ناول

پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ

ڪتاب ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “Old man and the Sea” جو سنڌي ترجمو آهي، ترجميڪار رشيد زهراڻي آهي. هيمنگوي هي مشهور ناول 1951ع ۾ ڪيوبا ۾ لکيو ۽ 1952ع ۾ ڇپيو. هي ناول ڪيوبا جي هڪ پوڙهي شخص سانتياگو جي ڪهاڻي آهي جيڪو سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڃي ٿو ۽ هڪ مڇ کي شڪار ڪري ٿو. هن ناول تي هيمنگوي کي 1954ع ۾ نوبل انعام پڻ مليو.
Title Cover of book پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ

8

”خدا ڄاڻي ٿو ته انهي آخري مڇيءَ مڇ کي ڪيترو کاڌو،“ هُن چيو.
”پر هاڻي مڇ ڪافي هلڪو ڀاسي ٿو.“ هُن مڇ جي ڀاڱا ڀاڱا ٿيل هيٺين حصي بابت سوچڻ نه پئي چاهيو. هُن ڄاتو پئي ته شارڪ جي لوڏيندڙ ٿُونن مڇ جي ماس کي چيري ڇڏيو هو جنهن سان مڇ پٺتي پاڻيءَ جو هڪڙو اهڙو پَٽو پئي ڇڏيو جنهن شارڪ مڇين جي مِڙڻ لاءِ سمونڊ وچان هڪڙي ڪشادي شاهراھ بڻائي ڇڏي.
هو هڪڙو اهڙو مڇ هو جيڪو هڪڙي ماڻهوءَ جي سموري سياري جي خوراڪ ٿي پئي سگهيو، هُن سوچيو. ان بابت نه سوچ. فقط آرام ڪر ۽ ڪوشش ڪري پنهنجي هٿ جي حالت کي سڌار ته جيئن اهو ايندڙ ڏکيائي کي منهن ڏئي سگهي. منهنجي هٿن منجهان ايندڙ رَت جي بانس جَل ۾ ڦهليل ان سموري بوءِ جي ڪارڻ ڪجھ نه آهي. ان کان علاوھ انهن منجهان ڪو ايترو خون به نه وهي رهيو آهي. اتي ڪو وڍ ڪونهي جنهن جي ڪا چنتا ڪري سگهجي. کاٻي هٿ مان وهندڙ خون ان کي ڳِڍڙجي وڃڻ کان پري رکندو.
هاڻي مان ڇا سوچي سگهان ٿو؟هُن چيو. ڪجھ به نه. مون کي ڪنهن به شيءِ بابت ڪجھ به نه سوچڻ گهرجي ۽ ٻين ايندڙ مڇين جو اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي. مان خواهش ڪيان ٿو ته ڪاش اهو حقيقت ۾ هڪڙو خواب هجي ها، هُن سوچيو. پر ڪير ڄاڻي ٿو؟ اها ٻاهر سٺيءَ طرح سان مُڙي وڃي ها. جيڪا ٻِين شارڪ آئي هئي اها واحد طور تي بيلچي ٻُوٿِي هئي. اها اهڙيءَ ريت آئي جيئن ڪو سوئر چُوڻي واري ڪُونڊي ڏانهن ڪاهي پوندو آهي جيڪر هڪڙي سوئر جو وات ايترو ويڪرو هجي ها جو اسان ان ۾ پنهنجي مُنڍي ٽَپائي سگهون ها. پوڙهي ماڻهوءَ ان کي مڇ سان ٽڪرائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ هُن ونجھ کان چاقو گذاريندي ان جي ميڄالي ۾ هنيو. پر جيئن ئي هُن ان کي موڙيو چاقوءَ جي ڌار چِيڪاٽ ڪيو.
پوڙهي ماڻهوءَ مڪڙيءَ کي ڪاهڻ لاءِ پاڻ کي سڌو ڪيو. هُن ويندي ان وڏي شارڪ کي به پئي ڏٺو جيڪا هوريان هوريان جل منجھ ٻُڏي رهي هئي، پهريان ان جي اصل سائيز کي ڏيکاريندي، پوءِ اڃا ننڍڙي سائيز ۽ ان کان پوءِ صفا ننڍڙي سائيز. تنهن هميش پوڙهي ماڻهوءَ کي موهيو پئي. پر هاڻي ويندي هُو ان ڏانهن نهاري به نه رهيو هو.
”هاڻي مون وٽ سُوئو آهي،“ هُن چيو. ”پر اهو ڪا ڪاميابي نه ڏيندو. مون وٽ ٻه ونجھ آهن. ۽ پاريئي ۽ ننڍڙي ڏنڊِي.“
هاڻي انهن مون کي ماريو آهي، هُن سوچيو. مان شارڪن کي ڏنڊِيءَ سان ماري مڃ ڪرڻ لاءِ گهڻو پوڙهو آهيان. پر مان تيسين ڪوشش جاري رکندس جيسين مون وٽ ونجھ ۽ ننڍڙي ڏنڊِي ۽ پاريئي آهي.
هُن پنهنجا هٿ جل منجھ ٻيهر تَر ڪيا. اتي منجهند ٿيڻ ۾ ڪافي تاخير ٿي رهي هئي ۽ هُن کي سواءِ سمونڊ ۽ آڪاس جي ٻيو ڪجھ نظر نه پئي آيو. اتي آڪاس ۾ پهريان کان سرس هوا گهلڻ لڳي ۽ هُن اميد ڪئي ته جلد ئي هُن کي ڌرتي نظر اچي ويندي.
”پوڙها ماڻهو، تون ٿڪجي پيو آهين،“ هُن چيو. ”تنهنجو اندر ٿڪجي پيو آهي.“
شارڪون هن سان تيستائين ڪِين ٽڪرايون جيسين اتي سج بلڪل لهڻ وارو هو.
پوڙهي ماڻهوءَ ناسي کنڀڙاٽين کي انهي ويڪري گِسڪي وٽان ڏٺو جيڪو لازماَ مڇ جي حرڪت جي ڪارڻ جل ۾ ٺهي پئي بيٺو. اهي ان جي بوءِ سان چُهٽي نه ٿي پيئيون. اهي سڌيون سنيون ان جي هر هڪ پاسي کان مڪڙيءَ ڏانهن وڌي رهيون هيون.
هُن پاريئِي کي ڀِيڙ ڏني، ۽ سڙه جي ڪپڙي کي تيز ڪيو ۽ هو مڪڙيءَ جي اڳئين حصي هيٺ ڏنڊِيءَ تائين پهتو. اهو هڪڙي ٽٽل ونجھ جو حصو هو جنهن کي اڍائي فٽن جيتري طوالت ۾ ڪارائي سان ڪٽيو ويو هو. هُو ان کي فقط هڪڙي هٿ سان مهارت سان ڪتب آڻي پئي سگهيو ۽ هُن ان تي پنهنجي ساڄي هٿ سان سٺي گرفت پئي رکي، جيئن ئي هُن شارڪ کي ايندي ڏٺو، هُن پنهنجي هٿ کي ان ڏانهن موڙيو. اهي ٻئي ڊگهي چهنب واريون گيلينوس مڇيون هيون..
مون کي پهرين مڇيءَ کي مڇ تي قابض ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ پوءِ ان کي ان جي دوناڙ وٽان مارڻ گهرجي يا سڌو سنئون ان جي مٿي جي چوٽيءَ جي آرپار، هُن سوچيو.
ٻه شارڪون پاڻ ۾ گڏجي ويون ۽ هُن هڪڙي شارڪ جيڪا هُن جي ويجهو هئي کي پنهنجون ڄاڙيون کوليندي ڏٺو ۽ اها مڇ جي چانديءَ نما پاسي کان ٻوڙي رهي هئي، هُن ڏنڊيءَ کي اوچو ڪيو ۽ ان کي وڏي ڳرائپ سان هيٺ آڻيندي شارڪ جي ويڪري مٿي منجھ ڦهڪايو. هُن جيئن ئي ڏنڊِي هيٺ لڳي هُن نرم سختيءَ کي محسوس ڪيو. پر هُن ان جي هڏيءَ جي ٺوس هئڻ کي پڻ محسوس ڪيو ۽ هُن شارڪ کي هڪ دفعو وڌيڪ ان جي دوناڙ جي چوٽيءَ جي آر پار تنهن مهل ڌڪ هنيو جيئن اها مڇ کان هيٺ ترڪڻ لڳي.
هڪڙي ٻي شارڪ جل ۾ اندر ۽ ٻاهر ٿي رهي هئي ۽ اها پنهنجي ويڪرين ڄاڙين کي کوليندي ٻاهر آئي. جيئن ئي هُن ان مڇيءَ کي ڌڪو ڏنو ۽ ان جي ڄاڙيءَ کي بند ڪيو تنهن ويلي هُو مڇيءَ جي ڄاڙين جي پاسي کان مڇ جي ماس جي ٽڪڙن کي نڪرندي ڏٺو. هُن ان تي اُلر ڪئي ۽ هُن فقط ان جي مٿي تي ڌڪ هنيو شارڪ هُن ڏانهن نهاريو ۽ ان پنهنجي ڄاڙين ۾ پيل گوشت کي ڍرو ڪيو. جيئن ئي اها فقط ڳري ٺوس لچڪدار حصي کي نڳلڻ لاءِ کِسڪي ويئي پوڙهي ماڻهوءَ اتي ٻيهر ڏنڊيءَ کي هيٺ جهولايو.
”گيلينو، اچ،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”وري اچ.“
شارڪ فوراَ آئي ۽ جيئن ئي ان پنهنجي ڄاڙين کي بند ڪيو پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ڌڪ هنيو. هُن ان کي ڏنڊيءَ کي هر ممڪن حد تائين اُلاريندي وڏي زور سان ڌڪ هنيو. هن ڀيري هُن دماغ جي بنياد تائين هڏيءَ کي محسوس ۽ هُن ان کي ساڳي ئي هنڌ تي ٻيهر ڌڪ هنيو جڏهن شارڪ ڪاهليءَ وچان گوشت کي چيري ڍرو ڪيو ۽ اها مڇ تان هيٺ کسڪي ويئي.
پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي ٻيهر واپس اچڻ جو انتظار ڪيو پر ڪا به شارڪ نظر نه آئي. تهان پوءِ هن هڪڙي شارڪ کي دائرن ۾ ترندي ڏٺو. هُو ٻي شارڪ جي کنڀڙاٽين کي ڏسي نه پئي سگهيو.
مان انهن کي ماري ڇڏڻ جي توقع ڪري نه ٿو سگهان، هُن سوچيو. اهو سڀ ڪجھ تڏهن ڪري پئي سگهيس جڏهن مون سان وقت گڏ هوندو. پر مون انهن ٻنهي مڇين کي بريءَ طرح سان ايذايو آهي ۽ انهن منجهان ڪا هڪڙي مڇي به ايترو سٺو محسوس نه ڪندي هوندي. جيڪڏهن مان ڪنهن سوٽي کي ٻن هٿن سان ڪتب آڻياان ها يقيناَ مان پهريان واري مڇيءَ کي ماري ڇڏيان ها. ويندي هاڻي به، هُن سوچيو.
هُن مڇ ڏانهن نهارڻ نه پئي چاهيو. هُن ڄاتو پئي ته ان جي اڌ جيترو حصو تباھ ٿي ويو هو. جڏهن هُو شارڪ مڇين سان ويڙهاند ۾ مصروف هو تنهن ويلي سج لهي چڪو هو.
”اتي جلد ئي اونداھ ٿي ويندي،“ هُن چيو. ”تهان پوءِ مان لازماَ مون کي هَوانا جي چمڪ لاءِ نهارڻ گهرجي. جيڪڏهن مان اوڀر ڏانهن گهڻو ڏور آهيان ته پوءِ مان نون ساحلن جي روشنين کي ڏسندس.“
هاڻي مان گهڻو ٻاهر نيئي نه ٿو سگهان، هُن ويچاريو. مان اميد ڪيان ٿو ته ڪو به ڳڻتي نه ڪري رهيو هوندو. يقيناَ، اتي فقط ڇوڪرو ئي آهي جيڪو ڳڻتي ڪندو هوندو. پر مون کي پڪ آهي ته هو مون تي ڀروسو ڪندو هوندو. ڪيترائي پوڙها مهاڻا ڳڻتي ڳارو ڪندا هوندا. ڪيترائي ٻيا پڻ، هُن سوچيو. مان هڪڙي سٺي بَستيءَ منجھ رهان ٿو.
هُو وڌيڪ لاءِ مڇ سان گفتگو ڪري نه پئي سگهيو ڇاڪاڻ جو اهو گهڻو مسمار ٿي ويو هو. تهان پوءِ ڪاشيءِ هن جي دماغ ۾ سُجهي آئي.
”اڌيڪ مڇ،“ هُن چيو. ”ڇا ته مڇ هئين. مون کي افسوس آهي ته مان گهڻو ٻاهر نيئي ويس. مون پاڻ کي ۽ مڇ کي برباد ڪري ڇڏيو. پر اسان ڪيترين ئي شارڪن کي ماريو آهي، تو ۽ مان، ۽ اسان ٻين ڪيترين ئي مڇين کي برباد ڪيو آهي. پوڙها مڇ، تو ڪيترين مڇين کي ماريو آهي؟ تنهنجي مٿي منجھ لڳل نيزو ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.
هُن مڇ جي باري ۾ سوچڻ کي پسند پئي ۽ ته هو آزاديءَ سان ترندڙ هڪڙي شارڪ سان ڇا ڪري پئي سگهيو جيڪڏهن اها آزادگي سان تري رهِي هجي. مون کي انهن سان وڙهڻ لاءِ لازماَ انهن جي کنڀڙاٽين کي ڪَپڻ گهرجي ها. پر اتي ڪا ننڍڙي هٿ واري ڪهاڙي توڙي ڪو چاقو ڪو نه هو.
پر جيڪڏهن اهڙو ڪجھ مون وٽ هجي ها ۽ جي مان ان کي ونجھ جي چوڪنڊي حصي ۾ ڏئي ڪري ان کي سَٽيان ها ته اهو هڪڙو ڪهڙو نه هٿيار هجي ها. تهان پوءِ اسان ٻئي گڏجي ڪري انهن سان ويڙهاند ڪيون ها. هاڻي جيڪڏهن اهي رات جي وڳڙي ۾ وري اچن ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟ تون ڇا ڪري سگهين ٿو؟ ”انهن سان وڙھ،“ هُن چيو. ”مان انهن سان تيسين وڙهندس جيسين مان مري نه ٿو وڃان.“
پر هاڻي رات جو ۽ بنا ڪنهن چمڪ ۽ بنا ڪنهن روشنيءَ جي ۽ فقط هوا سڙھ جي هڪڙي هنڌ تي ڄميل ڇِڪ منجھ هن محسوس ڪيو ڄڻ هو ڄڻ ته هو لڳ ڀڳ مري ويو هجي. هُن پنهنجي ٻنهي هٿن کي پاڻ ۾ ٻيڪڙايو ۽ هُن تَرين کي محسوس ڪيو. اهي فنا نه ٿي ويئيون هيون ۽ هُو زندگيءَ جي پيڙا کي سادي طور تي انهن کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ وسيلي واپس ورائي پئي سگهيو. هُن مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي جي برعڪس آهلجي پيو ۽ هُن ڄاتو پئي ته هو مري نه ويو آهي. هُن جي ڪلهن مان هُن ايئن محسوس ڪيو. مڇ کي پڪڙڻ لاءِ مون جن دعائن تحت واعدا ڪيا هئا اهي سڀ دعائون ۽ واعدا اڃا مون کي ياد آهن پر هاڻي انهن کي دهرائڻ لاءِ مان ڪافي ٿڪل آهيان. بهتر آهي ته مان ٻاچڪو/ ٻوري کڻان ۽ ان کي پنهنجن ڪلهن سان لپيٽيان.
هُو مڪڙيءَ جي پوئين پاسي کان ويهي رهيو ۽ هُو ان کي ڪاهڻ لڳو ۽ آڪاس ۾ ڪنهن چمڪ جي ظاهر ٿيڻ لاءِ واجهائڻ لڳو. مون وٽ اڌ جيترو مڇ باقي بچيو آهي. ٿي سگهي منهنجي قسمت وڃايل اڌ کي واپس آڻي. لازماَ مون وٽ ڪي قدر ڀاڳ هئڻ گهرجي. نه، هُن چيو. تنهنجو مقدر تڏهن بگڙيو جڏهن تون گهڻو ٻاهر هليو وئين.
”نادان نه ٿي،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”۽ جاڳندو ۽ ڪاهيندو رھ. ٿي سگهي ٿو ته تو وٽ ڪافي قسمت هجي.“ ”جيڪڏهن ڪٿي به اهڙو ڪو هنڌ هجي جتي تقدير وڪرو ٿيندي هجي ته هوند مان اتان ڪجھ خريد ڪرڻ کي پسند ڪيان ها،“ هُن چيو.
”مان ان کي ڇا جي بدلي خريد ڪريان ها؟“ هُن چيو. ”تو ان کي سمونڊ منجھ چوراسي ڏينهن تائين خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيين. انهن لڳ ڀڳ تو کي به ان جو ڪجھ حصو وڪرو ڪري ڏنو.“
مون کي اَجايون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، هُن سوچيون. قسمت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي جيڪا ڪيترائي روپ ڌاري اچي ٿي ۽ ڪير آهي جيڪو ان کي سڃاڻي سگهي؟ البت ان جو ڪو به هڪڙو روپ مان حاصل ڪرڻ چاهيندس ۽ ان جي لاءِ اهي جنهن به قيمت جي گُهر ڪندا مان اها ادا ڪندس. مان خواهش ٿو ڪيان ته ڪاش مان روشنين جي چمڪ پَسِي سگهان، هُن سوچيو. مان ڪيترين ئي شين جو خواهشمند آهيان. پر اها هڪڙي اهڙي شيءِ آهي جنهن جي هينئر هتي هئڻ جي خواهش ڪيان ٿو. هن وڌيڪ آرام سان ويهڻ ۽ مڪڙيءَ کي ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي پيڙا منجهان هُن ڄاتو ته هُو زندھ هو.
.
هُن شهر جي روشنين جي چمڪاٽن جا عڪس ڏٺا انهن منجهان پروڙيندي اتي لڳ ڀڳ رات جا ڏھ وڄي رهيا هئا. انهن جو پهريون ادراڪ چنڊ اڀرڻ کان اول آڪاس ۾ روشنيءَ جي موجود هئڻ جيان هو. تهان پوءِ اهي (روشنيون) سمونڊ جي آرپار هموار نظر اچي رهيون هيون سمونڊ جيڪو هينئر وڌندڙ هِير ساڻ هو. هُن چمڪ ڏانهن ڪاهيو ۽ هُن سوچيو ته هاڻي، جلد ئي، لازماَ هُن کي وهڪري جي ڪنڌيءَ ڏانهن ڪاهڻ گهرجي.
”هاڻي اهو سڀ ڪجھ ختم ٿي چڪو، هُن سوچيو. غالباَ اهي مون کي ٻيهر ڌڪ هڻي سگهن ٿيون. پر هڪڙو انسان اونداهي رات ۾ بنا ڪنهن هٿيار جي انهن جو ڇا بگاڙي سگهي ٿو؟
هينئر هُو ڪَرخت ۽ زخمي هو ۽ هُن جا سمورا زخمَ ۽ هُن جي جسم جا نِچوڙجي ويل حصا رات جي ٿڌ ۾ دُکِي رهيا هئا. مان اميد ڪيان ٿو ته مون کي ٻيهر نه وڙهڻو پوندو، هُن سوچيو. مان خاصي اميد ڪيان ٿو ته مون ٻيهر نه وڙهڻو پوندو.
پر آڌيءَ رات جو هُو وڙهيو ۽ هِن واري هُن ڄاتو ته اها ويڙھ اجائي هئي. اهي هڪڙي ٽولي جي صورت ۾ آئيون ۽ هُو جل منجھ فقط انهن قطارن کي ڏسي پئي سگهيو جيڪي انهن جون کنڀڙاٽيون جوڙي رهيون هيون ۽ جهڙيءَ ريت انهن مڇ تي هلان پئي ڪيو تنهن سمي انهن مان چمڪ نڪري رهي هئي. هُن انهن جي مٿن تي ڏنڊي وسائِي ۽ انهن جي ڄاڙين جي ڪَرٽجڻ ۽ جهڙيءَ ريت انهن هيٺان کان مڪڙيءَ کي گهيري ورتو هُن ان جي لڏڻ جي آواز کي ٻُڌو. هُن دليري سان ڏنڊيءَ کي انهي رخ ۾ هلايو جنهن بابت هو فقط ٻُڌي ۽ محسوس ڪري رهيو هو ۽ هُن ڪنهن شيءِ کي ڏنڊيءَ کي هُن کان کَسِيندي محسوس ڪيو ۽ اها هن کان ڇڏائجي ويئي.
هُن سعِير کي سٽ ڏيندي بيرم کان الڳ ڪيو ۽ ان سان انهن کي مارڻ ۽ ڪَپڻ لڳو، هُن ان کي ٻنهي هٿن سان جهلي رکيو ۽ اهو ان کي هيٺ جي طرف هر هر ورائي رهيو هو. پر هاڻي اهي ٻيڙيءَ جي ڪَڻٺي جي اڳيان نڪتل حصي وٽ هيون ۽ اهي هڪٻئي پٺيان ۽ هڪٻئي سان گڏجي هلان ڪري رهيون هيون، اهي مڇ جي بچيل سچيل گوشت جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري رهيون هيون جيڪي هيٺ سمونڊ منجھ چمڪندي نظر اچي رهيا هئا جهڙيءَ ريت انهن وري اچڻ لاءِ ڦيرو کاڌو.
هڪڙي مڇي، آخرڪار، مڇ جي مٿي جي برعڪس آئي ۽ هُو ڄاڻي ويو ته هاڻي اهو ختم ٿي ويو. هن شارڪ جي مٿي جي آرپار پاريئي/بيرم کي جهولايو جتي ان جون ڄاڙيون مڇ جي مٿي جي ڳرائپ ۾ اٽڪيل هيون جيڪو هُن کان ڇِڄي نه رهيو هو. هُن بيرم کي هڪ دفعو جهولايو ۽ پوءِ وري ٻي دفعي لاءِ ۽ وري ٻيهر ٽئين دفعي لاءِ. هُن بيرم جي ٽٽڻ جي آواز کي ٻڌو ۽ هُن پاره پاره ٿيل بيرم جي پڇاڙيءَ سان شارڪ کي چوڪ ڏني. هُن ان جي اندر نيئي وڃڻ جي حرڪت کي محسوس ڪيو ۽ اهو ڄاڻي وٺندي ته بيرم جي پڇاڙي تکي هئي هُن ان سان ان مڇيءَ کي ٻيهر اندر طرف ڌڪيو. اها مڇيءَ جي ميڙ مان ڪهي آيل آخري مڇي هئي. اتي انهن جي کائڻ لاءِ ڪا شيءِ باقي نه هئي.
.
هاڻي پوڙهو ماڻهو وڏي مشڪل سان ساھ کڻي رهيو هو ۽ هُن پنهنجي منهن ۾ هڪڙي عجيب ذائقي کي محسوس ڪيو. اهو ٽامي جي رنگ نما ۽ مِٺو هو ۽ هُو هڪڙي گهڙيءَ لاءِ ان کان ڊڄي ويو. پر اتي اهو ايترو گهڻو ڪو نه هو.
هُن ان کي ساگر منجھ ٿوڪاري ڇڏيو ۽ چيو، ”گيلانوس، اهو کاءُ. ۽هڪڙو خواب ڏس ته تو هڪڙي ماڻهوءَ کي ماريو آهي.“
هُو ڄاڻي ويو ته هاڻي آخرڪار پامال ٿي چڪو هو ۽ ان جو ڪو اعلاج نه هو ۽ هُو ٻيڙيءَ جي پٺئين پاسي ڏانهن ويو ۽ هُن ڏٺو ته بيرم جي چهنبدار پڇاڙي سعير جي خاني ۾ ايتري حد تائين پوري پئجي سگهي ٿي جو هُو ان جي مدد سان ٻيڙيءَ کي ڪاهي سگهي. هُن خالي ٻاچڪي کي پنهنجي ڪلهن تي رکيو ۽ هُن مڪڙيءَ ان جي رستي تي روان ڪيو. هاڻي هو هوريان هوريان ڪاهڻ لڳو ۽ هُن وٽ هاڻي ڪي خيال ڪِين هئا ۽ نه ئي وري ڪنهن به قسم جون ڪي محسوساتون هيون. هاڻي هُو هر شيءِ کان ٽَپي آيو هو ۽ ته جيئن هو پنهنجي گهر جي بندرگاھ ڏانهن هوشياري سان پهچي سگهي. رات جي وڳڙي ۾ شارڪون مڇ جي ڍانچي کي اهڙيءَ ريت ڌڪ هڻڻ لڳيون ڄڻ ڪو مانيءَ جي کَنڙن کي ميز تان کڻي رهيو هجي. پوڙهي ماڻهوءَ انهن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ هُو ڪنهن به ٻي شيءِ ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏئي رهيو هو پر فقط ٻيڙيءَ کي ڪاهي رهيو هو. هُن فقط ان کي ڌيان ۾ آندو ته ٻيڙي ڪهڙيءَ ريت هلڪڙائي سان سٺيءَ طرح سان نئڙيل نموني سان هلي رهي هئي هاڻي اتي ان جي ڀرسان ڪو وڏو وزن ڪِين هو.
هُوءَ (ٻِيڙي) ٺيڪ آهي، هُن سوچيو. اها ٺيڪ آهي ۽ ان کي ڪنهن به طرح سان ڪو نقصان نه پهتو آهي سواءِ ان جي بيرم جي. ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي شيءِ کي آسانيءَ سان ڪتب آڻي سگهجي ٿو.
هُو اهو محسوس ڪري پئي سگهي ٿو ته هاڻي هو ڇوليءَ جي اندر هو ۽ هُو ساحل جي ڀرسان آباد بيٺڪن جي روشنين کي ڏسي پئي سگهيو. هو ڄاڻي ويو ته هو هاڻي ڪٿي هو.
هوا ڪنهن به طرح سان اسان جي دوست آهي، هُن سوچيو. تهان پوءِ انهن لفظن سان گڏو، ”ڪڏهن ڪڏهن“ جو واڌارو ڪيو. ۽ مها ساگر اسان جي سَڄڻن ۽ دشمنن سان ڀَريل آهي. ۽ بسترو، هُن سوچيو. بسترو منهنجو دوست آهي. بلڪل بسترو، هُن سوچيو. بسترو هڪڙي عظيم شيءِ هوندو. ان تي هئڻ تڏهن راحت بخشيندڙ هجي ٿو جڏهن توهان کي ماريو ويو هجي، هُن سوچيو. مون ڪڏهن به نه ڄاتو آهي ته اهو ڪيترو فرحت بخش ٿي سگهي ٿو. ۽ توکي ڪنهن ماريو، هُن سوچيو.
”ڪنهن به نه“، هُن وڏي واڪي چيو. ”مان گهڻو ڏور هليو ويو هوس.“
جڏهن هو ننڍڙي بندرگاھ ڏانهن ڪاهي رهيو هو اتي چبوتري جي روشنيون نمايان هيون ۽ هو ڄاڻي ويو ته هر ڪو بستر ۾ هو. ٿڌڙي هير هوريان هوريان اٿي رهي هئي ۽ هاڻي اها تيزيءَ سان گهلي رهي هئي البت اتي بندرگاھ تي خاموشي هئي ۽ هُو مٿي پٿرن جي هيٺان ڪاٺ جي تختي جي پَٽيءَ ڏانهن ڪاهڻ لڳو. اتي هن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪو ڪو نه هو تنهن ڪري هن ٻيڙيءَ کي پنهنجي وس آهر ڇڪيو. تهان پوءِ هن ٻاهر قدم رکيا ۽ هُن ان کي هڪڙي پٿر سان ٻڌي ڇڏيو.
هُن مڪڙيءَ جي کُوهي/شِيڪلي کي کوليو ۽ سڙھ کي ويڙهي بند ڪيو. تهان پوءِ هُن کُوهي کي ڪلهي تي کنيو ۽ مٿي چڙهڻ لڳو. مٿي چڙهندي هُن پنهنجي درد جي شدت کي محسوس ڪيو. هُو کن پل لاءِ بيهي رهيو ۽ هُن ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريو ۽ هُن گهٽيءَ جي روشنيءَ منجھ مڇ جي وڏي پڇ کي مڪڙيءَ جي پٺئين حصي ۾ سٺيءَ طرح سان بيٺل ڏٺو. هُن ان جي ڪرنگهي جي هڏين جي سفيد قطار ۽ ان جي مٿي جي ڪاري مايي ان جي ٻاهر نڪتل چهنب سان ۽ ان جي درميان موجود وائکائپ کي ڏٺو.
هُن ٻيهر مٿي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ هُو ڪجھ وقت لاءِ هن جي ڪلهن جي آرپار کنيل کُوهي ساڻ ڪِري پيو ۽ ڪجھ وقت اتي ٽِڪيل رهيو. هُن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اهو ڪافي مشڪل هو ۽ هُو پنهنجي ڪلهي تي رکيل شيڪلي سان اتي ويٺو رهيو ۽ رستي ڏانهن نهاري رهيو هو. هڪڙي ٻلي پنهنجي ڪِرت سان پري کان رستو پار ڪيو ۽ پوڙهو ماڻهو ان ڏانهن نهاريو. تهان پوءِ هُن فقط رستي ڏانهن نهاريو.
آخرڪار، هُن کوهي کي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ هو مٿي اٿي بيٺو. هن کوهي کي مٿي کنيو ۽ هن ان کي پنهنجي ڪلهي تي رکيو ۽ هو رستي ڏانهن هلڻ لڳو. پنهنجي جهوپڙيءَ تائين پهچڻ کان پهريان هُن کي پنج ڀيرا ويهڻو پيو.
جهوپڙيءَ اندر هُن کوهي کي پنهنجي ديوار جي برعڪس رکيو. اونداهي ۾ هُن پاڻيءَ جي هڪڙي بوتل کي ڳولهي ورتو ۽ هُن ان مان هڪڙو ڍڪ ڀريو. تهان پوءِ هُو بستر تي آهلجي پيو. هُن کَٿي کي پنهنجي ڪلهن جي مٿان اوڙهيو پوءِ هُن ان کي پنهنجي پٺيءَ ۽ ڄنگهن مٿان اوڙهي ڇڏيو تهان پوءِ هُو اخبارن تي پنهنجو منهن هيٺ ڪندي سمهي پيو هن جون ٻانهون سڌيون ٻاهر هيون ۽ هن جي هٿن جون تريون مٿي هيون.
هو ننڊ پيل هو جڏهن ڇوڪري صبح ويلي دروازي ڏانهن نهاريو. اتي ايتري تيز هوا گهلي رهي هئي جو مڇيءَ جي ٻِيڙين کي ٻاهر نيئي وڃڻ مشڪل هو ۽ ڇوڪرو رات جو دير سان سمهيو هو ۽ پوءِ هُو هر صبح جيان پوڙهي ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ ان جي جهوپڙيءَ ڏانهن آيو هو. ڇوڪري ڏٺو ته پوڙهو ماڻهو ساھ کڻي رهيو هو ۽ تهان پوءِ هُن پوڙهي ماڻهوءَ جي هٿن ڏانهن ڏٺو ۽ هُن دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. هو هن لاءِ ڪافي کڻي اچڻ لاءِ تڪڙو ٻاهر ويو ۽ هيٺ سموري پيچري تي هلڻ دوران دانهون ڪري رهيو هو.
ڪيترائي مهاڻا اهو ڏسڻ لاءِ مڪڙيءَ جي چوڌار مڙي آيا ته ان جي ڀرسان ڇا ٻَڌل هو ۽ هڪڙو مهاڻو جَل منجھ هو، هن جا پاجاما مٿي وريل هئا، ۽ هو ڏور سان مڇ جي ڍانچي کي ماپي رهيو هو.
ڇوڪرو هيٺ نه ويو. هُو پهريان کان اتان ٿي آيو هو ۽ هڪڙو مهاڻو هن جي ٻيڙي جي سنڀار لهي رهيو هو.
”هو ڪيئن آهي؟“ هڪڙي مهاڻي واڪو ڪيو.
”ستو پيو آهي.“ ڇوڪري چيو. هن کي اها پرواھ ڪو نه هئي هُنن هُن کي دانهن ڪندي ٻڌو يا نه. ”ڪو به هن جي ننڊ ۾ رخنو نه وجهي.“
”اهو (مڇ) ٻوٿ کان پڇ تائين ارڙنهن فٽ ڊگهو هو،“ اهو مهاڻو جيڪو مڇ کي ماپي رهيو هو ان چيو.
”مان مڃان ٿو“، ڇوڪري چيو. هو چبوتري ڏانهن ويو ۽ ڪافيءَ جي هڪڙي دٻي جي گُهر ڪيائين.
”اها گرم هجي ۽ ان ۾ جهجهي کنڊ پيل هجي.“
”ڪا ٻي شيءِ؟“
”نه بعد ۾ مان ڏسندس ته هو ڇا کائي سگهي ٿو.“
”اهو ڇا ته مڇ هو،“ مالڪ چيو. ”اتي ڪڏهن به اهڙو ڪو مڇ نظر نه آيو. جيڪي ڪالھ تو ٻه مڇيون ماريون هيون اهي عمديون هيون.
”ٻَن پوي منهجي مڇي،“ ڇوڪري چيو ۽ هو وري دانهون ڪرڻ لڳو.
”ڇا توکي ڪنهن به قسم جو ڪو مشروب گهرجي؟“ مالڪ پڇيو.
”نه،“ ڇوڪري چيو.
”هُنن کي چئو ته اهي سانتياگو کي پريشان نه ڪن. مان واپس موٽي ٿو اچان.
”هُن کي ٻڌائجانءِ ته مون کي ڪيترو نه افسوس آهي.“
”مهرباني،“ ڇوڪري چيو.
”ڇوڪري ڪوسِي ڪافيءَ جي دٻيءَ کي مٿي پوڙهي ماڻهوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن کڻي آيو ۽ هن جي ڀرسان تيستاءِ ويهي رهيو جيسين پوڙهو ماڻهو پاڻ نه جاڳيو. هڪڙي ڀيري هُن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو جاڳندو هجي. پر هو واپس گهري ننڊ ۾ وٺجي ويو ۽ ڇوڪرو پيچري جي آرپار هن لاءِ ڪجھ ڪاٺيون وٺڻ ويو ته جيئن هو ڪافيءَ کي گرم ڪري سگهي.
پوڙهو ماڻهو نيٺ جاڳي پيو.
”مٿي نه اٿ“،ڇوڪري چيو. ”هي پيءُ.“ هن گلاس ۾ ڪجھ ڪافي اوتي ڇڏي. پوڙهي ماڻهوءَ ان کي ورتو ۽ ان کي پيتو. ”مينولن، انهن مون کي ماري ڇڏيو،“ هُن چيو. ”انهن واقعي مون کي ماري ڇڏيو.“
”هُن توکي نه ماريو. نه مڇ توکي نه ماريو.“
”نه. حقيقت ۾ اهو بعد ۾ ٿيو.“
پيڊرِيڪو مڪڙي ۽ گرارڙين جي سنڀار لهي رهيو آهي. تون مڇ جي مٿي بابت ڇا ٿو ڪرڻ چاهين؟“
”پيڊريڪو کي ڇڏي ڏي ته هو ان کي ڪپي مڇيءَ جي چُوڻن طور ڪتب آڻي.“
”۽ نيزي کي ڇا ڪجي؟“
”جي اهو توکي کپي ٿو ته تون پاڻ وٽ رکي ڇڏ.“
”اهو مون کي کپي،“ ڇوڪري چيو. ”هاڻي اسان کي لازماَ ٻين شين بابت منصوبابنديون ڪرڻ گهرجن.“
”ڇا اهي مون کي ڳولهي رهيا آهن؟“
”يقيناَ. ساحلي محافظن ۽ جهازن ساڻ.“
”ساگر عميق آهي ۽ هڪڙي مڪڙي ننڍڙي ۽ ان کي ڏسڻ مشڪل هجي ٿو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
هُن اهو ڌيان ۾ آندو ته فقط پنهنجو پاڻ سان ۽ ساگر سان مخاطب ٿيڻ کان هڪڙي ماڻهوءَ سان مخاطب ٿيڻ ڪيترو نه مزيدار هو.
”مون توکي ساريو،“ هُن چيو. ”تو ڇا پڪڙيو؟“
”پهرين ڏينهن تي هڪڙي مڇي ملي، ٻي ڏينهن ٻه ۽ ٽئين ڏينهن ٽي مڇيون مليون.“
”ڏاڍو سٺو.“
”هاڻي اسان وري گڏجي مڇيون مارينداسين.“
”نه. مان خوشقسمت نه آهيان. هاڻي مان وڌيڪ لاءِ خوشقسمت نه آهيان.“
”جهنم ۾ پوي خوشقسمتي،“ ڇوڪري چيو.
”مان خوشقسمتي کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندس.“
”تنهنجي خاندان وارا ڇا چوندا؟“
”مون کي انهن جي پرواھ نه آهي. مون ڪالھ ٻه مڇيون ماريون. پر هاڻي اسان گڏجي مڇيون مارينداسين ڇاڪاڻ جو اڃا مون کي گهڻو سکڻو آهي.“
”اسان کي لازماَ هڪڙو قاتل ڀالو هئڻ گهرجي ۽ اسان کي هميش ان کي ٻيڙيءَ ساڻ کڻي هلڻ گهرجي. تون هڪڙي پراڻي فورڊ ٽرڪ جي لِيف اسپرنگ مان هڪڙو ڪَٽاري ٺاهي سگهين ٿو. اسان ان کي گُواناباڪوئا (Guanabacoa : اوڀرندي هَوانا ڪِيوبا جو هڪڙو ننڍڙو شهر) مان ٺَپرائي سگهون ٿا. اهو تکو هئڻ گهرجي ۽ ان کي پاڻي نه کڻايل هجي نه ته اهو ڀڄي پوندو. منهنجو چاقو انهي ڪري ڀَڄي پيو.“
”مان هڪڙو ٻيو چاقو وٺندس ۽ ان جي اسپرنگ کي هموار رکندس.” ”ڳري هير جي گهلڻ ۾ اڃا گهڻا ڏينهن پيا آهن؟“
”شايد ٽي ڏينهن. يا شايد انهن کان وڌيڪ.“
”مان هر شيءِ کي ترتيب ۾ رکندس،“ ڇوڪري چيو. ”پوڙها ماڻهو تون پنهنجي هٿن کي جلدي ٺيڪ ڪري وٺ.“
”مان ڄاڻان ٿو ته انهن جي سنڀار ڪيئن لهجي. رات جو مون ڪنهن عجيب شيءِ کي ٿوڪاريو ۽ مون پنهنجي سيني ۾ ڪنهن شيءِ کي ٽٽندي محسوس ڪيو.“
”ان کي به ٺيڪ ڪري وٺ،“ ڇوڪري چيو. ”پوڙها ماڻهو هيٺ ليٽي پئه، ۽ مان تو لاءِ تنهنجي صاف سٿري قميض آڻيان ٿو. ۽ ڪا شيءِ تنهجي کائڻ لاءِ پڻ.“
”منهنجي وڃڻ پڄاڻان واري وقت جون ڪي به اخبارون وٺي اچجانءِ،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
”تون لازماَ جلديءَ چاق چڱو ڀلو ٿي وڃ اتي گهڻو ڪجھ آهي جيڪو مون کي سکڻو آهي ۽ تون مون کي هر شيءِ سيکاري سگهين ٿو
”تو ڪيترو ڀوڳيو؟“
”تمام گهڻو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
”مان کاڌو ۽ اخبارون آڻيندس،“ ڇوڪري چيو.
”پوڙها ماڻهو سٺو آرام ڪر. مان تنهنجي هٿن لاءِ دوائن جي دوڪان تان سامان وٺي ايندس.
”پيڊرِيڪو کي اهو ٻڌائڻ نه وسارجانءِ ته مڇ جو مٿو هُن لاءِ آهي.“
”نه. مان ان کي ياد رکندس.“
جيئن ئي ڇوڪرو دروازي کان ٻاهر هيٺ ڳڻوٺيءَ جي ڳريل پٿرائين رستي ڏانهن نڪري ويو هو ٻيهر دانهون ڪرڻ لڳو.
ان منجهند ڌاران اتي چبوتري وٽ سياحن جو هڪڙو ميڙاڪو هو ۽ هيٺ جَل منجه بيئر جي خالي بوتلن منجھ ۽ مئل گوشت خور پيٽُو مڇين ڏانهن نهاريندي هڪڙي عورت هڪڙو وڏو سفيد ڪرنگهو ڏٺو جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي اجگر پڇ هئي جيڪا تنهن مهل مٿي کڄي ۽ لُڏي رهي هئي جڏهن ساحل جي داخلا کان ٻاهر هڪڙي ڳري ۽ شانت ساگر ۾ هوا گهلي رهي هئي.
”اهو ڇا آهي؟“ هُن هڪڙي بيري کان پڇيو ۽ هُن وڏي مڇ جي ڊگهي ڪرنگهي ڏانهن اشارو ڪيو جيڪو هاڻي فقط ڪِچرو بڻجي ويو هو ۽ لهر سان گڏ کڄي وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ هو. ”هڪڙي شارڪ نما مڇي ٽِبيُورون،“ بيري چيو.
”شارڪ.“ هن اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو ته اتي ڇا ٿيو هو.
”مون نه پئي ڄاتو ته شارڪن کي اهڙي خوبصورت نموني وارا پڇَ هوندا آهن.“
”مون پڻ هرگز به نه پئي ڄاتو،“ هن جي مرد ساٿيءَ چيو. اڳتي رستي وٽان، پوڙهو ماڻهو وري به ستو پيو هو. هُو اڃا تائين پنهنجي منهن ڀر ستو پيو هو ۽ ڇوڪرو هن جي ڀرسان ويٺو هو ۽ هن ڏانهن نهاري رهيو هو. پوڙهو ماڻهو شينهن جا خوابَ ڏسي رهيو هو.