ڪراچيءَ جي مختلف جماعتن جو ميمبر:
1932ع ۾ سائين جي. ايم. سيد ڪراچيءَ جي هيٺين جماعتن سان لاڳاپيل رهيو.
1. ينگ مينس مسلم ايسوسيئيشن جو هڪ سال لاءِ صدر، ۽ وڏي عرصي لاءِ ميمبر
2. فري ميسنس جو ميمبر
3. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي يــوٿ لاج جــو هــڪ سـال لاءِ صدر
4. انجمن ترقيء اردو جو ميمبر
5. ڪراچي ضلعي جي مالدار جماعت جو ميمبر
6. ميربحرن جي جماعت جو ميمبر
7. ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين جي مدد سان ٺهيل سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جو ميمبر
8. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر
9. ڪراچي گارڊن ڪميٽيءَ جو ميمبر
10. نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ جو ميمبر، (10) مسلم پراويڊنٽ فنڊ ۾ مسٽر حاتم علويءَ جي چيئرمئنيءَ هيٺ ڊائريڪٽر وغيره. ان کان سواءِ هن مختلف هنڌن تي صوفي سماگم جون ڪيتريون مجلسون به ڪوٺايون.
هن ئي سال جي. ايم. سيد سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڪانفرنس ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. سيپٽمبر 1932ع ۾ سيد ميران محمد شاهه، سر شاهنواز خان ڀُٽي، جي. ايم. سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ گڏيل خط ذريعي سنڌين کي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڏينهن ملهائڻ لاءِ اپيل ڪئي. ان ئي عرصي ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي وئي، جي. ايم. سيد خيال ڪيو ته جيئن سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿئي ته هڪ نئين منظم پارٽي ٺاهي چونڊون وڙهجن. ان لاءِ هن جون 1934ع ۾ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي قائم ڪرائي، ان جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽي کي چونڊرايو ۽ جنرل سيڪريٽري حاتم علوي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پاڻ ٿيو. پر جيئن ته ڀُٽو صاحب ترت بمبئي ڪائونسل جو وزير مقرر ٿيو، ان ڪري هو پارٽيءَ جي ڪم ۾ دلچسپي وٺي نه سگهيو، ۽ اها پارٽي هلي نه سگهي. پر سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ ’آزاد سنڌ ڪانفرنسون‘ ٿينديون رهيون، جن ۾ جي. ايم. سيد جو سرگرم ڪردار نظر اچي ٿو.
1934ع ۾ ئي جي. ايم. سيد دادو ضلعي ۾ خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙي جي صدارت ۾ زميندارن ۽ آبادگارن جي جماعت ٺهرائي.
1936ع ۾ جي. ايم. سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، ’اتحاد پارٽي‘ قائم ڪئي، جنهن ۾ سر غلام حسين، سر شاهنواز ڀٽي، حاجي عبدالله هارون ۽ ان جي ساٿين شرڪت ڪئي. پر جيئن ته وائيس پريزيڊنٽ ميران محمد شاهه چونڊجي ويو، ان ڪري سر غلام حسين پنهنجي ٽولي سميت ڌار ٿي، نئين جماعت ’مسلم پوليٽيڪل پارٽي‘ ٺاهي.