ناول
پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ
ڪتاب ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “Old man and the Sea” جو سنڌي ترجمو آهي، ترجميڪار رشيد زهراڻي آهي. هيمنگوي هي مشهور ناول 1951ع ۾ ڪيوبا ۾ لکيو ۽ 1952ع ۾ ڇپيو. هي ناول ڪيوبا جي هڪ پوڙهي شخص سانتياگو جي ڪهاڻي آهي جيڪو سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڃي ٿو ۽ هڪ مڇ کي شڪار ڪري ٿو. هن ناول تي هيمنگوي کي 1954ع ۾ نوبل انعام پڻ مليو.
- 5.0/5.0
- 2090
- 1619
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “Old man and the Sea” جو سنڌي ترجمو آهي، ترجميڪار رشيد زهراڻي آهي. هيمنگوي هي مشهور ناول 1951ع ۾ ڪيوبا ۾ لکيو ۽ 1952ع ۾ ڇپيو. هي ناول ڪيوبا جي هڪ پوڙهي شخص سانتياگو جي ڪهاڻي آهي جيڪو سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڃي ٿو ۽ هڪ مڇ کي شڪار ڪري ٿو. هن ناول تي هيمنگوي کي 1954ع ۾ نوبل انعام پڻ مليو.اها بظاهر هڪڙي سادي ڪهاڻي آهي. سانتياگو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي، تجربيڪار مهاڻو جنهن هڪڙي مهيني تائين ڪنهن هڪڙي مڇيءَ جو شڪار به نه ڪيو آهي. ڪجھ نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاسيهين ڏينهن تي هو ميڪسيڪو جي نار ۾ گهڙي ٿو جتي هو هڪڙي مها مڇ مارلِن کي پڪڙي ٿو. مڇ کي مڪڙيءَ منجھ پڪڙي نه وجهي سگهڻ جي سبب هُو ان کي مارڻ کان پهريان ٽن ڏينهن تائين ڏور ۾ جهلي بيهي ٿو. مڇ کي مارڻ کان پوءِ سانتياگو ان جي وڏي مشڪل سان کَٽيل انعام سان گڏ گهر ڏانهن واپس وري ٿو. پر رستي تي، شارڪ مڇيون هُن جي ماريل مڇ کي کائي لڳ ڀڳ هڏائون پڃرو بڻائي ٿيون ڇڏين، ۽ پوڙهو ماڻهو بندر گاھ ڏانهن خالي هٿين واپس موٽي ٿو.
کوڙ سارن دوستن جو اهو زور هيو ته پرڏيهي ادب جا ڪتاب ترجمو ڪري سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪيا وڃن. ڇو ته اسان ڪي ترجميڪار يا ڪهاڻيڪار ناهيون تنهنڪري ضروري آهي ته دوست سهڪار ڪن. ٿورائتا آهيون سائين رشيد الله زهراڻي جا جنهن هن ناول جو ترجمو ڪري، ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت کي موڪليو. رشيد پاڻ به سنڌ سلامت فورم جو سرگرم رڪن آهي ۽ سندس ڪهاڻيون فورم تي موجود آهن، ان کان اڳ به پاڻ هڪ انگريزي ناول جو ترجمو ڪري چڪو آهي.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي
- سنڌيڪار رشيد اللہ زهراڻي
- ڇپيو ويو 2018
- ڇپائيندڙ سنڌ سلامت ڪتاب گهر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 30/Oct/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1619 ڀيرا