لوڪلبورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ اسڪولن جو قيام:
پهرين جون 1925ع تي سائين جي. ايم. سيد تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو پريزيڊنٽ به چونڊيو. هن خانبهادر ولي محمد حسن علي آفنديءَ کي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن ۽ شيخ عبدالحق کي جيڪب آباد مان گهرائي، ضلعي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر ڪري رکايو ۽ ضلعي جي تعليم کي وڌايو. سن ۾ انگريزيءَ جا اي. وِي ڪلاس، ڇوڪرين جو اسڪول، نائيٽ اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرايائين ۽ اسٽيشن کان ڳوٺ تائين پڪو رستو ٺهرايائين.
اهڙيءَ طرح ضلعي لوڪلبورڊ ۾ رهي، ٺٽي ۾ به تعليمي ۽ سماجي ڪم ڪرايائين. جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي (ان وقت ٺٽو ۽ دادو ضلعا اڃا نه ٺهيا هئا) جي آبادگار ۽ زميندار طبقي جي سُڌاري لاءِ ڪراچي ضلعي جي زميندار ۽ آبادگار ايسوسئيشن ٺهرائي، جنهن جو صدر سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول وارو، جنرل سيڪريٽري محمد جعفر خواجو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي. ايم. سيد ٿيو، جنهن جي مکيه مقصدن ۾ سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ لووَر سنڌ جي آبپاشي بهتر بنائڻ لاءِ الڳ لووَر سنڌ بئراج ٺهرائڻ ۽ اڳين واهن جو سُڌارو ڪرائڻ شامل هو.
1926ع ۾ جي. ايم. سيد سيٺ حاجي عبدالله هارون کي هندستان جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌ مان ميمبر چونڊرائڻ ۾ مدد ڪئي.
1927ع کان هن سن شهر ۾ شاهه حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي عام ماڻهن جي تعليم ۽ سماجي سُڌاري لاءِ ڪانفرنسن سڏائڻ جو رواج وڌو، جن ۾ وقت جا وڏا عالم شريڪ ٿيندا هئا. اهو سلسلو 1929ع تائين هليو، جنهن کان پوءِ ان کي ميران محمد شاهه جي مشوري سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي تي 1930ع کان تبديل ڪيو ويو، جنهن اڳتي هلي ڀِٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي صورت حاصل ڪئي.
1928ع ۾ سائين جي. ايم. سيد شاهه حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي تعليمي ۽ سماجي ڪانفرنس سڏائي ۽ اُن موقعي تي سن پرائمري اسڪول لڳ ٺهرايل دروازي جو نالو ”باب قليچ“ رکرايو، جنهن جو افتتاح ميران محمد شاهه ڪيو. ان ئي سال ميران محمد شاهه کي بمبئي ڪائونسل جي ميمبر چونڊائڻ ۾ مدد ڪيائين. ساڳئي سال هن جمشيد نسروانجي مهتا ۽ خانبهادر عزيز خان، ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽوِ سوسائٽيز سان گڏجي ڪوآپريٽوِ تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ اٺن سالن تائين سنڌ ڪوآپريٽوِ بئنڪ جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ساڳئي وقت سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر، ڪانگريس ڪميٽي سنڌ جو صدر، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو ميمبر، مسلم جمخاني ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيِءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين. 1928ع ۾ لوڪلبورڊ جو ٽرم پورو ٿيو ته نومبر جي نين چونڊن ۾ راءِ بهادر شيوارام ڏيون مل جهڙي با اثر ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ جي. ايم. سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن چونڊيو. هن هڪدم ضلعي ۾ ڳوٺ سڌار پروگرام تيار ڪري، ماڻهن جي سڌاري ۽ حالتن جي جائزي لاءِ گشت ڪيو. ڪراچي ڳوٺ سڌار هلچل جو بنياد رکي، ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي سروي ڪرايائين. ان سان گڏ اڇوتن جي ڀلائيءَ لاءِ به ڪم ڪيائين.