ترجمي نگار پاران
انهي جي باوجود به هيمنگوي ايڪويهين صديءَ جو تمام گهڻو مشهور سنجيده ليکڪ بڻجي سگهي ٿو. هن جا ڪتاب نقادن ۽ عالمن لاءِ ورلي سرِ فهرست هجن ٿا پر ان جي باوجود به اهي سالها سال وڪرو ٿي رهيا آهن.
هڪڙي شخص جي زندگي ۽ سندس ڪردار جنهن کي پاپا هيمنگوي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو اهو هن جي لکڻين کان اڃا وڌيڪ عام آهي. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هيمنگوي ڍڳي جي ويڙه، شڪار ۽ مڇي مارڻ جو پرجوش پوڄاري هو. ته موت ۽ جنگ هن جي حواسن تي واسو ٿيل هئي، هن پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اطالوي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، هسپانوي گهريلو ويڙه ۾ جنگي اخباري نمائندي طور ڪم ڪيو، ۽ ننڍڙي جزائر (Caribbean) ۾ نازين جي ٻيڙين جو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ تعاقب ڪيو. ته هو 1920 ۾ پيرس ۾ پنهنجي دور جي ناليواري جمالياتي ميڙ جو حصو رهيو جن سان جلاوطن ڪيل ٻيون به ادبي روشنيون شامل هيون جهڙوڪ ايف. اسڪاٽ فجيرالڊ، جيمس جوائس، جرٽيوڊ اسٽائن، ازرا پائونڊ ۽ مورلي ڪيليگن جنهن هن کي نهايت ئي عمدگيءَ سان باڪسنگ جي هڪڙي ميچ ۾ هارايو پڻ هو. ته هن جون چار شاديون ٿيل هيون. ته جڏهن هن جي صحت جواب ڏئي ويئي ته هن هڪڙي ننڍڙي بندوق سان پنهنجي زندگيءَ جو پاڻ انت آڻيندي آپگهات ڪري ڇڏيو.
اهو سڀ ڪجھ مردانگي جو نتيجو آهي. هن جي لکڻيءَ کي اڪثر ڪري صاف طور تي تشريحي ۽ مختصر لکڻي قرار ڏنو وڃي ٿو، ڪٽيل مڪالما ۽ سندس ڪردار سخت مردانگي جو نماءُ ڪن ٿا. هن جي اسلوب کي سادو ۽ سوچيل سمجهيل تصور ڪيو وڃي ٿو، هر لفظ ڄڻ ته ڪنهن سنگِ خارا تي اڪريل هجي.
ان جي باوجود به هن جو نثر گهڻي قدر حساس ۽ بنا ڪنهن وڌاءُ جي خوبصورت طريقي سان بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري پڙهندڙ کي مڪمل طور تي ڪردارن جي حالت ڏانهن نيئي وڃڻ جي شڪتي موجود هجي ٿي. اهو آرٽ کي لڪائڻ وارو آرٽ آهي. ڪيترن ئي ليکڪن هن جي بظاهر غيرپيچيده اسلوب کي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي پر انهن پنهنجي ناڪاميءَ مان اهو سکي ورتو آهي ته اهڙي قسم جي سادگيءَ جي مرگھ ترشنا کي جنم ڏيڻ ڪيترو نه مشڪل عمل آهي. منهنجي نظرن ۾ هيمنگوي هڪڙو مظهرياتي آهي (هڪڙو اهڙو اصطلاح جنهن کي هو غالباَ حقير قرار ڏئي ها). هو دنيا جي تجربي مان گذري ٿو ۽ تهان پوءِ ان جي باري ۾ اهڙي نموني سان لکي ٿو جيئن پڙهندڙ پڻ اهڙي تجربي مان گذري سگهي. سطحي احساس، بلڪل تُز منظر، ڪياڙيءَ جي پٺيان واري محسوسات جيان، عُجلت، شانتي ۽ بي چين دماغ. اهو سڀ ڪجھ پاڻيءَ جي هڪڙي ڍُڪ جيان هيٺ لهي ٿو پر ڪو به آخرڪار اهو محسوس ڪري ٿو ڄڻ ته هو ڪنهن شڪتي شال جام سان تحرڪ ۾ اچي ويو هجي.
هو قاريءَ تي هوشياريءَ سان پڙهڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو ماهر هو، چاهي پڙهندڙ اهو ڪجھ چاهيندو هجي به يا نه. ”منجهند جو موت“ (Death in the Afternoon) ۾ هو لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪو نثرنگارجيڪو ڪجھ به لکي ٿو ۽ انهي جي باري ۾ گهڻو ڪجھ ڄاڻي ٿو، ته هو انهي منجهان سندس ڄاڻ ۾ آيل ڪجھ شين کي خارج ڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ليکڪ سچ پچ گهڻو ڪجھ لکي ٿو ته پڙهندڙ انهن شين جي باري ۾ اهڙي ته مضبوط حِس رکي سگهي ٿو ڄڻ ته ليکڪ انهن کي بيان ڪيو هجي.“
سخن سازي وارين ڪهاڻين آمريڪي لکڻين کي بدلائي ڇڏيو.
ارنيسٽ هيمنگوي الينوئس يو.ايس.اي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي وڌيو ويجهيو، ۽ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ ۽ پوءِ اخبارن لاءِ هڪڙي ليکڪ طور ڪم ڪيو، جنهن ۾ ڪينساس ( Kansas) ۽ ٽورونٽو (Toronto) وارو وقت پڻ شامل آهي.
البت هن ابتدائي شهرت هڪڙي افسانه نويس طور ماڻي، جيڪي انهي وقت ۾ پڙهندڙن لاءِ سخن سازيءَ سان معمور ۽ بي ربط هئا، پر انهن کي تنهن وقت کان وٺي نقل ڪيو ويو ۽ هاڻي اهي مڪمل طور تي فطري نظر اچن ٿا. هن جو وڏي پئماني تي دستياب ڪيل افسانن جو پهريون مجموعو ”اسان جي دور ۾“ (In Our Time) (1925) وارو مجموعو هو جيڪو ان وقت شايع ٿيو جڏهن هو پيرس ۾ غيرملڪي نمائندي طور ڪم ڪري رهيو هو. جيڪڏهن پٺتي نظر ڦيرائي ڏسبو ته صاف نظر ايندو ته ”اسان جي دور ۾“ واري افسانوي مجموعي کي آمريڪي افسانه نويسي کي هميشه جي لاءِ بدلائي ڇڏيندڙ افسانن طور واکاڻيو وڃي ٿو.
هيمنگوي جي ڊگهي نموني واري شايع ٿيل لکڻي 1926ع ۾ ”بهار جا وسڪارا“ (The Torrents of Spring) هئي، جيڪا شيرووڊ اينڊرسن جي قليل تضمين (پيروڊي) هئي، جيڪو ڪڏهن هن جو صنم خانو هوندو هو ۽ باقي ٻيا انهي دور جي ليکڪن جي ”عظيم نسل” سان تعلق رکندڙ هئا. هن هڪڙي ڇاپي واري معاهدي مان جان ڇڏرائڻ لاءِ فرضي طور تي، ڏهن ڏينهن جي اندر نوويلا (novella) لکيو. فجيرالڊ، جيڪو پاڻ سر طنز نگاريءَ جو ماهر هو، انهي ڪتاب کي هڪڙو شاهڪار قرار ڏئي ٿو، پر اهو خاص طور تي انهي کان بعد هيمنگوي جي عظيم تر ڪمن جي روشنيءَ ۾ وساريو ويو. اڄ ”بهار جا وسڪارا“ جي پڙهندڙ کي ان جا ڪجھ حصه دلچسپ لڳندا پر هو تضمين ڪيل شين کي گهڻي قدر ياد ڪندو.
انهي وقت دوران هيمنگوي پنهنجو پهريون داد رسيءَ سان معمور ناول ”سج پڻ اڀري ٿو“ ( The Sun Also Rises) (1926) لکي پورو ڪيو، جيڪو هن جهڙي ئي پيرس ۾ موجود ڪنهن غيرملڪي نمائندي جي باري ۾ آهي، جيڪو ٻاهر وڃڻ لاءِ وقت ڪڍندي ڍڳي جي ويڙه ڏسڻ لاءِ نام نهاد ”وڃايل نسل“ جي ٻين رڪنن سان گڏ اسپين وڃي ٿو. هي اهو ڪم آهي جنهن هن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن وقت کان وٺي هن جي باقي ڪتابن جيان، سندس انهي ڪم کي آخرڪار مناسب طور تي ڪامياب فلمن لاءِ منتخب ڪيو ويو.(هن جي لکڻيءَ جي اسلوب کي پردي تي پيش ڪرڻ نهايت ئي مشڪل ڪم آهي.)
”سج پڻ اڀري ٿو“ جي پٺيان هن جي ڪهاڻين جو هڪڙو ٻيو مجموعو 1927ع ۾ ”عورتن بنا مرد“ جي عنوان سان (Men Without Women ) منظر عام تي آيو، جنهن ۾ هن جي عالم آشڪار ڪهاڻي ”قاتل“ (The Killers) پڻ شامل هئي، جنهن بعد هن جو هڪڙو ٻيو ناول، ”اي پيار توکي الوداع“ A Farewell to Arms) 1929) ۾ سامهون آيو. جنگ جي بربادي واري هڪڙي عشقيه ڪهاڻي جنهن سندس همعصر نسل ۾ هڪڙي برتر ليکڪ طور هن جي مقبوليت جي بنيادن کي مضبوطي عطا ڪئي. انهي ناول کي گري ڪُوپر(Gary Cooper) ۽ هيلن هيز ( Helen Hayes) پاران فلمايو ويو.
”صبح جو موت“ 1932ع (Death in the Afternoon ) ڍڳي جي ويڙه جي هڪڙي غير افسانوي احوال تي مشتمل ڪم آهي، جڏهن ته ”آفريڪا جون سايون ٽڪريون“ 1935ع (Green Hills of Africa) سندس گهر واريءَ سان گڏ شڪار لاءِ ڪيل تفريحي سفر جي هڪڙي حقيقي احوال کي پيش ڪرڻ جي هڪڙي اهڙي ڪوشش آهي ڄڻ ته اها ڪنهن ناول جو موضوع هجي. (انهي کي هيئن سمجهڻ گهرجي جهڙيءَ طرح ڪجھ ڏهاڪن جي بعد ان کي ”نئين صحافت ” (new journalism) جو نالو ڏنو ويو).
”هارايو هوڙن“ 1933ع (Winner Takes Nothing) ڪهاڻين جو هڪڙو ٻيو مجموعو آهي، ”هئڻ ۽ نه هئڻ“ 1937ع (To Have and Have Not) ٻن ڪهاڻين منجهان اڍنگي نموني سان ٽانڪيل هڪڙو ناول آهي. جيڪو گهڻي قدر هڪڙي مڇي واري ٻيڙيءَ جي ڪپتان تي مشتمل آهي جيڪو فلوريڊا جي گرم ٻيٽن ۽ ڪيوبا جي درميان اسمگلنگ جي ڪشمڪش ۾ ڌڪجي وڃي ٿو، اهو اسلوب جي حوالي کان هيمنگوي جي لاءِ تجرباتي نوعيت جو پڻ آهي، جتي هو بيان جي مختلف اسلوبن سان کيڏي رهيو آهي، هڪڙي نقطئه نظر کان ٻئي نقطئه نظر ڏانهن منتقل ٿيندي ۽ ايتريقدر جو شعور جي روءِ (stream of consciousness) کي پڻ استعمال ڪندي البت ان ۾ هو اڪثر ڪاميابي ماڻيندي نظر نه ٿو اچي. ڪتاب جي نيم گرم استقبال جي باوجود به ان تي گهٽ ۾ گهٽ چار فلمون ٺاهيون ويون، جن مان هر هڪ جو نالو مختلف رکيو ويو. جن مان پهرين 1944ع واري آهي جنهن ان حوالي کان مشهوري ماڻي ڇاڪاڻ جو همفِري بوگرٽ (Humphrey Bogart) ۽ لارين بيڪال (Lauren Bacall) جهڙا ناليوارا ٻئي اداڪار پردي تي گڏ ڏسڻ ۾ آيا، البت 1950 ڌاران جان گارفيلڊ (John Garfield) ۽ پيٽريشا نِيل ( Patricia Neal) جي ”بيهڻ وارو هنڌ“ (The Breaking Point) جي عنوان هيٺ واري فلم ڪتاب جي موضوع سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي.
”دشمن سان همدردي رکندڙ گروه“ 1938ع (The Fifth Column) هسپانوي گهريلو ويڙه بابت هڪڙو ناٽڪ آهي، جيڪو جنگ جي دوران لکيو ويو. اهو پڙهندڙن لاءِ هيمنگوي پاران گهٽ اتساهيندڙ ڪم ٿي سگهي ٿو، ۽ ٻيو خود ليکڪ پاڻ پڻ ان ڳالھ جو اعتراف ڪري ٿو ته هن کي اهو هڪڙي ناول جي صورت ۾ ٻيهر لکڻ گهرجي ها. اهو هڪ ئي وقت دوران هڪڙي جلد جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو جنهن کي هن جي اوڻونجاه افسانن جو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ هن جا ٻه جڳ مشهور افسانا “ڪليمينجارو جي برف“ (The Snows of Kilimanjaro) ۽ ”فرانسس ميڪمبر جي مختصر خوشحال زندگي“ (The Short Happy Life of Francis Macomber) پڻ شامل هئا.
پوءِ به، هن جي موت پڄاڻان اهو ناٽڪ هن جي چئن جنگي افسانن سان گڏ ٻيهر شايع ڪيو ويو، جيڪي پهريان وارن ڪن به ڇاپن ۾ دستياب ڪو نه هئا. البت توهان انهن جي باري ورلي ٻڌو هوندو پر اهي هن جي بهترين افسانن مان هڪ آهن، جيڪي پنهنجي سياق وسباق ۾ ”دِي ففٿ ڪالم“ سان پراثر هڪجهڙائي رکن ٿا.
انهي جي باوجود هيمنگوي جو عظيم ترين ڪم هن جو ناول ”گهنڊ ڪنهن جي لاءِ ٿو وڄي“ For Whom the Bell Tolls ) 1940) ۾ منظر عام تي آيل ناول ٿي سگهي ٿو. جيڪو حيرت انگيز حد تائين اڻ وسرندڙ ڪردارن ۽ اڻ وسرندڙ ماحول سميت جنگ ۽ عشق جي حقيقي منظرن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول کي پڻ ڪُوپر فلم پراڊڪشن پاران فلمايو ويو جنهن ۾ سوئزر لينڊ جي ناليواري اداڪاره اِنگرڊ برگمين ( Ingrid Bergman) پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.