لطيفيات

شاهه جون سورميون

ڀٽ ڌڻيءَ جي حوالي سان ڪتاب ’شاهه جون سُورميون‘ ۾ ليکڪ سُورمين جي ڪردار جي درجي بندي ڪندي، انسان جي روحاني انڊلٺ جا رنگ پسائي ٿو. انساني حياتي جي رُوپن مان هڪ رُوپ يا رنگ ڏُک به آهي، جيڪو سُکن جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو. شاهه سائينءَ جو رسالو، دُک جي پني ۾ ويڙهيل آهي، جنهن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ پسجن ٿا.
ليکڪ، پنهنجيءَ تحرير ۾ سُورمين جي ڪردارن کي ڀيٽيندي، عورت جي جدوجهد، وفا (Commitment) کي عورت جي سرشت جو اهم جُزو ۽ عمل سمجهي ٿو.
Title Cover of book شاهه جون سورميون

نُوري

هُئِي هَٿ ۾ مَڪڙِي، ڄَام هَٿ ۾ ڄَار،
سَڄو ڏِينهن شِڪَار، ڪِينجَهر ۾ ڪَالِهه هو.
سُر ڪاموڏ ۾ شاهه سائين ڪينجهر ڪناري رهندڙ گندرا پاڙي جي ملاحن مان نوريءَ نالي مُهاڻيءَ کي سورمي بڻائي، کيس امر بڻائي ڇڏيو. نُوريءَ شاهه سائين جي سُورمين جو نُور آهي، نُوريءَ جي شاهه سائين پڙهندڙن اڳيان نِوڙت ۽ نياز جي تصوير پيش ڪئي آهي، نوري هئي مهاڻي، هڪ مسڪين ڳوٺاڻي، پر شاهه سائينءَ کي سادن سُودن، پُراڻن، ميرڙن ڪپڙن ۾ ڍَڪيل جِسم اندر هڪ بي بها دل نظر آئي، ۽ انهيءَ دل جي ٽِجوڙي هُئي، جيڪا املهه رُوحاني خزاني سان ڀرپور ڏِٺائين، سيرت نگاريءَ جو هڪ طريقو، جو شاهه سائين ڪم آندو آهي، سو آهي مختلف طبيعتن جا اداڪار، اهڙي ريت پيش ڪرڻ جو اُنهن جي عيبن توڙي اُوچن خيالن ۾ نمايان ٿي بيهن، جو پڙهندڙ سندن جُدا جُدا سيرتن جو اندازو لڳائي سگهي، نوريءَ جو سڀاءُ ليلا ۽ مومل جي سڀائن جي بلڪل اُبتڙ آهي، جڏهن ٽنهي سُورمين جي سيرتن جي ڀيٽ ڪجي ٿي تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته، جيڪي ليلا ۽ مومل ۾ نه هو، سو نورِيءَ ۾ موجود هو، مومل ۽ ليلا جيان نُوريءَ به وڏن نصيبن واري هُئي، جو محبوب جي ميلاپ جو معراج ماڻيائين. ليلا- چنيسر جي پَٽ راڻي هُئي، ته نُوريءَ وري ڄام تماچيءَ جي پَٽ راڻي هُئي، پر نوري، ليلا وانگر خوشيءَ جي آغوش ۾ رهي ڦونڊ ۽ فخر ۾ نه ڀري، مُهاڻيءَ جي من ۾ نه گيرب، نه گاءُ، هڪ غريب مُهاڻيءَ کي ڄام تماچيءَ جهڙو حاڪم پنهنجي جيءُ ۾ جاءِ ڏئي، سو هن لاءِ بيشڪ فخر جو باعث هو، اهو هڪ قدرتي نيم آهي، ته جڏهن ماڻهو ڪنهن وڏي مُنصب تي پهچي ٿو، جيڪو ڪڏهن سندس خواب خيال ۾ به نه آيو هُجي، تڏهن هُو وڏائي ۾ ڀرجيو وڃي، نُوريءَ جي دل ۾ به ته اهو ويچار آيو هوندو، ته سندس محبت جا تير، سَمي گهراڻي جي حاڪم کي اهڙا ته گهائيندڙ لڳا، جو هُن سندس نيچ ذات جي ڪا پرواهه نه ڪري، ساڻس شادي ڪئي. هر نازنين، جيڪآ ان حالت ۾ پنهنجي سُونهن تي باور ڪري، مگر نُوري نماڻيءَ ۾ اهو فخر نظر ئي نٿو اچي، نُوريءَ جي نياز مندي، نهايت عجيب وغريب آهي، جنهن لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته:
سَمون سِر سَڀَن ۾، مِي مُورڇو سوءِ،
اَچِئو اُڀين پوءِ، حُجَت ڀَڳِي رَاڻين.
جنهن هٺ وڏائي گهڻن کي هاڃو رسائي خوار خراب ڪيو، پر نوري نِوڙت ۽ حليميت جو هار پائي عزت ۽ مان پاتو، هن کي معلوم هو ته هٺ وڏائي ئي آهي، جنهن فرشتن جي سرموڙ عزازيل کي بهشت مان نيڪالي ڏياري ۽ نياز نوڙت، حليمت ئي آهي، جيڪا انسانن کي فرشته صفت بڻائي، وڏي اوج تي آڻي ٿي. مومل ۽ ليلا ٻنهي سُهاڳ جي سيج تان ڌڪو کاڌو ۽ وڇوڙي ۾ ورلاپ ڪرڻا پين، پر سُهاڳ جو ڇَٽ نوريءَ تي ڄام تماچي وِڌو، سو هن کي آخر تائين نيبهه رهيو، ليلا ۽ مومل جي خوش قسمتي، سندن بدقسمتي ثابت ٿي، ليڪن نُوريءَ کي سندس نصيب ڪَکاين جُهوپڙين مان ڪڍي محلات ۾ آندو ۽ هُوءَ پڇاڙيءَ تائين اُتي رهي، غريب ڄائي نُوريءَ کي ڄام تماچيءَ جهڙي حاڪم جي پٽ راڻي بڻجڻ ۾ ڪا وڏائي ته ڪانه ٿي، پر هر وقت اِهو ئي انديشو رهندو هوس ته شل اهڙو ڪم نه ڪريان، جو ڪانڌ ڪاوڙجي مون غريب کي دل تان لاهي نه ڇڏي، هوءَ ڏاڍي ادب ۽ عاجزيءَ سان ڄام تماچيءَ کي چوي ٿي ته:
تُون سَمون، آءٌ گَندري، مُون ۾ عَيبن لَک،
هِن مُنهنجي حَال جِي، توکي سَڀ پَرک،
ڪَارڻ رَب اَلک، مَتان مَاڳر مَٽئين!
يا
مُهاڻيءَ جي من ۾ گِيرَب نه گَاءُ،
نيڻن سِين نَا ڪَري، رِيجَهايائِين رَاءِ،
سَمون سَڀن وِچان، هيرايائين حرفت سين!
سُر ڪاموڏ، شاهه سائينءَ جي سڀني سُرن کان سواءِ سُر گهاتو جي ننڍو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ٻُڌايل آهي ته ڪيئن ڄام تماچيءَ سان نڪاح بعد نُوريءَ پاڻ کي اُها ئي نيچ ذات مهاڻي سمجهندي هُئي، شاهه سائين اهو پاڻ ٻڌائي ٿو ته، هڪ ڀيري جڏهن سڀ سميون هار سينگار ڪري ڄام تماچيءَ جي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويٺيون هُيون، تڏهن ڄام تماچي مِڙني کي خيال ۾ ئي نه آڻي، نُوريءَ کي چيو ته، نُوري! ڏي خبر تو تياري ڪانهي ڪئي؟ نوريءَ کيس جواب ۾ چيو ته، تنهنجون ٻيون سميون تيار ٿيون، مون سمجهيو ته آءٌ نيچ ذات مُهاڻي آهيان، تون مون کي وٺي ڪونه ويندين! تنهن ڪري آءٌ تيار ئي ڪانه ٿيس! ڄام تماچي اهو ٻڌي ڪري، کيس پيار وچان گلي سان کڻي لاتو ۽ کيس پٽ راڻي چونڊيائين، نُوريءَ پَٽ راڻي برابر هُئي، پر هُن ۾ وڏائي ڪانه هُئي، هن پنهنجي اصليت کي نه وِساريو هو، هن جي چاهت هُوندي هُئي ته مالڪ ڪري ته حياتيءَ جون گهڙيون لَڄ پت سان رهجي اچن، نُوري ڄام تماچي کي به ائين ٿي عرض ڪري چوي ٿي ته:
تُون تماچي تَڙ ڌَڻِي، آءٌ مُهاڻِي مِي،
مُون ڏُهاڳ مَ ڏي، آءٌ جا نالي ٿِيَس تُنهنجي!
نُوريءَ پروڙيو هو ته، جيڪي نِياز نِوڙت ۾ آهي، سو ناز، هٺ، وڏائيءَ ۾ ڪونهي، هن چيو ته:
ڪَانڌ ڪُوڙي نه وَڻي، سَئين ڀتين سِينگَار،
وَهم لَھي وَنجهار، دِليون پَرکي دَاسڙو.
نُوري راجائي رنگ محلن م رهي به کِکي هاڻيون کاريون، ڇِڇي هاڻا ڇَڄ ياد ڪرڻ، اُوچن رنگين هندورن ۾ لُڏندي پُراڻن پَکن ڪَکاون جهوپڙين وارا ڏينهن سارڻ، نرم بسترن تي ليٽندي سخت ۽ کهرا تڏا سنڀارڻ، سون رُوپي سان رانديون ڪندي ۽ لعلون لٽيندي گذريل غربت حالت اکين اڳيان آڻڻ، چهرا مٺا سڻڀا طعام کائيندي، کِکين وارن کاڄن جون يادگيريون دل ۾ سانڍي رکڻ نه ڀُلي، پٽ راڻيءَ ٿي ڪري مُهاڻين واريون بانسي ڄاريون ۽ مڇين واريون کاريون خيال ۾ رکڻ، سُکي زندگي ماڻيندي به ڏُکن وارا ڏينهن نه وِسارڻ، سُهاڳ جي سيڄ ماڻيندي انگن آرن کان پري رهڻ، بي عيب هُوندي به پاڻ کي عيبدار سمجهڻ، ۽ هميشه شرم کان ڪنڌ جُهڪائي ڪري هلڻ، اعليٰ هستين جو لڇڻ آهي، نُوريءَ جي سِيرت مان شاهه سائين بلڪل ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته، جيڪي انسان سُکن ۾ رهي ڪري به ڏاڍا مانائتا ٿين ٿا ۽ مٿانهين مرتبي تي هُوندي به هيٺاهين سان هلن ٿا، سادگي سندن سينگار آهي، ٺٺ ٺانگر هٺ وڏائي جي ويجهائي نه هُوندا آهن، ليلا ۽ مومل کان نُوريءَ جي زندگي اُوچي ان ڪري آهي، جو جا سوچ سمجهه هُنن ۾ وڇوڙي بعد آئي، سا نُوريءَ کي وِصال وارن ڏينهن ۾ آئي هُئي، نُوري غريب هُئي، هن جي دنيا هُئي ڪينجهر ڍنڍ، مڇين جي کاري ۽ ڄاري، پر قدرت جي مهربانيءَ سان جيڪو هُن حاصل ڪيو تنهن ئي سينگاريس:
ڪَانڌ ڪَنهن جو نه وَڻي، گِيرب ۽ گَاءُ،
جي ٿڙي ٿورڙياءُ، ته دوس دسائي داسڙو!
انهيءَ ڪري ئي هُوءَ خبردار رهي، اهڙو عقل نه هو مومل ۾ نه وري ليلا ۾، نوريءَ شاهه سائين جي صلاح اکين تي رکي آمين چيو ته:
ڪَت ڪتيندي آءُ، اڳيان اَٿئي توريندڙ تِکا،
اَگهي ته پاءُ، نه ته مَڻ به موٽيو وَڃن!
شاهه سائين، نوريءَ جي سڀاءُ ذريعي ڏيکاريو آهي ته، جيڪو انسان پاڻ کي نيچ ٿو سمجهي، سوئي سڀني کان اُوچو آهي، شاهه سائين جو هي پيغام تمام اهم سمجهڻ گهرجي، ڏسو ته نوريِءَ مُهاڻي مان ڦِري راڻي ٿي، شاهه سائين نُوريءَ جي اُن درجي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
نَه وَڍي نَه وِڪڻي، نَه کَڻي ۾ کَارِي،
اَهج سَهج سَاهميون، ڌرئان نَه ڌاري.
پر هُوءَ پاڻ کي ڪڏهن به راڻي نٿي ڪوٺي، جڏهن هُن پاڻ کي نيچ ڪيو، تڏهن ئي ڄام تماچي کيس اُوچو بڻايو، شاهه سائين ٻُڌائي ٿو ته، جيتوڻيڪ ڄام تماچيءَ کي نُوري ئي امر بڻايو، پر پوءِ به هُو پاڻ کي گندري مهاڻي ڪري سڏي ٿي، ليلا ۽ مومل وانگر نُوريءَ به حُسن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئي، مهاڻي ضرور هُئي، پر مُنهن ۾ مڻيا هُيس، شاهه سائين سندس سونهن جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
هَٿين پيرين آرکڻين، مُنهن نه مُهاڻي،
جِيئن سَڳو وڄ سرندڙي، راڻين ۾ راڻي.
سندن روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪيڏو نه تفاوت آهي! ليلا لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته:
سونا ڪُر ڪَنن ۾، ڳِچيءَ ڳاڙها هَار،
ٻَانهُوٽا ٻَانهن ۾، سِينڌ سَڻڀا وَار،
نِيلانهه پئي پَچار، ڪَانڌ هن جي ڇڏئي!
يا
سَڀيئي سُهاڳڻيون، سڀني ڳِچيءَ هَار،
پَسڻ ڪَارڻ پِرينءَ جي، سَهسين ڪَن سِينگَار،
ڍول تِنين جِي ڍَار، هيٺاهيون هَلن جي!
۽ مومل جي بدني ٺاهه ٺوهه جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿس ويس!
مگر نوريءَ جي حالت هيٺين سٽن ۾ ٻڌائي ٿو ته:
ڄَاريُون کَاريُون ڇَڄ چيريون، جِن جي محبت مڇي سَاڻ،
رَهن وهن سر ٻانڌيين، سَڀئي بدبوءِ هاڻ!
ڄام تماچي موهت ٿيو نُوريءَ جي سُونهن سوڀيا، شڪل شبيهه تي ۽ کيس پنهنجي راڻيءَ ڪرڻ جو ارادو ڪري، سندس مائٽن کان هُن جو سڱ گُهريو، جو هُنن خوشيءَ سان قبول ڪيو، نوريءَ جي حُسن کيس راڻي بنايو، مگر حليمت ۽ هيٺاهين مٿس پٽ راڻيءَ جو ڇَٽ ڌريو، حُسن ۽ حليمت مختلف خاصيتون آهن، جي شاهه سائين نوريءَ ۾ ڀريون آهن، سُونهن مومل ۾ هُئي، ته ليلا ۾ پڻ هُئي، پر نُوريءَ کي مٿانهون بنايو، سندس نياز نِوڙت حُسن واري انسان کي حليمت وڌيڪ حسين ڪري ٿي، نُوريءَ جي ڪري ڄام تماچي سندس اوري پري جي مائتن مِٽن سان به سهج ڪيا ۽ کين سوکڙيون پاکڙيون موڪليون، ائين ڪرڻ سان ڄڻ ڄام تماچي نُوريءَ جو قدر ٿي ڪيو، ڇا ڄام تماچي جهڙو حاڪم! ڇا مسڪين مهاڻا!
شاهه سائين ڄام تماچيءَ کي نُوريءَ جي ڪري مسڪين مهاڻن جي وڏي عزت ڪندي ڏيکاري ٿو ته:
اَڄ تَماچِي آئِيو، پَکَن پَئِي پَچَار،
مُرڪن مَلاحن جَا، ٻَانڌِيَن مَٿي ٻَار،
وَڏي ڄَام ڄَمار، جنهن مُهاڻيون موکيون!
شاهه سائينءَ جي سُر ڪاموڏ جي هڪڙي بيت مان معلوم ٿو ٿئي ته، جن ڏينهن ۾ ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، تن ڏينهن ۾ سمن جي گهراڻي مان ڄام تماچيءَ نالي هڪڙو حاڪم هوندو هو، جنهن جو ڪينجهر ڍنڍ، جيڪا جهوڪ ۽ ٺٽي جي وچ تي آهي، اتي گندرا پاڙي جا مهاڻا رهندا هُئا، جيڪي مڇي مارڻ جو ڪم ڪندا هُئا، اتي ڄام تماچي به مڇي جي شڪار تي ايندو ويندو هو، جيڪو نُوريءَ نالي هڪ مُهاڻيءَ تي موهت ٿي پيو ۽ اُن سان شادي ڪيائين ۽ پوءِ کيس پنهنجي پٽ راڻي به چونڊيائين، ۽ ڪينجهر جي ڀرسان هڪ محلات به تيار ڪرايائين، جنهن ۾ پنهنجي راڻيءَ سان گڏ پيو رهندو هو، وقت گذرندو رهيو، نيٺ ڄام تماچي سخت بيمار ٿي پيو، جڏهن مرڻ جي ويجهو آيو ته سندس پٽ راڻي نوريِءَ، جنهن جو ساڻس بيحد پيار هوندو هو، سا سخت پريشان ٿي ۽ کيس مخاطب ٿيندي چيائين، اي جاني! مُرڪندڙ مهانڊي وارا! تنهنجو سِر شل سلامت هُجي، تون هن جهان کي ڇڏي نه وڃ، تون ته منهنجي اکين جو ٺار آهين، تون ڪجهه عرصو ڪينجهر جي ڪناري تي حياتي گذار، شاهه سائين نُوريءَ جي واتان پنهنجي پياري وَر لاءِ اِجهو هن طرح ٿو چورائي ته:
سِر سَلامت سُپرين! مُرڪَڻ تُون مَ مَريج!
آهين ٺَار اَکين جو، وَٽان مُون مَ وَڃيج،
تَماچِي تِڳيج، ڪو ڏِينهن ڪِينجهر ڪَنڌيين!
شاهه سائين سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو ته، لوهه جو ننڍڙو ٽڪرو پاڻيءَ ۾ اُڇلبو ته ٻُڏي ويندو، پر ڪاٺ جي وڏن وڏن ٻيڙن کي ڪيترائي وزني لوهه جا ٽُڪرا لڳل هوندا آهن، سي ٻيڙيءَ کي نٿا ٻوڙين پر ڪاٺ جي ڳنڍجڻ سان پاڻ بنا خطري ترن ٿا، اهو آهي محبت جو مثال، هونئن لوهه جو ٽڪرو پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ٿو، ڪاٺ سان ڳنڍجي ٿو ته تَري ٿو، ڄام تماچيءَ کي به نُوريءَ سان محبت امر بنايو!