الهه بخش سومري جي شهادت:
14 مئي 1943ع تي سنڌ جي محب وطن سياستدان الهه بخش سومري کي شڪارپور ۾ ڪنهن فرقيوار ذهنيت رکندڙ شخص ٽانگي تي ويندي فائر ڪري، شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳو.
1944ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جا سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت سان اختلاف ٿي پيا، جنهن سلسلي ۾ 25 جولاءِ 1944ع تي جي. ايم. سيد لاهور ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان هڪ وفد وٺي ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ جي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. پر سيد صاحب کي مثبت جواب نه مليو. آخر ۾ نين چونڊن لاءِ سيد صاحب مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ ۽ چونڊن ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽري بورڊ چونڊيو. مرڪزي مسلم ليگ مداخلت ڪري، وزارت جو طرف وٺي، صوبائي مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري، ان جي اميدوارن خلاف اميدوار بيهاريا. باوجود مخالفت جي جي. ايم. سيد جي حمايتي مسلم ليگ کان ٻاهر ڪجهه اميدوار چونڊجي آيا، جن سيد صاحب کي ليڊر چونڊيو، جنهن ڪانگريس پارٽيءَ جي 22 ميمبرن سان ٺاهه ڪري، اڪثريت ڏيکاري گڏيل وزارت ٺاهڻ لاءِ گورنر کان گهر ڪئي، پر گورنر سر غلام حسين کي باوجود ٿورن ميمبرن جي وزارت ٺاهڻ جو حڪم ڪيو، نتيجي طور
جي. ايم. سيد پنهنجن ميمبرن سميت مخالفت ۾ رهيو.
اُن وچ ۾ ڪئبنيٽ مشن دهلي آئي، جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ جي. ايم. سيد کي گهرايو، جتي هن پاڪستان جي مسئلي بابت آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان جي گهر ڪئي. آخر ۾ سر غلام حسين وزارت اسيمبليءَ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي، گورنر مسٽر موڊيءَ مخالف ڌر کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ اسيمبلي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون، چونڊن ۾ گورنر جي حمايتي سر غلام حسين، جي. ايم. سيد ۽ سندس دوستن کي شڪست ڏياري، جن اليڪشن ٽربيونل اڳيان ڌانڌلين خلاف پٽيشن داخل ڪئي. اُن کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم جماعت جي نالي سان پارٽي ٺاهي ڪم شروع ڪيو، ترت ئي پوءِ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو.