ليلا ۽ مومل
وَڏيري هُياس، چَنيسَر جي رَاڄ ۾،
دُهلين، دَمامين، نقرين ٿي پلپل پُڇياس.
مومل ۽ سندس ڀينرن جي راجائي هلت چلت ۽ ٺٺ ٺانگر جو شاهه سائين نقش هن طرح چِٽيو آهي چوي ٿو ته:
سُورن وَرنيون سوڍيون، رُوپي رَانديون ڪَن،
آڳر اوطاقن ۾، کَٿُورِيُون کَٽَن،
اوتيائون عَنبِير جَا، مَٿي طَاق تَڙَن.
يا
جَهڙا پَانن پَن، تَهڙيون شَالون مَٿن سَائِيُون،
عَطر ۽ عَنبير سِين، تَازا ڪَيائُون تَن،
مَڙهيائون گَهڻو مُشڪ سِين، چوٽا سَاڻ چَندن،
سُونهن گَهڻو رُپي سَون سِين، سَندا ڪَامڻ ڪَن.
ليلا ۽ مومل جي سِيرتن مان شاهه سائين ڏيکاري ٿو ته جيڪي انسان پوکي ٿو، سو ئي لُڻي ٿو، هنن جي سِيرت ئي هنن جي قسمت آهي، هنن ٻنهي برابر ڪجهه عرصي لاءِ ڏُهاڳ جا ڏُک ڏٺا، پر اهي سڀ سندن خطائن جو نتيجو هو. سهڻيءَ ۽ سسئيءَ جيان هي ٻئي ڄڻيون پڻ پنهنجن وَرَن جي وِصال لاءِ ٻاڏائين ٿيون، پر سندن پُڪارڻ، ٻاڏائڻ ۾ ايترو تاثير ڪونهي ڪو، سهڻي ۽ سسئيءَ جي درديلن داستانن پڙهندي جو سوز دل ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ جيڪو رحم ۽ قياس جو ذور به پڙهندڙ جي اندر ۾ آهي ته اکين مان ٻه ڳوڙها ضرور ڳاڙي ٿو. سهڻي ۽ سسئي جي سُورن پُورن جو سبب سندن صداقت هُئي، مالڪ حقيقي پنهنجن پيارن کي ڏکن جي ڪسوٽيءَ ۾ وجهي سندن پرک ڪندو آهي، گُنهگارن جون دانهون پُڪارون پڙهندڙن جي دلين کي ايترو نه ڀِڄائينديون، ليلا ۽ مومل جي اکين جا لُڙڪ پڇتاءُ جا لُڙڪ آهن ۽ پڇتاءُ جي ڳوڙهن سان هُو پنهنجن گناهن جو داغ ڌوئڻ چاهين ٿيون! ليلا ۽ مومل جي ڳالهين دوران شاهه سائين ٻن نمونن جي سالڪن جو بيان ڪري ٿو، جن کي هڪ ڀيرو مالڪ جو ميلاپ نصيب ٿيو آهي، پر وري پنهنجن اعمالن ۽ افعالن سببان ساڳي مالڪ جو رنج رسامو پسڻو پيو اٿن، ليلا، چنيسر جو ناراضپو کنيو ته مومل کي وري راڻي دليئون لاهي ڇڏيو، ٻنهيءَ جا گناهه هڪ جهڙا ڪونه هُئا، ليلا هيري تي هرکجي چنيسر کي هار لاءِ وِڪيو، هار جي موتين جي چمڪ ڌمڪ ۽ چٽساليءَ هن مت جي مُوڙهيءَ کي اهڙو ته لالچ ۾ وِجهي مست ڪيو، جو هوش وِڃائي هار هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ ڌاري زال کي پنهنجو سون جهڙو وَر هڪ رات لاءِ ڏنائين، ليلا جي هن هلت چنيسر جي چِت کي اهڙي چوٽ رسائي، جو هن ڪاوڙ ۾ اچي ڪؤنروءَ کي پٽ راڻي ڪيو، مومل اهو گناهه ڪيو، جو راڻي جي زنده هُوندي، هن جو وڇوڙو برداشت نه ڪري، سندس غير حاضريءَ ۾ پنهنجي ڀيڻ سُومل کي مردانا ڪپڙا پارائي، کيس پاڻ سان سُمهاري دل وندرايائين، سبحان الله شاباس ته هُجي سسئي کي، جنهن پنهل پٺيان رِڻ رُلندي، جبل جهاڳيندي سِر ڏنو! پر ڪڏهن به ٻيو خيال دل ۾ نه آندو، سسئي- پنهونءَ جي پيار ۾ اوچن بسترن ۽ زيورن جو ڪو خيال نه ڪيو، هن سڀ ڪجهه پنهون کي ٿي سمجهيو، ليلا وري زيور جي زيب تي موهجي، وَر وِڃايو، شاهه سائين ليلا ۽ مومل جي سِيرتن مان اهو ظاهر ڪيو آهي ته جنهن انسان دنيا ۾ ڪُجهه سَٺو ئي ناهي، سو ڪنهن به اعليٰ ڪم جي لائق نٿو بڻجي، ڏک ئي آهن، جيڪي انسان کي سچو انسان بڻائن ٿا، ڏک هڪ نموني جو سانچو آهن، جنهن ۾ گهڙجي انسان پورو رُوپ اختيار ڪري ٿو.
يعني انهيءَ انسان ۾ انسانيت اچي ٿي، جنهن ۾ انسانيت نه آهي، سو انسان جي رُوپ ۾ جانور آهي، پوءِ جانور ۾ ڪُتو، ٻِلو، سُوئر، بَگهڙ وغيره اچي وڃن ٿا، پوءِ انسان ڪهڙي به جانور جو ڪرتب ڏيکاري سگهي ٿو، انهي ڪري انسان کي ڏُکن مان لنگهي پوءِ سُکن ۾ اچڻ ضرري آهي، ليلا پاڻ چوي ٿي ته:
هُيس هِندورن ۾، پِيَم ڪَانه پَروڙ!
هڪ خاص ڳالهه جنهن جو اسان کي ڌيان لهڻو آهي، سا هيءَ آهي ته، عام طرح سان ليلا ۽ مومل واريون آکاڻيون ٻُڌڻ ۾ اينديون آهن، تن جون رِٿائون شاهه سائين جي سُر ليلا- چنيسر ۽
سُر مومل- راڻو کان ٻئي نموني جون آهن، شاهه سائين، جا آکاڻي ٻُڌي هُئي، ساهن طرح هُئي ته، جڏهن چنيسر، ليلا کي دل تان لاهي ڇڏيو ۽ ڪؤنروءَ جو قُرب ڏسي مٿس موهجي پيو ۽ ساڻس سُک جا ڏينهن گذارڻ لڳو، تڏهن ليلا ڏُهاڳ جا ڏُک سهندي پيڪي گهر موٽي وئي، پوءِ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن جکري جي معرفت، جو ليلا جي ڪٽنب مان ڪنهن ڇوڪريءَ سان مڱيل هو، چنيسر کي ليلا جي وطن اُن شاديءَ ۾ آندو ويو، جتي ليلا ڏاڍا هار سينگار ڪري، گُهونگهٽ پهري ڏاڍي ناز نخري سان چنيسر جي اڳيان اچي نچڻ شروع ڪيو، نچي به اهڙي، جو چنيسر مٿس موهجي پيو ۽ کيس گُهونگهٽ لاهڻ لاءِ منٿون ڪيائين، ليلا چنيسر جي مِنٿ مڃي گُهونگهٽ جو لاٿو ته پنهنجي اڳيان پنهنجي اڳين پٽ راڻي ليلا کي ڏٺائين، ۽ هن کي ڏسندي ئي سندس دل ٽُٽي پئي ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين، پر شاهه سائين سُر ليلا- چنيسر ۾ ڏيکاري ٿو ته ليلا پنهنجي وطن موٽي ڪين وئي، هُوءَ اُتي ئي رهي پئي، چنيسر کي ايتريون منٿون، ميڙيون آزيون نيازيون ڪيائين، جو چنيسر کيس معاف ڪري وري جيءَ ۾ جاءِ ڏني، ليلا، چنيسر کي ڪيئن هٿ ڪيو؟ عام آکاڻيءَ ۾ ڄاڻايل آهي ناچ گاني ۽ ناز نخري سان، مگر شاهه سائينءَ جو خيال اُن جي اُبتڙ ٿو ڏسجي، سندس خيال آهي ته ناز ڪري ته ليلا چنيسر وِڃايو هو، ليلا جو نخرو ۽ چِلولائي هُئي، جنهن کيس سهاڳ جي سيج تان لاهي، ڪيرائي، ڏُهاڳ جا ڏک ڏيکاريا، سو ڪيئن اُن ساڳي نخري ناز سان هوءَ چنيسر هٿ ڪندي؟ اها ته عقل جي ڳالهه نٿي لڳي! شاهه سائين کي هن آکاڻيءَ ۾ پَڇتاءُ جو درجو ڏيکارڻو هو، جنهن ڪري ليلا جي واپس مُلڪ موٽي وڃڻ وارو واقعو ڇڏي ڏنو اٿس، شاهه سائين ڪو رواجي شاعر ڪونه هو، بيشڪ لطيف اسم با مسميٰ هو، جهڙو هو سندس نالو تهڙو ئي پاڻ لطيف هو، هو عبداللطيف هو، پاڻ پنهنجن بيتن لاءِ چوي ٿو ته:
جي تو بَيت ڀَانئيا، سي آيَتُون آهِين
نِيو مَن لاَئِين پِريَان سَندي پَار ڏي.
هر ڪنهن اعليٰ قسم جي شاعر جا بيت آيتون ٿين ٿيون. شاهه سائينءَ کي خبر هُئي ته مان ڇا ٿو لکان ۽ جيڪي لکان ٿو اُن ۾ ڪهڙا راز رکيل آهن، اِئين برابر آهي ته شاهه سائين جڏهن خوب مستيءَ ۾ ايندو هو، تڏهن رقص ڪندي اچي شاعريءَ ۾ پلٽبو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته رُئندو به هو، مگر اُن بيروني بي سُرتائيءَ اندر اندروني بيداري موجود هوندي هُئي، جنهن سندس ڪلام کي الهامي آواز بڻايو ٿي، جيڪڏهن چنيسر هڪ اڻ واقف ڇوڪريءَ جي ناچ تي هِرکجي پيو ته اِهو چنيسر جي سِيرت ۾ هڪ وڏو عيب وڏو ليکبو، شاهه سائين انهيءَ کي به پنهنجي رٿا مان ڪڍي ڇڏيو آهي، شاهه سائينءَ جي ليلا جو درجو عام آکاڻيءَ واري ليلا کان هزار ڀيرا مٿي آهي. شاهه سائينءَ جي ليلا ۾ دِل جي سچائي آهي، چنيسر بنا هن جو جيئڻ جنجال هو ۽ جيڪڏهن چنيسر کي ريجهائڻو هُئس ته اهو ڪم سندس چنيسر جي در تي رهڻ مان ٿيڻو هو ۽ نه وطن موٽي وڃڻ مان. ٻيو ته جيڪڏهن جکرو، ليلا جي ڪُٽنب مان مڱيل نه هُجي ها، جي اهو اتفاق نه ٿئي ها ته ليلا ڪيئن چنيسر کي مِلي ها؟ عام آکاڻيءَ واري ليلا جڏهن پيڪين وڃي ٿي، تڏهن کيس اها ڄاڻ ڪانهي ته جکري جي معرفت چنيسر هٿ ڪنديس، هوءَ ته دِل پلي وڃي ويهي رهي، اهو بي پرواهيءَ جو اظهار آهي، جو شاهه سائينءَ جي ليلا ۾ نظر ئي نه ايندو، هار تي هرکجي ليلا پاڻ کي اڳ ۾ ئي سرتين ۾ مهڻي هاب ڪرايو هو، شاهه سائين چوي ٿو ته:
اَچئو اَچئو اَڳلي، چَئي لَيلا کي لوڪ،
اَندر اوڀالن سِين، سَاڙي ڪَيانئس سوڪ،
ٻَالا پڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.
۽ وري جي لاغرض بنجي پيڪين هلي وڃي ها ته ڪنهن جو به رُوح ڏانهس سَٽ نه کائي ها، هن لاءِ اهو ضروري هو ته چنيسر جو در نه ڇڏي، شاهه سائينءَ جي ليلا مڻيي تي موهجي، چنيسر برابر وِڪرو ڪيو، پر ساڳي وقت چنيسر سندس دل جو شهنشاهه ئي رهيو، هن بنا هڪ گهڙيءَ گهارڻ به هُن لاءِ مجال هُئي، پهرين هن سمجهيو ٿي ته هار کٽينديس، هوڏ ۾ نيبهه ٿيندو، پر پوءِ جنهن وقت ڏٺائين ته هار کي هٿ لائڻ معنيٰ چنيسر جي جُدائيءَ ۾ جلڻ، تنهن وقت وڏي افسوس مان چيائين ته:
مَڻيُون وِجَهان مَچ ۾، هَاڻي هَاڻان هَار!
شاهه سائينءَ جي ليلا لاءِ چنيسر يا موت ٻي ڪا ڳالهه هُن جي من ۾ هُئي ئي ڪانه، پوءِ پيڪين ڇو وڃي؟ عام آکاڻيءَ وارا ڪي واقعا ڪڍي پوءِ شاهه سائين پنهنجي ليلا کي اوچو درجو عطا ڪيو آهي. حقيقت ۾ شاهه سائين هن کي پنهنجن خيالن جو عڪس بڻائڻ ٿي چاهيو، شاهه سائين جي ليلا ۾ عقلي عنصر موجود آهي، شاهه سائين سمجهيو ته ههڙي خطا کائڻ کان پوءِ ليلا جو وري چنيسر اڳيان ناز نخرا ڪرڻ، سندس بي عقلي ٿيندي، هتي هُو پڇتاءَ جو احتياط ڪرڻ. شاهه سائينءَ جي ليلا ۾ صبر آهي، سهڻ گهٽ آهي، چنيسر جي ڀلائي ڪرڻ ۾ مڪمل ايمان ۽ مڪمل اُميد اٿس، اهو آسرو ئي آهي، جنهن جي آڌار تي هوءَ چنيسر جي چانئٺ تان نٿي اُٿي، بس سندس در جهليو ويٺي آهي ۽ کيس اِلتجا ڪندي چوي ٿي ته:
دَاغ تُنهنجو دَائِما، مَاري مَعذُورِيَن،
سَائِين ڪَارڻ سُپرين، وَڃج مَ ڏورين،
آءٌ تو حُضورين، مَڻيو وِجهان مَچ ۾.
يا
جي مُون مُوڙهي مَت، ته تُون سُڃِاڻِج سُپرِين،
اَصل اَوايَن جَا، عَيب ڍَڪين تُون اُت،
اِيءُ پَر تُنهِنجي پَت، جِيئن وَلهيون ڍَڪين وَلھَا!
مارئي جي سِيرت جهڙا گُڻ، عام آکاڻي واري ليلا ۾ نظر ئي نه ايندا، شاهه سائينءَ جي آکاڻين جون ترتيب ڏنل رِٿائون ڪي من گهڙت ڪين آهن، سڀ جون سڀ ٻڌل ڳالهين تي ٻڌل آهن، مگر اُڌاري ورتل لوهه کي پنهنجي شخصيت جو پارس لڳائي نِج سون ڪيو اٿس، جڳهه جي سُونهن سوڀيا ۽ پرڪشش بنائڻ لاءِ جنس جو حقدار رازو ئي ٿئي ٿو ۽ نه اُهو، جنهن سِرون ڍويون يا ريتي سيمينٽ ملائي مسالو ٺاهيو، شاهه سائين هيٺئين بيت ۾ ليلائڻ متعلق سٺي ۽ سهڻي هدايت ڏني آهي ته چنيسر کي ليلائڻ جو ليلا کي هي انداز اختيار ڪرڻ گهرجي ته:
ڪُوڙيون تُنهِنجون ڪَهاڻيون، تُون ڪُوڙيَن سَندو ڪَانت،
مُون کي ڇَڏ مَ دَاسِڙا، تَه وَڃان نَه وَڻ وَاند،
مُون ڳِچيءَ پَاند، تو چَنيسَر هَٿ ۾.
يعني ليلا چوي ٿي ته، آءٌ ڳِچيءَ ڳل پاند پائي بيٺي آهيان، جو تنهنجي هٿ وس آهي، تنهنجون ڪيتريون ئي راڻيون آهن، تون ڪيترين جو ڪانڌ آهين، آءٌ ته تُنهنجي گولي غلام ۽ داسڙي آهيان، تون ته منهنجي رُوح جو راجا آهين، ڀلائي ڪري مون کي نه وِسار، نه ته آءٌ رُلي وينديس، معنيٰ مفهوم جي لحاظ کان شاهه سائين چنيسر ڪنهن کي چيو آهي؟ چنيسر ڪير آهي؟ سو هر ڪو اهل دل زي فهم حق جو طالب، سچ جو متلاشي، بخوبي سمجهي سگهي ٿو ته هي چنيسر، اُهو چنيسر جو بادشاهن جو بادشاهه ۽ شاهن جو شاهه آهي، جنهن جو راز، جنهن جو راضپو حاصل ٿيڻ طالب جي نيت خلوص، عجز ۽ انڪساريءَ تي ٻڌل آهي، جڏهن حق سچ جو طالب، دنيا داريءَ جي موهه تي موهجي، ليلا پٽ راڻيءَ وانگر چنيسر جي راز ۽ راضپي جو قدر ئي نه ڪري ۽ پنهنجي دل جو ڳانڍاپو وڃيو دُنوي نئون لکن، هارن، هيرن، جواهرن، مڻين موتين سان گنڍي ته اهڙا بي قدرا، لالچي ۽ غافل طالب، چنيسر جي نگاهن ۾ ڪِرن ٿا ۽ سندس عنايتون ۽ عطائون وڃائي ٿا ويهن ۽ چنيسر اُنهن کان منهن موڙيو ڇڏي، موٽ ۾ چنيسر بي نياز ۽ بي پرواهه پنهنجي راز ۽ راضپي جي ورکا ڇو نه ڪؤنروءَ جهڙي فطرت رکندڙ تي ڪري، جنهن چنيسر جي هڪ رات جي چاهت اڳيان نَو لکو هار تِڇ سمجهيو ۽ اُن جي محبت مٿان گهوري ڇڏيائين ۽ ليلا سهاڳڻ مان ڏهاڳڻ بنجي رت رُئندي رهي، ان ڏس ۾ شاهه سائينءَ جو تصور ۽ تخيل نظريو يا فلسفو يا روحاني هدايت هي آهي ته چنيسر کي طالب جي سچي محبت گهرجي، طالب کي گهرجي ته هو چنيسر سان سڌو پريت جو پيچ پائي، ڪنهن به جکري يا مرڪيءَ کي وچ ۾ نه آڻي، پنهنجون غلطيون يا خطائون دل سان تسليم ڪري، لُڇي ۽ تڙيي عجز ۽ انڪساري ڪري، اُن پڇتاءُ جو کُليءَ دل سان اظهار ڪري، توبهه تائب ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح هڪ پڇتائيندڙ ليلا کي چنيسر هميشه لاءِ حاصل ٿيو پوي! ڏسو اهڙي روحاني ڪاميابي جي ڪُنجي مرشد لطيف هڪ حق جي طالب کي هن طرح ڏئي رهيو آهي، چويس ٿو ته:
جي لِيلائي نَه لَھين، تَان پڻ لِيلائيج،
آسِرو مَ لاهيج، سَڄَڻ سَٻاجهو گَهڻو!
جيئن ليلا چنيسر جي پڇاڙي هرک هلاس واري آهي، ۽ سُر مومل راڻو پڻ ساڳي رِٿا جو آهي، راڻي جو اوچتو مرڻ ۽ مومل جو چِکيا تي چڙهڻ وارا واقعا شاهه سائين رِٿا مان خارج ڪري ڇڏيا آهن، مومل کي ليلا وانگر پڇاڙيءَ جي بيتن ۾ شاهه سائين دِلاسو ڏئي چوي ٿو ته، آجيان لاءِ تياري ڪر، راڻو ٿو اچئي! جهڙيءَ طرح ليلا پڇتاءُ ڪري هارايل بازي کنئي، تهڙي طرح مومل پڻ راڻي کي آزي نيزاري ڪري سندس وِڃايل پيار وري کٽي ورتو، ٻنهي ڪهاڻين ۾ ائين ڪرڻ سان ئي شاهه سائين پنهنجو مطلب حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن شاهه سائينءَ جي مومل نا اميد ٿي پاڻ کي چِکيا تي چاڙهي ساڙي ها ته اِهو مطلب نڪري ها ته ڌڻي تعاليٰ وٽ سچي پڇتاءُ جو ڪو قدر ئي ڪونهي. شاهه سائينءَ کي ڏيکارڻو هو ته جيتوڻيڪ خدا رياڻو آهي ته به سڄڻ ٻاجهارو گهڻو، پڇتاءُ اها سوني چاٻي آهي، جا سچ جي سهڻي محلات جو دروازو کولي ٿي، شاهه سائين پڌرو ڪري ڏيکاريو آهي ته دل سان سچي توبهه ڌڻي وٽ اگهامي ٿي ۽ انسان کي بخشش ملي ٿي، عام آکاڻيءَ جيان شاهه سائين ڪِٿي به ليلا ۽ مومل جي مرڻ جو ذڪر نٿو ڪري، سُر سهڻيءَ ۾ شاهه سائين بلڪل کُليل لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته سهڻي درياهه ۾ ٻُڏي مُئي، ڪَانڌي ڪَنگ ٿِياس:
ٻَگها جي ٻيٽن جا، ڪُلها تِن ڏِنَاسُ،
اَکين مُلڪ ڏِٺاس، توءِ مَن ڪَاڍو ميهار ڏي!
ته ڪَر ڪِيئن سَسئي جِي سَيِر نه گِهڙي سُهڻي،
هيت حَياتيءَ ڏِينهَڙا، هڏهن تان نه هُئي،
چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي وڌو قرب ڪُهي،
هنئهين هُوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻِيڻا ٿِيا.
شاهه سائين سسئي جي موت جو سڌي طرح نٿو ٻڌائي اڻ سڌي طرح چوي ٿو ته:
مُنڪَر ۽ نَڪِير کي، جَڏهن ڏِٺائين،
اَڳيان اُٿي اُن کي، پُنهون پُڇيائِين،
اها اتائين، ڪو ويو سَاٿ سَڄَڻ جو!
يا
اَچي عِزرائِيل، سُتي جَاڳائي سسئي،
ٿِي ڊوڙائي دِليل، پُنهون ماڻهو موڪليو.
انهيءَ جو مطلب اِهو ٿيو ته سسئي جو موت، پُنهونءَ جي مِلڻ کان اڳ ٿيو آهي، جو ملائڪن کان گُم ٿيل پنهل جو پئي ٿي پُڇي، سورٺ جي باري ۾ شاهه سائين چوي ٿو ته:
سورٺ مُئي سُک ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگهار!
ليڪن سُر ليلا چنيسر ۽ سُر مومل راڻو ڄاڻي ٻُجهي سُکن جي پڇاڙي بڻايا اٿس، اهو قدم، جيڪو شاهه سائين کنيو آهي، شايد ليلا ۽ مومل جي سيرتن کي مڪمل ڪرڻ ۽ ادبي اُصولن جي پيروي ڪرڻ لاءِ سُورمي ۽ سُورميءَ جو موت اهڙو ته خاص واقعو آهي، جو لِکندڙ اُن کي نظر انداز ڪري نٿو سگهي، ائين برابر آهي ته شاهه سائين سڄي آکاڻي نٿو ڏئي، پر انهيءَ جو مقصد اِهو نه آهي ته، جيڪي وڻيو اٿس، سو ڇڏي ڏنو اٿس، کيس ادبي مطلب کي نظر ۾ رکڻو ٿي پيو، مان ڪو وڏو ليکڪ ڪونه آهيان، جو هن تي وڌي ٽيڪا ٽپڻي ڪريان، مُنهنجي هڪ ادنيٰ راءِ آهي ته، شاهه سائين اِهو قدم اُن ڪري کنيو آهي ته جيئن ادبي خواهه تمثيلي مطلب حاصل ٿي سگهن.
ليلا جهڙي نخريلي ۽ هلڪي سڀاءُ واري عورت ۾ پڇتاءُ جي ذريعي شاهه سائين ڪيترو نه ڦيرو آندو آهي! هن جي سِيرت نگاري ڪهاڻيءَ جي مُنڍ کان وٺي پڇاڙي تائين هڪ جهڙي نه آهي، آخر ۾ ليلا جي سيرت ۾ جيڪا تبديلي اچي ٿي، سا کيس ڳوري ۽ ڳنڀير بڻائي ٿي، جا ڪهاڻيءَ جي رِٿا ۾ ڪنهن وقت هڪ ڦلڙهي طبيعت واري عورت هُئي، تنهن جي واتان شاهه سائين ڪهڙا نه قيمتي ٻول چورائي ٿو، هُوءَ چوي ٿي ته:
اَلا ڏَاهِي مَ ٿِيَان، ڏَاهيُون ڏُک ڏِسَن،
مُون سِين مُون پِرين، ڀورائِيءَ ۾ ڀَال ڪَيا.
پهرين جڏهن ليلا کي معلوم ٿو ٿئي ته چنيسر ڪؤنروءَ کي پنهنجي پٽ راڻي ڪيو آهي ۽ کيس من جي مندر مان نيڪالي ڏئي تڙي ڇڏيو اٿس، تڏهن سمورو ڏوهه چنيسر مٿان مڙهي ٿي ۽ پنهنجي غلطيءَ کي نظر انداز ڪري، پنهنجي ڪانڌ جي سچائيءَ ۾ شڪ ٿي ڪري، هُوءَ پنهنجي شڪ جو اظهار هن طرح ٿي ڪري ته:
چَنيسر جِي چِت ۾، ڪِين جو اَڳ هو،
تِهَان پوءِ ٿِيو، مَڻيي تي مَامِرو!
پر پڇاڙيءَ ۾ اُها ساڳيءَ ليلا آهي، جيڪا سوچي ٿي، سمجهي ٿي ۽ پروڙي ٿي ته اَجاين ڏوراپن مان ڪجهه ناهي ورڻو، هٺ ۽ وڏائي ڇڏي، هوءَ کُليءَ دل سان پنهنجي پشيمانيءَ ۽ پڇتاءُ جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته:
ڍولا! ڍيل مَ مُون، ڪَانڌ ڪَمِيڻي آهِيَان،
سِڪ تُنهِنجِي سُپرين، ڀيري وِڌيس ڀُونِءِ،
مُون وَرتُونهين تُون، تو وَر وَلهيون ڪيتريون!
ساڳي ريت مومل به راڻي کي منٿون ميڙون ڪري چوي ٿي ته:
مِيَان مينڌرا موٽ، بَخش ڪَر بُڇائِيون،
تُون گَهڻن جو گهوٽ، مُون وَرتُون هيڪڙو!
يا
سوڍا سُور سِڪائِيُون، اَکيون آب نَه ڪَن،
راڻي جِي رِهَاڻ کي، وَروڻيو وَڃَن،
سي ڪِيئن مينڌرا مَچَن، جي تو سُوريءَ چَاڙهيون.
مومل ۽ ليلا وانگر سهڻي ۽ سسئيءَ پڻ محبوبن کي سڏيو، پُڪاريو، مگر مومل ۽ ليلا محل ماڙين ۾ ويهي سڏيو پُڪاريو، سسئي گهر ڇڏي جهر جهنگ رُلي، جبل جهاڳيا ۽ پير پِٿون ڪيا، پنهل لاءِ سهڻي وري درياهه جي لهرن ۾ لُڏندي ميھار ميھار پُڪاريو، ليلا پيڪن ڪانه وئي، چنيسر جي گهر جي چائونٺ تان نه چُري، کيس مِنٿون ميڙيون ۽ آزيون نيزاريون ڪندي رهي ۽ مومل وري ڪاڪ محل ۾ رهي راڻي جي راهه نهاريندي رهي، راتين جون راتيون جاڳي ڏينهن ڪيا، شاهه سائين مومل کان هن طرح چورايو آهي ته:
ڏِيئا تيل ڦُليل جَا، ٻَارِيَم تَائِين ٻَانگ،
وَٽ سوريندي وَلھا، وِئو تيل ٻَرِي،
موٽ مُسافر سُپرين، چَانگي تي چَڙهِي،
راڻي لاءِ رَڙي، ويئي وِهَامي رَاتِڙِي.
اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته واقعي مومل تيل ۽ ڦُليل جا ڏِيئا محلات ۾ ٻاري، راتيون گذاريون هونديون، پر ڏِيئا کڻي رستن تي ڪانه نڪتي هوندي، شاهه سائين ٻي هنڌ وري مومل کان چورائي ٿو ته:
رُئان ٿِي رَاڻا، هَنڌ نِهاريو حجرا،
پيئي کِهه کَٽن تي، ٿِيا پَلَنگ پُراڻا،
ڌريائي ڌُوڙ ٿِيا، وَريءَ وِهاڻا،
جَايُون گُل جبات، وَڻ توري ڪُوماڻا!
جنهن ڪمري ۾ هوءَ راڻي سان رهي، جنهن پلنگ تي پنهنجي محبوب مينڌري سان ليٽي، جنهن وِهاڻي تي ساڻس گڏ منهن سان منهن مِلائي ڪنڌ رکيائين، جن ڪاڪ جي باغيچن ۽ پارڪن ۾ سوڍي سان سير ڪيائين ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي گُهمي ڦِري، تن ۾ جا تبديلي آئي آهي، تن جو مومل ذڪر ڪري ظاهر ٿي ڪري ته، هن راڻي لاءِ ڪاڪ ۾ رهي رُنو، جيتوڻيڪ ائين آهي ته مومل، راڻي جي پٺيان سندس وطن ڪانه وئي ته به هُن جي جدائي ۾ چين ڪين آيس، محلات ۾ رهي، پر محلات هن لاءِ عذاب مثل هو، هو دل جي ڪيفيت ظاهر ڪندي ٻڌائي ٿي ته:
ڪَاڪ ڪَڙهِي، وَڻ جَليا، جَلِي مُنهِنجِي جَان!
پس تو شڪون تڪيا سيئي وهاڻا
پَسيو هَنڌ پَچي هِنيون، جي حَبِيبَن هَاڻا،
هِڪ ڏِنگا ڏاڏاڻا، ٻيو موٽيو تَان نَه مينڌرو.
مومل جي اُنهن لفظن مان معلوم ٿو ٿئي ته راڻي جو لِڪ چوريءَ مومل وٽ اچڻ ۽ مومل جو راڻي جي وِڇوڙي ۾ بيقرار ۽ پريشان ٿيڻ، مومل جي مائٽن مِٽن، عزيزن قريبن کي پسند ڪين هو، هڪ ڏنگا ڏاڏاڻا مان بلڪل پڌرو آهي ته، مومل کي مائٽن جي مرضيءَ خلاف راڻي سان نينهن جو ناتو نڀائڻو پيو، هن واقعي کي ڪنهن ٻئي وري اور نموني سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته، مومل جي مائٽن کي ڌيءَ جو راڻي سان رستو نه وڻيو، سو اُنهن ننڍي ڌيءَ سومل کي چيو ته، اهڙي ڪا سَٽ، سَٽ، جو مو مل ۽ راڻي جو ناتو ٽُٽي وڃي، جو اسان جي گِلا پئي ٿئي، اُن کان ڇُٽي پئون! جنهن جو بيان ڪجهه هن ريت آهي ته:
سُومل مُومل ڏي مُڪي، ڪَري مَصلَحت مَاءُ،
تَه ڀڄ لَهه وَڃي ڀيڻ جِي، حَقِيقَت حَالاءُ،
ڪَنهن اَهڄاڻي آءُ، راڻي کي رَد ڪَري.
سُومل، جيڪا ڏاهپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئي، تنهن ڇا ڪيو جو رات جو راڻي جي اچڻ کان اڳ مرداڻو لباس پائي، مُومل کي ڀاڪر پائي سمهي رهي، جنهن جو بيان ڪجهه هن طرح آهي ته:
سَا سُومل هَلِي سَنبري، گڏجِي گُماناءُ،
مَنجهه مُومَل کي نَه پِيو، سَندو سَحر سَماءُ،
سَا سُتي سيج مَٿان، اَچي ڀَاڪُر پَائي ڀيڻ سَان.
سُومل ائين به ڪيو، جو ڪاڪ محل جي ٻاهران، جنهن واٽ سان راڻو ايندو هو، اُتي هڪ ماڻهو بيهاري ڇڏيو ته، جڏهن راڻو، مومل سان ملڻ لاءِ اچي، تڏهن کيس اهڙي من گهڙت ڳالهه ٻڌائي، جيئن هُو مومل کان منهن ڦيرائي ڇڏي. راڻو آيو ته انهيءَ ماڻهو کيس چيو ته اي راڻا! تون پري کان انهيءَ مومل وٽ ٿو وڃين، جنهن جي سيتل راءِ سان به سنگت آهي، انهيءَ طعني راڻي کي ڪاوڙائي ڇڏيو ۽ جيئن محلات ۾ آيو ته ڏٺائين ته واقعي مُومل ڪنهن شخص سان ٻک پايو سُتي پئي هُئي ۽ ڪُوڙي ٻُڌل ڳالهه جي پڪ ٿيس، ۽ راڻو پنهنجو لڪڻ ڇڏي، مُومل کي اُٿارڻ بجاءِ ڪاوڙجي واپس هليو ويو، صبح جو مُومل کي جاڳ ٿي، ڏٺائين ته راڻي جو لڪڻ پيو آهي، پڪ ٿي ويس ته راڻي کي بدگماني ٿي، ۽ هُو ڪاوڙجي واپس هليو ويو آهي. پوءِ مومل ڏاڍي پريشان ٿي ۽ راڻي کي ليلائڻ لڳي:
تَڏهن مِير به مُومل ڏي، مُڪو چِٽو چَوائي،
تَه آيَس تو اَنجَام تي، آءٌ ڀي اُٺ اُٺائي،
سُتي پيئي هُئينءَ سيتل سان، پيچ وَڏا پَائي.
مومل وري راڻي کي وراڻيءَ ۾ چيو ته:
سُتِي هُيس سُومل سان، وير پَئِي وَيسَر،
سَڙي ڪو سَحر ڪَيو، وَلهيءَ ڪو وَيتَر،
جَاڳيس نَه جَاڙ ڪَري، طَرح انهيءَ تيتَر،
ويهڻ مُون واجب هو، تُون اَچين هَا تيتَر.
مومل جي انهن سٽن مان ثابت آهي ته، سنديس ڀيڻ سُومل کيس ننڊ ۾ سُتل ڏسي، بنا هن کي جاڳائڻ جي چُپ چاپ ڪري وڃي ساڻس سُتي هُئي! هن عام ڪهاڻي کان شاهه سائين جي آکاڻي ۾ مومل جي سيرت ٻي طرح پيش ٿيل آهي. شاهه سائين جي بيان موجب مومل پنهنجي ڀيڻ سومل کي چيو هو ته راڻي جا پيل ڪپڙا پائي اچي مون سان سُمهه، جيئن راڻي اڄ پنهنجي انجام تي اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي آهي، سندس سِڪ ڏاڍو ستائي ٿي، يعني مومل جُڙتو راڻو تيار ڪري راڻي جي آسيس ٿي ورتي، جنهن تي راڻو مٿس ڪاوڙيو، شاهه سائين ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته، مومل پنهنجي ڏوهه ڪري ئي گهڻو سَٺو، پر عام ڪهاڻيءَ ۾ مومل ڪا خطا ڪانه ٿي ڪري، جو ڏُک ڏنائين، هن کي ته جُڙتو راڻي جو خيال خواب به ڪونه آيو، سُومل ماءُ جي زور ڀرڻ تي وڃي مُومل کي ڀاڪُر هڻي سُتي هُئي، ڏاڍي تعجب جي ڳالهه چئبي، جو مومل کي اهڙي گهري ننڊ اچي وئي هُئي، جو سُومل مرداڻو لباس پائي ڀاڪُر اچي وڌو، ته به هُوءَ سُجاڳ ڪانه ٿي، هن کي ته راڻي جي اچڻ جي انتظار ۾ ننڊ اچڻ ڪانه کپندي هُيس، جي ڀلا ننڊ جو جهٽڪو اچي به ويو هوس، ته سُومل جي ڀاڪُر پائڻ سان اک کلڻ کپندي هُيس، جنهن ماڻهوءَ کي محبوب جي اچڻ جو انجام ڏنل هُجي، اُن کي بنا کُٽڪي ڪيئن ٿو آرام اچي؟ جيڪا ڳالهه بلڪل سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، شاهه صاحب، انهيءَ اڻ ٿيڻي واقعي کي رد ڪري ڏيکاريو آهي ته مومل جي چوڻ تي ئي سُومل ساڻس وڃي سُتي هُئي، ائين ڪرڻ سان ئي، شاهه سائين آکاڻيءَ ۾ ڏيکاريل جهول کي سِڌو ڪري ادبي انصاف جي اُصول جي پيروي ڪئي آهي، ليلا ۽ مومل جي وچ ۾ هڪڙو تفاوت ضرور آهي ته ليلا، چنيسر جي پٽ راڻي هُئي ۽ سدائين سندس محبت ۾ رهندي هُئي، مگر راڻو، مومل وٽ ڪڏهن ڪڏهن وجهه وٺي ايندو هو، ڇاڪاڻ جو هُو اڳ ۾ ئي پرڻيل هو، مومل جا مائٽ انهيءَ ڳالهه ۾ خوش نه هُئا، ته هُوءَ راڻي سان پيار ڪري، پر ليلا کي جڏهن چنيسر دليئون لاهي ڇڏيو، تڏهن به چنيسر وٽ رهي، کيس پرچائڻ لاءِ مِنٿون ميڙيون ڪيائين، ليڪن مُومل جو راڻو ته رُسي وڃي پنهنجي ماڳ ويٺو هو، شاهه سائين ڄاڻي ٻُجهي مومل کي راڻي جي پُٺيان نه موڪليو هو، هڪ اعليٰ درجي وارو شاعر هو ۽ مڙني سُورمين کان پنهنجن پنهنجن محبوبن جي جدائيءَ ۾ ورلاپ ڪرائڻا هيس، هن ڏٺو ته جي مومل به سسئي جيان پنهنجي محبوب جي وطن ويندي، ته رستي ۾ اِهي ئي جبل جهنگ ۽ مِرون ڏسندي، جي سسئيءَ ڏٺا هُئا، جنهن ڪري ساڳي نموني جي مضمون کي ٻئي نموني پيش ڪرڻ لاءِ مُومل کي ڪاڪ ۾ رهائي، کانئس قُرب جون دانهون، ڪُوڪون ڪرايائين، مُومل، جي پاڻ نٿي وڃي ته راڻي کي چوائي موڪلي ٿي ته:
ميڙ مُنجان ٿي مينڌرا! تو دَر لِيلائي!
مُومل ڪيترن کي ئي پنهنجي حُسن سان گهايو هو، پر راڻي جي محبت کيس ماري وِڌو، اصل ڪُهي وڌو، شاهه سائين ان ڳالهه جي منظر نگاري اجهو هن طرح ڪئي آهي ته:
گجر گهڻا گهائيا، پاڻ لڳس گهاءُ،
مينڌري مِلاءُ، لڳس ڪَان ڪَپار ۾
يا
راڻو ڪا رَات وِيو، ڳُجِهي ڳالهه ڪَري،
سوڍي ريءَ سَرتِيون! هَڏ نَه سَاهه سَري،
وَڃي مَان وَري! آسَائِتي آهيان.
مُومل ۽ ليلا جون سِيرتون ڏِسبيون ته معلوم ٿيندو ته، مُومل، ليلا وانگر راڻي ۾ ڪوبه شڪ گُمان نٿي آڻي، ۽ هڪدم پنهنجي غلطي محسوس ڪري ٿي، ليلا جيان مُومل کي به جيڏيون سرتيون شرمائين ٿيون، مومل چوي ٿي ته:
سَٺَم سَاهيڙِيَن جَا، طَعنا توهين لاءِ
راڻي، مُومل کي سُومل سان مرداني لباس ۾ سُتل ڏسي، کيس اُٿارڻ بجاءِ سندس پاسي ۾ پنهنجو لَڪُڻ نشاني طور رکي ڪاوڙجي واپس هليو ويو، پوءِ به مُومل جي دل ۾ ڪڏهن به راڻي جي سچائي ۾ شڪ ڪين ٿيو! مُومل کي اها سُڌ به ضرور هوندي ته راڻو پرڻيل آهي، پوءِ به اهو خيال ڪونه آيس ته متان سندس زال مون ڏي اچڻ کان منع ڪئي هُجيس ۽ هيءَ وجهه وٺي مُون کان رُسي ويو آهي، هُوءَ ته پاڻ کي ئي وڏو ڏوهي ٿي چوائي ته:
ڪِين سَاڱا هُيَم سُپرين، جَاڙون ڪَيَم جَال،
سوڍا مُون کي ڪَال، موٽي مُنهن ۾ آئِيُون!
مُومل ته راڻي جي تمام شڪر گذار ٿي ٿئي، جو ساڻس پِريت جو پيچ پائي کيس نوازيو هو، چيو وڃي ٿو ته، راڻي کي هڪ سيلاني جوڳيءَ فقير جي واتان مُومل جي حُسن جي هاڪ ٻُڌي هُئي، راڻي جي دل ٿي ته، مُومل سان مِلان ڏِسان ته واقعي اهڙي حَسين واري آهي، سو ساٿين کي چيائين ته:
هَلو هَلو ڪَاڪ تَڙين، جِتي نِينهن اُڇل!
راڻي تي مُومل جي سُونهن سوڀيا جو، جيڪو اثر ٿيو، جنهن لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته:
لڊوڻئا لوڌي ٿِيا، وَتن منجهه وِصَال،
اَڄ اَوتيو اَکين، ڪَاڪ پِيتَائُون ڪَال،
ويئي ويچارن وِسرِي، صُباح جِي سَنڀال،
جَانب جي جَمال، رَڱي پس! ريٽو ڪَڻا.
مُومل کي اِهو معلوم هو ته، راڻو سندس لاءِ ڪيترو مُنتظر هو، جو پنهنجي زال جي پراوهه نه ڪندي، سندس نينهن جي محتاجي ڪڍڻ لڳو، ته به جڏهن راڻي سان مُنهان مُنهن ٿي، تڏهن هُو دل جهلي نه سگهي ۽ چيائين ته:
گُجر گَهڻا گَهائِيا، پَاڻ لڳس گَهاءُ!
۽ جنهن وقت راڻو رُسي هليو ويس، تنهن وقت کيس ڏوهه ڏيڻ بدران کيس ساراهڻ لڳي ۽ چيائين ته:
ڍولي ڍَڪِي آهيان، هُيس اُگهاڙي اَڳ،
جوڙي وِچان جَڳ، ڪَڪَر ڪَيائِينم ڪَاڪ جو.
مُومل ائين به سمجهي هُئي ته راڻو جيڪڏهن ڪاوڙ وِچان کيس ماري به وڃي ها ته به هُن کي واجب هو، پر هُن پاڻ کي روڪي صبر کان ڪم ورتو، ائين سمجهو راڻي مومل کي ڪهل سان ڪٺو هو، پاڻ چوي ٿي ته:
سوڍا صبر تُنهنجي، ماڻهو ڪُٺي مُومل،
ڪَپر مَنجهان ڪَل، پِيَم پِرين تُنهِنجي!
اهي اکر آهن راجا نند جي نياڻيءَ مُومل جا! اهڙي ئي ريت سسئي به پنهل لاءِ ائين چوي ٿي ته:
سڌر سِين سَڱ ڪَري، پَرکِيندين پِياس،
ڪير برهمڻ ڪن جي، ڪير ڄاڻي ڪڻياس،
هند نه سنڌ سياس، هُن ڀرين ڪيس پڌري.
جيئن سسئي کي سسئي، پُنهونءَ جي پيار ڪيو، تيئن مينڌري جي محبت ئي مُومل کي مُومل بڻايو، مومل ۾ نسل جو فخر هو ۽ حُسن جو ناز هو:
مُومل کي مِجاز جَا، اَکيَن ۾ اَنبُور
هن ته فقط پئسن ميڙڻ لاءِ ڪاڪ وارو طلسمي ٽڪساٽ وارو نمونو اَڏيو هو، هُن سمجهيو ٿي ته، ڪوبه ماڻهو، وٽس پهچي ڪين سگهندو، ناتر جهڙيون حرفتي ۽ چالباز ٻانهيون، اُن کي مُنجهائي ماري ڇڏينديون، انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته، مُومل هڪ ڪُنواري ۽ هلڪي طبيعت واري ڇوڪري هُئي، جنهن ۾ سچي عشق کان وڌيڪ ظاهري ناز نخرو ۽ ٺاهه ٺُوهه هو، هوءَ پنهنجي ماڻن ۽ نينهن جي نيڻن سان آسائتن جو اندر جلائي خاڪ ڪندي هُئي، اها ساڳي مُومل ڏسو ته سندس طبيعت ۾ ڪيئن ڦيرو اچي ويو، مُومل ۽ ليلا ۾ اهو تفاوت آهي، جو شاهه سائين، مُومل جي ڪُنوارپ واري حياتيءَ جو بيان ڪري ٿو، ڪنواري هُوندي ڇوڪريءَ ۾ جيڪو ٺاهه ٺوهه جو شوق ٿئي ٿو، سو پرڻئي کان پوءِ گهٽجي ٿو، پر سهڻيءَ اصل سينگار نه ڇڏيو، سو نه ڇڏيو. ميهار وٽ هر رات سينگار ڪري، پوءِ ويندي هُئي، پر مرشد لطيف لفطن جي چوند ڪري، مومل جي سُونهن ۽ مجاز جو، جيڪو تذڪرو ڪيو آهي، سو ٻي ڪنهن به سُورميءَ جو نه ڪيو آهي، ۽ ٻنهي سُورمين ۾ مومل کي ئي ڪنواري ڏيکاريو اٿس، ٻيون سڀئي سُورميون پرڻيل يا مڱيل ڏيکاريون اٿس، مُومل جي سِيرت سان شاهه سائين، ليلا جي سيرت کان گهڻو وڌيڪ محنت ڪئي ٿي ڏسجي! سهڻي- ميهار جي سُونهن جو بيان ڪري ٿي ته، سسئي وري پنهنجي پُنهل جي حُسن جو بيان ٿي ڪري، پر شاهه سائين سندن حُسن جو ذڪر نٿو ڪري، مومل ئي آهي، جنهن جي جسماني جلوي جو مرشد لطيف زير زبر سان احوال ڏئي ٿو، مُومل جي اکين ۾ جادو سمايل هُجڻ ۽ پُرڪشش هُئڻ جو چيو اٿس، جو ’جي ويا سي وڍيا‘ شاهه سائين ٻُڌائي ٿو ته، مُومل جي اکين جا تارا اهڙا ته جَلويدار هُئا، ڄڻ ته سندس پِنبڻين جي ڪَمان جا ٻه تِير هُئا، جن سان هن ڪيئي هاڪارا حاڪم، جوڌا جوان، پهلوان ۽ اعليٰ درجي وار عاقل هوشيار گهائي ڇڏيا هُئا:
هَڻي تِن کي تِير، مَڻيون جِن مَٿن ۾.
ڇو جو هن کي ملڪيت ميڙي پيءُ کي ڏيڻي هُئي، انهيءَ ڪري ئي مُومل گلابي، ريشمي وڳا ويس پائي، چوٽيءَ ۾ سُرها تيل مُشڪ، عنبر ۽ چنبيلي جا گُل وِجهي، مٿي ڪاڪ محل جي ڪٽهڙي ۾ ويهي، پنهنجن آيل عاشقن ڏانهن نينهن ڀريا نيڻ کڻي نهاريندي هُئي، ته عاشقن کي تير لڳندا هُئا، ۽ ڍيري ٿي پوندا هُئا، اِهو سڀ ڪُجهه پئسن ميڙڻ لاءِ ڪندي هُئي، ٻيو ڪو هنن سان نڪاح ڪرڻو ٿورو هوس، بس سندن ملڪيت ڦُري کين فقير بڻائيندي هُئي، هوءَ تمام ۽ تمام سخت دل حَسينا هُئي، جنهن جي دل ۾ عاشقن لاءِ رحم ۽ قياس جو ذرو به ڪونه هو، ٻين عاشقن وانگر راڻو به مُومل سان مِلڻ لاءِ ڪاڪ پهتو، مُومل، راڻي کي سندس چالاڪيءَ ڪري قبوليو، جيڪڏهن مُومل ائين قبولي ها ته، چئي سگهجي ها ته، مُومل، راڻي کي ان ڪري نه قبوليو، جو ساڻس دل ٿيس، پر ڇاڪاڻ ته راڻي چالاڪي ۽ همت ڪري هن ڪاڪ جي طلسم کي ٽوڙي، سلامتيءَ سان سڀني آزمائشن مان ڪامياب ٿي، سچيءَ مُومل کي ڳولي هٿ ڪيو. شاهه سائين وسيع نظر وارو شاعر هو، هُن ڏٺو ته اِئين ڪرڻ سان مُومل جي سِيرت کي ڌڪ لڳندو، سو ڏيکاريائين ته مُومل، راڻي جي همت ۽ ڏاهپ تي موهت ڪانه ٿي، پر هُن جي حُسن تي موهت ٿي، جيئن سُهڻي ۽ سسئيءَ پنهنجن محبوبن تي موهت ٿي، سندن ساراهه ڪن ٿيون، تيئن شاهه سائين مُومل جي واتان، راڻي جي خوبصورتيءَ جي ساراهه ڪرائي ٿو:
روءِ راڻي جي نَاهه ڪو، سوڍا ٻِيَا به سَجان
انهيءَ سِٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته، راڻو ڏاهپ ۽ عقل ڪري ايترو ڪشش ڪندڙ نه هو، جهڙو حُسن ڪري هو ۽ حُسن ڪري ئي هن مومل هٿ ڪئي:
نِسورِيا ئِي نِينهَن جِي، ڪَشيَائِين ڪَمَان!
مومل پاڻ ٿي چوي ته:
سَوڍا! تو ڳر سَاهه، نَه تَه رَاڻا گَهڻا رَاڄ ۾.
مُومل کي صرف راڻي جي سُهڻي صورت مٿس موهت ڪيو هو، هوءَ ڪا راڻي جي وزارت تي موهت ڪانه ٿي هُئي، ڇاڪاڻ ته پاڻ به راجا جي ڌيءَ هُئي، راڻي جي سياڻپ مٿس ڪو اثر ڪونه ڪيو هو، جيڪي ڪُجهه ڪيو هو، سو راڻي جي حُسن جو ڪمال هو، راڻي جي حُسن ئي مُومل کي سٽي لاٿو هو. هِتي اِها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته، راڻي لاءِ چوڻ ۾ ايندو آهي ته، هُو هڪ اک کان ڪاڻو هو، پر شاهه سائين کيس هڪ خوبصورت جوان ڏيکاريو آهي، جنهن مُومل جهڙي نازنين جي دِل کي چؤ کنڀو کڻي قابو ڪيو، راڻي ڪاڻي لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته:
روءِ راڻي جِي نَاهه ڪو، سوڍو سَڀَن سُونهن!
مُومل، راڻي جي هڪ روايتي ڪهاڻي، جيڪا ڪنهن شاعر جي جوڙيل آهي، اُن ۾ شاعر هن واقعي طرف اِشارو ڪري ٿو، پر شاهه سائين ۽ روايتي ڪهاڻي پيش ڪندڙ شاعر جي وِچ ۾ ڏينهن رات ۽ زمين آسمان وارو فرق نظر اچي ٿو، روايتي ڪهاڻي پيش ڪندڙ شاعر ڏيکاري ٿو ته، جڏهن مُومل، راڻي جي مُلڪ، راڻي کي پرچائڻ آئي، تڏهن سندن وچ ۾ سوال جواب ٿيا، پر راڻي، مُومل جي ڪا ڳالهه نه مڃي، پوءِ مُومل، راڻي کي چيو ته:
سوڍل سَائِين سُهڻا، ٿو سَڏائين سِيَاڻُو،
پَر آهِين اَيَاڻَن کان، آءٌ ڀَانئِيان اَيَاڻُو،
ڪِيئن ٿِئين ڪَاڻو، سَا سَچِي ڪَر سُپرين!
خيال ۾ ئي نٿو اچي ته ڪا مُومل، راڻي کي پرچائڻ وئي هُئي، تنهن راڻي کان اهڙا ناپسنديده سوال ڪيا، روايتي ڪهاڻي جوڙيندڙ شاعر جي مُومل ۽ شاهه سائينءَ جي مُومل ۾ ڀيٽ ٿا ڪريون ته، شاهه سائينءَ جي مُومل عرش تي نظر اچي ٿي، روايتي ڪهاڻي جوڙيندڙ جي مُومل فرش تي نظر پئي اچي. شاهه سائين پنهنجي مُومل ۾ پنهنجي شخصيت اوتي ڇڏي آهي، جنهن مان شاهه سائينءَ جي خوشبوءِ ٿي اچي، اها مومل ڪهڙي، جنهن راڻي سان لنئون لائي، اهڙي نموني سان ڳالهايو ته:
آهين اَياڻَن کَان، آءٌ ڀَانيَان اَياڻُو،
عَاشق ڪِيئن مَعشُوقَ کان پُڇندو، تُون ٿِئين ڪِيئَن ڪَاڻُو؟
عاشق کي ته معشوق جا عيب نظر ئي نه ايندا آهن، اهڙي قسم جون اُوڻايون، شاهه سائينءَ جي مُومل ۾ نظر ئي نه اينديون، پڙهندڙن کي شاهه سائينءَ جي مُومل کي ئي صحيح ۽ سچي سمجهڻ گهرجي!