سائين جي.ايم سيد جو جيون خاڪو
سـنڌ جـي محـب وطـن قومپرست اڳواڻ، عالم ۽ اديب، سائين جي. ايم. سيد جو شمار، ويهين صديءَ جي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي اهم قومي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي ذڪر کان سواءِ جديد سنڌ جي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ مڪمل نٿي ٿي سگهي. هن سڄي ڄمار پنهنجي تحريرن، عمل ۽ جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي ذهني رهبري ۽ قومي اڳواڻي ڪئي.
جي. ايم. سيد جو پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد محمد شاهه آهي، سندس والد بزرگوار انگريز دَور جو هڪ ارڏو شخص ۽ زميندار ٿي گذريو آهي، جنهن تي سڄي عمر انگريزن جي ڪَڙي نظر رهي ۽ شهر ۾ هُن جي چُرپُر تي نظرداريءَ لاءِ چَٽِي پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. سندس خاندان، ڪاظمي سيدن جي قبيلي مان، سنڌ جي مشهور مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي جي سنائي شاخ سان تعلق رکندڙ آهي.
مٽياري سيدن منجهان ٽن شخصيتن جا سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي وڏا اثر رهيا آهن: هڪ سيد حيدر شاهه سنائي، جنهن سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول جي رهبريءَ هيٺ ميران محمد جونپوريءَ سان درياهي جنگ ڪري، کيس ڪابل ڀَڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ٻيو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ٽيون بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جي صدين جي ساڃاهه جو اهڃاڻ، سنڌ جي جديد قومي تشڪيل جي علامت ۽ سنڌ جو قومي شاعر آهي.
سائين جي. ايم. سيد، سيد حيدر شاهه سنائيءَ جو چوڏهون نمبر سجاده نشين هو، سندس جنم اڳوڻي دادو ضلعي ۽ هاڻوڪي ڄامشوري ضلعي جي تاريخي شهر سن ۾، 17 جنوري 1904ع ۾ ٿيو. هي پنهنجي والد سيد محمد شاهه جو ٻيو نمبر فرزند هو، اڃا 16 مهينن جو مس ٿيو، ته سندس والد، خانداني جهيڙي جي ڪري، 1 نومبر 1905ع تي شهيد ٿيو، سندس وڏي ڀاءُ سيد احمد شاهه 11 مهينن کان پوءِ 29 نومبر 1906ع تي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ننڍڙي سيد کان سواءِ سڄي ڪُٽنب ۾ ڪو به مرد ماڻهو نه بچيو هو. جيڪو سندس سنڀال ڪري. اُن ڪري هن جي سنڀال سندس ٽن پُڦين، ٻن مائرن ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. خاندان ۾ ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڪو به مرد نه هئڻ ڪري، سندس سڄي ملڪيت اُن وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان ’ڪورٽ آف وارڊس‘ جي سنڀال هيٺ، 1905ع کان 1921ع تائين رهي، جتان گذر معاش لاءِ معمولي رقم ملڻ سبب اڪثر، ڪارا ڪمدار ۽ نوڪر (پگهار نه ملڻ ڪري) ڪم ڇڏي ويا.
سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي خانداني صورتحال ڏسندي، ننڍڙي هوندي ئي شادي عزيزن مان سيد ميرحسن شاهه ڀاڻوٺيءَ جي نياڻيءَ، بيبي مريم سان، 20 اپريل 1910ع تي، ڇهن سالن جي عمر ۾ ڪرائي وئي، ان وقت سندس بيبيءَ جي عمر 9 سال هئي.