ناول

پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ

ڪتاب ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “Old man and the Sea” جو سنڌي ترجمو آهي، ترجميڪار رشيد زهراڻي آهي. هيمنگوي هي مشهور ناول 1951ع ۾ ڪيوبا ۾ لکيو ۽ 1952ع ۾ ڇپيو. هي ناول ڪيوبا جي هڪ پوڙهي شخص سانتياگو جي ڪهاڻي آهي جيڪو سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڃي ٿو ۽ هڪ مڇ کي شڪار ڪري ٿو. هن ناول تي هيمنگوي کي 1954ع ۾ نوبل انعام پڻ مليو.
Title Cover of book پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ

7

جڏهن هُو هُن سان سَنئون هو ۽ مڇ جي مٿي کي ڪمان جي برعڪس بيهاريو هُو هُن جي قد ڪاٺ بابت يقين نه پئي ڪري سگهيو. پر هُن نيزي کي ڪاٺ جي ٽڪڙي تان ڇوڙيو، ان کي مڇ جي ڪَلين منجھ ۽ هُن جي ڄاڙين کان ٻاهر گُذاريو، هُن جي ترار جي چوڌار هڪڙو وڪڙ ڏنو تهان پوءِ رسِيءَ کي هُن جي ٻي ڪَليءَ وَچان گذاريو، هُن جي چُنهب جي چوڌار هڪڙو ٻيو وَڪڙ ڏنو ۽ ٻِٽِي رسِيءَ کي ڳنڍ ڏِني ۽ ان کي ڪمان جي ڪاٺ جي ٽڪڙي ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو. تهان پوءِ هُن رسيءَ کي وڍيو ۽ پڇ کي ڦندي بَند ڪرڻ لاءِ هُو پُٺتي هليو ويو. مڇ جو واڱڻائي ۽ چانديءَ نما اصل رنگ چانديءَ جيان سفيد رنگ ۾ بدلجي ويو هو، ۽ ان جا پَٽا هُن جي پڇ جيان ساڳيءَ طرح سان بَنَفشِي پِيلا هئا. اهي هڪڙي ماڻهوءَ جي ڦهليل آڱرين جيترا ڪشادا هئا هُن جون اکيون نَلڪِيءَ نما خوردبِين جيان الڳ يا هڪڙي منظم هُجُوم ۾ هلندڙ ساڌُو / سَنت / مهاتما جيان هيون.
”هُن کي مارڻ جو اُهو ئي واحد رستو آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. هُو پاڻي پيئڻ پڄاڻان ڪافي بهتر محسوس ڪري رهيو هو ۽ هُن ڄاتو پئي ته هُو ڪنهن ٻي رخ ڏانهن نيئي نه ويندو ۽ هُن جو مٿو صاف هو. جهڙيءَ ريت هُو نظر اچي رهيو آهي تنهن مطابق هُو پندرنهن سئو پائُونڊن کان مٿي آهي، هُن ويچاريو. ٿي سگهي خاصو وڌيڪ. جي ان کي ڪَٽي ڇِلي صاف ڪجي ته اهو ان جي ٽئين حصي جيترو بيهندو ۽ اهو ٽيھ سينٽ / ٽيھ پيسا فِي پائونڊ ڪيترو منافعو ڏيندو. (مڇ جو مجموعي وزن 1500 پائونڊن جي هڪڙي ڪُل وزن جيترو آهي. ان جو ٽيون حصو مفيد آهي جنهن کي ڪَٽي ڇِلي صاف ڪري سگهجي ٿو، يعني، انهن کي ڪارائتن ٽُڪڙن ۾ ڪٽيو ويندو، باقي بچندا هڏا، چمڙي يا اهڙيءَ ريت ٻيو ڪجھ، تنهن ڪري وڪري جوڳو مواد هزار پائونڊ بيهي ٿو. قيمت آهي فِي پائونڊ 30 سينٽ يا 30/100، يعني ڪُل 300 آمريڪي ڊالر ــ مترجم).
”تنهن لاءِ مون کي پينسل گهرجي،“ هُن چيو. ”منهنجو مٿو اڃا ايترو صاف نه آهي. پر مان ڀايان ٿو ته عظيم ڊِي ميگيو اڄ مون تي فخر ڪندو. مون کي هڏيءَ جي ڪا سوزش ناهي. پر هٿ ۽ پُٺي حقيقت ۾ دُکِي رهيا آهن. ”مون کي حيرت آهي ته هڏيءَ جي هڪڙي سوزش ڇا هوندي آهي، هُن ويچاريو. ٿي سگهي ٿو اهي سُڄاءُ اسان کي هوندا هجن پر اسان انهن کان اڻڄاڻ هُوندا هجون.
هُن مڇ کي ڪمان ۽ مڪڙيءَ جي عقبي حصي ۽ مڪڙيءَ جي وچ تي لڳل تختي سان ٻَڌِي سوگهو ڪيو. هُو ايترو ته وڏو هو جو اُهو پاسي کان هڪڙي وڌيڪ وڏي مڪڙيءَ جيان نظر اچي رهيو هو. هُن ڏور جي هڪڙي ٽڪڙي کي ڪَٽيو ۽ مڇ جي هيٺين ڄاڙيءَ کي هُن جي چهنب جي برعڪس ٻَڌو ته جيئن هُن جو وات کُلِي نه سگهي ۽ اُهي هر ممڪن حد تائين صاف سفر ڪري سگهن. تهان پوءِ هُن سڙهن کي سنئون ڪيو، ۽ ان عَصا سان جيڪا هُن جي سوئي سان ساڻ هئي ۽ هُن جي بادبان جي هيٺان مَستُول جي زيرين حصي سان ملندڙ ڪاٺِي سڙھ بند هئي، چَتيون چَتيون بادبان ڇڪجِي ويو، مڪڙي هلڻ شروع ڪيو، ۽ هُو مڪڙيءَ جي عقبي حصي ۾ ڏکڻ ـ اولھ ڏانهن اُسهڻ لڳو.
هُن کي اُهو ٻڌائڻ لاءِ ڪنهن قطب نما / پَرڪار جي ڪا ضرورت ڪو نه هئي ته ڏکڻ ـ اولھ ڪهڙي پاسي هو. هُن کي فقط ڪاروباري هوا کي محسوس ڪرڻ ۽ سڙهن کي سنئون رکڻ جي ضرورت هئي. بهتر آهي ته مون کي هڪڙي ڏور تي چمچ لڳائي، کائڻ لاءِ ڪجھ حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پوسَل / آلاڻ خاطر ڪجھ جَل پيئڻ گهرجي. پر هُو هڪڙو چمچ لَهِي نه سگهيو ۽ هُن جون سارڊين مڇيون سَڙِي ڳَرِي ويئيون هيون. اهڙيءَ ريت هُن نار جي ڪَهڄري جي هڪڙي پِيلِي ٿِڳڙِي نما چَتِيءَ کي ڪُنڍي بند ڪيو جهڙيءَ ريت اهو اتان گذري رهيو هو ۽ ان کي اهڙيءَ ريت لوڏيو جو ننڍڙا جِهينگا جيڪي ان منجھ هئا مڪڙيءَ جي تختي تي ڪِري پيا. اُتي انهن جو هڪڙي درجن کان وڌيڪ جيترو تعداد هو اُهي ٽَپا ڏيئي رهيا هئا ۽ اُهي پِسُوئن جيان ڄنگهون ورائي رهيا هئا. پوڙهي ماڻهوءَ انهن جي مٿن کي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان مَروڙيو ۽ انهن کي کائڻ لڳو هُن انهن کي انهن جي خولن ۽ پُڇڙين تائين چَٻاڙي ڇڏيو. اهي ڪافي ننڍيرڙا هئا پر هُن ڄاتو پئي ته اُهي غذائيت سان ڀرپور هئا ۽ انهن منجهان سُٺو سواد اچي رهيو هو.
پوڙهي ماڻهوءَ وٽ اڃا جَل سندا ٻه جام شِيشِيءَ منجھ پيا هئا ۽ هُن جَل جي هڪڙي جام جو اَڌ تڏهن واپرايو جڏهن هُن جِهينگا کائِي بس ڪيو. مڪڙي سٺيءَ طرح سان سفر ڪري رهي هئي. هُن رڪاوٽن کي سٺيءَ طرح سان ڌيان ۾ آندو ۽ هُو پاريئِي / بيرَم کي ٻانهن اندر ڏيئي ڪاهڻ لڳو. هُو مڇ کي ڏسي پئي سگهيو ۽ هُن کي فقط هُن جي هٿن ڏانهن نهارڻو هو ۽ پنهنجي پُٺيءَ کي مڪڙيءَ جي عقبي حصي جي برعڪس محسوس ڪرڻو هو اهو ڄاڻڻ لاءِ ته هِي حقيقت ۾ ٿي چڪو ۽ اُهو هڪڙو خواب نه هو. پوءِ جڏهن هن مڇ کي جَل کان ٻاهر ايندي ۽ آڪاس هيٺ اڳوار ڪِرڻ کان پهريان اَچل / اِسٿر بيٺل ڏٺو، هُن کي پڪ هئي ته اُتي ڪا وڏي نِرلائپ موجود هئي ۽ هُو ان تي يقين نه پئي ڪري سگهيو.
تهان پوءِ هُو سٺيءَ طرح سان ڏسي نه پئي سگهيو، جيتوڻيڪ هينئر هُو معمول مطابق ٺيڪ ڏسي رهيو هو. هاڻي هُن ڄاڻي ورتو ته اُتي مڇ موجود هو ۽ هُن جا هٿَ ۽ پُٺي ڪو خواب نه هو. هٿ جلدي سان شفاياب ٿي رهيا آهن، هُن ويچاريو. مون انهن جو خون اگهي صاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ لوڻياٺو جَل زخم ڀري ڇڏيندو. حقيقي نار جو سياھ جَل اُتي موجود وڏي ۾ وڏو عامِل / شافِي / شفا ڏيندڙ آهي. مون کي لازماَ مٿو صاف رکڻ گهرجي. هٿن پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو ۽ اهي سٺيءَ طرح سان هلي رهيا آهن. هُن جي بند ٿيل وات ۽ ان جي سڌِي ۽ هيٺ ڪيل پُڇ سان اسان ڀائرن جيان سفر ڪري رهيا آهيون. تهان پوءِ هُن جو مٿو ٿورو ميرو ٿيڻ لڳو ۽ هُن سوچيو، هُو مون کي اندر آڻي رهيو آهي يا مان هُن کي اندر آڻي رهيو آهيان؟ جيڪڏهن مان هُن کي پٺيان کان ڇڪيان ها ته اتي ڪو سوال پيدا نه ٿئي ها. نه ئي ان جي سموري جاھ و جلال پڄاڻان، مڇ جي مڪڙي منجھ هئڻ سان ڪو سوال پيدا ٿئي ها. پر اهي لڳو لڳ (هڪٻئي) کي لتاڙي رهيا هئا ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو، جيڪڏهن هُن کي اُن سان فرحت ٿي ملي ته پوءِ مون کي پاڻ کي هُن ڏانهن ڇڏي ڏيڻ گهرجي. مان هُن کان فقط ڌوڪيبازي / فريب جي لحاذ کان بهتر آهيان ۽ هُو مون کي اِيذائڻ جو ڪو مقصد نه ٿو رکي.
اهي سٺيءَ طرح سان سفر ڪري رهيا هئا ۽ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي مٿي کي صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ لُوڻياٺي پاڻيءَ منجھ تَرَ ڪيا. اتي مٿي اوچائي تي گهاٽا بادل ڇانيل هئا ۽ انهن جي مٿان وڻ ويڙهيءَ نما پَٽا هئا اهڙيءَ ريت پوڙهو ماڻهو ڄاڻي ويو ته هِيرَ سڄي رات گهلندي رهندي. پوڙهو ماڻهو مستقل طور تي اهو ڏسڻ لاءِ مڇ ڏانهن نهاري رهيو هو ته اهو درست طور تي ڇڪجيو پئي آيو. اهو هڪڙي گهنٽي کان پهريان ٿيو جڏهن پهرين شارڪ مڇيءَ هُن کي ٿُونو هنيو.
شارڪ مڇي جو اچڻ ڪو اتفاق نه هو. اها هيٺ اونهي جَلَ منجهان تڏهن ڪَهِي آئي هئي جهڙيءَ ريت خون سندو ڪارو ڪَڪر سمونڊ ۾ هڪڙي ميل جي اونهائي تائين ڄَمِي ۽ وِکري ويو هو. اها مٿي ايتري ته تيزي سان ۽ قَطعِي طور تي بنا ڪنهن احتياط جي آئي جو هُن نيري جَل جي مٿاڇري کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اها سج جي روشنيءَ منجھ هئي. تهان پوءِ اها واپس سمونڊ منجھ ڪِرِي پيئي ۽ تهان پوءِ اُن مڇ کي سُونگهيو ۽ ان ان رستي تي ترڻ شروع ڪيو جيڪو مڪڙيءَ ۽ مڇ اختيار ڪيو هو.
ڪنهن ڪنهن مهل اُن سونگهڻ ڇڏي پئي ڏنو. پر هُو ان کي ٻيهر پڪڙي پئي سگهي، يا ان جو هڪڙو پيڇو ڪري پئي سگهي، ۽ اها انهي دڳ تي تيزي ۽ سختي سان تري رهي هئي. اها هڪڙي ڪافي وڏي ٻُوٿ واري شارڪ مڇي هئي جيڪا سمونڊ ۾ تيز کان تيز تر ترڻ لاءِ بڻائي ويئي هئي ۽ هُن جي هر شيءِ حَسِين هئي سواءِ هُن جي ڄاڙين جي. هُن جي پُٺ هڪڙي تَرار نما مڇيءَ جي پُٺ جيان نيري هئي ۽ هُن جو پيٽ چانديءَ جيان سفيد هو ۽ اُن جي کَلَ لَسِي ۽ خوبصورت هئي. هُوءَ هڪڙي ترار نما مڇيءَ جيان بڻائي ويئي هئي ۽ سواءِ هُن جي وڏين ڄاڙين / هَڙٻاٽين جي جيڪي هاڻي جيئن جيئن اها تيزيءَ سان تري رهي هئي سوگهائي سان بند ڪيل هيون، بلڪل مٿاڇري هيٺ اُن جي پُٺيءَ واري اوچي ڪيل پَکڙي / کنڀڙاٽِي سان بنا ڪنهن تَردد / اضطراب جي پاڻيءَ منجهان ڪَٽيندي. هُن جي ڄاڙين جي بند ڪيل ٻِٽين واڇن جي اندر هُن جي ڏندن جون سموريون اَٺ قطارون اندرئين پاسي ڏانهن لَهوار هيون. اهي اڪثر شارڪن جي عام اَهرامِي صورت نما ڏندن جيان نه هيون. اهي هڪڙي انسان جي آڱرين نما هيون جڏهن انهن ۾ هڪڙي پنجي نما گهنج پئجي ويندا آهن. اهي لڳ ڀڳ پوڙهي ماڻهوءَ جي آڱرين جيتريون ڊگهيون هيون ۽ انهن جي ٻنهي پاسن کان ڪَٽارِيءَ جيان تِک سان ڪَٽيندڙ ڪِنارا هئا. هِي مڇيون سمونڊ جي ٻين مڇين کي پنهنجو کاڄ بڻائڻ لاءِ پيدا ڪيون ويون هيون، جيڪي ايتريون ته تيز ۽ طاقتور ۽ سٺيءَ طرح سان هٿياربند هيون جو انهن جو ڪو ٻيو دشمن ڪِين هو. هاڻي جيئن ئي هُن مڇ جي تازي سُرهاڻ کي سُونگهيو ان پنهنجي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ هُن جي پُٺ وارو نيرو پَکڙو جَل کي چِيري رهيو هو.
جڏهن پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ايندي ڏٺو هُو ڄاڻي ويو ته اها شارڪ هئي جنهن کي هر گز به ڪو خوف نه هو ۽ اها هُوبهو اهو ڪجھ ڪري پئي سگهي جيڪي ڪجھ هُن چاهيو ٿي. هُن پنهنجي بڻڇيءَ کي سَنباهيو ۽ جڏهن هُن شارڪ مڇيءَ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو هُن رَسيءَ کي قابُو ڪيو. رسي ٿوري هئي ڇاڪاڻ جو مڇ کي سوگهو ڪرڻ لاءِ هُن ان کي ڪَٽي ڇڏيو هو.
هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ جو مٿو صاف ۽ سٺو هو ۽ هُو پُر عزم هو پر هُن کي ٿوري اميد هئي. اها آخر تائين جٽاءُ ڪرڻ لاءِ سُٺي آهي، هُن سوچيو. هُن وڏي مڇ ڏانهن هڪ لڱا نهاريو جڏهن هُو (شارڪ) مڇيءَ کي ويجهو ايندي ڏسي رهيو هو. اهو ٿي سگهي ٿو ته سٺيءَ طرح سان ڪو سَپنو هجي، هُن ويچاريو. مان هُن کي مون کي ٿُونا هڻڻ کان روڪي نه ٿو سگهان پر ٿي سگهي ٿو مان هُن کي ماڻي وڃان. ڏندرِي، (Dentuso ـ هَسپانوِي ڀاشا ــ ڏندرِي)، هُن سوچيو. تنهنجي ماءُ جو بَخت بُرو آهي.
شارڪ پٺيان کان تيزيءَ سان ويجهو اچڻ لڳي ۽ جڏهن هُن پوڙهي ماڻهوءَ کي ٿُونو هنيو پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي کُليل وات ڏانهن ۽ هُن جي عجيب اکين ۽ هُن جي ڏندن جي ڪَترِيندڙ ٽَڪ ٽَڪ ڏانهن نهاريو جهڙيءَ ريت اُن پڇ جي مٿان گوشت منجھ ڪاهيو. شارڪ جو مٿو جَل کان ٻاهر هو ۽ هُن جي پُٺي ٻاهر نڪري رهي هئي ۽ پوڙهو ماڻهو کَل ۽ وڏي مڇ جي گوشت جي چِيرجڻ جو آواز ٻُڌي پئي سگهيو جڏهن هُن بڻڇيءَ کي هيٺ شارڪ جي مٿي منجھ هڪڙي اهڙي هنڌ تي کُپايو جتي هُن جي اکين جي درميان آيل ڏور اُن ڏور کي قطع ڪيو جيڪا هُن جي نڪ کان واپس سِڌِي رَوان هئي. اُتي اهڙيون ڪي ٻيون ڏورون ڪِين هيون. اُتي فقط هڪڙو ڳرو تِکو مٿو ۽ وڏيون اکيون ۽ ٽَڪ ٽَڪ جو آواز، ۽ سارو ئي سارو ڳِڙڪائي ڇڏيندڙ ڄاڙين جا زورائتا ڌِڪا هئا پر اُهو هُن جي دماغ وارو هنڌ هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ڌڪ هنيو. هُن اُن کي پنهنجي ڄَميل خون وارن هٿن سان ڌڪ هنيو هُن پنهنجي سموري سگھ سان سُٺيءَ طرح سان هڪڙي بڻڇِيءَ / ڀالي / نيزي کي هَلايو. هُن ان کي نراسائي پر پر عزم طور تي ۽ مڪمل ڪِيني / ساڙ / نفرت وچان وَهايو.
شارڪ مٿي جهومِي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ڏٺو ته هُن جي اک چست نه هئي ۽ تهان پوءِ اها پنهنجو پاڻ کي ڏور جي ٻن سِرڪڻين منجھ لَپيٽيندي، هڪ دفعو ٻيهر مٿي جهومِي. پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته اها مئل هئي پر شارڪ ان کي نه ٿي مڃيو. تهان پوءِ، پنهنجي پُٺ تي، پنهنجي پڇ سان ڇَڙهيون هڻندي ۽ پنهنجي ڄاڙين کي ڪَرٽِيندي، شارڪ جَل مٿان اهڙيءَ ريت ڪاهڻ لڳي جهڙي ريت تيز رفتار موٽر واري مڪڙي ڪاهيندي آهي. جتي هُوءَ پڇ هَڻِي رهِي هئي اُتي پاڻي اَڇو هو ۽ هُن جي جسم جا ٽي حصا جَل جي مٿان صاف هئا جڏهن ڏور ڪَسجِي ويئي اها ڪنبڻ لڳي ۽ تهان پوءِ اها جهپو هڻندي ڪَپڻ لڳي. هڪڙي ٿوري وقت لاءِ شارڪ مٿاڇري تي سانتيڪِي ٽِڪيل رهِي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ان ڏانهن ڏٺو. تهان پوءِ اها ڪافي آهستگي سان هيٺ هلي ويئي.
”هُوءَ لڳ ڀڳ چاليهن پائونڊن جيترو کڻي ويئي،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. هُوءَ منهنجي بڻڇي / ڀالو / نيزو ۽ سموري ڏور پڻ کڻي ويئي، هُن سوچيو. ۽ هاڻ منهنجو مڇ ٻيهر رت ڳاڙي رهيو آهي ۽ اتي ٻيا مڇ پڻ مِڙندا.
هُن وڌيڪ لاءِ مڇ ڏانهن نهارڻ کي نا پسند ٿي ڪيو ڇاڪاڻ جو اُهو بريءَ طرح سان مَسخ ٿي ويو هو. جڏهن مڇ کي ڌڪ هنيو ويو هو اُهو ڌڪ ڄڻ هِن کي لڳو هو.
پر جنهن شارڪ منهنجي مڇ کي ڌڪ هنيو مون ان کي ماري ڇڏيو، هُن سوچيو. ۽ هُوءَ وڏي ۾ وڏي ڏندرِي شارڪ هئي جيڪا مون شايد ڪڏهن ڏٺي هُجي.
اها هڪ هنڌ تي ڄمي رهڻ جي لحاذ کان ڪافي سُٺي هئي، هُن سوچيو. مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش هاڻي مان خواب منجھ هجان ها ۽ ته مون ڪڏهن مڇ کي ڪُنڍيبند نه ڪيو هجي ها ۽ مان بستر تي اخبارن جي مٿان اڪيلو هجان ها.
”پر انسان هار / شڪست لاءِ پيدا نه ٿيو آهي،“ هُن چيو. ”هڪڙي انسان کي برباد ته ڪري سگهجي ٿو ته پر ان کي شڪست نه ٿي ڏيئي سگهجي.“ البت مون کي افسوس آهي جو مون مڇ کي ماري ڇڏيو، هُن سوچيو. هاڻي برو وقت اچي رهيو آهي ۽ مون وٽ ويندي نيزو به نه آهي. ڏندرِي بي رحم / ڪَٺور آهي ۽ اها قابل ۽ سگهاري ۽ هوشيار آهي. پر جيتري هوءَ ذهين هئي مان ان کان وڌيڪ هوشيار هوس. شايد نه، هُن سوچيو. شايد مان فقط سٺيءَ ريت هٿياربند هوس.
”نه سوچ، پوڙها ماڻهو،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”هِن پِڙ تي سفر جاري رک ۽ جڏهن اها اچي ان کي وٺ.“
پر مون کي لازماَ سوچڻ گهرجي، هُن سوچيو. ڇاڪاڻ جو مون وٽ سڀ ڪجھ اهو ئي بچيو آهي. ها اهو (سوچڻ) ۽ بيس بال. مون کي حيرت ٿي ٿئي ته عظيم ڊِي ميگيو کي جيڪڏهن مان ميڄالي ۾ ڌڪ هڻان ها هُو ڪهڙيءَ ريت ان کي پسند ڪري ها؟ اها ڪا وڏي ڳالھ نه آهي، هُن سوچيو. ڪو به ماڻهو اَئين ڪري سگهي ٿو. پر ڇا تون سمجهين ٿو ته منهنجا هٿ هڪڙي اهڙي رڪاوٽ هئا جيڪا جهڙيءَ ريت هڏيءَ جي سوزش سبب پيدا ٿيندي آهي؟ مان نه ٿو ڄاڻي سگهان. ڪڏهن به مونکي کُڙيءَ منجھ مسئلو پيش ڪِين آيو سواءِ ان وقت جي جڏهن ڪَنڊيدار پڇ واري مڇيءَ جي مٿان منهنجو پير ترڻ دوران لڳو هو ۽ ان هيٺين ڄنگھ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو هو ۽ ان سان ناقابل برداشت درد پيدا ٿيو هو.
”پوڙها ماڻهو ڪنهن سَرهِي شيءِ بابت سوچ،“ هُن چيو. ”هاڻي هر ايندڙ منٽ ۾ تون پنهنجي گهر جي ويجهو ٿي رهيو آهين. توکي چاليهن پائونڊن جي نقصان کان بچڻ لاءِ هوريان هوريان سفر ڪرڻ گهرجي.“
هن بلڪل چڱيءَ طرح ان ڍنگ کي ڄاتو پئي ته جڏهن هو لهر جي اندرئين حصي منجھ پهچندو ته ڇا ٿيندو. پر هاڻي اهڙو ڪجھ نه ڪرڻو هو.
”ها اتي آهي،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”مان پنهنجي چاقوءَ کي پنهنجي ونجهن منجهان هڪڙي ونجھ جي سِري سان پاڻ ڏانهن سوري سگهان ٿو.“
اهو هُن پنهنجي ٻانهن جي هيٺان مُٺيو ڏيندي ۽ بادبان جي ڪپڙي کي پنهنجي پيرن هيٺ ڏيندي ڪيو.
”هاڻي،“ هُن چيو، ”مان اڃا تائين هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهيان. پر مان بي هٿيار نه آهيان.“
هاڻي هِير تازي هئي ۽ هُو سٺيءَ طرح سان ڪاهي رهيو هو. هُن مڇيءَ جي فقط اڳتي واري حصي کي پئي تڪيو ۽ هُن جي ڪجھ اميد واپس وري آئي.
اميد ڪرڻ چريائپ نه آهي، هُن سوچيو. ان کان علاوھ منهنجو ايمان آهي ته نا اميد ٿيڻ هڪڙو ڏوھ آهي. گناھ بابت نه سوچ، هُن سوچيو. اُتي هاڻي گناھ کان آجا ڪافي مامرا آهن. پڻ مون کي ان جي باري ۾ ڪو فهم ڪونهي.
مون کي ان جي باري ۾ ڪا سمجھ ڪينهي ۽ مون کي اهيا پڪ ناهي ته ڪٿي مان ان تي ايمان رکان ٿو يا نه. شايد هڪڙي مڇيءَ کي مارڻ ڏوھ آهي. مان سمجهان ٿو ها ڀلي مون ان کي کڻي پنهنجي بقا توڙي ٻين ماڻهن جي خوراڪ خاطر ماريو هجي. پر ته پوءِ هر شيءِ هڪڙو ڏوھ آهي. ڏوھ بابت نه سوچ. انهيءَ بابت ويچارڻ لاءِ گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ اتي انسان آهن جن کي ايئين ڪرڻ لاءِ معاوضو ڏنو ويندو آهي. ڇڏ ته اهي ان بابت سوچين. تون پيدائشي طور تي اهڙي ريت هڪڙو مهاڻو آهين جيئن مڇي پيدائشي طور تي مڇي هجي ٿي. سين پيڊرو هڪڙو مهاڻو هو جهڙيءَ ريت مهان ڊِي ميگيو جو ابو هڪڙو مهاڻو هو.
پر هُن انهن مِڙني شين بابت ويچارڻ کي پسند پئي ڪيو جن ۾ هُو ملوث رهيو هو ۽ ڇاڪاڻ جو اتي پڙهڻ لاءِ هُن وٽ ڪو مواد توڙي ريڊيو ڪين هو هُن گهڻو ويچاريو ۽ هُن ڏوھ بابت سوچڻ جاري رکيو. تو مڇيءَ کي فقط پنهنجي بقا لاءِ توڙي خوراڪ طور وڪري لاءِ نه ماريو آهي، هُن سوچيو. تو هُن کي پنهنجي عظمت لاءِ ماريو آهي ڇاڪاڻ جو تون هڪڙو مهاڻو آهين. جڏهن هوءَ جيئري هئي تڏهن تو هُن سان پريم پئي ڪيو ۽ تو هن سان هُن جي موت پڄاڻان محبت ڪئي. جي تون هُن سان پيار ڪرين ٿو ته پوءِ هُن کي مارڻ هڪڙو گناھ نه آهي. يا ڪٿي اهو ان کان به وڌيڪ ڪو پاپ آهي؟
”پوڙها ماڻهو تون گهڻو سوچي رهيو آهين،“ هُن وڏي واڪي چيو.
پر تو ڏندري مڇيءَ کي مارڻ مان وڏو مزو ماڻيو، هُن سوچيو. هوءَ پڻ تو جيان زندھ مڇيءَ کي ماري جيئندي آهي. هوءَ ڪا مُردار خور مڇي نه آهي نه ئي اها بک سان گڏ هلندي آهي جهڙيءَ ريت ڪي شارڪ مڇيون ڪنديون آهن. اها سندر ۽ اعليٰ آهي ۽ هُوءَ ڪنهن به شيءِ کان نه ڊڄندي آهي.
”مون هُن کي پنهنجي حفاظت خاطر ماري ڇڏيو، پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”۽ مون هُن کي ٺاهي ماريو.“
ان کان علاوھ، هُن سوچيو، هر شيءِ ڪنهن نه ڪنهن حوالي کان هر ٻي شيءِ کي ماري ٿي. ماهيگيري مون کي ٺيڪ اهڙيءَ طرح سان ماري ٿي جهڙيءَ ريت اها مون کي جيئاري ٿي. ڇوڪرو مون کي جيئاري ٿو، هُن سوچيو. لازماَ مون کي پاڻ سان گهڻو ڌوڪو نه ڪرڻ گهرجي.
هو پاسي تي جهڪي پيو ۽ مڇيءَ جي هڪڙي ٽڪڙي کي انهي هنڌ تان ڍرو ڪيو جتان ان کي شارڪ مڇيءَ وڍيو هو. هُن ان کي چٻاڙيو ۽ هُن ان جي سُٺي ذائقي ۽ معيار کي ڌيان ۾ آندو. اهو ٺوس ۽ رَسدار هو، گوشت جيان، پر اهو سرخ نه هو. اهو ريشيدار حالت ۾ نه هو ۽ هُن ڄاتو پئي ته اهو هُن کي اعليٰ رقم ڏيئاريندو. پر اتي انهي جي بوءِ کي جل کان پري رکڻ جو ڪو رستو ڪو نه هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته هڪڙو اڻانگو وقت اچڻ وارو هو.
هِير هڪ هنڌ بيٺل هئي. اها اترـ اوڀر ڏانهن ڪي قدر واپس مڙي ويئي ۽ هُن ڄاتو پئي ته اها هُن کان پري نه ٿي ويندي. پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي اڳيان نهاريو پر هُن کي ٻيڙين جا ڪي به سڙھ توڙي ڪَڻٺا نظر نه آئيا نه ئي اتي ڪنهن به بحري جهاز سندو ڪو دونهون پئي نظر آيو. اتي فقط اڏامندڙ مڇيون هيون جيڪي هن جي ٻيڙيءَ جي اڳيان واري حصي جي چهنب مٿان ٽپا ڏيندي هڪڙي پاسي ڏانهن ۽ نار جي ڪهڄري جي سفيد چَتين منجھ پيهي پئي ويئيون. ويندي هُن کي ڪو پکي به نظر ڪو نه ٿي آيو.
هُن ٻيڙيءَ جي عقبي حصي ۾ آرام ڪندي ٻن ڪلاڪن تائين جو سفر ڪيو، ۽ هُو ڪنهن ڪنهن مهل مارلِن مڇيءَ جي گوشت منجهان گوشت جو هڪڙو ٽڪڙو چٻاڙيندو رهيو، هُو ساهي پٽڻ ۽ ٻلوان ٿيڻ جي جستجو ڪري رهيو هو، جڏهن هُن پهريان وارين ٻن شارڪن کي ڏٺو، ”اي،“ هُن وڏي واڪي چيو. هِن لفظ جو ترجمو ڪرڻ لاءِ اتي ڪو لفظ ڪونهي ۽ شايد اهو بلڪل هڪڙي اهڙي آواز جيان هو جيئن هڪڙو مرد، ازخود تڏهن ڪڍندو آهي جهڙيءَ ريت هٿ يا ڪاٺ ۾ ڪوڪي جي گهڙي وڃڻ جهڙي محسوسات هوندي آهي.
”گيلانوس،“ هُن وڏي واڪي چيو. هُن پهريان واري مڇيءَ پٺيان هڪڙي ٻي مڇيءَ جي کنڀڙاٽيءَ کي ايندي ڏٺو ۽ هُن انهن کي بيلچي نما ٻُوٿ وارين شارڪن طور سڃاتو جن جون بادامي رنگ واريون ٽڪنڊيون ڪَليون هيون ۽ انهن جي پڇن جون ڪشاديون هلچلون هيون. انهن خوشبوءَ کي محسوس ڪيو هو ۽ اهي پرجوش هيون ۽ پنهنجي وڏي بک جي حماقت ۾ خوشبوءَ کي وڃائي ۽ ڳولهي رهيون هيون. پر اهي هر وقت ويجهو ٿي رهيون هيون.
پوڙهي ماڻهوءَ سڙھ جي ڪپڙي کي تيز ڪيو ۽ پاريئِي/ بيرم کي ڀِيڙَ ڏني. تهان پوءِ هن ونجھن کي انهي چاقوءَ سان کنيو جيڪو ان ۾ چهٽيل هو. هُن ان کي ايترو هوريان کنيو جيترو هن کان پڄي سگهيو ڇاڪاڻ جو هن جا هٿ درد جي ڪري ڪم ڪرڻ کان قاصر هئا. تهان پوءِ هن انهن کي کوليو ۽ انهن کي ان تي هلڪي انداز ۾ ڍرو ڪرڻ لاءِ بند ڪيو. هن انهن کي پڪيءَ طرح سان بند ڪيو اهڙيءَ ريت اهي هاڻي هُن جي سُور کي جهلي رکندا ۽ اهي جُهڪِي نه ويندا ۽ هُن شارڪ مڇين کي ايندي ڏٺو. هاڻي هو انهن جي ويڪرن، تراکڙن نوڪن وارن مَٿن ۽ انهن جي سنواريل سفيد ويڪرين کنڀڙاٽين کي ڏسي پئي سگهيو. اهي نفرت انگيز شارڪُون هيون، جيڪي بريءَ طرح سان سُونگهي رهيون هيون انهن ۾ مُڙده خور توڙي قاتل شارڪون هيون، ۽ بک وچان اهي هڪڙي ونجھ يا ٻيڙيءَ جي پٺيان لڙڪندڙ سَعير کي چَڪَ پائي رهيون هيون. هِي اُهي شارڪُون هيون جيڪي ڪُمين جي ڄنگهن ۽ انهن جي کنڀڙاٽين کي تڏهن ڪَٽي ڇڏينديون هيون جڏهن اهي مٿاڇري تي ننڊ ورتل هونديون هيون، ۽ اهي ڪنهن به ماڻهوءَ کي بکايل هئڻ جي صورت ۾ جل منجھ ٿُونا هڻنديون هيون، پوءِ ڀلي ان ماڻهوءَ منجهان مڇيءَ يا رَت جي ڪا بوءِ ايندي هجي به يا نه پڻ ڪا مڇي هُن سان چُهٽيل هوندي هجي به يا نه.
”اي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”گيلانوس. اچو گيلانوس.“
اهي آئيون. پر اهي اهڙيءَ ريت نه آيون جهڙيءَ ريت نيري شارڪ مڇي آئي هئي. هڪڙي مُڙي ويئي ۽ اها مڪڙيءَ هيٺان نظرن کان اوجهل ٿي ويئي ۽ جيئن ئي هُن مڇ کي سَٽ ڏئي ڇڪيو هُو ٻيڙيءَ جي لڏڻ کي محسوس ڪري پئي سگهيو. هڪڙي ٻي مڇي پوڙهي ماڻهوءَ ڏانهن پنهنجن پِيلن قطع ڪيل اکين سان نهاري رهي هئي ۽ پوءِ اها تيزيءَ سان پنهنجي هَڙٻاٽ جي اڌيڪي ويڪر واري دائري سان مڇ ڏانهن ان هنڌ ڏانهن آئي جتان اهو پهريان کان کاڄي ويو هو. ڏور هُن جي ناسي مٿي جي مٿان ۽ پٺ تي صاف نظر اچي رهي هئي جتي دماغ ڪرنگهي جي هڏيءَ سان ٿي مليو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ونجھ تان چاقوءَ کي ٿڏي تي پاڻ ڏانهن سوري ورتو ۽ ان کي ٻيهر شارڪ جي پِيلَن ٻليءَ جي اکين نما اکين منجھ هنيو. شارڪ مڇ کي ڇڏي ڏنو ۽ هيٺ سِرڪِي ويئي اها گوشت جي ان ٽڪڙي کي نڳلي رهي هئي جيڪو هُن اتان پَٽي ورتو هو.
مڪڙي اڃا تائين لڏي رهي هئي انهي تباهيءَ ڪارڻ جيڪا مڇ تي شارڪ مچايو بيٺي هئي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ سڙھ جي ڪپڙي کي ڇڏي ڏنو ته جيئن مڪڙي اهڙيءَ طرح هڪڙي پاسي ڏانهن مُڙيل هلندي رهي ان سان مڪڙي جي تري هيٺ موجود مڇي ٻاهر اچي ويندي. جڏهن هُن شارڪ کي ڏٺو هُو پاسي تي جهڪي ويو ۽ هُن ان کي ٺونشو هنيو. هن فقط گوشت کي ڌڪ هنيو ۽ ان جي کَل سخت ٿي ويئي ۽ هُو بمشڪل چاقوءَ کي هٿ ڪري پئي سگهيو. شارڪ کي ٺونشي هڻڻ ڪارڻ نه فقط هن جو هٿ سور ڪرڻ لڳو پر هُن جي ڪلهن ۾ پڻ سور ٿيڻ لڳو. پر شارڪ تيزيءَ سان مٿي آئي ۽ ان جو مٿو ٻاهر هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ان جي هموار مٿي جي مرڪز ۾ تڏهن سَنڌائتو ڌڪ هنيو جيئن ئي ان جو دُون جل ۾ ٻاهر نڪري آيو ۽ اهو مڇ جي برعڪس هو. پوڙهي ماڻهوءَ چاقو ڪڍيو۽ ان کي بلڪل ساڳي ئي هنڌ تي وهائي ڪڍيو. اها اڃا تائين مڇ تي لٽڪيل هئي ۽ ان جي هڙٻاٽ ۾ ڪُنڍا ڦاٿل هئا ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ان جي کاٻي اک ۾ ڌڪ هنيو. شارڪ اڃا تائين اتي لٽڪيل هئي.
”نه؟“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو هن ڪرنگهي ۽ دماغ جي ميلاپ واري هنڌ منجھ ڌار کي ڦيرايو. هاڻي ان کي مارڻ آسان هو ۽ هُن چُڀڻِي هڏيءَ جي سختيءَ کي محسوس ڪيو. پوڙهي ماڻهوءَ ونجھ کي اونڌو ڪيو ۽ ڪٽاري کي شارڪ جي هڙٻاٽ ۾ ان کي کولڻ لاءِ وڌو. هُن ڪٽاري کي موڙيو ۽ جيئن شارڪ ان مان ڍري ٿي کِسڪي ويئي هُن چيو، ”وڃ، گيلانو. هڪڙي ميل جيترو هيٺ کسڪِي وڃ. وڃ پنهنجي دوست کي ڏس يا ٿي سگهي اتي تنهنجي ماءُ هجي.“
پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي چاقوءَ جي ڌار کي صاف ڪيو ۽ ونجھ کي هيٺ ڪيو. تهان پوءِ هُن ڪپڙي سڙھ کي ڀريل ڏٺو هُن مڪڙيءَ کي ان جي پِڙ تي پهچايو.
لازماَ انهن هڪڙي چوٿائي جيترو مڇ کي کائي ڇڏيو آهي ۽ اهو بهتر کان بهتر گوشت هو،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش اهو هڪڙو خواب هجي ها ۽ ڪاش مون هُن کي ڪڏهن به ڪُنڍيبند نه ڪيو هجي ها، مڇ ان لاءِ مون کي افسوس آهي. اهو هرشيءِ کي غلط بڻائي رهيو آهي.“ هُو رڪجي ويو ۽ هُن هاڻي مڇ ڏانهن نهارڻ نه پئي چاهيو جنهن جو رت ڌوپجي ويو هو ۽ هن ان جي چانديءَ نما رنگ واري پُٺ جي هڪڙي قليل حصي کي ڏٺو ۽ اتي ان جا پٽا اڃا نظر اچي رهيا هئا.
”مڇ،مون کي گهڻو ڏور وڃڻ نه گهرجي ها،“ هُن چيو. نه ئي تو لاءِ نه ئي پاڻ لاءِ. مون افسوس آهي، مڇ. هاڻي، هُو پاڻ سان هم ڪلام ٿيو.چاقوءَ جي ڌار ڏانهن نهار متان اها ڪَٽجي (کندجي) ويئي هجي. تهان پوءِ پنهنجي هٿ کي ترتيبائتو ڪر اتي اڃا وڌيڪ ڪجھ ٿيڻ وارو آهي.
”مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش چاقو تکو ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪو پٿر هجي ها،“ پوڙهيءَ ماڻهوءَ تڏهن چيو جڏهن هن ونجھ جي پڇاڙيءَ ۾ ڏور ڏانهن نهاريو. ”لازماَ مون کي هڪڙو پٿر آڻڻ گهرجي ها.“ توکي لازماَ ڪيتريون ئي شيون آڻڻ گهرجن ها، هُن سوچيو. هاڻي ان بابت سوچڻ جو وقت نه آهي جيڪو ڪجھ تو وٽ نه آهي. تون فقط اهو سوچ ته جيڪو ڪجھ تو وٽ موجود آهي تون ان سان ڇا ڪجھ ڪري سگهين ٿو.
”تو مون کي ڪافي سٺي نصيحت ڏني،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”مان هاڻي ان مان ٿڪجي پيو آهيان.“
هُن پاريئِي کي پنهنجي ٻانهن جي هيٺان جهليو ۽ جيئن ئي ٻيڙي اڳتي سُري هُن پنهنجن ٻنهي هٿن کي جل سان سيراب ڪيو .