازڪ نظر اچي ٿي، پر ارادي جي پڪي، پهاڙن کان به پُختي ۽ ڪيل قول تي قائم رهي ٿي، هن جي زندگيءَ جي مراد ڏيڻ آهي، نه ڪه وٺڻ. شاهه سائين جيئن عورت ڏٺو، تيئن ئي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي ته: عورت جو پريم، عورت جي سموري هستي آهي، محبت جي ميدان ۾ عورت هڪ ڀيرو قدم وڌايو ته وري پُٺتي نه هٽندي، دنيا جي اڪيچار آزمودن مان شاهه سائينءَ معلوم ڪيو ته، عورت جي دلي اٿاهه ساگر ۾، جيڪي اُمنگ اُڇلون ماريندا رهن ٿا، تن جو تذڪرو سندس شاعريءَ لاءِ تمام افضل ٿيندو، اهو ئي سبب آهي، جو
شاهه سائين پنهنجن نظمي ڪهاڻين ۾ پنهنجي عورت سورمين جو ذڪر ڪيو آهي، سندس نظمي ڪهاڻين ۾ ڪُل نوَ ڪهاڻيون آهن، جن تي مردن کان وڌيڪ عورتون حاوي آهن، سواءِ حضرت امام حُسين عليه السلام ۽ مورڙي ملاح جي، ٻيو ڪوبه اهڙو اداڪار پيدا نه ڪيو آهي، جيڪو سورمو سڏجڻ جو لائق هُجي ۽ سڀني ڪهاڻين جي رٿا جو مدار پنهنجين سورمين تي رکيو اٿس، سواءِ ٻن سُرن جي، هڪ سُر گهاتو، جنهن ۾ مورڙي ملاح جي ڪٿا بيان ڪيل آهي، ٻيو سُر ڪيڏارو، جنهن ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي سعادت جو ذڪر ٿيل آهي، انهن ٻنهي ڪهاڻين ۾ عورت اداڪار جو ذڪر بلڪل ڪونهي، جنهن به شاهه سائين جي شاعريءَ جو ڀرپور اڀياس ڪيو هوندو، تنهن کي معلوم هوندو ته جن ڪهاڻين ۾ سُورميون آهن، تن جا سُر سندن نالن سان آهن، جيئن سُر مارئي، سُر سهڻي، سُر سورٺ يا جتي سُورميءَ ۽ سُورمي ٻنهيءَ جا نالا سُرن ۾ اچن ٿا ته اُتي پهرين سُورميءَ جو نالو اچي ٿو، جيئن سُر ليلا چنيسر، سُر مومل راڻو، اها هڪ عجيب و غريب حقيقت آهي ته، جيتوڻيڪ راءِ ڏياچ واري قصي ۾ مُکيه اداڪار سورٺ ۽ راءِ ڏياچ آهن، پوءِ به سندس سرو آهي- سُر سورٺ، سسئي ۽ پنهون جي ڪهاڻي، جيڪا ڪيترن ئي سُرن ۾ اچي ٿي، تنهن جي پهرين سُر کي سُر ’سسئي آبري‘ سڏيو اٿس، سسئي لفظ جو ته مقصد آهي، پر ٻين سُرن، معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري يا سر حسيني جي معنيٰ مطلب کي ڏسبو ته اُنهن جو تعلق سسئي سان آهي، نه پنهون سان!
شاهه سائينءَ جهڙي عظيم درجي واري شاعر جي خيال ۾ اهو ڪو اتفاقي نتيجو ٿي نٿو سگهي، هن ڄاڻي ٻُجهي، سوچي سمجهي اُن نموني جا سِرا ڏنا آهن، جنهن ۾ اوليت سُورمين جي نالن کي ڏني اٿس، سهڻيءَ جي مقابلي ۾ ميهار ڪهڙو نه تڇ پيو لڳي، سسئيءَ جي قرباني ڏي ٿو ڏسجي ته پنهون ۾ اک به ڪانه ٿي ٻُڏي، نوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ جي وچ ۾ ته ڏينهن رات جو فرق پيو ڏسجي، جڏهن ڄام تماچي، نوريءَ کي نوازيو، تڏهن ئي پاڻ اهڙو ناميارو ٿيو، نه ته ڪيترائي سما حڪمران ٿي گذريا آهن، جن جو شان شوڪت، رعب تاب ۽ دٻدٻو ڄام تماچي کان وڌيڪ هو، پر اُنهن جو اڄ نالو نشان به ڪونهي، پر ڄام تماچي سنڌي ماڻهن جي دلين تي مهر جيئن اُڪريل آهي، اهو سڄو ڪمال نوريءَ جي نينهن ۽ ناز جو آهي، جنهن پارس جو ڪم ڏئي، ڄام تماچيءَ کي امر ڪيو! مومل ۽ ليلا، نوري، سهڻيءَ ۽ سسئيءَ جهڙيون بي عيب نه آهن، هُو خطا ڪري ٿاٻڙجن ٿيون، ليلا- چنيسر جي پَٽ راڻيءَ هئي، جنهن کي چنيسر جهڙي مڙس جو پيار، محبت، عزت ۽ عظمت حاصل هُئي، پوءِ به هُوءَ هڪ هار تي هرکجي چنيسر جهڙو بي بها ۽ ناياب وَر وڃائي ويٺي. مومل وري راڻي جي غير حاضري ۾ جُڙتو راڻو ٺاهي دل وندرائي، راڻي جو راضپو وڃايو، پوءِ به سندن سيرتن، راڻي ۽ چنيسر کي امر ڪيو. شاهه سائينءَ کي مومل جي منٿن موهيو ۽ نه راڻي جي ڏاهپ، ڏٺو ويندو ته شاهه سائينءَ جون سُورميون سندس دل جون ترجمان آهن، جن جي واتان پاڻ صوفياڻي خيال ۽ ويدانتي متن جو اظهار ڪرائي ٿو، جيڪي کيس وڻي ٿو، سو کانئن چوائي ٿو، هن پنهنجي شخصيت، پنهنجين سُورمين ۾ پلٽي پڌري ڪئي آهي. شاهه سائين جي شاعريءَ سندس زندگيءَ مان نِسري نِروار ٿي آهي، سندس سُورميون سندس جُدا جدا رُوپ آهن. شاهه سائين شاعر هو، عاشق هو، صوفي لاڪوفي هو ۽ فيلسوف هو، سندس سڀاءُ جون اِهي چارئي خوبيون، سندس سُورمين ۾ چِٽيون نظر اينديون، ڄڻڪ پاڻ کي ويهي منجهن اوتيو اٿس، ڪهاڻين ۾ ڪٿي پاڻ ٿو ڳالهائي ته ڪٿي وري سُورمين کان ٿو ڳالهرائي. قصو مختصر ڪندي چوندس ته شاهه سائين پنهنجون سورميون اڪثر غريب طبقي مان چونڊيون آهن، مارئي ٿر جي غريب مالوند ماڻهوءَ جي نياڻي آهي ته نُوريءَ وري غريب مهاڻي جي ڌيءَ آهي، سهڻي آهي ڪُنڀر جي ڄائي، سسئي هڪ ٻانڀڻ جي ڌيءَ آهي، جيڪا غريب ڌوٻي جي گهر ۾ پلجي وڏي ٿي، مومل آهي راجا نند جي نياڻي، ليلا چنيسر جي پٽ راڻي آهي ۽ سورٺ اصل ۾ راجا انيراءِ جي ڌيءَ آهي، جيڪا پوءِ راجا راءِ ڏياچ جي پٽ راڻي، جنهن جي پالنا غريب رتني ڪنڀر جي گهر ۾ ٿي هُئي ۽ هُوءَ ڪنڀارڻ سمجهي ٿي وئي. شاهه سائينءَ اڪثر پنهنجون سورميون غريب گهراڻي مان چونڊي اهو ثابت ڪيو آهي ته غريبن ۾ ئي گُڻن جي کاڻ آهي، منهنجن صداقت سچائي، غيرت، شرافت، عزت، محبت، بُلند خيالي، نياز نوڙت ۽ قرباني جهڙيون صفتون هونديون آهن، جيڪي شاهوڪارن ۾ نه ٿيون ملن، جيڪي ظاهر ظهور، دُنوي، خيال کان غريب مسڪين نظر اچن ٿا، سي ئي رُوحاني دولت سان مالا مال آهن، سندن دلي دنيا دائما شاد ۽ آباد رهي ٿي، جيڪي دنيا کان پري، سي ئي ڌڻي کي ويجهي! شاهه سائين ڏٺو ته دولت ۾ ناز آهي، غربت ۾ نياز آهي، خدا کي ناز نه پر نياز پسند آهي، شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
هَستي سڀ حَرام، نِوِڙَت سڀ نماز،
جِنين ڀَانئِيو پَاڻ، ڪَيائين تَوائي تَن کي!
ليلا چنيسر جي پٽ راڻي هيءَ جيڪا پاڻ چوي ٿي ته:
وڏيري هُياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دُهلين دَمامين، نقرين ٿي پليل پڇياس
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.
(شاهه)
ليلا ناز ڪري وَر وڃايو، پر نوري نماڻي پنهنجي نياز ۽ نِوڙت سان ڄام تماچيءَ کي موهي پنهنجو ڪيو ۽ پٽ راڻي بنجي وئي، اهو سڄو ڪمال نياز جو هو، نُوريءَ نياز مان ڄام تماچيءَ کي چوي ٿي ته:
تُون سَمون، آءٌ گَندري، مُون ۾ عَيبن جُوءِ،
پَسي رَاڻين روءِ، مَتان مَاڱَر مَٽئين!
شاهوڪارن جون اکيون آسمان ۾ هُونديون آهن، هُو دولت جي نشي ۾ چُور هوندا آهن، جنهن ڪري ئي ٿاٻڙجي خطا کائين ٿيون، ليلا لاءِ شاهه سائينءَ چوي ٿو ته، ”ٿڙڪي پسي ٿوڪ، نزڪي تڪبر ۾ پئي!“ ليڪن ٻين سڀني سُورمين جون سيرتون بي داغ آهن، جيڪي آهن به غريبن جون ڄايون، جن ليلا ۽ مومل جهڙا ڪم ڪين ڪيا! نه سهڻي، نه سسئي، نه نوري، نه مارئي ڪيا! ڪکاون جهوپڙين ۾ رهندڙ غريب ڄاين کي ڪهڙي خبر ته ناز نخرو ڇا ٿيندو آهي؟ شاهه سائينءَ چوي ٿو ته: جهنگلن، جبلن ۾ جهوپڙيون اڏي رهندڙ غريبن کي نفرت جي نظر سان نه ڏسو، جن جو بدن پُراڻن کهرن کٿن سان ڍڪيل آهي، اُنهن جي دل قيمتي هيري جهڙي اَٿو! جيئن سخت جبلن کي کوٽجي ٿو ته اُنهن جي اندران سون جون کاڻيون ٿيون لَڀن، ساڳيو ئي حال آهي، سادن سُودن غريبن جي دلين جو، جن مان شرافت، غيرت، عزت، محب، وفا ۽ سچائي جا موتي ٿا ملن. باقي جي سُکن جي سيجن تي سُمهن ٿا ۽ ڌن دولت جي نشي ۾ الوٽ ٿا رهن، اُهي ئي خطائون ٿا کائين، ليلا لاءِ هيرا جواهر ڪا نئين ڳالهه ته ڪانه هُئي، پر پوءِ به هڪ مڻيي تي موهجي پنهنجو ڪانڌ قربان ڪيو. شاهه سائينءَ کانئس پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف هيئن ڪرايو آهي ته:
مَڻئي مٿي جي هُئا، تِن چٽن ڦيريم چت،
مارئي هڪ غريب ڳوٺاڻي هُئي، هن نه پلنگ پٿراڻين تي پير رکيو هو، نه محل ماڙيون ڏٺيون هُيون، نه وري ريشمي ويس وڳا پاتا هُئا، پوءِ به عمر جي لالچن تي پلجي ڪانه پئي، کيس چيائين ته:
ايءُ نَه مَارُن رِيت، جي سَيڻ مَٽائِين سَون تي،
اَچي عمر ڪوٽ ۾ ڪَنديَس ڪَانه ڪُريت،
پَکن جِي پِريت، مَاڙِيَن سِين نَه مٽيان.
مارئي مسڪين ٿري مائٽن جي ڌيءَ هُئي، ته به اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيائين، هُوءَ رُڳو اڃا مڱيل هُئي، نڪاح به ڪونه ٿيو هئس، پوءِ به پنهنجو سَتُر سلامت رکيائين، جنهن جي عظمت کي ڏسي شاهه سائينءَ کي به چوڻو پيو ته:
ڀَلي ڄَائِي مَارئي، جنهن مَارُو مَلهايا،
سُتي سَامَائِي، جَنهن ٻَڌا مَوڙ مَلِير کي.
(شاهه)
ليلا ته لانئون به لڌيون هُيون، جنيسر جي پٽ راڻي به هُئي، شاهه سائين اهو تفاوت ڏيکاريو آهي ٿر ڄائي غريب ڳوٺاڻي ۽ راجا جي پٽ راڻي ليلا ۾! شاهه سائينءَ جي سُورمين جي قسمت ۾ اڪثر سُک ڏيکاريل ئي ڪونهي، هُو ڄايون ڄڻ ڏکن لاءِ آهن، ڄمڻ سان ئي ڄڻ مائُرن کين ڏکن جي لولي ڏني هُئي! جو سندن نصيب ۾ آهن ڏک ۽ ڏولاوا! ڏسو سسئي ڪهڙي نه درديلي دانهن ڪندي جبل کي چوي ٿي ته:
ڏُونگَر مُون مَ ڏُکوءِ، آءٌ اَڳ ڏُکوئِي آهيان،
سَاريان ڪونه سکوءِ، سُور گهڻيئي سَنڀران!
شاهه سائينءَ سُورمين جي حياتيءَ مان ثابت ڪري ٿو ڏيکاري ته اهو ڏکن جو دڳ ئي آهي، جيڪو انسان کي سُکن جي ديس جو سير ٿو ڪرائي، پاڻ هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
ڏُک سُکن جي سُونهن، گَهوريا سُک ڏُکن ريءَ
شاهه سائينءَ جي سُورمين جي ڏکويل زندگي ثابت ڪري ٿي ته، حقيقي مالڪ جي مهر واري ٻاجهه ان دوربينيءَ سان ڏسي سگهجي ٿي، جا انساني لُڙڪن جي ٺهيل هوندي آهي، انسان جي اکين جو آب ئي آهي، جو ماڻهوءَ کي روحاني انڊلٺ جا سڀئي رنگ ڏيکاري ٿو، جنهن زمين کي انساني ڳوڙهن جو پاڻي ملي ٿو، اُن مان ئي سچ جا سلا ڀلا اُسرندا آهن، ڏک ئي آهن، جيڪي انساني دل جي ويراني کي اکين روپي آب سان ڌڻي تعاليٰ جي ٻاجهه لائق ڪن ٿا، جيئن سونارو سون کي پرکڻ لاءِ باهه ۾ وجهندو آهي، تيئن شاهه سائين به پنهنجي هر هڪ سُورميءَ کي آزمائش لاءِ عذابن جي باهه منجهان لنگهايو اٿس ۽ کين موت سان ئي ميلاپ جي واٽ ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته:
جي تُون ڪَالهه مُئي، ته ڪَالهه ئي گڏي پِرينءَ کي،
ڪَڏهن ڪَانه سُئي ته ڪَا سِگهي گڏي سَڄڻين!
شاهه سائينءَ جي سُورمين مان ليلا، مومل ۽ مارئي به ڏکن ۾ گذرن ٿيون، مارئي، جيڪا عمر جي ڪوٽ ۾ قيدياڻي آهي، مومل ۽ ليلا ڪافي وقت پنهنجن ڪانڌن سان گڏ رهي ڪري، پيار محبت جي موج ماڻي، پر شاهه سائينءَ اُنهن خوشين جو ذڪر ڪونهي ڪيو، نوري ئي آهي جنهن ڏک نه ڏٺا آهن، ڏٺو ويندو ته شاهه سائينءَ جون سڀئي سورميون هڪ صف ۾ نه ٿيون اچن، هر هڪ جي زندگي جدا آهي، پر جي غور ويچار ڪري ڏسبو ته سهڻي ۽ سسئي هڪ درجي ۾ اينديون، مومل ۽ ليلا ٻئي درجي ۾ ٿيون اچن، نوري ته مومل ۽ ليلا ٽنهيءَ جي مقابلي ۾ الڳ ٿي ڏسجي، مارئي ته پنهنجو مٽ پاڻ ئي آهي، سورٺ وري سڀني سُورمين کان بلڪل نرالي نظر پئي اچي! شاهه سائينءَ جون چار سورميون جدا جدا ٻن قطارن ۾ اچن ٿيون، يعني سهڻي ۽ سسئي هڪ صف ۾ ته ليلا ۽ مومل ٻي صف ۾، باقي ٽي سورميون يعني نوري، مارئي ۽ سورٺ جدا جدا پنهنجي معيار جون نظر اچن ٿيون. آءٌ تفصيل به اهڙي ئي نموني سان پيش ڪندس، يعني سهڻي ۽ سسئي جو احوال گڏي پيش ڪندس، باقي سُورمين، نوري مارئي ۽ سورٺ جو احوال الڳ الڳ پيش ڪندس.


اوهان جي محبتن جو طالب

استاد حيدري چانڊيو
نوان جتوئي- نوشهروفيروز
3010143-0300