سنڌ جي بمبئي کان آزادي ۽ سيد جي مسلم ليگ ۾ شموليت:
اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي. 1937ع ۾ جڏهن 1935ع جي ائڪٽ هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون، ته جي. ايم. سيد اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ پاڻ ۽ سندس پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، جڏهن ته سر غلام حسين جي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ جا صرف پنج ميمبر چونڊيا، پر اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽو ۽ ڊپٽي ليڊر سر حاجي عبدالله هارون چونڊجي نه سگهيا. گورنر، دستور جي خلاف اتحاد پارٽيءَ جي نمائندي خان بهادر الهه بخش سومري کي وزارت ٺاهڻ جو سڏ ڏيڻ بدران پنجن ميمبرن واري سر غلام حسين کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڏيو. نتيجي طور سنڌ جا اڪثر مسلمان ميمبر حڪومت سان وڃي شامل ٿيا. ان ڪري اتحاد پارٽيءَ جي ليڊر الهه بخش سومري ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر ڪانگريس سان گڏجي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جو ڪردار ادا ڪيو. ٻئي سال مارچ ۾ جي. ايم. سيد ڪانگريس سان مشورو ڪري، هڪ رپئي ڪَتر جي رٿ تي وزارت کي شڪست ڏئي، اتحاد پارٽيءَ جي وزارت خان بهادر الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ برپا ڪرائي. جنهن ۾ پير الاهي بخش ۽ مسٽر نهچل داس وزير چونڊيا ويا. الهه بخش سومري جي وزارت ۾ قانون انتقال ايراضي ۽ قرضن جي گهٽتائيءَ جا قانون پاس نه ٿي سگهيا. گورنر ٽنهي پارٽين جي ٺهرائن جي خلاف زمين تي ڍلون وڌائي ڇڏيون، اُن تي اتحاد پارٽي اُن جي برخلاف ٿي. پر ڪانگريس مصلحت خــاطــر وزارت جـي طــرفــدار رهــي، جنهنڪري، مجبور ٿي حاجي عبدالله هارون ۽ اُن جا دوست اتحاد پارٽي ختم ڪري وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. مولانا ابوالڪلام آزاد مسلم اڪثريت واري صوبي سنڌ جي قومپرست سياستدانن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو، پر ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو. نتيجي طور جي. ايم. سيد ۽ ان جو قومپرست گروهه ڪانگريس کان ڌار ٿي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جي ڪوٺائڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ جي. ايم. سيد جو وڏو هٿ هو. هن اجلاس ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو ۽ جي. ايم. سيد جي سهڪار سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مسلمانن جي آزاد رياستن تي مشتمل ڌار وطن جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي تائيد سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ ٻين ڪئي. ان ٺهراءُ اڳتي هلي مسلم ليگ جي 1940ع واري لاهور اجلاس ۾ هندستان جي ورهاڱي واري ٺهراءُ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن کي پوءِ ’قرارداد پاڪستان‘ سڏيو ويو.
1938ع واري اجلاس کان پوءِ الهه بخش سومري، وزيراعظم سنڌ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو، پر صلح نه ٿي سگهيو. ان کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم ليگ جي پارٽي ليڊر خانبهادر کهڙي کي ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر کي چـونڊايو ۽ اسيـمبليءَ کان ٻاهر مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. ان وچ ۾ سکر مسجد منزل گاهه جو واقعو پيش آيو. هندو مسلم فساد ٿيا. الهه بخش وزارت اقليت جو بچاءُ ڪري نه سگهي، ان ڪري هندو ميمبرن، مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش سومري جي وزارت کي ڊاهي، نئين وزارت مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ ٺاهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم. سيد ۽ خانبهادر کهڙو وزير ٿيا.