پوڙهو باغي
شيخ اياز
هِي جو پوڙهو جُهورُ، وِڙهندي ٿِيو ويڙهه ۾،
اَڃا ڏَمري ڏَاڍَ تي، آڻ نه مڃي مُورُ،
سوچي ڏِسي ڏُور، اِيندڙ آرڻَ ڏِنهڙا.
-
اَڃا آهن مُڙسَ جا، ڏُونگر تي ڏيرا،
سدا هُن جا سوچَ ۾، پيشانيءَ پيرا،
سَانجهيءَ جِي ويرا، سِجُ لَهي ٿو لَڪ ۾.
-
لَڪَن مٿان سجَ جُون، پويُون پَرڇايُون،
سُري آيَس سارَ ۾، ٻانهِيُن سان ٻايُون،
جِن سَان سَجايُون، ڪيئي جوڀَن رَاتِڙيُون.
-
لَڪَن مَٿان سِجَ ۾، ڪنهن جِي، ڪنهن جِي سارَ!
ڪيئي سَاٿِي سَچَ جا، ڪُلهي ڪوڏيا يارَ،
وِڙهندي جن جا ويڙهه ۾، اَڇَا ٿِيا وارَ،
اَڙي موتَ مَيارَ! جيڏو روزُ جُدا ڪَرِين!
-
سوچي ٿو بَارُود سان، روز ڀَري جهولِي،
شال ڪڏهن بندوق مان، گُسي نه گولِي،
اَنيائِي ٽولي، مَرڻِي آهي مُون هَٿان.
-
جِئن هُو جُهونو کير ٿَرُ، هي به اِيئن اسٿَرُ،
پَڪِي پِيڙهه پَهاڙَ کي، ڌرتيءَ ۾ آڌَرُ،
آهي ڄَڻُ ته اَمَرُ، بيٺو جهلي جَهڪَ ۾!