ٻه اکر
انسان جي زندگيءَ جو فڪري محرڪ سوچ آهي، انسان جڏهن سوچڻ شروع ڪري ٿو ته اُن جي سامهون ڪيترائي مسئلا ڪر کڻي جاڳن ٿا، ۽ جڏهن انسان اُنهن مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ته فيصلي ڪُن گهڙيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو.
جڏهن انسان فيصلو ڪرڻ تي اچي ٿو ته هُو ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انسان بنيادي طور هڪ سوچيندڙ جِيو آهي؛ پوءِ اُها سوچ اجتماعي هُجي يا انفرادي؛ سماجي هُجي يا قومي. سوچ جو عمل جيئن هلندو رهي ٿو، تيئن اُن ۾ نوان خيال جنم وٺن ٿا ۽ ڪيترائي نتيجا حاصل ٿين ٿا.
)ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو)
ٻوهيي صاحب جي مٿين نُڪتن جي روشنيءَ ۾ سائين جي.ايم. سيد جي زندگيءَ جي سڀني پاسن کي ڏسجي ته، سائين جي.ايم. سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو. سندس سوچ انفرادي نه، پر اجتماعي هُئي؛ جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن، پر سائين ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو، سندس سوچ ۽ لوچ، سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي، هن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا؛ سياسي طور ڪيتريون تبديليون آندائين، پر سوچ ۽ فيصلن ۾ تبديل نه ٿيا ته سندن مضبوط ارادا، تبديل نه ٿيو ته سندس نظريو. اهڙيءَ ريت سائين جي.ايم. سيد جي زندگي، عمل جي ميدان ۾ گُذري. پاڻ سدائين عوام جي هُجومن ۾ رهيو، ۽ عوام سان گڏ رهيو.
هڪڙو وقت هو، جڏهن پير، مير، وڏيرا ڀُٽي جي سحر ۾ ورتل هُئا. اُن وقت سنڌ جو شعور سيد سان بيٺل هو، ڇاڪاڻ ته سيد اُنهن جي رُوح جي ڳالهه ڪئي هُئي. اُنهن جي احساسن کي زبان سيد ڏني هُئي. ورهاڱي وقت جڏهن سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي هڪڙي وڏي آبادي، سنڌ کان لڏي هند هلي وئي هُئي، اُن وقت سيد ئي اُهو ماڻهو هو، جنهن اُن کوٽ کي محسوس ڪندي ’ادب ڇو ۽ ڇالاءِ‘ جهڙو فڪري مضمون لکيو ۽ اُن ۾ ادب جي سڀني پاسن تي تفصيلي لکيو ۽ اديب جي ڪردار کي پڌرو ڪيو. نه فقط ايترو پر سيد اُهو پهريون ماڻهو هو، جنهن شاهه لطيف جي قومپرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ واري پاسي کي ’پيغامِ لطيف‘ جهڙو ڪتاب لکي نِروار ڪيو. اهڙيءَ طرح سائين جي.ايم. سيد ’قومي ڪلچر‘، ’سنڌ جا سُورما‘ ۽ ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘ جهڙا فڪري ڪتاب لکي، سنڌي ماڻهن کي هڪڙو دڳ مُهيا ڪري ڏنو، اُن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي شعور کي اُڀارڻ ۽ اُن کي سنئين دڳ تي آڻڻ وارو پهريون ماڻهو سائين جي.ايم سيد آهي.
اڪثر چيو ويندو آهي ته قومي تحريڪ نتيجا حاصل نه ڪري سگهي آهي؛ پر آءٌ فقط ايترو چوندس ته جي قومي تحريڪ نتيجا حاصل نه ڪري سگهي آهي ته پوءِ ماڻهو حق گُهرڻ لاءِ روڊن تي ڪيئن آيا؟ پاڻيءَ جي کوٽ هُجي يا بجليءَ جي اکٻوٽ هُجي؛ هر وقت سنڌي ماڻهو احتجاج ڪري ٿو. نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ تي سنڌي ماڻهو اقتدار جي مسند تي ويٺلن جي ڳچين ۾ هٿ وجهي ٿو. ايوانِ صدر ۾ ويٺل ماڻهو به اڄ اهو چوي ته مون کي اُن ڪري برداشت نه ٿو ڪيو وڃي، جو آءٌ سنڌي صدر آهيان. ڇا اِها جي.ايم سيد جي نظريي جي فتح ناهي؟ ڇا اِها قومي تحريڪ جي محنتن جو نتيجو ناهي؟ دنيا جو ڪهڙو اهڙو مُلڪ آهي، جنهن چند ڏينهن ۾ آزادي ورتي هُجي؟ ڪڏهن ڪڏهن جدوجهد جا مرحلا صدين تائين هلندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن آزاديءَ جي خوبصورت مومل ٻيو نسل ماڻيندو آهي. بنيادي ڳالهه هوندي آهي غلاميءَ کي سمجهڻ جي، غلاميءَ کي نندڻ جي، غلاميءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي؛ ۽ جدوجهد جا اُهي طريقا اسان کي جي.ايم سيد سيکاريا آهن. غلامي ۽ آزاديءَ جي فرق کان اسان کي جي.ايم سيد واقف ڪيو آهي. سيد ڪو سياستڪار نه هو، جو هُو صرف اليڪشن جي لاءِ سوچي، پر هُو رهبر هو، مفڪر هو، ۽ مفڪر ايندڙ نسلن جي لاءِ سوچيندا آهن. هُو اُنهن نسلن جي لاءِ اهڙو خوبصورت باغ پوکي ويندا آهن، جنهن جو ميوو کائيندي هُو سرهائي محسوس ڪري سگهن، لذت ماڻي سگهن. سيد ايندڙ نسلن جي سوچ پنهنجي ذهن ۾ رکي، اقتداري سوچ کان پاسيرو ٿيو ۽ ايندڙ نسل جو ڳاٽ فخر سان اُوچو ڪرڻ خاطر جيل جون صعوبتون سٺائين ۽ نظربنديون ڀوڳيائين.
سائين جي.ايم سيد، جيتري سنڌ سان محبت ڪندو هو، سنڌي ماڻهو به ساڻس اوتري محبت ڪندا هُئا. ٻهراڙين جا عام ماڻهو کيس ’جيئينم‘ ڪوٺيندا هُئا، جنهن جي معنيٰ آهي ’سدائين جيئي‘ حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجو ’استاد‘ مڃيندڙ سيد کي بنگلاديش جي عظيم اڳواڻ شيخ مُجيب ’رهبر‘ جو خطاب ڏنو هو، ۽ پاڻ کي سيد جو سياسي شاگرد سڏائيندو هو. اُهو حشو، جنهن کان جڏهن سنڌ ڇڏائي وئي هُئي ته هُو ڄڻ بيگانو ٿي ويو هو، ڀارت جي گهٽين ۾ رولاڪيون ڪندڙ حشو ماڻهن کي چوندو هو ته، سنڌ اهڙي ماڻهو کي جنم ڏنو آهي، جيڪو اسان کي ٻيهر سنڌ وٺي ويندو. پر اُن حشوءَ جو هند ۾ اُهو قدر نه ٿي سگهيو ۽ هُو رولاڪين ۾ ڀٽڪندي اوچتو گُم ٿي ويو. اهڙيءَ ريت سيد کي پهريون ڀيرو ’سائين‘، جديد سنڌي شاعريءَ جي باني شيخ اياز ڪوٺيو هو، ۽ پوءِ واقعي هُو سڄي سنڌ جو سائين ۽ رهبر بڻجي ويو. محمد امين کوسو پنهنجي هر خط ۾ سيد کي ’مُحبيم‘ (مُنهنجا محب) لکندو هو ۽ سائين جي.ايم سيد هر قومي ڪارڪن کي خط جي جواب ۾ ’مُحبيم‘ لکندو هو.
وقت ۽ حالتون انسان کي گهڻو ڪُجهه سيکاريندا آهن. سائين جي.ايم سيد به حالتن کان گهڻو ڪُجهه سِکيو هو ۽ هُن انهن مرحلن مان گُذرندي، سنڌ جي ڄڻ ته حقيقي تصوير جوڙي ورتي هُئي؛ جنهن لاءِ هن پنهنجي مجازي عشق جي به قُرباني ڏئي ڇڏي هُئي ۽ سڄي زندگي ’آزاد سنڌ‘ جا خواب اکين ۾ سانڍي رکيا هُئائين. کيس پُورو ويساهه هو ته سنڌ ضرور آزاد ٿيندي ۽ اُنهيءَ آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي، هُن تنقيدن جا تير به سَٺا، ڪوڙيون فتوائون به ٻُڌيون، دوستن جون دغابازيون به برداشت ڪيون، پر پنهنجي نظريي تان هڪ پَل لاءِ به نه ٿِڙيو. اهو سندس عشق جو ڪمال هو.
ڪي ماڻهو شخصيتون ٺاهيندا آهن، ڪي ماڻهو تاريخ جوڙيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو نظرين جا فاتح هوندا آهن؛ پر سائين جي.ايم سيد، اُهو ماڻهو هو، جنهن ۾ اُهي سموريون خوبيون مِڙي مُٺ ٿيون هُيون. کيس نه ڪا فتويٰ ٽوڙي سگهي ۽ نه ڪا تنقيد پنهنجيءَ راهه تان هٽائي سگهي. سيد جيڪي شخصيتون ٺاهيون، اُنهن به پاڻ ملهايو، آءٌ سمجهان ٿو، سنڌ جي اندر جيتري تنقيد سائينءَ تي ڪئي وئي، ايتري ٻئي ڪنهن تي شايد ئي ٿي هُجي! اڄ جڏهن شعور جون ڏياٽيون ٻرڻ لڳيون آهن ته اُهي سمورا نقاد کيس پنهنجو رهبر تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. سائين جيڪي به فيصلا ڪيا، سي وقتائتا ڪيا؛ جيتوڻيڪ چيو ويندو هو ته سيد وقت کان اڳ ۾ ’آزاديءَ جو نعرو‘ ڏنو. اُن حوالي سان واضح ڪندو هلان ته ون يونٽ جي دَور ۾ جڏهن سائينءَ ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جو بنياد وڌو هو ته، حيدر بخش جتوئي سميت سڀني اُن جي مخالفت ڪئي هُئي ته هن قهري دور ۾ اهڙي ڳالهه ڪرڻ، سواءِ نقصان جي ٻيو ڪُجهه به پلئه نه پوندو! پر اُتي موجود شيخ اياز چيو هو ته ’سيد جو وقتائتو فيصلو آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين فوجين کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي، تيستائين هيءَ تحريڪ گهڻو اڳتي نڪري چُڪي هُوندي،‘ پوءِ وقت ثابت ڪيو ته ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘، سنڌ ۾ هڪڙي اهڙي شعور کي اُڀاريو، ۽ فڪر جي اهڙي لاٽ ٻاري، جو اُن کي وِسائڻ، فوجين جي وس ۾ ئي نه رهيو. ساڳئي طريقي سان سائينءَ جڏهن ’جيئن ڏٺو آهه مون‘ لکيو هو، تڏهن به اڪثريت راءِ اها هُئي ته هي ڪتاب هن وقت نه لکڻ گُهربو هو. نتيجي طور اُهو ڪتاب ڇپيو ۽ بندش به پئي، پر تاريخ سيد جي اُونهيءَ سوچ جو اڀياس ڪري ڇڏيو آهي، جو اڄ اُهو ئي ڪتاب سنڌي، اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپجندو رهي ٿو ۽ ڏينهون ڏينهن ان ڪتاب جي اهميت وڌندي رهي ٿي. ڪالهه تائين ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو، موت جو وارنٽ هو، پر اڄ اسيمبليءَ ۾ به ’جيئي سنڌ‘ جي نعري جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته جماعت اسلاميءَ جي جلسن ۾ به جيئي سنڌ جو نعرو ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. ان مان ثابت ٿيو ته سائين، هتان جي سسٽم کي سمجهي چُڪو هو، اُن ڪري هُن هر فيصلو سوچي سمجهي پئي ڪيو. هُن چاهيو ٿي ته اِهي سڀ ڳالهيون هُنن کان هضم ڪرائبيون ۽ پوءِ آهستي آهستي ماڻهو پاڻهي اصل مقصد ڏانهن موٽ کائيندا.
ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جا اعلان اڄ کڻي ڪير به ڪري، پر ثقافت کي اُجاڳر ڪرڻ وارو سيد ئي آهي، اڄ جي سڄي سنڌ ٽوپي اجرڪ تي جُهمريون ٿي هڻي ته اِهو ٻج به سيد جو ڇٽيل آهي. اِها سيد جي سوچ ۽ نظريي جي ڪاميابي آهي. سيد لاءِ چيو ويندو هو ته هُو دهريو آهي، پر هُن جي زندگيءَ جو جائزو وٺجي ته سائينءَ جهڙو مُتقي ۽ پرهيزگار ٻيو ڪو ڪونه هُوندو، سائينءَ جا خطبا پڙهي ڏسجن، اُنهن ۾ ’قرآن پاڪ جون آيتون‘ موجود آهن، ۽ ٻين مذهبن جي تعليمات جا به عڪس موجود آهن، جن جي سائينءَ تشريح پڻ ڪئي آهي. سائين، ڪارڪنن سان اولاد کان به وڌيڪ پيار ڪندو هو. اڄ ڪو هڪڙو اهڙو ليڊر ڏيکاريو، جيڪو اهڙو عمل ڪندو هُجي!
اُن ڪري سائين جي.ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته اُن جي جيون ۾ جهاتي پائڻي پوندي، سندس زندگيءَ ۽ عمل کي پرکڻو پوندو.
اسان جي دوست واحد ڪانڌڙي، سائين جي.ايم. سيد جي جيون خاڪي کي ترتيب ڏئي، ”تاريخ جو پڙاڏو“ جي نالي سان هيءُ ڪتابچو ڇپرايو آهي، اهو اسان جي عام ماڻهوءَ لاءِ سائينءَ جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. جيتوڻيڪ هيءُ جيون خاڪو اڳ ۾ به انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ڇپيل آهي، [۽ اُن جي تياريءَ ۽ نظرثانيءَ جو ڪم ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ تاج جويي جو هو، بلڪ اُن جو %75حصو تاج جويي جو ئي لکيل آهي.] پر واحد ڪانڌڙي، اُن کي ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ورهائي، هن ڪتابچي جي صورت ۾ آڻي آساني پيدا ڪئي آهي، ان لاءِ هُو جس لهڻي.
تاريخ نواز آريسر
22 ڊسمبر 2016ع حيدرآباد