لطيفيات

شاهه جون سورميون

ڀٽ ڌڻيءَ جي حوالي سان ڪتاب ’شاهه جون سُورميون‘ ۾ ليکڪ سُورمين جي ڪردار جي درجي بندي ڪندي، انسان جي روحاني انڊلٺ جا رنگ پسائي ٿو. انساني حياتي جي رُوپن مان هڪ رُوپ يا رنگ ڏُک به آهي، جيڪو سُکن جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو. شاهه سائينءَ جو رسالو، دُک جي پني ۾ ويڙهيل آهي، جنهن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ پسجن ٿا.
ليکڪ، پنهنجيءَ تحرير ۾ سُورمين جي ڪردارن کي ڀيٽيندي، عورت جي جدوجهد، وفا (Commitment) کي عورت جي سرشت جو اهم جُزو ۽ عمل سمجهي ٿو.
Title Cover of book شاهه جون سورميون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاھ جون سورميون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب شاھ جي سورمين بابت استاد حيدر چانڊيي جي مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
ڀٽ ڌڻيءَ جي حوالي سان ڪتاب ’شاهه جون سُورميون‘ ۾ ليکڪ سُورمين جي ڪردار جي درجي بندي ڪندي، انسان جي روحاني انڊلٺ جا رنگ پسائي ٿو. انساني حياتي جي رُوپن مان هڪ رُوپ يا رنگ ڏُک به آهي، جيڪو سُکن جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو. شاهه سائينءَ جو رسالو، دُک جي پني ۾ ويڙهيل آهي، جنهن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ پسجن ٿا.
ليکڪ، پنهنجيءَ تحرير ۾ سُورمين جي ڪردارن کي ڀيٽيندي، عورت جي جدوجهد، وفا (Commitment) کي عورت جي سرشت جو اهم جُزو ۽ عمل سمجهي ٿو.
هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري نواز آريسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com