جيئي سنڌ محاذ جو بنياد وجهڻ
18 جون 1972ع تي هم خيال سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي گهرائي، جي. ايم. سيد پارليامينٽري سياست کان بيزار ٿي، ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽي قائم ڪئي. ان دوران جولاءِ 1972ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بنائڻ جو بل پاس ڪرايو، جنهن تي هڪ طبقي گوڙ ڪيو. سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد ٿيا، جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو قتل ٿيا. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت تي دٻاءَ وجهي، هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن کي سنڌ جون سرڪاري زبانون قرار ڏنو. ان صورتحال ۾ جي. ايم. سيد، 31 جولاءِ 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ اجلاس ڪوٺائي، سنڌ جي گشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1 آگسٽ 1972ع تي پريس ڪانفرنس ڪري، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ ۽ سنڌ کي خوداختياري ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا مطالبا کڻي، ٺٽي ضلعي کان دورو شروع ڪيائين. 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد واري جلسي ۾ شرپسندن مٿس بم اڇلايو، جنهن ۾ جي. ايم. سيد خدا جي مهربانيءَ سان بچي ويو، پر سندس هڪ ساٿي دوست محمد پراچا شهيد ٿي ويو. نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شوري سميت 18 ڪارڪن سخت زخمي ٿيا. جي. ايم.سيد گشت ڪري جيئن سن واپس پهتو ته 8 آگسٽ 1972ع تي سنڌ حڪومت کيس گهر ۾ نظربند ڪيو. اهڙيءَ طرح جي. ايم. سيد سواءِ ٿورن وقفن جي وڏو عرصو نظربند رهيو. ان وچ ۾ سندس پوئلڳن سندس رهبريءَ ۾ 1977ع ۾ ”جيئي سنڌ محاذ“ ۽ اڳتي هلي ڪجهه شاگردن ”جيئي سنڌ تحريڪ“ نالي پارٽيون ٺاهي، قومي جدوجهد شروع ڪئي (ڏسو: جيئي سنڌ هلچل). 17 جنوري 1986ع تي جي. ايم. سيد پنهنجي سالگرهه تي خان عبدالغفار خان کي سن ۾ گهرايو ۽ پنهنجا ”آزاد سنڌ“ بابت ويچار ونڊيا. خان عبدالغفار خان جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد جڏهن کيس دهليءَ علاج لاءِ موڪليو ويو ته جي. ايم. سيد سرڪار جي اجازت سان، 2 جولاءِ 1987ع تي پنهنجي ساٿيءَ جي مزاج پرستيءَ لاءِ هندستان ويو. اتان واپس موٽڻ بعد جي. ايم. سيد پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ڊسمبر 1987ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو. 12 ڊسمبر 1987ع تي کيس ميرپور ڀٽي مان ممتاز علي خان ڀُٽي جي بنگلي تان گرفتار ڪري، ڪراچيءَ ۾ آڻي نظربند ڪيو ويو، جتان آگسٽ 1988ع ۾ آزاد ڪيو ويو. 1 مئي 1988ع تي نظربنديءَ دوران جي. ايم. سيد سن ۾ ”سنڌ قومي اتحاد“ جوڙايو، جنهن جو صدر رئيس عبدالحميد خان جتوئي مقرر ٿيو. ٽيون ڀيرو جي. ايم. سيد آڪٽوبر 1989ع تي سنڌ جي 5 ضلعن جي دوري تي نڪتو ۽ کيس 10 ڊسمبر 1989ع تي جيڪب آباد کان اڳتي بلوچستان بارڊر وٽ گرفتار ڪيو ويو. 1990ع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.
17 جنوري 1992ع تي سائين جي. ايم. سيد نشترپارڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي 89هين سالگرهه جي موقعي تي نيو ورلڊ آرڊر جي روشنيءَ ۾ اقوام متحده کي دنيا جي ملڪن جي نئين سر جوڙجڪ جو مشورو ڏنو ۽ ان ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس به پيش ڪيو. 19 جنوري 1992ع تي کيس نظربند ڪيو ويو، جيڪا نظربندي سندس زندگيءَ جي آخري لمحن تائين قائم رهي. 17 مارچ 1995ع کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي. 18 مارچ کان وٺي جناح اسپتال ۾ نظربنديءَ دوران زير علاج رهيو، ان دوران سندس خاندان توڙي تنظيم پاران علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جون ڪوششون ورتيون ويون، پر سرڪار طرفان اجازت نه ڏني وئي ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاج پڻ ٿيا.