سهڻي ۽ سسئي
اَدا ڙي ٻانڊي توکي ڪَڙهَان ڪه پَاڻ کي،
سُوڌي خَبَر سَڄڻين، تو ڪا تڙ آندي؟
تَو پَاتارئا پانڌي، اسان پنڌ پرين ڏي!
سسئي وري جبلن سان ٿي مخاطب ٿئي ۽ سج کي نياپا ڏئي چوي ٿي ته:
آءٌ نَه گَڏي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِج!
آءٌ جي ڏيان سنيها، نيئي پِريان کي ڏِج،
وَڃي ڪيچ چَئيج تَه ويچاري وَاٽ مُئي.
سهڻي ۾ اها ئي خوبي آهي، جيڪا اڪثر عورت ۾ نظر ايندي آهي، هوءَ سونهن جي عاشق آهي، جنهن جو نالو ئي سهڻي آهي، سا پنهنجي سونهن جو خيال ڪيئن نه ڪندي! مارئي جي سُونهن سوڀيا سندس جسماني ٺٺ ٺانگر، ٺاهه ٺُوهه ۾ ڪونهي، جيڪي آهي سو سندس پاڪدامني ۾ آهي! مارئي جي عصمت ئي سندس سيرت کي وڻندڙ بڻايو آهي، سسئي جي سونهن سخت سُورن سهڻ ۾ آهي. شاهه سائين، نوريءَ جي سونهن کي سوڀيا سندس نياز نِوڙت ۾ رکيو، سندس غربت ۽ حليميت کيس ڏاڍو خوبصورت بڻايو، ليڪن سهڻيءَ جو جهڙو هو نالو، تهڙي هُئي سهڻي، هن ۾ نه آهي، مارئي ۽ نوري واري سادگي، نه مومل ۽ ليلا وارو ناز نخرو وغيره. بس پنهنجي محبوب ميھار جي حُسن ۾ گُم هُئي، پنهنجي دلبر ميھار جي سونهن جو بيان، جيڏين سرتين کي هن طرح ڪري ٿي ٻڌائي ته:
وَاهڙو هن نوان، اَڃا ولهه اڳي ٿِيو،
گَهر ويٺيون گهڻا ڪَريو، سَرتيون سڱ سَنوان،
صُورت جَا سَاهڙ جِي، سَا جي ڏِٺي آن،
هُوند نه پَليو مَان، گِهڙو سَڀ گهڙا کڻي!
يا
جيڏيون! ڏِٺيان جي، صُورت سَاهڙ ڄَام جِي،
سُک ٿِي سُمهو ڪِينَڪِي، ڪَانڌن پَاسي ڪِي،
مُنهان اڳي، گِهڙو سَڀ گَهڙا کَڻي!
سهڻيءَ وانگر، سسئي به پنهنجين ساهيڙين سان، پنهنجي من موهيندڙ پُنهل جي صورت جو ذڪر ڪري ٿي ته:
آن جي ڏٺي جيڏيون! پنهون جي پاٻوهه
سَنجهي ۽ صبح، سُورن ٿي سَجنڪيون!
يا
ٻَاروچو ٻَئي روءِ، جَيڪس ڏِٺو جَيڏيون،
سَنجهي ۽ صُبح، هَڏ نَه وِئڙن وِسري!
سُهڻي ۽ سسئي کان سواءِ شاهه سائين جي ٻي ڪنهن به سُورمي، پنهنجي محبوب جي حُسن جي ساراهه نه ڪئي آهي! سهڻي تي ميھار جي سُونهن جو اهڙو ته گهرو اثر ٿيو جو بيوس ٿي چيائين ته:
سَاهڙ مُون سِينگار، مَاڻهن ليکي ۾ هِيڻو!
۽ پنهونءَ جي محبت واري مُرڪ، سسئي جو من مستان ڪري ڇڏيو ته ميھار ۽ پنهون تي يقينن سهڻي ۽ سسئي جي حُسن جو اثر ٿيو هوندو، پر شاهه سائين ڪٿي به ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو آهي، پُنهل وڏي ماڻهو هجڻ جي پرواهه نه ڪري ڌوٻي ٿيڻ قبوليو، ميھار اميري ڇڏي مينهن چارڻ جو ڪم ڪيو، اهي ٻئي ڪي گهٽ درجي وارا عاشق ته نه چئبا! پر پوءِ به شاهه سائين، پُنهل ۽ ميھار جي واتان سهڻي ۽ سسئي جي حُسن جي باري ۾ هڪ لفظ به ڪونهي چَورايو، انهي ۾ سندس ڪھڙي رمز هُئي، تنهن لاءِ ڪُجهه به چئي نٿو سگهجي، سوڻ خاطر ميهار سهڻيءَ کي جيڪا کير چُڪي ڏُهي ڏني هُئي، انهيءَ لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته:
ميھارا مِرڪ، پِيتَائِين پِريم جي،
تَنهن منڌ متوالي ڪئي، سنديءَ ساءَ سُڪ
لڳيس ڪام ڪرڪ لوها دُکي لطيف چئي.
سهڻي جي گهورين نينهن نگاهن ميھار کي نِهوڙي وڌو هو، شاهه سائين، چاهي ها ته ميھار جي واتان به ان بابت ڪجهه چورائي ها، پر اُن کان ڪجهه نٿو چورائي، جڏهن ته سسئي پاڻ ٿي ٻُڌائي ته جڏهن پنهون ڪيچن سان گڏجي، سنڌ جي سرحد پار ڪري، عطر عنبير کڻي ڀنڀور ۾ اچي لٿو ۽ سسئي پاڻ عطر جي خريدار بڻجي وٽس وئي، تڏهن ڪيئن دل ڦُرائي واپس وري، جنهن جي منظر نگاري شاهه سائين هن ريت ڪئي آهي ته:
ڪيچان آيو قافلو، ڄَامَن سَندو ڄَام،
پَسِيندي پُنهون کي، اَکين ڪَيو آرام،
نَاتر چَايان نَام، جي مُون نِيو پَاڻ سِين.
يا
ڪيچان آيو قافلو، ڀَليرو ڀَانئِيان،
پِڻي جا پيرن جِي، لِڱَن کي لايَان،
چَنبيلي چَايَان، جي مُون نِيو پَاڻ سِين!
سسئي پنهنجي سُورن جو پاڻ بيان ڪري ٿي، پر پُنهونءَ کي جو سسئي جي سِڪ محبت پريشان ڪيو، تنهن لاءِ شاهه سائين بلڪل خاموش آهي، ان رمز جي ڪا پروڙ نٿي پوي. شاهه سائين پنهنجين سورمين جي خيالن جو ذري پُرزي جو به بيان ڪري ٿو، سهڻي ۽ سسئي جي ٻاهرين هڪجهڙائي پٺيان ڪافي تفاوت نظر اچي ٿو، سهڻي جي محبت جون حالتون، سسئي جي حالتن کان ٻي طرح جون هُيون، سهڻي جي سيرت تمام مٿاهين نظر ٿي اچي، اُن مٿاهين هنڌ تي شاهه سائين جي ٻي ڪابه سُورمي پهچڻ جي جُرئت ئي ڪري نٿي سگهي. شاهه سائينءَ جي مِڙني سُورمين ۾ سهڻيءَ جو درجو تمام ۽ تمام مٿاهون آهي. سهڻيءَ جي سيرت جو ڪارڻ آهي، هن جي همت ۽ بهادري، عشق جي آگ جڏهن سندس اندر ۾ ڀنڀٽ ڪري ٻرڻ شروع ڪيو، تڏهن منجهانئس زناني ضعيفائي دُور ٿي وئي ۽ بھادرن جي به بھادر بنجي وئي، ڇو ته منجهس عشق اچي واسو ڪيو هو ۽ دُنوي خوف خطرن کان آزاد ٿي وئي هُئي، سهڻيءَ جي حالت ٻين سُورمين کان نرالي نظر ايندي، سهڻيءَ جو ميھار سان ڪو تعلق نه هو، سسئي جي پنهل سان شادي ٿيل هُئي، سهڻيءَ جي اک ميھار سان لڳل هئي، سندس مائٽن جڏهن ڏٺو ته سهڻي ميھار جي محبت ۾ مبتلا آهي، تڏهن سندس مرضيءَ خلاف کيس ڏم سان زوري کڻي پرڻايائون، چوندا آهن ته زور جي ميندي لڳڻي ناهي! سو سهڻيءَ کي به زوري ڏنل مڙس پسند ئي ڪونه هو، هو روزانو رات جو درياهه تري وڃي ميھار سان ملاقي ٿيندي هئي، ان ڪري کيس گهر ۾ ڏم جا طعنا مهڻا سهڻا پوندا هُئا، سسئي جيڪڏهن پنهل لاءِ جبلن جون لاهيون چاڙهيون لهندي پنهنجا پير پِٿون ڪيا ته ڪهڙي وڏي ڳالهه چئبي؟ پنهل سندس ڪانڌ هو، ڪانڌ کي ڳولڻ سندس فرض هو، مارئي، کيت سان مڱيل هئي، جيڪڏهن مڙس جي ياد ۾ رهي عمر جي لالچن ۾ نه آئي ته هن اخلاقي اُصولن جي پيروي ڪئي، پر سهڻيءَ جون حالتون ڏاڍيون ڪٺن هُيون، سسئي جي مائٽن کي معلوم هو ته سندن ڌيءَ پنهنجي وَر پنهل جي ڳولا ڪرڻ لاءِ وڃي ٿي، مائٽن جي سمجهائڻ سان نه سمجهي، جبل منهن ڪيائين ته مائٽ سندس پُٺيان ڪين ويا، نه وري هُن کي ڪنهن طعنو وغيره ڏنو! سهڻيءَ جي ته چوڌاري مخالفت ئي مخالفت هُئي، اوڙي پاڙي، مائٽن مٽن وٽ ڌڪار هُئي، سڀني چيو هُوءَ ڪِني آهي، خراب آهي وغيره! سندس راهه ۾ ڪيئي رنڊڪون هُيون، شاهه سائين چوي ٿو ته:
پَل پَل ٿِي پَلي، ڏَم ڏِهاڙي ڪيترو!
۽ پاڻ ٻڌائي ٿي ته:
ڏَم ڏِهاڙي ڏَئي، سَندا ميهر مِهڻا،
جَهليم ٿي جهولِيءَ ۾، پلئه پائيو سي،
هر جان چالهه چئي، سڱا سپيرين جي.
ڏم سان گڏ سندس جيڏيون سرتيون، عزيز، مائٽ، مٽ کيس ميهار سان ناتو ٽوڙي ڇڏڻ لاءِ چون ٿا، سهڻي جواب ۾ ٿي چوي ته:
تَڙن جَا طَعنا، سَهنگا ڏِينم سَرتِيون!
هڪ هنڌ شاهه سائين، سهڻيءَ کي جيڏين سرتين سان گفتگو ڪندي ڏيکاري ٿو، پر هُن کي نه ڏَم جي مٿس ڪاوڙ جي ڪا پرواهه هُئي، نه مهراڻ جي تيز ڇولين، ڪنن جي ڪڙڪاٽن، نه جَر جي جانورن جو ڪو ڊپ ڊاءُ هو، جڏهن جيڏيون سرتيون چونس ٿيون ته:
مَتان گِهڙين سهڻي، اَڄ دَرياهه ۾ اَٿئي دَم،
ڪَاري رات ڪنن ۾، ڪهڙو اَٿئي ڪَم؟
مَتان جَاڳي ڏَم، پُڇي پَاڙي واريون!
تڏهن سهڻي کين جواب ۾ ٿي چوي ته:
پُڇي پَاڙي واريُون، ڪوهه ڪَريندو ڏَم،
ڪَاري رات ڪنن ۾، آهه ڪَاڻيارَن ڪَم،
هِي هَڏو ۽ چَم، گهوريو مُحب ميھار تَان!
اهڙي قسم جون مشڪلاتون سسئي کي ڪين آيون! سسئي سُور ڇو سٺائين، سندس مائٽ سندس خلاف ڪين هُئا! پنهون جي ڀائرن ئي سندس وَر جُدا ڪيو، پر سهڻيءَ کي ڇا ٿيو هو، جو مائٽن جو ناراضپو کڻي، ڏم جا طعنا مهڻا، تنبيهون، دڙڪا، دهمان سهي ڪري، ميھار جي پُٺيان لڳي هُئي، ساڻس ڪهڙو سڱ هوس؟ تنهن لاءِ شاهه سائين ٻڌائي ٿو ته، سهڻيءَ جو ميھار سان جيڪو سڱ هو، جنهن جي خبر عام ماڻهن کي ڪانه هُئي، اُهو سڱ روز الست کان اڳ ٿيو هو، اچو ته اها گواهي شاهه سائينءَ کان ٻُڌون، پاڻ فرمائي ٿو ته:
ساهڙ جا سِينگار اَڻ لَکيا اڳي هُئا،
نَڪَا ڪُن فَيڪون هُئي، نَڪا ٻِي پَچار،
مَلَڪنئان مَهند هُئي، توڏي جي تنوار،
مُحبت سَاڻ ميهار، لايائين لَنئُون لَطِيف چَئي!
سهڻيءَ پاڻ به ٻڌائي ٿي ته مون ميهار سان روز ازل کان لانئون لڌيون آهن، ڏم سان ته مون کي زوري پرڻايو ويو آهي، پاڻ ٻڌائي ٿي ته:
اَلست اَرواحن کي جَڏهن چَيائُون،
مِيثَاقَان ميهار سِين، لَڌيون مُون لانئُون،
سو موٽي ڪِيئن پَانهون، جو محفوظان معاف ٿيو!
سهڻيءَ کي خراب سمجهيائون، پر سهڻي دنيا جي پرواهه نه ڪڍي، ميهار سان سچي رهي ۽ پنهنجي سور سختين جو ڪارڻ پاڻ هُئي! سسئي، پنهونءَ جي پٺيان ويندي، سماجي، مذهبي يا اخلاقي اُصولن جي ڪا ڀڃڪڙي ته ڪانه ڪئي هُئي، پر سهڻيءَ جي حالت دل دهلائيندڙ هُئي، دل جي سچائي ۽ سُورن سختين ۾ صبر سهڻيءَ ۾ اِرادي جي پُختگي پيدا ڪئي هُئي، سهڻيءَ جي موت جو سبب ڏم جو حسد ۽ ڪاوڙ هئي، ڏم جي ڀيڻ پڪي گهڙي جي جاءِ تي اهڙو ئي چِٽيل ڪچو گهڙو رکي ڇڏيو هو، سهڻي، ميھار جي عشق جي انڌ ۾ ڪچي ۽ پڪي جي ڪا خبر ئي ڪانه لڌي، ڪچو دلو کڻي درياهه ۾ ٽپي پئي، اڳتي هلي ڪچو گهڙو پاڻيءَ ۾ ڳري ويو، پوءِ کيس ڏم جي ڀيڻ واري دشمني ياد پئي ۽ چيائين ته:
ڀَانيَم نَه ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌتاريو!
مگر سسئي سان ته پنهنجن مائٽن جي همدردي هُئي، ڇاڪاڻ ته سسئي مائٽن جي رضا منديءَ سان پنهل سان نڪاح ڪيو هو، جڏهن پنهونءَ کي گهڻو پياري بيهوشيءَ جي حالت ۾ وٺي ويا، تڏهن ڀنڀور جي ماڻهن پڻ سسئي سان همدردي ڏيکاري هُئي، شاهه سائين انهي ڳالهه جو هن ريت بيان ڪندي چوي ٿو ته:
چڪس سَڀ چَئِي، مَاڻهو شَهر ڀَنڀور جَا،
سَاموٽي ڪِيئن مُئي، جَنهِنجو جَانِب جَت وَٺِي ويا!
سهڻي، ميھار کي مِلڻ ٿي وڃي ته سرتيون کيس منع ٿيون ڪن، پر سسئي کي هر ڪا صلاح ٿي ڏئي ته پنهل سان تو پيار جو پرڻو ڪيو آهي، اُن کي وٺي اچڻ کان اڳ نه موٽجانءِ، کيس ڪيترين هڪ جيڏين دم دلاسا ۽ آٿتون ڏنيون، سسئي انهن لاءِ چوي ٿي ته:
مُون جِيئن رُنائون، مَٿي ڪَيو هَٿڙا!
هتي هڪ خاص ڳالهه، جنهن جو اسان کي خاص ڌيان لهڻو آهي، سا هيءَ آهي ته سسئي ڪهاڻي جي رِٿا ۾ ڪيترا ڀيرا ماءُ سان مخاطب ٿي گفتگو ڪري ٿي، سهڻي صرف سرتين سان مخاطب ٿئي ٿي، سهڻي کي جيڪڏهن ماءُ هُئي به کڻي، ته به انهيءَ پنهنجي ڌيءَ جي دلي جذبن جو ڪو خيال نه ڪري کيس زوري ڏم سان کڻي پرڻايو، پر سسئي، ماءُ سان پنهنجي دل جو درد اوري ٿي، ڀنڀور ڇڏڻ وقت پنهنجي ماءُ کي چوي ٿي ته:
پِريتڻي پِرينءَ جِي، مَاءُ مُنجَهايَم مَت!
اَڄ مِلنديس مَاءُ، ڌَاڄا ڪَنديَس ڪَپڙا،
جِيجَان جوڳياڻي ٿِيان، مُون کي جَهل مَ پاءِ!
هن بيت مان معلوم ٿو ٿئي ته، سسئي جي ماءُ، ڌيءَ کي منع ٿي ڪئي ته تُون ڀنڀور کي ڇڏي، اڪيلي پنهونءَ جي ڳولا ۾ نه وڃ، ڇاڪاڻ ته مٿس قياس ٿو پويس ته ويچاري ڪيئن جبل جهاڳيندي ۽ رِڻ پٽ رُلندي، سسئي کي ماءُ جي منع ۽ سهڻيءَ کي ڏم جي منع ڪرڻ ۾ وڏو تفاوت آهي، مڙس جي منع ڪرڻ ۾ سختي ۽ ماءُ جي منع ۾ همدردي ۽ پيار هو، سهڻيءَ کي دلداري ڏيڻ وارو شاهه سائينءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نظر نٿو اچي، سسئي جي هيٺين سِٽن مان صاف ظاهر آهي ته: پنهونءَ جي وڇوڙي ۾ سسئي ڏُک مان هَنجون پئي هاريون، تڏهن ماءُ به ڌيءَ کي جُهرندو ڏسي، دل جهلي ڪانه سگهي، ۽ اوڇنگارن مٿان اوڇنگارون ڏئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي:
رويو ويٺي رَاڳ، اَمڙ اَوريا نجهري
لاَٿو مُون ڏيهه وَڻن سَان، لاڳاپو ۽ رَاڳ،
ڏُونگر سي ڏورِينديُون، جِن اَندر ڀَري آڳ!
سسئي، ماءُ سان مخاطب ٿي کيس چوي ٿي، اي منهنجي جيجل ماءُ! تُون ڀلي گهر ۾ روئي ارمان جو اظهار ڪر، پر مان گهر ۽ وطن سان سڀ لڳ لاڳاپا ٽوڙي، جبل جهاڳينديس، سسئي جي ماءُ، ڌيءَ جو سُور سهي نٿي سگهي، پر سهڻيءَ طرف نظر ڦيري ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته هن قرب جي ڪاتيءَ سان ڪُٺل کي ته ڪو به دلاسي يا آٿت ڏيڻ وارو ڪونه هو، امڙ، ماءُ، جيجل اکر، جي سسئي جي بيتن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا، سي بلڪل ظاهر ٿا ڪن ته سسئي کي ماءُ سان ڏاڍي همدردي هُئي، هڪ هنڌ هڪ بيت ۾ سسئي ماءُ کي چوي ٿي ته:
مَاءُ! وِهاڻو وَار، کَڻ پَٿراڻي پَانهِنجِي،
جيڪين ڏِنَئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئي سَار،
وَڃان ٿِي وَڻڪَار، ڏِٺم پير پُنهونءَ جو!
مٿين بيت جي سٽن مان معلوم ٿو ٿئي ته، سسئي کي مائٽن پنهنجي خوشيءَ سان ڏاج ڏئي پنهونءَ سان پرڻايو هو، سسئي جو پنهون سان پيار هو، سهاڳڻ عورت جو پنهنجي ڪانڌ لاءِ محبت جو هُجڻ تمام ضروري آهي، پر سهڻيءَ جي ميھار لاءِ سِڪ هُئي، طالب جي مطلوب لاءِ محبت، جيڪا سسئي ڪئي، سا سوين ڪنديون، وَرلاءِ پاڻ پتوڙڻ هر ڪنهن سُگهڙ عورت جو فرض آهي، پر جيڪو سهڻي، ميھار لاءِ ڪيو، سو هزارن مان ڪنهن هڪ کي به ڪرڻ جي جُرئت نه ٿيندي! سسئي ۽ پنهون پاڻ ۾ شادي ڪري ڪجهه عرصو هڪ ٻئي جي آغوش ۾ بنا ڪنهن خوف خطري، چِنتا جي محبت جون موجون ماڻيون هُيون، سسئي کي اهو خيال ڪڏهن خواب ۾ به نه آيو هو ته، ڪو پنهون کانئس جُدا ٿيندو، جنهن جي ثابتي خود سسئي جي زباني مِلي ٿي، هُوءَ چوي ٿي ته:
مُون ڀَانئِيو مُون وَٽ، هَميشه هُوندا پِرين!
هڪ هنڌ سسئي ماضي ۽ حال جو ذڪر ڪندي چوي ٿي ته:
اَڳي اِئين هُياس، جو پُنهون ڌوتم ڪَپڙا،
هَاڻي اِئين ٿِياس، جو جَت نَه نِيَن پَاڻ سِين.
انهيءَ بيت مان ثابت ٿو ٿئي ته، سسئي ڪجهه وقت تائين پنهونءَ جو وِصال ماڻيو ۽ ٻنهي گڏجي ڪپڙا ڌوئندي، هڪ ٻئي کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، کِلي خوش ٿيا هُئا، پر سهڻيءَ کي اهڙو سُک نصيب ۾ ڪين هو! سسئي، پنهونءَ جو وِصال ايترو وقت ته ماڻيو، جو اُن وچ ۾ پنهون جي پيءُ ’آري ڄام‘ پُٽ کي هڪ قاصد موڪليو ته، کيس وٺي اچي، پر پنهون واپس وڃڻ کان انڪار ڪيو، قاصد ڪيچ موٽي، آري ڄام سان سندس سڪيلڌي پُٽ پنهونءَ جو سربستو احوال ڪيو، جنهن تي آري ڄام پنهنجن ٻين پُٽن کي ڀنڀور چاڙهي موڪليو ته ڪنهن طريقي سان پنهون کي مون وٽ وٺي اچو! اُنهن ڏينهن ۾ اُٺن جي مسافري بلوچستان، ڪيچ مڪران ۽ سنڌ ڀنڀور جي وچ ۾ چڱو خاصو وقت وٺندي هُئي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته، سسئي، پنهونءَ جي محبت ۾ گهڻا ئي ڏينهن گهاريا هُئا ۽ جڏهن پنهون جا ڀائر ڀنڀور اچي سندس مهمان ٿين ٿا، تڏهن سسئي کي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي، ۽ هُوءَ پنهنجي خوشيءَ جو اظهار هن طرح سان ڪري ٿي ته:
آيَا آسَ ٿِيَام، ٻَاروچَا ڀَنڀور ۾،
پَسي پَهر پُنهون جي، نَنهن سِين نيڻ ٺَريام،
گُوندَر وِسريَام، سُکن شَاخُون ڪَڍيون!
سسئي کي پنهون جي ڀائرن جو مهمان ٿي اچڻ جي خوشيءَ ته برابر ٿي هُئي، پر هُوءَ پنهل جي پيار ۾ اهڙي ته مست رهي، جو مهمان ٿي آيل ڏيرن جي ڪا خاص خاطرداري ڪانه ڪيائين، جيڪا هن کي ڪرڻ کپندي هُئي، ڪهڙي نه دلسوز انداز ۾ چوي ٿي ته:
اَڳيان اُٿي اُن جي، خوب نَه پَڪم کَاڄُ،
سَامهون هَٿان نه ٿِي، جيڪا رَسم رَاڄُ
آيَل آءُ اَڪاڄ، ٻول ٻَروچي وِترو!
سسئي جي سيرت ۾ خاص خاصيت اِها آهي ته پنهل لاءِ روئندي پِٽيندي ڪيئي ڪشالا ڪڍيا، يعني پنهون وِڃائڻ کان پوءِ ڄڻ سندس تقدير بِگڙجي وئي، سهڻي به ڪجهه وقت ميھار جي منهن ڏسڻ لاءِ ڪو وقت سِڪندي رهي، انهيءَ ڪري جو جڏهن تلي ڪنڀر کي اها ڄاڻ پئي ته ميھار سندس ڌيءَ سهڻيءَ سان عشق ڪري ٿو، تڏهن ميھار کي پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ کان جواب ڏئي ڪڍي ڇڏيائين، ۽ سهڻيءَ جي هڪدم ڏَم سان شادي ڪرائي ڇڏيائين، ميھار جو ڪو وقت پتوئي ڪونه پيو ته ڪاڏي ويو، اُنهيءَ جُدائي واري عرصي جو شاهه سائين بيان ته ڪري ٿو، پر ائين ڪونه ٿو چوي ته، سهڻي، سسئي وانگر دانهون ڪُوڪون ڪيون يا وري ميھار جي محبت ۾ ڪو شڪ آندو، هن جي حالت جو شاهه سائين هن ريت بيان ڪندي چوي ٿو ته:
ڏَم سِين جو ظاهرا، مَن ميهار سِين ميڙ!
ميھار جي غير حاضري ۾ سهڻيءَ سندس ياد ۾ رهي ٿي، شاهه سائين سهڻيءَ کان اجهو هن طرح ٿو چَورَائي ته:
ڏِٺي ڏِينهن ٿِيام، ڪُهه ڄَاڻان ڪهڙا پِرين؟
سَھسِين سِج اُلهي، وَاجهائِيندي وَيام،
تِنين سَال ٿِيام، جِنين سَاعت نَه سَهان!
-
ڏِٺي ڏِينهن ٿِيام، ڪُهه ڄَاڻان ڪيها پِرين!
گُوندر غَم پِرينءَ جَا وَلين جِيئن وَريَام،
تِنين لاءِ سَال پِيام، جِنين لاءِ سَاعت نَه سَهان!
سهڻي مٿين بيتن ۾ ٻُڌائي ٿي ته آءٌ جڏهن ڪُنواري هُيس ته ميھار کان سواءِ پل به نه سَرندي هُئي، هينئر ته سال گذري ويا آهن، جو ميھار جو منهن ڏسڻ به نصيب ڪونهي ٿيو، سندس جُدائيءَ جو غم وَليَن جيئن گهيري ويو آهي، ڪجهه وقت کان پوءِ ميھار سنياسي جي رُوپ ۾ اچي اُتي رهائش پذير ٿيو، سهڻي درياهه جي ڪپ تي گهر ۾ رهندي هُئي، ميھار ٻئي ڪپ تي جُهوپڙي اڏي دُونهين دُکائي ويهي رهيو، ٿوري ئي وقت ۾ سندس مشهوري ٿي وئي ته درياهه جي ٻئي ڀر تي هڪ گوڊڙي پوش سنياسي فقير ٿو رهي، سهڻيءَ کي به خبر پئي ته درياهه جي ٻئي ڪپ تي دُونهين دُکائي ويهڻ وارو سنياسي ميھار ئي آهي. شاهه سائينءَ سهڻيءَ کان هن ريت چَورَايو آهي ته:
هُن ڀَر سِيم هُوءِ، سُتي سَنڀَارن جِي،
چِت چَڙَن چوريو،چؤنڪ ٿِيڙم جُوءِ،
مُحبتي ميهار جي بِا الله پِيَم بُوءِ،
وَڃي رُوبروءِ، ديکيان دوست ميهارَ کي.
سهڻيءَ کي ميهار وٽان ڪو به سنيهو پيغام ڪونه مليو هو، محبت يا عشق فطرت آهي، محبت ئي کيس معلوم ڪرايو هو ته تنهنجي گهر جي سامهون درياهه جي ڪپ تي، جيڪو سنياسي جي رُوپ ۾ اچي ويٺو آهي، سو ئي تنهنجو محبتي ميهار اٿئي، هوءَ سسئي جيان ائين هرگز نٿي چوي ته:
اَديون! آءٌ اَڄاڻ، مُون سَڱ سُڃاڻي نَه ڪَيو!
سسئي جي اندر ۾ پنهل لاءِ گمان پيدا ٿيو، انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته سسئي پنهل خاطر سِر قربان ڪيو، ليڪن اعليٰ درجي واري عاشق جي دل ۾ معشوق لاءِ ڪڏهن به شڪ گمان اچڻ نه گهرجي ها، سهڻيءَ ڪڏهن به پنهنجي پياري ميھار لاءِ شڪ گمان واري ڳالهه ڪانهي ڪئي، پر سسئيءَ کُليو کُلايو چوي ٿي ته:
ڄَاڻي سُڃاڻي، مُون کي ڇَڏي هَليا!
هُوءَ وري ٻئي هنڌ چوي ٿي ته
پرڏيهي پرين ڪَنا، مرڻ لاءِ مون!
سسئي اهڙا لفظ چئي، پنهنجي عاشقيءَ ۾ عيب پيدا ڪيا، جنهن کان سهڻي بلڪل ڇُٽل آهي، سسئي کي خبر هُئي ته پنهون پنهنجو راڄ ڀاڳ ڇڏي، مون خاطر ڌوٻي ٿيڻ قبوليو هو، جنهن لاءِ شاهه سائين جي هي گواهي آهي ته:
گَڏيو ڌوٻين ڌوءِ، پنهون پار ڇو هٿ ۾!
پنهل جي سچائي ۾ شڪ يا گمان آڻڻ سسئي جي شان وٽان ڪين هو! ائين ڪرڻ سان هُن پنهنجي ضعيفاڻي ڪمزوري جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي محبوب جي گِلا ٻين سان ڪرڻ سچي عاشق جو ڪم نه آهي، شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
سُپيريان جي دور جو، ماڻهن ڏجي منجهه!
سهڻيءَ کي ڏسو ته ميهار لاءِ ڇا ٿي چوي:
نه مون ناناڻئا کٽئو، نڪي ڏاڏائڻا،
پِرين جي پاران، مُون سِين وڏا ئي وَڙ ٿِيا!
سهڻيءَ ڏکن ۾ سُک ڏٺا، هن کي معلوم هو ته جيسين ڏُڌ ۾ مانڌاڻي وجهي، اُن کي زور سان نه ولوڙبو، تيسين منجهانئس مکڻ نڪرڻ جي اُميد رکڻ بلڪل اجائي آهي. هيترن سُورن سهڻ جي باوجود به هُوءَ چوي ٿي ته:
منهنجون سڀئي آيل ماءُ من مرادون پنيون!
اهو آهي سهڻي ۽ سسئيءَ جي دلين جي وچ ۾ تفاوت، نه صرف ايترو، پر سسئي پنهنجي ڏکن سُورن لاءِ پنهون کي ذميوار قرار ڏئي ٿي، جڏهن ته پنهون ڀائرن هٿان بيهوشي ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ ڪيچ مڪران کڄي ويو هو، پنهون ڪو وسان ته ڪونه ويو هو، هڪ هنڌ سسئي چوي ٿي ته:
سندو سورن خط، ڏنم هوت هٿن سين!
هوت ڪيئن سُور ڏيندو؟ پنهون ڪيئن چاهيندو ته منهنجي سسئي ڏک ڏسي؟ مرشد لطيف هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
پِريان سَندي پَار جِي، مِڙئي مِٺائي،
ڪَانهي ڪَڙائي، چَکين جي چِيت ڪَري!
محبوبن جا سُور به ڪڏهن سُور ٿيا آهن! ائين کڻي سمجهو ته پنهل ئي سسئي کي سُور ڏنا، ته به سسئي کي اهو وسارڻ نه گهربو هو ته:
جي هٿان هوت مرن، هوت تنين جي هنج ۾
سهڻيءَ انهيءَ عشق جي راز کي سمجهي ورتو هو ته هوءَ ڀلي ڀلائي به ميھار کي نٿي چوي ته تو مُون کي ڏک ڏنا آهن، يا تنهنجي ڪري ئي مون کي ڏک ڏسڻا پيا آهن، عشق ڪرڻ معنيٰ ڏکن کي دعوت ڏيڻ برابر آهي، شاهه سائين وڏو عاشق آهي، جنهن عشق لاءِ چيو آهي ته:
عِشق نَاهي رَاند، جِيئن کيڏنس ڳڀرُو،
سِسِي نيزي پَاند، اُڇل تَه اَڌ ٿِئي!
-
عَاشق زَهر پِياڪ، وِهه ڏِسي وِِهسَن گَهڻو،
ڪَڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
لڳي لَنئون لَطيف چَئي، فَنا ڪَيا فِراق،
توڻي چِڪن چَاڪ، ته به آه نَه سَلن عَام سِين!
-
سُورِي سَڏ ڪَري، اُڀي عَاشقن کي!
-
سُورِي آهه سِينگار، اڳهين عاشقن جو!
سهڻي شاهه سائينءَ جي انهن بيتن جي پيروي ڪئي، هن عام اڳيان ڏکن سُورن جو اظهار نه ڪيو، هن پروڙيو هو ته دل ڏيڻ اُنهن جو ڪم آهي، جيڪي دل ڏئي دم نه هڻن، سهڻيءَ جو نينهن هو نِهائِين وارو، جنهن لاءِ شاهه سائين فرمايو آهي ته:
نِھَائِين کان نِينهن، سِک مُنهنجا سُپرين،
سَڙي سَارو ڏِينهن، ٻاهر ٻَاڦ نه نِڪري.
سسئي اُٺن کي به ڏوراپا ڏئي ٿي ته توهين مُنهنجو پنهل ڀڄائي ويا، هو چوي ٿي ته:
اَڳي اُٺ رَڙَن، مُون ڀيري مَاٺ ٿِي،
پَلاڻِيندي پَاڻ ۾، ڪُڇيو ڪِين ڪَٺن،
ڪَا جا مَاهه مَٺن، هن پڻ هئي هن سين.
ساڳيءَ ريت جبل کي به ڏوراپو ڏيندي چوي ٿي ته:
ڏُونگر! تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪَرين،
مُون تِن اَندر تِيئن وَهين، جِيئن وَڻ وَڍي وَاڍو،
شاهه سائين سسئي لاءِ چوي ٿو ته:
ڏُکي ڏِهاڙي مُٺي مَٿي هَٿڙا،
تنهن پَر نَه کاڻي، جيئن پر جيي جيڏيون!
ڏک ۾ مٿي تي هٿ هڻي سياپو ڪرڻ، دل جي هلڪائي جو اظهار ڪرڻو آهي، انهن سٽن مان شاهه سائين پڌرو ٿو ڪري ته سهڻيءَ جو درجو، سسئي جي در جي کان گهڻو مٿي آهي، سهڻيءَ کي به ته سسئيءَ جهڙيون ئي مشڪلاتون پيش آيون هُيون، سسئي ته هڪ ڀيرو پنهل کي ڳولڻ لاءِ نِڪتي هُئي، پر سهڻيءَ ته هر ڪنهن رات پوءِ ساوڻ هجي يا سيارو، اونداهي رات هجي يا چانڊوڪي، جُهڙ هجي يا مينهن طوفان هجي يا ڪجهه ٻيو، پر ڪوبه خيال خطرو نه ڪري هڪ دل جي آڌار تي ميھار سان مِلڻ ويندي هُئي، اهڙيءَ طرح هن کي ته روز موت کي منهن ڏيڻو پوندو هو، جيڪو سسئي هڪ ڀيرو ڪيو، سو سهڻيءَ کي سوين هزارين ڀيرا ڪرڻو پيو، ڪنن جي ڪڙڪاٽن هن کي تنگ ڪيو، درياهه جي دهشت ۽ تيز ڇولين هن جي دل ۾ ڌڌڪو پيدا ڪيو، سهڻيءَ ڪا تارُو به ڪانه هُئي، هُوءَ ته اڻ تارُو هُئي، پوءِ به هُوءَ ڪڏهن درياهه جي ڪنن، ڇولين، تيز وهڪري وغيره کي ڏوراپا نٿي ڏئي، درياهه جو ڪهڙو قصور؟ انهيءَ ته سهڻيءَ کي ڪونه چيو هو ته، تُون ميھار سان وڃي عشق ڪر! سُور ته نينهن جي سوغات آهن، عشق نانگ پر خبر کاڌن کان پُڇ! شاهه سائين، سهڻيءَ کي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته، ميھار ڏي ويندي خوف ۾ اچي نه موٽجانءِ! مرين ته به ميھار وٽ مَرجانءِ، ميھار سان مِلڻ لاءِ جيڪي تو سينگار ڪيا آهن، سي ڏَم کي نه ڏيکارجانءِ! چوي ٿو ته:
مَتان موٽين سهڻي، مَرج وَٽ ميهار،
سَاهڙ جَا سِينگار مَتان ڏَم ڏيکارِين!
ميھار، سهڻيءَ جا ٻُڏڻ وقت سَڏ ٻُڌي، درياهه ۾ ڪاهجي ڪُنن تائين پهچي ٿو، شاهه سائين انهيءَ ڳالهه جي منظرنگاري هن طرح ڪئي آهي ته:
اُڀو تَڙ ميھار، مَلاحن سَڏ ڪَري،
آءٌ پڻ وِجهان هَٿڙا، اَوهِين پڻ وِجهو ڄَار،
گهوريو ڪَارُونڀار، مَان مِڙنهون سُپرين.
سهڻي ٻُڏي وئي، اُن وقت ميھار درياهه سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
تو ڪِيئن ٻوڙي سُهڻي، ٻيلي مُنهِنجي ٻَانهن،
دَرياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏِينهن قِيام جي.
يا
وَاهڙ وَهين مَ شَال، سُڪي ٻيلاٽيون ٿِئين،
پَسان تُنهنجي پيٽ ۾، لاڻِيُون لوت ليار،
جِيئن تو سڀ ڄَمار، آسَائِتيُون ٻوڙِيُون!
سهڻيءَ کي جيڪي به تڪليفون درپيش اچن ٿيون، سي سڀئي قسمت کان ٿي سمجهي، هُوءَ ڪنهن کي ڏوهه نٿي ڏئي، اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مقدر ۾ سمجهندي چوي ٿي ته:
نيڪاني نه ڪانهن، نڪو ڏوهه قلم جو
انگ ايئي لکيو، جت نه رسي ٻانهن
ڪنهن کي ڏيان دانهن، قضا قلم وهائيو!
ٻيا ته ٺهيو، پر سهڻي، ڏم لاءِ به ڪجهه نٿي چوي، جيڪو کيس روز ميھار جا مهڻا ڏئي جهليندو هو، انهيءَ لاءِ به گهٽ وڌ نه ٿي ڳالهائي ۽ جنهن وقت ڪچو گهڙو پاڻيءَ ۾ ڳري ٿو وڃي، تنهن وقت به گهڙي کي ڪا ميار نٿي ڏئي، نه وري کيس پِٽي پاراتا ٿي ڏئي ته مون کي ٻوڙين ٿو، پر ازخود واتان نڪريس ٿو ته:
نَڪو سَنڌو سُور جو، نَڪو سَنڌو سِڪ
عَدد نَاهه عِشق، پُڄاڻي پَاڻ لھي.
يا
گَهڙو ڀَڳو ته گهوريو، پَاڻان هو حِجاب،
وَاڄَٽ وڄي وجود ۾، رهيو رُوح رَباب،
سَاهڙ ريءِ صَواب، آءٌ گهڻو ئي گهوريان!
گهڙي جي ڀڄڻ کان پوءِ سهڻي هيڪاري خوش ٿي ٿئي، کيس خوش ٿيڻ جو ڪو سبب هو، هُن محسوس ڪيو هو ته گهڙي جي مدد سان هُوءَ رات جو وقتي ميھار جو وِصال ماڻي سگهي ٿي، پرڏينهن سارو جدائي ۾ رهڻو ٿي پيس، پر موت جي گود ۾ سدائين وصال ماڻڻ جو موقعو ملندس، اهڙو جيئڻ ئي گهوريو، جيڪو محبوب جو وڇوڙو ڏيکاري. سهڻي مزاجن ڳنڀير ۽ ڳوري آهي، پر سسئي ۾ دل جي اونهائي نظر نٿي اچي، هُوءَ سانڍڻ نه سکي آهي، سُر ڪوهياري ۾ سسئي چوي ٿي ته:
حَقِيقَت هِن حَال جِي، جي ظَاهِر ڪَريان ذَرِي،
تَه لَڳي مَاٺ مِرُن کي، ڏُونگَر پَون ڏَرِي،
وَڃن وَڻ ٻَري، اوڀر اُڀري ڪِينَ نه ڪِي!
پنهنجن ڏکن سُورن جو پاڻ ئي اندازو لڳائي ٻين کي ٻڌائڻ، سُورمن ۽ سُورمين جو ڪم نه آهي، محبوب جي ميلاپ لاءِ حال کان بيحال ٿيڻ، پڄرڻ، روئڻ، پُڪارون ڪرڻ ته عاشق جو ڪم آهي. سهڻي، ميهار جي محبت جو مينهن جي وَڇن سان حال اوري ٿي، شاهه سائين هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
وَڇَن سِين ويٺي، سُور وِياڇي سهڻي،
آن ڪَاٿي ڏيٺي، مينهن جي ميهار سان!
شاهه سائين، سسئي جي ڏکن سورن جو بيان ڪري ٿو، پر پنهنجن ڏکن سُورن جو پاڻ بيان ڪرڻ نٿو ٺهي، سهڻيءَ سڀئي سُور سختيون صبر سان سهي وڃي ٿي ۽ ٻاهر ٻِڙڪ به نٿي ڪڍي، مگر سسئي کي ٿوري ئي تڪليف ٿي اچيس ته دانهون ٿي ڪري، هُوءَ هڪ هنڌ چوي ٿي ته:
ڏُونگَر مُون نه ڏُکوءِ، آءٌ ڏُکوئِي آهيان،
سَاريان ڪونه سکوءِ، سُور گهڻيئي سَڀران!
مگر سهڻي خاموش آهي، سندس ڏکن سُورن جو بيان شاهه سائين پاڻ ڪري ٿو ۽ ظاهر ٿو ڪري ته درياهه جي هيبتناڪ صورتحال جي باوجود به سهڻيءَ بنا ڪنهن ڌڙڪ جي ميھار جي محبت ۾ مست رهي، جو خوفناڪ ندي هن جي خيال ۾ به ڪانه ٿي آئي، شاهه سائين اهڙي خوفناڪ وايو منڊل جو نقش هن طرح چٽيو آهي ته:
ڪَارِي رَات ڪَچو گَهڙو، اُڻٽِيهين اُوندَاهِي،
چَنڊ نَالو نَاه ڪو، دَرياهه ڌڙ لائي،
سَاهڙ ڪَارڻ سهڻي، آڌيءَ ٿي آئِي،
اي ڪم اِلاهِي ناته ڪُنن ۾ ڪير گِهڙي!
يا
گهِران ڪري نه گهور، تڙ تڪڙ کان نه لهي
جنهن کي سِڪ سَاهِڙ جي، پُورن مَٿي پُور،
ڪاري رات ڪُنن ۾، وهن ڪي وهلُور،
جنهن کي سَاڻ پِريان جو سُور، تنهن کي ندي ناه نِگاه ۾.
يا
جِتان وَهي تِتَان وَاٽ، ڪَپر پُڇن ڪُوڙيون،
جِن کي سِڪ سَاهڙ جِي، گهيڙ نه پُڇن گَهاٽ،
جِن کي عشق جي اُسَاٽ، سي وَاهڙ ڀَانئِين وِکڙي!
منهنجي خيال ۾ شاهه سائين جي سُورمي سهڻي سندس لاڏلي آهي، سهڻيءَ لاءِ چوي ٿو ته:
پَاڻي پِنيءَ ٻوڙ، سهڻي ليکي سِير ۾!
سسئي روئي رڙي ٿي، ۽ هوءَ ائين پڻ چوي ٿي ته:
ڏَاگَهن، ڏَيرَن ڏُونگرن ٽِنهِين ڏِنَم ڏُک،
سي سَڀ ڀَانيم سُک، هيڪاند ڪَارڻ هوت جي.
سسئي جا دِلي جذبا اڻٽر نه هُئا، ڪڏهن ڪهڙي حال ۾ هُئي، ته ڪڏهن ڪهڙي ۾، ليڪن سهڻيءَ جي سِيرت مُنڍ کان وٺي، آخر تائين ڏيکاري ٿي ته هُن جو پنهنجي پاڻ تي ضابطو هو، هُن ۾ صبر سان سُور سهڻ وارو سڀاءَ هو ۽ سسئيءَ ۾ دانهن ڪُوڪن، روڄ راڙي ۽ ورلاپن واري ڪيفيت ۾ تفاوت پڌرو آهي، سسئيءَ جي زبان تي رُڳو دانهون ئي دانهون آهن، سهڻي ۽ سسئي، شاهه سائين ٻه عورتون پيش ڪيون آهن، جن مان هڪ محبوب جي جُدائي جو سُور دل ۾ سانڍي وڃي ٿي، جنهن کي سهڻي چيو وڃي ٿو، ۽ ٻيءَ ڪانڌ جي جُدائي جو سُور نه سهي، وار ڇوڙي، پير اُگهاڙا ڪري، روڄ راڙو، پِٽڪو شروع ڪري نڪري ٿي پوي، جنهن کي سسئي چيو وڃي ٿو، جيڪا پاڻ ٿي چوي ته:
ڪُلهي ڦَاٽو ڪَنجرو، مَٿو اُگهاڙو،
ڀينَر ڪُڄَاڙو، مُنهِنجو هِن ڀَنڀور ۾.
يا
ڪَنڊا مُون پيرن ۾، توڻي لَک لَڳن،
آڱَر آڱوٺي نَه مُڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَن،
وِيندي ڏَانهن پِرين، جُتي جَات نه پَائِيَان.
هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سسئي کي خبر هُئي ته پنهون ڪاڏي ويو آهي، پاڻ ٿي چوي ته ڏيرن ڏاڍائي ڪري کانئس پنهون کسي ساڻس وهه ڪيو! سٺو ائين هو ته پاڻ ترسي ڏِسي ها ته پنهون پاڻهي ئي واپس اچي ٿو يا پنهون جي سچائيءَ جي کيس پڪ هئڻ گهرجي ها، عشق برابر انڌو آهي ۽ انسان کان هوش حواس کسي وٺي ٿو، جڏهن عشق ايندو آهي ته عقل ڀڄي پري ٿيندو آهي، پر سسئي اُٻهري به حد هُئي، ساڻس مائٽن مٽن جي تمام گهڻي همدردي به هُئي، اهڙي حالت ۾ ڪنهن ويجهي عزيز کي پاڻ سان وٺي نڪري پوي ها، کيس پنڌ وڃڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟ ڪنهن اُٺ گهوڙي تي چڙهي تڪڙو وڃي سگهي ها، کيس هيڏي هوڏي وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هُئي، هُن کي ڀنڀور سنڌ کان سڌو ڪيچ مڪران، بلوچستان وڃڻ گهربو هو، صبح جو کيس معلوم ٿيو ته پنهون ڪونهي، اڌ رات جو هن کي الائي ڪهڙي نموني سان ڀائر وٺي هليا ويا آهن، انهيءَ ٿوري عرصي ۾ هو ڪو گهڻو فاصلو ڪونه ڪري ويا هوندا، جيڪڏهن سسئيءَ پنهنجي ويجهي عزيز سان گڏجي ڪنهن ڀلي مهري اُٺ يا ڀلي گهوڙي تي چڙهي وڃي ها ته شايد رستي ۾ ئي پنهل کي پهچي سگهي ها، پيرن مان جُتي لاهڻ جي ضرورت ڪانه هُئي، دل جي سچائي جو اظهار جسم کي ايذءُ ڏيڻ مان ڪين ٿو ٿئي، سهڻي، سسئي جي بلڪل ابتڙ ڪيو، سهڻي چوي ٿي ته:
گَهر نه وَر، نَه وِٿ ڪَا، آهيم مَن ميهارَ،
ان اوسِيئَڙي اُٿيان، سَنجهي ڪَري سِينگَارَ،
پِرِين تُنهِنجو پَار پَسَان مَان پَر ڪَهين.
سهڻيءَ سمجهيو هو ته سندس جيڪو جسم هو، سو سندس نه پر ميھار جو هو، هن ڪڏهن به هار سينگار ڪرڻ نه ڇڏيو، ڀلا ڇڏي به ڇو؟ جڏهن ميھار حال حيات هو، تيسين کيس هار سينگار ڪرڻ جو هر حق هو، ميھار، سهڻيءَ جو ڀُتار به ڪونه هو، هوءَ آخر تائين زوري ڏنل مڙس ڏَم وٽ رهي، تنهن هوندي به رات جڏهن ڏَم ننڊ پوندو هو ته کِسڪي هار سينگار ڪري، پنهنجي محبوب ميھار سان درياهه پار ڪري ويندي هُئي.
سسئي، پنهونءَ جي آکاڻي، شاهه سائينءَ جي وڏي ۾ وڏي ڪَوِتا آهي ۽ جنهن اَٿاهه شوق ۽ باريڪ بينيءَ سان هن سسئي جي دِلي جذبن ۽ احساسن جو نقش چِٽيو آهي، اهڙو ٻيءَ ڪنهن به سُورميءَ جو نه چِٽيو اٿس، شايد شاهه سائين جڏهن ڪيچ مڪران وڃي سسئي جي پيار جي ڪهاڻي ٻُڌي، تڏهن ئي سندس رُوح ريلو ڏنو ٿو ڏسجي، سسئي طرف سندس دل ڇِڪجي وئي، هُن ڏٺو ته جيئن پاڻ عشق ۾ اچي مُلڪ رُليو، جهنگ، جبل، ٿر، بر رُليو، تيئن سسئي پڻ ڀٽڪي، ٻنهي ساڳيا ماڳ، ساڳيا هنڌ ڏِٺا، لڳي ائين ٿو ته سسئي ڄڻ ته شاهه سائين پاڻ ئي آهي، آهن سڀيئي سورميون، جيڪي شاهه سائين جا جدا جدا رُوپ آهن، پر سسئي جي پنهل لاءِ محبت ۾ مرشد لطيف پنهنجي پريت جو عڪس ڏٺو، سسئي جون درد ڀريون دانهون ۽ پُڪارون شاهه سائينءَ جي جوانيءَ واري دل جي زندهه تصوير آهن، سسئيءَ جي بيتن پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته سسئي ڪانه ٿي روئي رڙي، پر شاهه سائين جي دل ٿي درد جون دانهون ڪري، ڪوتا جي رس ڪري، سسئي شاهه سائين جي ٻين سُورمين کان وڌيڪ اثرائتي آهي، بيتن جي هيٺين سِٽن ۾ جو سوز ۽ شاعراڻي رواني نظر ٿي اچي سا حيرت ۾ ٿي وجهي، سسئي ڏاڍي درد مان چوي ٿي ته:
ڏُونگَر ڏوراپو، پَهرو چَندِيَس پِرينءَ کي،
پَهڻ پير پِٿون ڪَيا، تِريون ڇِنيون تو،
رَحم نه پيئي رُوح ۾، قدر مُنهنجو ڪو،
وَاڪا ڪَنديَس وو! مُون سِين جَبَل ٿو جَاڙُون ڪَري.
يا
ڏُونگر ڏُکويَن کي، دِلاسَا ڏِجَن،
گهڻو پُڇجي تِن کي، جِن وَٽان هوت وَڃن،
تُون ڪِيئن سَنداتِن، پَهڻ! پير ڏُکوئين.
اهڙن بيتن پڙهندي حيرت پئي ٿئي، ايئن پيو لڳي، ڄڻ سسئي به شاعر هُئي! يا سندس پاران شاهه سائين پيو ڳالهائي. سسئي ويچاري پنهل جي پٺيان رُلندي رهي، هلندي هلندي آخر ڪنهن غلم ۾ دٻجي وڃي ٿي، هن سڄي ڪهاڻيءَ ۾ فقط سسئي جي لُڇ پُڇ ۽ جُستجوءَ جو ذڪر آيل آهي، جيئن شاهه سائين فرمايو آهي ته:
سَاجن ڪَارڻ سُڃ، مَر قبولي سسئي،
اَندر جِنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي!
جيئري هوندي ته پنهل جي ڳولا ڪندي رهي، پر مُئي کان پوءِ به رُوحاني طرح پنهل جو پُڇندي رهي، جنهن لاءِ شاهه سائين هن طرح ٿو ٻڌائي ته:
مُنڪَر ۽ نَڪِير کي، جڏهن ڏِٺائِين،
اَڳيان اُٿي اُن کان، پنهون پُڇيائِين،
اَدا! اتهائين ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.
يا
مُنڪَر ۽ نَڪِير اَچي، سُتي جَاڳائِي سسئي،
ٿِي ڊوڙائي دليل، ته پنهون ماڻهو موڪليو.
سهڻي ايترو ڪانه ٿي ڳالهائي، جيترو سسئي ٿي ڳالهائي، سُر سهڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ جو گهڻو حصو شاهه سائين پاڻ ڳالهائي ٿو، ليڪن سسئي- پنهونءَ جي آکاڻيءَ ۾ سسئي پاڻ ٿي ڳالهائي، اها فطري ڳالهه آهي ته ماڻهو پنهنجن ڏُکن سُورن جو پاڻ نڪيندو آهي، اهو وڌيڪ اهميت وارو ۽ دل ڀڄائيندڙ ٿيندو آهي. شاهه سائين سهڻي ۽ سسئي کي ظاهري مشابهت ڏئي هڪ صف ۾ آندو آهي ۽ ٻئي ڄڻيون سالڪ بنجي، پنهنجن محبوبن جي جُستجو ڪندي، پنهنجي حياتي قربان ڪن ٿيون. شاهه سائين سهڻي ۽ سسئي ٻنهي سُورمين ۾ فرق اهو ڏيکاريو آهي ته، سهڻي سُور سختيون، صبر سان ٿي سهي، هو همت حوصلي واري آهي، پنهنجن ڏکن سُورن جون ڳالهيون اندر جو اندر ۾ سانڍيو، سهڻيءَ جي سيرت منڍ کان آخر تائين ڏيکاري ٿي ته هن جو پنهنجن جذبن تي ضابطو هو ۽ هر حال ۾ صبر جو دامن جهليو آئي، سسئي جا دِلي جذبا هڪ جهڙا نه هُئا، ڪڏهن ڪهڙي حال ۾ هُئي ته ڪڏهن ڪهڙي ۾. شاهه سائين پنهنجون ٻه سُورميون پيش ڪيون آهن، هڪ سهڻي، جيڪا پنهنجي محبوب جو سُور دل ۾ سانڍيو، ٻي سسئي، جيڪا ڪانڌ جي جُدائيءَ جو سُور سهي ڪانه سگهي ۽ حد درجي جي اُٻهرائي ڪيائين، جيتري گهڻي اُٻهرائي ڪيائين، اوترا گهڻا سُور اچي سامهون ٿيس!