لطيفيات

شاهه جون سورميون

ڀٽ ڌڻيءَ جي حوالي سان ڪتاب ’شاهه جون سُورميون‘ ۾ ليکڪ سُورمين جي ڪردار جي درجي بندي ڪندي، انسان جي روحاني انڊلٺ جا رنگ پسائي ٿو. انساني حياتي جي رُوپن مان هڪ رُوپ يا رنگ ڏُک به آهي، جيڪو سُکن جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو. شاهه سائينءَ جو رسالو، دُک جي پني ۾ ويڙهيل آهي، جنهن مان زندگيءَ جا انيڪ رنگ پسجن ٿا.
ليکڪ، پنهنجيءَ تحرير ۾ سُورمين جي ڪردارن کي ڀيٽيندي، عورت جي جدوجهد، وفا (Commitment) کي عورت جي سرشت جو اهم جُزو ۽ عمل سمجهي ٿو.
Title Cover of book شاهه جون سورميون

سُر مارئي

ڀَلي ڄَائِي مَارئِي، جَنهن مَارُو مَلهَايَا،
سُتي سَامَائِي، جَنهن ٻَڌا موڙ مَلير کي.
هن سُر جو بنياد عمر مارئي جي مشهور آکاڻيءَ تي ٻڌل آهي، مارئي جي سيرت دوران شاهه سائين سندس حُب الوطنيءَ جي بي بها تصوير پيش ڪئي آهي، غريب ڳوٺاڻن جي اندر ۾ جو وطن لاءِ سِڪ ۽ سچائي جو مادو آهي، تنهن جو انداز شاهه سائين مارئي جي دل جو نقش چٽي پيش ڪيو آهي، مارئي بلڪل ظاهر ڪري ڏيکاري ٿي ته سچائي هرو ڀرو دولتمندن جو وِرثو ناهي! وطن لاءِ محبت ۽ پاڪدامني مسڪينن ۾ اميرن کان وڌيڪ آهي، مارئيءَ ۾ شاهه سائين عورتپڻي جو آدرش پيش ڪيو آهي، عصمت بنا عورت غورب نه ليکبي، زال ذات جو ست سندس بي بها زيور آهي، جنهن جي سنڀال ڪرڻ سندس مکيه فرض ۾ شامل ٿئي ٿو، ڏٺو ويندو ته ٻين سُرن ۾ سُورمين جي سيرت نگاريءَ سان گڏ ڪٿي ڪٿي سُورمن جو پڻ ٿورو بيان شاهه سائين ڏئي ٿو، پر سُر مارئيءَ ۾ صرف ۽ صرف مارئي پئي وسي، کيت ته ڳاڻاٽي ۾ ڪونهي، مارئي جي سيرت جو ڪِن نقادن تمثيلي رنگ کڻي ڏنو آهي، تن سان آءٌ شامل راءِ بلڪل نه آهيان، ڇاڪاڻ ته ڪِن نظمي ڪهاڻين ۾ شاهه سائين تمثيل رکي آهي، تنهن ڪري هرو ڀرو ائين سمجهڻ ته سُر مارئي ۾ به ضرور ڪو اونهو راز رکيل هوندو، سو ٺيڪ نه آهي. عام طور اهو سمجهيو ويندو آهي ته، تصوف زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، صوفيءَ کي غلط فهميءَ وچان اهڙو شخص سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو دنياداريءَ کي ڇڏي، لوڪان لِڪي، ڪُنڊ وٺي، ويڙهجي سيڙهجي، مٿو مُونن ۾ وجهي، ذڪر فڪر ۾ پاڻ کي به وِساري ويٺو هُجي. شاهه سائينءَ جي نظر ۾ صوفي جو ڪم آهي، پنهنجي اصلاحي شعور جي لحاظ کان صحيح سماجي نظام کي قائم ڪرڻ لاءِ سُونهين جي حيثيت رکي، اجتماعي ڀلائيءَ جا ڪم ڪري. شاهه سائين مهاڪوي هو ته اعليٰ درجي جو فيلسوف به هو، سندس سموري شعر جو دارومدار هرو ڀرو تمثيل تي نه آهي، جنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هن صرف اُهي مضمون قلم بند ڪيا آهن، جن ۾ ڪا نه ڪا تمثيل رکي سگهيو آهي، مارئي جي ڪهاڻي اهڙي ته دل سوز آهي، جو شاعر ته ٺهيو، پر عام رواجي ماڻهوءَ جا اُمنگ پڻ اُن جي ٻڌڻ يا پڙهڻ سان اُڇلون مارڻ شروع ڪن ٿا، شاهه سائينءَ کي ته شاعراڻي دل هُئي، شاعراڻي نگاهه هُئي، شاعراڻو دماغ هو، هُو بلڪل سمجهي سگهيو ٿي ته ڪهڙو مضمون شعر ۾ قلم بند ٿيڻ جي لائق آهي، سُر مارئي ۾ شاهه سائين فطرتي شاعر، وڏو محب وطن، تاريخ نويس ۽ وڏو عاشق نظر اچي ٿو. مارئي جي اباڻي ملڪ لاءِ اُڪير، ڪانڌ لاءِ قُرب، ٿر جي ماروئڙن جي محبت پنهنجي سِر اهڙا موضوع نه آهن ڇا؟ جو شاهه سائين جهڙي اعليٰ شاعر کي سرجڻ لاءِ ڪشش نه ڪن؟ اهڙي اعليٰ مضمون کي هرو ڀرو تمثيلي رنگ ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇا تمثيل بنا
سُر مارئي وارو مضمون اهڙو نه آهي ڇا؟ جو پڙهندڙن جي دلين ۾ شاهه سائينءَ لاءِ عزت قرب ۽ محبت پيدا ڪري! جيڪڏهن شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي غور ڪبو ته خبر پوندي ته سهڻي، سسئي ۽ ليلا جي ڪهاڻين ۾ جا تمثيل رکيل آهي، سا اهڙي پڌري پٽ آهي، جيئن هٿ جو ڪنگڻ، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن آئيني جي ضرورت ڪانه ٿي رهي، انهن ڪهاڻين ۾ تمثيلن کي ڳولڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانه ٿي رهي، ڇاڪاڻ ته ازخود اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇِڪين ٿيون، نه صرف ايترو، پر ڪيترا ڀيرا شاهه سائين پاڻ يا سُورمين جي واتان ڪهاڻيءَ جي رٿا ۾ اُنهن تمثيلن طرف اِشارو ڪري ٿو، مگر سُر مارئيءَ ۾ ائين بنهه ڪانهي! سُر مارئي جي يارهن ئي داستانن ۾ ڪوبه اهڙو بيت يا وائي وغيره درج ٿيل ڪانه آهي، جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ته هن آکاڻيءَ ۾ پڻ شاهه سائين ڪا تمثيل رکي آهي، مارئي جي وڃايل سونهن، ٿر جا کُوهه، ٿر جا ماروئڙا جهانگيئڙا، ڏُٿ ڏونئرا، مڃر ماکيون، پيرُون پڪا، ماروئڙن جي غريبيءَ جي هلت چلت، ملير لاءِ مارئي جي محبت، عمر جون کيس انيڪ آڇون ۽ مارئي جا کيس منهن ٽوڙ جواب شاهه سائين جا پنهنجي سُورمي کي دم دلاسا، مارئي جا قاصد کي نياپا سنيها ڏيڻ، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ذڪر هن سُر ۾ ڪونه ٿو اچي. عام طرح سان جا تمثيل مارئيءَ سان لڳائي ويندي آهي، سا بلڪل مڃڻ جهڙي ئي نه آهي، مارئيءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته اُن جي مراد آهي انساني رُوح، جنهن کي خدا عالم ارواح ۾ رکيو هو، پر پوءِ سندس حڪم موجب کيس آدم جو پوش پهرائي عرش کان فرش تي موڪليو، پوءِ ساڻس اها حالت ٿي، جيڪا مارئي سان عمر جي ڪوٽ ۾ ٿي! عرش (يعني عالم ارواح) ٿيو، ملير جتي مارئي جنم ورتو ۽ ڄائي نپني ۽ آزاديءَ جي حياتي ڪاٽيائين، فرش ٿي هيءَ دنيا (عمرڪوٽ) ۽ عمر جو بندي خانو ٿيو جسم، جنهن ۾ رُوح رهي ٿو ۽ جيئن مارئي ملير وڃڻ لاءِ ماندي ۽ پريشان هُئي، تيئن انسان جو رُوح جو جسماني پڃري ۾ بند آهي ۽ اُتان عالم ارواح ڏانهن اُڏامڻ جا وجهه پيو ڳولي، هاڻي سوال ٿو اُٿي ته رُوحن کي جسماني جامو پهرايو خدا، پر جيڪڏهن مارئيءَ روح سان ۽ قيد جسم سان مشابهت رکي ٿو ته، عمر! جو مارئيءَ جي رُوح کي زوري کڻي اچي بنديحاني ۾ قابو رکي ٿو، شيطان ڪيئن ٿيو؟ عمر ته نفس ٿي نٿو سگهي، جيڪڏهن عمرڪوٽ جو مطلب آهي جسم، ڇاڪاڻ جو رُوح کي جسم ۾ خدا پاڻ وِڌو ۽ نه شيطان! اهو مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته رُوح کي نفس سان مشابهت هُئڻ ڪري، اهڙي تڪليف پهچي ٿي، جا مارئيءَ کي عمر جي ڪوٽ ۾ عمر سان مناسبت ڪري پهتي، پر عمر جيڪڏهن شيطان آهي ته پوءِ شيطان کي ڪهڙي طاقت آهي، جو عالم ارواح ۾ پير پائي سگهي؟ عمر ته ملير ۾ وڃي پهتو هو، جيڪڏهن سُر مارئي ۾ ڪا تمثيل آهي ته ڪهاڻيءَ جو هر هڪ واقعو ۽ هر هڪ اداڪار تمثيل جي واقعن سان ٺهڪي بيهڻ گهرجي. هن تمثيل جي قبول ڪرڻ ۾ هڪ ٻيو به مونجهارو آهي، ڪائنات جي اِتهاس پٽاندڙ عالم ارواح مان رُوحن کي سڌو هن دنيا ۾ ڪونه موڪليو ويو، تنهن جو مطلب ته عالم ارواح آهي، ملير ته عمر جو ڪوٽ ٿيڻ گهرجي بهشت، پرائين به ٿي نٿو سگهي، عمر جي ڪوٽ ۾ مارئي قيدي مثل هُئي، پر بهشت ۾ انسان کي هر ڪا آزادي آهي. چيو وڃي ٿو ته، جڏهن آدم بهشت ۾ آيو ته سندس ستر مان حوا پيدا ٿي ۽ اُتي شيطان اچي کانئس خطا ڪرائي ۽ خدا مٿس ڪاوڙيو ۽ آدم ۽ حوا کي بهشت مان تڙي هن دنيا ۾ ڦِٽو ڪيو، شاهه سائينءَ پنهنجي تمثيل ۾ بهشت وغيره جو ڪو بيان نه ڪيو آهي، جيتوڻيڪ سُر مارئيءَ ۾ جيڪڏهن پوري تمثيل رکڻي هُئس ته اُن جو ذڪر ڪرڻ گهربو هوس، سوال ٿو اُٿي ته آدم ۽ حوا ته شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي بهشت مان تڙجي هِن دنيا ۾ آيا، ليڪن مسڪين ٿر ڄائي مارئيءَ ڪهڙو گناهه ڪيو هو، عمر کيس ملير مان کڻي اچي عمر ڪوٽ ۾ قيد ڪيو، مارئيءَ ته معصوم غريب ڳوٺاڻي هُئي، جيڪا پنهنجي ست تي قائم رهي، عمر کيس دڙڪا دهمان ڏئي مارڻ جو ٿو چويس ته کيس جواب ۾ ٿي چويس ته:
جي لُوڻ لِڱين لاَئين، چِيري چِيري چَم،
مُون ڪُر اَڳي نَه ڪَيو، اهڙو ڪوجهو ڪَم،
جَان جَان دَعويٰ دَم، تَان تَان پِرت پَنهوار سِين!
آءٌ انهيءَ راءِ جو آهيان ته مارئيءَ جي ڪهاڻي ۾ جا تمثيل مڙهيل آهي، سا دقيانوسي انڌي عقيدي کان سواءِ ڪجهه ناهي، هن ۾ رُوحاني راز جي جيڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي، سا نِسورو ڪُوڙ ۽ دولاب آهي، نه مارئي رُوح آهي، نه عمر نفس آهي، نه عمر ڪوٽ هي دنيا آهي، نه وري انسان جو جسم عمر جو قيد آهي وغيره وغيره وارين ڳالهين تي زور ئي نه ڏيڻ گُهرجي، ڇاڪاڻ ته اِهي ڳالهيون جُڙتو ۽ کوکليون ٿيون لڳن، مارئي جي سيرت جي خصوصيت آهي سندس حُب الوطني ۽ پنهنجي وَر سان محبت مارئي جي پڪي پريم جو نفس شاهه سائين ڪهڙو نه دلفريب ۽ دلسوز چِٽيو آهي! مارُن جي جُدائي کيس بي چين بنائي ڇڏيو، سندن جُدائيءَ ۾ هن کان کاڌو پيتو ۽ هار سينگار وِسري ويو، پنهنجي مارُن لاءِ هُوءَ چوي ٿي ته:
چرن چِڻڪَن چِت ۾، سَدا مَنجهه سَوير!
شاهه سائينءَ جي سُر مارئي مان ائين معلوم ٿو ٿئي ڄڻ هو ٿري ماڻهن جي دلين مان گهمي آيو هُجي، سُر مارئي ٿري ماروئڙن جي دردمند دلين جو آئينو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ٿري ماروئڙن جي زندگي جو بلڪل عڪس نظر ايندو، جنهن سان ٿر ۽ ٿري ماروئڙن کي سمجهي سگهجي ٿو، عمر بادشاهه طرفان ڪيئي طريقا اختيار ڪيا ويا، ڪيئي لالچون ڏنيون ويون، پر مارئي جو هڪ ئي جواب هو ته:
اِيءُ نَه مَارُن رِيت، جِيئن سيڻ مَٽائِين سَون تي،
اَچي عُمر ڪوٽ ۾ ڪَنديس ڪَانه ڪُرِيت،
پَکَن جِي پِريت، مَاڙِيَن سِين نَه مَٽيَان.
شاهه سائين جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو دستاويز ۽ سنڌي تهذيب تمدن جو آئينو آهي، جنهن ۾ انساني اخلاق جي عروج جو جمال ۽ ڪمال نظر ايندو، حقيقت ۾ مارئي واري تمثيل تي ڌيان ئي ڏيڻ نه گهرجي ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو اها دل سان نه ٿي لڳي ۽ نه وري اها مارئي جي سيرت کي وڌيڪ اُجاگر ٿي بڻائي، مارئي جي ڪهاڻي خودبخود دل ڀِڄائيندڙ ۽ ڪشش ڪندڙ آهي، شاهه سائين جي رسالي ۾ موجود هر سُر کي پنهنجي علحده اهميت ۽ الڳ افاديت آهي، اهڙيءَ ريت سُر مارئي جي به پنهنجي الڳ اهميت آهي، شاهه سائين هن ڪهاڻيءَ ۾ مارئيءَ جي پيش ڪيل ڪردارن ۽ سندس فطرت جي تصوير نهايت مرغوب ۽ محفوظ ڪندڙ آهي، هن سُر جي پڙهڻ کان پوءِ هي ڳالهه بخوبي محسوس پئي ٿئي ته هن سُر ۾ شاهه سائين اُنهن ڪردارن جي ذريعي فطرت سوچ ۽ جذبن جي ذريعي
حُب الوطني، قوم سان محبت، ڏاڍ ۽ ظلم سان مقابلو ڪري ثابت قدم رهڻ، ڪنهن به لوڀ لالچ ۾ نه اچڻ جهڙيون ڳالهيون ڏاڍي سٺي انداز ۾ سجهايون آهن، پاڻ فرمائي ٿو ته:
ڇُلي ڇَڏ مَ ڇَپرين، ڏُلي ڇَڏ مَ ڏيهه،
پَسيو وَڻ وَطن جَا، وَڙڪيو اَچيو ويهه،
سَڄَڻ ۽ سَاڻيهه، ڪَنهن اَڻا سيءَ وِسري،
حَيف تِنين کي هوءِ، وَطن جِن وِساريو.
يا
هَٿين هَٿ ڪَڙول، هِينئَڙي پِيَم هُنجا،
سَانگي سَاريَم سُومرا، ڍَاٽي پَاسي ڍَول،
ٻَاٻَاڻن سَندا ٻول، ڪيم نه ڪوٽ ويهڻ جا.
يا
سِيلُ ڀَڃَڻ جِي سُومرا، مُون کي مَت مَ آڇِج مِير!
ٿورين گَهڻين ڏِينهڙين، وِينديس هُت هَمير،
مَڇڻ مَنجهه مَلِيرُ، ڪَنڌ مَٿاهُون نَه کَڻان.
مارئي کي عمر بادشاهه جي قيد ۾ بيقرار ۽ پريشان ڏسي،
شاهه سائينءَ دلاسو ڏيندي چوي ٿو ته:
مَاندِي مَ ٿِي مَارئِي، تُنهِنجو اَلله آهي،
سَوين حياتيءَ جا ڏُکڙا، هِڪ لَحظي ۾ لاهي،
اهڙو ئي اَلله آهي، جو مَاڳ پُڄائيندئي مارئي!
شاهه سائين، سُر مارئي ۾ پنهنجي رُوح جي ڪهاڻي، پنهنجي زباني قلمبند ڪئي آهي، جنهن ۾ ملڪ ۽ ملڪي ماروئڙن سان بي پناهه محبت جي هن لازوال لوڪ داستان کي اَمر بنائي ڇڏيو آهي، نيٺ عمر بادشاهه کي ڳوٺاڻي غريب ملير ڄائي مارئي اڳيان هار مڃڻي پئي، هڪ رُعبدار ۽ دٻدٻي واري حاڪم جا هيلا ناڪام ويا ۽ هن مارئي جي اعليٰ ڪردار کان متاثر ٿي، نه صرف کيس آزاد ڪيو، بلڪه پنهنجي ڀيڻ چئي پوتي پهرائي، پنهنجن ماروئڙن وٽ ملير ڇڏي آيو، ان دوران پنهنجي آزاديءَ جي ڳالهه ٻُڌي ڏاڍي خوشيءَ ۾ چيو ته:


سُڻي سَاڻيهه ڳَالهڙِي، لَھي وِيا لوهه،
اَندر جَا اَندوهه، لَٿا ڏُک سُک ٿِيا!
مارئي جي سِرت جي ڪٿ تڏهن ڪري سگهبي، جڏهن هي ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته، جيتوڻيڪ مارُن کيس آزاد ڪرائڻ جي ڪابه ڪوشش نه ورتي هُئي، هو غريب ماڻهو هُئا، مارئي کي سَهائي ويهي رهيا هُئا، پر مارئي مارُن کي نه وِساريو هو ۽ کيت جي سَت ۾ رهي ۽ عمر جي آڻ نه مڃيائين، ان واقعي جو شاهه سائين پنهنجي سُورميءَ کان اِجهو هن طرح ٿو چورائي ته:
جي ڪو لَڏائون ته بَنديءَ بَند نَه سَاريو،
مَاروئڙن آءٌ، جيڪس وِيَس وِسري!
مارئي جون هيٺيون سِٽون ڪهڙيون نه دلسوز آهن، ويچاريءَ دل چيري دانهن ڪري چوي ٿي ته:
لَنگڙيا ري لُوءَ ۾، جِنين لاءِ ٿِياس،
تِنين تِر جيترو، پَلڪ نه پُڇياس،
مَارُن منجهه مُياس، نه ته مَاڙين مَاريَس ڪِينَڪي!
شاهه سائينءَ جو سُر مارئي حُب الوطنيءَ جو زنده مثال آهي، جيڪي ماڻهو هن آکاڻيءَ ۾ رُوحاني راز جون ڳالهيون چون ٿا، سي شاهه سائينءَ جي عظمت کي دانسته يا ناداسته طور گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ آهن، سي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تهذيب تمدن جا سڄڻ ناهن، شاهه سائين ڪا شل کين ساڃاهه ڏئي ته سمجهن ته:
پنهنجي وڍئي جو ويڄ نه طبيب!