3
پوڙهي ماڻهوءَ انهن سمورين مڇين کي طُونا جي نالي سان پڪاريو پئي ۽ هُن انهن کي انهن جي خاص نالن سان فقط انهيءَ مهل ٿي پڪاريو جڏهن اُهي ان کي وِڪرو ڪرڻ لاءِ نيئي پئي آيا يا انهن جو چُوڻي خاطر واپار پئي ڪيو، اهي هينئر هيٺ هليون ويون هيون. هاڻي سج تپي ويو هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي پُٺيءَ تي ان جي تپش کي محسوس ڪيو ۽ هُن جيئن ئي ونجھ ورايا تيئن پنهنجي پُٺيءَ تي پگهر جي قطرن جي وهڪ کي محسوس ڪيو.
مان بلڪل ڪاهي سگهان ٿو، هُن ويچاريو، ۽ مان هڪڙي ڏور جي خَم کي پنهنجي پير جي آڱوٺي جي چوڌار ڦاسائيندي سمهي سگهان ٿو جيڪو مون کي جاڳائيندو رهندو. پر اڄ پنجاسيهون ڏينهن آهي ۽ مونکي اڄوڪي ڏينهن تي سٺيءَ طرح سان مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ کپي.
بلڪل تهان پوءِ، هُن پنهنجي ڏورين تي نظر رکندي، هڪڙي ٻاهر نڪتل سائِي ڪاٺيءَ کي تکيءَ طرح سان پاڻيءَ منجھ ٻڏندي ڏٺو.
”ها،“ هن چيو. ”ها،“ ۽ پنهنجي مڪڙيءَ کي بنا ڪنهن ٿيلهڻ جي ونجھ ورايا. هُو ٻاهر ڏور تائين پهتو ۽ ان کي ان جي آڱوٺي ۽ هُن جي ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر درميان نرميءَ سان جهلي بيٺو. هُن ڪنهن قسم جي ڇڪ توڙي وزن محسوس نه ڪيو ۽ هُو ڏور کي مضبوطيءَ سان جهلي بيٺو. تهان پوءِ اها ٻيهر آئي. هِن ڀيري اها هڪڙي ڪَچِي سَٽَ هئي، اها نه ته ٺوس هئي ۽ نه وري ايتري ڀاري، هُن درست طور تي ڄاڻي ورتو ته اهو ڇا هو. هڪ سئو تانگها هيٺ هڪڙي مارلِن (Marlin) مڇي ننڍڙين سارڊين مڇين کي کائي رهي هئي جنهن ڪُنڍي جي نوڪ ۽ ان جي وَراڻ کي ڍڪي رکيو هو جتي هٿ سان گهڙيَل ڪُنڍو ننڍڙي طُونا مڇيءَ جي مٿي منجهان پئي نڪتو.
پوڙهي ماڻهوءَ نفاست ۽ نرميءَ سان ڏور کي، پنهنجي کاٻي هٿ سان جهلي رکيو، ان کي ڪاٺيءَ کان آجو ڪيو. هاڻي هُو اُن کي هُن جي آڱرين منجھ اهڙيءَ طرح سان ڇڏي پئي سگهيو جنهن سان مڇيءَ کي ڪا ڇڪتاڻ محسوس ٿي نه پئي سگهي.
اها گهڻي ڏُور آهي، اها هِن مهيني دوران لازماَ وڏي هئڻ گهرجي، هُن ويچاريو. مڇي، انهن کي کاءُ. انهن کي کاءُ. مهرباني ڪري انهن کي کاءُ.
چوڻي واريون اهي مڇيون ڪيتريون نه تر تازيون آهن ۽ تون ٿڌي پاڻي منجھ ڇھ سئو سُوت هيٺ گھگھ اونداھ ۾. اُونداھ ۾ هڪڙو ٻيو چڪر لڳاءِ ۽ واپس موٽي اچ ۽ انهن ڳاهن کي کاءُ.
هُن عمدي ڇڪ کي محسوس ڪيو ۽ تهان پوءِ هڪڙي سخت ڇڪ کي محسوس ڪيو جڏهن ڪُنڍي ۾ پيل چُوڻي واري ننڍڙي سارڊين مڇيءَ جي مٿي کي ڪنڍي منجهان ٽوڙڻ ڪافي مشڪل رهيو. تهان پوءِ اتي وري ڪارِيءَ وارا ڪک هئا.
”اچ،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”هڪڙو ٻيو ڀيرو ڀَر. فقط انهن کي سُونگھ. ڇا اهي چُوڻا دلڪش نه آهن؟ انهن کي سٺيءَ طرح سان کاءُ ۽ تهان پوءِ اتي چُوڻي واريون طُونا مڇيون ملندءِ. سخت ۽ ٿڌيون ۽ من موهيندڙ. نه شرماءِ، مڇي. انهن کي کاءُ.“
هُو پنهنجي پير جي آڱوٺي ۽ آڱر منجھ ڦاٿل ڏور سان گڏ انتظار ڪرڻ لڳو، ساڳي ئي وقت انهي ڏور سان گڏ ٻين ڏورين ڏانهن نهاري رهيو هو ڇاڪاڻ جو مڇي شايد هيٺ توڙي مٿي هلي ويئي هئي. تهان پوءِ اتي ساڳيئي قسم جي عمدين سَٽُن جو ڇهاءُ محسوس ٿيڻ لڳو.
”هُوءَ اُنهن (چُوڻن) کي کائيندي،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”خدايا! هُن کي اُنهن کي کائڻ تي آماده ڪر.“
پر ان انهن کي نه کاڌو. هوءَ هلي ويئي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ڪجھ به محسوس نه ڪيو. ”هُوءَ هلي نه ويئي هوندي،“ هُن چيو. ”مسيع ڄاڻي ٿو هُوءَ هلي نه ويئي هوندي. هُوءَ هڪڙو رخ مٽائي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها پهريان ڪنهن ڪُنڍي منجھ ڦاٿي هجي ۽ هُوءَ انهيءَ بابت ڪا شيءِ ياد ڪري رهي هجي.“
تهان پوءِ هُن ڏور تي نرم ڇهاءُ محسوس ڪيو ۽ هُو خوش هو.
”اهو فقط هُن پاسو ورايو آهي،“ هُن چيو. ”هُوءَ انهن کي کائيندي.“
هُو عمدي / نفيس ڇهاءُ کي محسوس ڪندي خوش هو ۽ تهان پوءِ هُن ڪا شيءِ ٺوس ۽ ناقابلِ يقين حد تائين ڳَرِي محسوس ڪئي. اهو مڇيءَ جو وزن هو ۽ هُن ڏور کي هيٺ کسڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو، هيٺ، هيٺ، پهرين ٻن ويڙهن جي ذخيري کي کوليندي. جيئن ئي اها ڏور، پوڙهي ماڻهوءَ جي هٿن منجھ هوريان هوريان کِسڪندي هيٺ نيئي ويئي، هُو اڃا تائين وڏي ڳري وزن کي محسوس ڪري پئي سگهيو، جڏهن ته هُن جي آڱوٺي ۽ آڱر جو دٻاءُ لڳ ڀڳ خَفِيف هو.
”هڪڙي ڇا ته مڇي آهي،“ هُن چيو. ”هاڻي ڪُنڍو هُن جي پاسن کان ڦاسي چڪو آهي ۽ هوءَ ان سان گڏ هلي رهي آهي.“
تهان پوءِ هوءَ پاسو ورائيندي ۽ ان کي ڳِهِي ويندي، هُن سوچيو. هُن اهو ان لاءِ نه چيو ڇاڪاڻ جو هُن ڄاتو پئي ته جيڪڏهن توهان ڪا سٺي شيءِ چوندا ته اها ٿي نه پوندي. هُن ڄاتو پئي ته اها ڪيتري نه وڏي مڇي هئي ۽ هُن ان بابت ويچاريو ته اها اونداھ ۾ هُن جي منهن جي پاسي کان پيل چُوڻي واري مڇي طُونا سان چر پر ڪري رهي هئي. انهيءَ لمحي دوران هُن هُن جي حرڪت کي بند ٿيندي ڏٺو پر ان جو وزن اڃا اتي محسوس ٿي رهيو هو. تهان پوءِ ان جو وزن وڌي ويو ۽ هُن ڏور کي وڌيڪ ڇڏيو. هُن پنهنجي آڱوٺي ۽ آڱر جي دٻاءُ کي هڪڙي کَن پل لاءِ سوگهو ڪيو ۽ وزن وڌي ويو ۽ اهو هيٺ پيهِي ويو.
”هُن ان کي ورتو آهي،“ هُن چيو. ”مان هاڻي ان کي اهو سٺيءَ طرح سان کائڻ لاءِ ڇڏي ڏيندس.“
هُو جڏهن پنهنجي کاٻي هٿ سان هيٺ پهتو هُن ڏور کي پنهنجي آڱرين منجھ کسڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ هُن ذخيري وارين ٻن ويڙهن جي آزاد پڇاڙين کي ٻي ڏور جي ٻن ويڙهن جي سِرڪڻين سميت تيزيءَ سان ڇڏي ڏنو. هاڻي هُو تيار هو. هاڻي هُن وٽ، انهي ڏور سميت جنهن جو هو استعمال ڪري رهيو هو، چاليهن تانگهن سندا ڏور جا ويڙها هئا.
”ٿورو وڌيڪ کاءُ،“ هُن چيو. ”سٺيءَ طرح سان کاءُ.“
”ان کي کاءُ جيئن ڪُنڍي جي چُنهب تنهنجي دل منجھ گهِڙي وڃي ۽ توکي ماري ڇڏي،“ هُن سوچيو. مٿي آسانيءَ سان اچ ۽ مان توکي نيزي منجھ وجهندس. بلڪل ٺيڪ. ڇا تون تيار آهين؟ ڇا تون ميز تي ڪافي ڊگهي نظر ايندينءَ؟
”هاڻي!“ هُن وڏي واڪي چيو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان زورائتو ڌڪ هنيو، هڪڙي گَز / وال جيتري ڏور کنيائين ۽ پوءِ هر هر ڌڪ هڻڻ لڳو، هُو ڏور سان گڏ متبادل طور تي هر هڪ ٻانهن تي لُڏي لَمِي رهيو هو، پنهنجي ٻانهن جي سموري ٻَلَ سان ۽ پنهنجي جسم جي مرڪزي وزن سميت.
ڪجھ ڪِين ٿيو. مڇي بلڪل هوريان هوريان ٻئي پاسي هلي ويئي ۽ پوڙهو ماڻهو ان کي هڪڙي سُوت جيترو به اُڀاري نه سگهيو. هُن جي ڏور مضبوط هئي ۽ اها ڳري مڇيءَ لاءِ بڻائي ويئي هئي ۽ هُن ان کي پنهنجي گهاءُ / ناسُور جي برعڪس جهلي رکيو جيسين اهو ايترو ڪَسجِي ويو جو ان منجهان پاڻياٺا داڻا نڪرڻ لڳا. تهان پوءِ اها پاڻيءَ منجھ سُوساٽ ڪرڻ لڳي ۽ هُن ان کي اڃا جهلي رکيو، پاڻ کي رنڊڪ جي برعڪس جڪڙيندي ۽ ڇڪ جي برعڪس جهڪندي. مڪڙي اتر ـ اولھ ڏانهن هوريان هوريان چُرَڻ شروع ڪري ڏنو.
مڇي مزي مزي سان چُري رهي هئي ۽ اهي سانتِيڪي جَلَ منجھ سفر ڪري رهيا هئا. ٻيا چُوڻا اڃا جَلَ منجھ هئا پر اتي ڪرڻ لاءِ ڪجھ نه هو.
”مان چاهيان ٿو ڪاش ڇوڪرو مون ساڻ هجي ها،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”هڪڙي مڇي مونکي ڇڪي رهي آهي ۽ مونکي ان کي لنگر تائين نيئي وڃڻو آهي. مان ڏور کي تيزيءَ سان ڍرو ڪري سگهان ٿو. پر اهڙيءَ طرح سان اها ڇِڄِي سگهي ٿي مونکي ان کي وَس ۽ وِت آهر جهلي رکڻ گهرجي ۽ ان لاءِ تڏهن ڏور کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي جڏهن اها ان جي تقاضا ڪري. خدا جو شڪر آهي ته اها سفر ڪري رهي آهي ۽ اها هيٺ نيئي نه ٿي وڃي.“
جيڪڏهن اها هيٺ پيهي وڃڻ جو فيصلو ڪندي ته مونکي تنهن مهل ڇا ڪرڻ کپندو. مان نه ٿو ڄاڻان. جيڪڏهن اها آواز ڪري ۽ مري وڃي ته مان ڇا ڪندس مان نه ٿو ڄاڻان. پر مان ڪجھ نه ڪجھ ڪندس. اتي مان گھڻيون ئي شيون ڪري سگهان ٿو.
هُن ڏور کي پنهنجي پٺ کان جهلي رکيو ۽ جَلَ منجھ ان جي جهڪاءُ ۽ اتر ـ اولھ ڏانهن مزي مزي سان هلندڙ مَڪڙِيءَ کي ڏٺو.
ان سان اها مري ويندي، پوڙهي ماڻهوءَ سوچيو. اها اهو هميش لاءِ ڪري نه ٿي سگهي. پر چار گهنٽا بعد مڇي مزي مزي سان سمونڊ جي سطح تي، ٻيڙيءَ کي ڇِڪُون ڏيندي، تري رهي هئي، ۽ پوڙهو ماڻهو اڃا تائين پنهنجي پُٺ جي چوڌار ٺوس طرح سان ڏور سان وِڪوڙيل هو.
جڏهن مون ان کي ڪُنڍي منجھ ڦاسايو هو تڏهن ٻِپهري ويلا هئي،“ هُن چيو ”۽ اها مونکي هن مهل تائين نظر نه آئي آهي.“
هُن تِيلَن مان بڻايل پنهنجي ٽوپيءَ کي مڇيءَ کي ڪنڍي منجھ ڦاسائڻ کان پهريان مشڪل سان هيٺ نِوايو هو اها ان جي پيشانيءَ کي ڪَپي رهي هئي. هُو پياسو پڻ هو ۽ هُو پنهنجي گوڏن ڀَر جهڪيو، اهيا هوشياري ڪندي ته اهو ڏور منجھ جهٽڪو نه کائي، هُن ڪمان ڏانهن ايتري دوريءَ تائين چر پر ڪئي جيترو هُن کان پُڄي سگهيو ۽ هڪڙي هٿ وسيلي هو پاڻيءَ جي ٻاٽليءَ تائين پهتو. هُن ان کي کوليو ۽ ڪجھ پاڻي پيتو. تهان پوءِ هو ڪمان جي برعڪس ٽِڪِي پيو. هُو لٿل کُوهي / شِيڪلي ۽ بادبان تي ٽِڪي پيو ۽ ڪوشش ڪري رهيو هو ته هو ڪجھ نه سوچي پر صرف جَٽاءُ ڪندو رهي.
تهان پوءِ هُن پنهنجي پٺيان نهاريو ۽ ڏٺو ته اتي ڪا به زمين ظاهر نه پئي ٿي. انهي سان ڪو فرق نه ٿو پئي، هُن سوچيو. مان هَوانا (Havana) کان ايندڙ روشنيءَ وسيلي هميش اندر سمونڊ منجھ گهڙي سگهان ٿو. اڃا سج جي لهڻ ۾ ٻه وڌيڪ ڪلاڪَ پيا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو هوءَ انهيءَ کان اول مٿي اچي وڃي. جيڪڏهن ايتري منجھ اها مٿي نه ٿي اچي ٿي سگهي ٿو ته هوءَ چنڊ نڪرڻ ويلي اچي وڃي. جيڪڏهن اها چنڊ اڀرڻ ويلي نه ٿي اچي ٿي سگهي اها سج اڀرڻ ويلي ٻاهر اچي. مونکي ڪي ڳِڍڙِيُون نه پئجي ويئيون آهن ۽ مان پاڻ کي مضبوط ڀانيان ٿو. اُها هُوءَ آهي جنهن کي وات ۾ ڪُنڍو پيل آهي. پر اها ڇا ته مڇي آهي جيڪا اهڙيءَ طرح سان ڇڪي رهي آهي. لازماَ هُن جو وات ڏور منجھ مضبوطيءَ سان بند آهي. ڪاش! مان ان کي ڏسي سگهان. مان چاهيان ٿو ته ڪاش! مان هُن کي فقط هڪڙو ڀيرو ڏسي سگهان ته جيئن خبر پئجي وڃي ته منهنجي دُوبدُو ڇا آهي.
انهي سموري رات دوران مڇيءَ ڪڏهن به پنهنجي رفتار توڙي رخ نه مٽايو جنهن کي پوڙهو ماڻهو ستارن جي حرڪت وسيلي پروڙي رهيو هو. جڏهن سج لهي ويو اتي ٿڌ پوڻ لڳي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ جو پگهر هُن جي پُٺي ۽ هُن جي ٻانهن ۽ پوڙهين ڄنگهن تي ٿڌ جي سبب ٺري خشڪ ٿي ويو. هُن ڏينهن دوران ٻاچڪو کنيو هو جيڪو چُوڻي واري دٻي تي ڏنل هو ۽ هُن ان کي سج تي خشڪ بڻجي وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي ڦهلائي ڇڏيو هو. جڏهن سج لهي ويو هُن ان کي پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌار اهڙيءَ طرح سان ٻڌي ڇڏيو جو اهو هُن جي پٺيءَ جي مٿان لٽڪي بيٺو ۽ هُن وڏي سُچِيتائي / محتاطي سان ان کي ڏور جي هيٺان ڏيئي ڇڏيو جيڪا هاڻي هُن جي ڪلهن جي آرپار هئي. ٻاچڪي ڏور کي گَدِي فراهم ڪئي ۽ هُن ڪمان جي پٺيان اڳتي جهڪڻ جو هڪڙو طريقو ڳولھي لڌو اهڙيءَ طرح سان هُو پاڻ کي لڳ ڀڳ آرامده محسوس ڪرڻ لڳو. حقيقت ۾ صورتحال فقط ڪِي قدر برداشت کان ٻاهر هئي؛ پر هُن ان بابت لڳ ڀڳ ناگوار محسوس ڪيو.
مان هُن کي ڪجھ نه ٿو ڪري سگهان ۽ هوءَ مون کي ڪجھ به نه ٿي ڪري سگهي، هُن ويچاريو. تيستاءِ نه جيستاءِ اها اهڙو ورتاءُ برقرار رکي.
هڪڙي ڀيري هُو مٿي اٿي بيٺو ۽ هُن مڪڙيءَ جي پاسي وٽان پيشاب ڪيو ۽ ستارن ڏانهن نهاريندي مڪڙيءَ جي پِڙَ بابت چڪاسيو. هُن جي ڪلهن وٽان سڌو سنئون ڏور هڪڙي تابنده / چمڪدار پٽيءَ نما ڏيکاري ڏيئي رهي هئي. هاڻي اهي هوريان هوريان حرڪت ڪري رهيا هئا ۽ هوانا جي روشني ايتري سگهاري ڪو نه هئي، اهڙيءَ طرح هُن ڄاڻي ورتو ته لازماَ لهر انهن کي اوڀر ڏانهن نيئي وڃي رهي هئي. جيڪڏهن هَوانا جي روشني منهنجي نظرن کان اوجهل بڻجي ويئي ته لازماَ اسان وڌيڪ اوڀر ڏانهن هلندا رهنداسين، هُن ويچاريو. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن مڇيءَ سندو گَس درست رهيو ته مان ان کي وڌيڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اکِ ۾ رکِي سگهان ٿو. مون کي تعجب ٿي رهيو آهي ته اڄوڪي وڏين جماعتن واري بيس بال جو ڇا ٿيو، هُن سوچيو. ان بابت هڪڙي ريڊيي وسيلي ڄاڻڻ عجب جهڙو هوندو. تهان پوءِ هُن سوچيو، تون هميش ان بابت سوچيندو رهين ٿو. انهي بابت سوچ جيڪو تون ڪري رهيو آهين. توکي ڪابه شيءِ وِسُوڙِي / ڀَڪُو / اَگيانِي نه ڪرڻ گهرجي.
تهان پوءِ هُن چيو، ”ڪاش! مون وٽ ڇوڪرو هجي ها، منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ ۽ هِي ڪجھ ڏسڻ لاءِ. ”ڪنهن کي به پوڙهائپ ۾ هيڪلو نه هئڻ گهرجي، هُن سوچيو. پر اهو اَٽل / ناگُزير آهي. مون کي لازماَ پاڻ کي شڪتي شالِي بنائڻ لاءِ طُونا مڇيءَ کي کائڻ نه وسارڻ گهرجي ان کان اڳ جو اها خراب ٿي وڃي. ياد رک، ڪا ڳالھ نه آهي ڀلي ٿوري ئي صحيح، توکي اها صبح ويلي کائڻ گهرجي. ياد رک، هُن پاڻ کي پاڻ چيو.
رات دوران ٻه ٻُلهڻيون مڪڙيءَ جي چوڌار مِڙي آئيون ۽ هُو انهن جي گول گول ڦيراٽن ۽ ڦُوڪاٽَن / واڄٽَن کي ٻڌي پيئي سگهيو. هُو نَر ٻلهڻ جي ڦُوڪٽن جي آوازن ۽ مادي ٻلهڻ جي آهُن نما ڦُوڪاٽن درميان فرق معلوم ڪري پئي سگهيو.
”اهي ڀَليون آهن،“ هُن چيو. ”اهي راند رَچائن ٿيون ۽ مسخري ڪن ٿيون ۽ هڪٻئي سان پريم ڪن ٿيون. اهي اڏامندڙ مڇين جيان اسان جا ادا / ادڙيون آهن.“
تهان پوءِ هُن کي ان وڏي مڇيءَ تي ترس اچڻ لڳو جنهن کي هُن ڪُنڍي منجھ ڦاسايو هو. هوءَ عجب جهڙي ۽ انوکي آهي ۽ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڪيتري آڳاٽِي آهي، هُن ويچاريو. نه ئي وري ڪڏهن به مونکي هڪڙي اهڙي سگهاري مڇي پلئه پيئي آهي نه ئي ڪا اهڙي مڇي ڪڏهن هٿ آئي آهي جيڪا اهڙي عجيب ورتاءُ سندي هوندي هجي. شايد هوءَ ٽپو ڏيڻ جي حوالي کان ڪافي چالاڪ آهي. هوءَ منهنجي مٿان ٽَپو ڏيندي يا هڪڙي شوخ سَرڪشيءَ وسيلي مونکي هَلاک ڪري سگهي ٿي. پر شايد هُوءَ ڪيئي ڀيرا ڪُنڍي منجھ ڦاٿي هجي ۽ هوءَ ڄاڻي ٿي ته هُن کي اهڙو يُڌ ڪيئن وڙهڻ گهرجي. هوءَ اهو ڄاڻي نه ٿي سگهي ته اُتي هُن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ فقط هڪڙو ماڻهو آهي، نه ئي اُهو ڄاڻي سگهي ٿي ته اُهو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي. پر اها ڇا ته وڏي مڇي آهي ۽ جيڪڏهن ان جو گوشت سٺو آهي اهو منڊيءَ منجھ ڪهڙو ملھ ڏياريندو. هُن چُوڻي کي هڪڙي نَر مڇيءَ جيان ورتو ۽ اها هڪڙي نر مڇيءَ جيان ڇِڪي رهي آهي ۽ هُن جي ويڙھ منجھ ڪو ٿرٿلو / ٽاڪوڙو ڪونهي. مونکي تعجب ٿي رهيو آهي جيڪڏهن هُن وٽ ڪي رِٿُون آهن يا هوءَ بلڪل اهڙي بيپرواھ آهي جيئن مان آهيان؟
هُن انهي وقت کي ياد ڪيو جڏهن هُن مارلِن مڇين جي هڪڙي جوڙي کي ڪُنڍيبَند ڪيو هو. نَر مڇي هميش مادي مڇيءَ کي پهريان کائڻ لاءِ ڇڏيو، مادي مڇي هڪڙي اڻ گهڙِي / شوخ، ٿرٿلي سان همڪنار، ويڙهاند وِڙهي هئي جنهن هُن کي ٿَڪائي چُور ڪري ڇڏيو هو، ۽ سارو وقت نر مڇي ڏور منجهان آرپار ٿيندي ۽ مٿاڇري تي هُن سان گڏ گهُمرا ڏيندي ٽِڪي پيئي هئي. اها ايترو ته ويجهو اچي رڪجي ويئي هئي جو پوڙهي ماڻهوءَ تي خوف طاري ٿي ويو هو هُن ڏور کي پنهنجي پڇ سان ڪَپڻ شروع ڪيو هو جيڪا هڪڙي ڏاٽي جيان تکي هئي ۽ اها لڳ ڀڳ ان جي حُجم / سائيز ۽ ساخت سندي هئي. جڏهن پوڙهي ماڻهوءَ ان کي سُوئو ۽ ڏنڊو هنيو هو، نِيمچي / کِني / ڪَٽارِي جي چهنب کي ان جي ريگزاري ڪِنار کان جهليندي ۽ هُن جي مٿي جي مٿان آرپار ڏنڊا وسائيندي جيسين ان جو رنگ لڳ ڀڳ پُٺ کان آيل چانديءَ جي تھ وارين آرسين جي هڪڙي رنگ جهڙو بڻجي ويو، ۽ پوءِ، ڇوڪري جي مدد سان، ان کي مٿي ٻيڙيءَ تي چاڙهيو هو، نر مڇي مڪڙيءَ جي پاسي کان رڪجي ويئي هئي. پوءِ، جڏهن پوڙهو ماڻهو ڏوريون صاف ڪري رهيو هو ۽ نيزي / بڻڇيءَ کي تيار ڪري رهيو هو، نر مڇيءَ مڪڙيءَ جي ڀرسان وڏو ٽپو ڏنو هو اهو ڏسڻ لاءِ ته مادِي مڇي ڪٿي هئي ۽ تهان پوءِ اها هيٺ اونهائي منجھ پيهي ويئي هئي، هُن جون نونڊر جي ٻوٽي جيان واڱڻائي کنڀڙاٽيون، جيڪي هُن جي سِيني منجھ لڳل ڪَليُون هيون، ڪشاديون بڻجي ويئيون هُنيون ۽ هُن جون نونڊر جي ٻوٽي جي گل جيان واڱڻائي پَٽيون نظر اچڻ لڳيون هيون. اها خوبصورت هئي، پوڙهي ماڻهوءَ ياد ڪيو، ۽ اها ترسِي پيئي هئي.
اها مون پاران ڏٺل انهن منجھ غمگين ترين شيءِ هئي، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو. ڇوڪرو پڻ غمگين هو ۽ اسان هُن کان معافي ورتي هئي ۽ ان کي اسان تڙ تڪڙ ۾ ڪُهِي ڇڏيو هو.
”مان خواهش ڪيان ٿو ته ڪاش! ڇوڪرو هتي هجي ها،“ هُن وڏي واڪي چيو ۽ پاڻ کي ڪمان جي گول پاٽِين / تَختن جي برعڪس بيهاري ڇڏيو ۽ ڏور وَچان وڏي مڇيءَ جي سگھ کي محسوس ڪيو جنهن کي هُن پنهنجي ڪلهن جي چوڌار جهلي رکيو هو اها هر انهي پاسي ڏانهن يڪسان طور تي حرڪت ڪري رهي هئي جنهن جو هُن انتخاب ٿي ڪيو.
تڏهن هڪڙي ڀيري، منهنجي اِرتداد / دولاب جي سبب، ان لاءِ ضروري بڻجي ويو هو ته اها هڪڙو انتخاب ڪري، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو.
هُن اونهي اونداهي پاڻيءَ منجھ سمورين ڪوڙڪين ۽ ڦندن ۽ دولابين کان گهڻو ڏور رهڻ جو انتخاب ڪيو هو. مون اُتي وڃي ڪري ان کي سمورن ماڻهن کان پرتي ڳولهي لهڻ جو انتخاب ڪيو هو. دنيا جي سمورن ماڻهن کان پرتي. هاڻي اسان هڪٻئي سان ڳنڍجي ويا آهيون ۽ اسان جو اهو لاڳاپو ٻپهري کان هلي رهيو آهي. ۽ اسان ٻنهي جي سهائتا ڪرڻ لاءِ ڪو ڪونهي. شايد مان هڪڙو مهاڻو ٿي نه پئي سگهيس، هُن سوچيو. پر اها اهڙي شيءِ آهي جنهن لاءِ مان جنميو آهيان. مونکي يقيناَ لازماَ سوجهري ٿيڻ کان پهريان طُونا مڇي کائڻ گهرجي.
باک ڦٽڻ کان ڪجھ وقت پهريان ڪنهن شيءِ هُن جي پٺيان کان موجود چُوڻن کي کنيو. هُن ڪاٺيءَ جي ٽٽڻ جو آواز ٻڌو ۽ ڏور مڪڙيءَ جي بالائِي ڪناري مٿان ٻاهر سُرڪڻ لڳي. اونداھ ۾ هُن پنهنجي چاقوءَ جي مَياڻ / غلاف / پوش کي ڍرو ڪيو ۽ مڇيءَ جي سموري ڇَٻِي / ڇِڪ کي پنهنجي کاٻي ڪلهي تي کنيو ۽ ڏور کي مڪڙيءَ جي بالائِي حصي واري ڪاٺ جي برعڪس ڪَپيو. تهان پوءِ هُن جي نزديڪ هڪڙي ٻِي ڏور کي ڪَپيو ۽ اونداھ منجھ ذخيري وارن ويڙهن جي پڇاڙين کي ڍرو ڪيو. هُن هڪڙي هٿ سان ماهراڻي انداز سان ڪم ڪيو ۽ جيئن ئي هُن پنهنجي ڳنڍين کي ڇڪيو هُن پنهنجو پير انهن کي سوگهو جهلڻ لاءِ ويڙهن جي مٿان ڏيئي ڇڏيو. هاڻي هُن وٽ ذخيري وارا ڇھ ويڙها هئا. اُتي هر هڪ چُوڻي کان ٻه ويڙها هئا جيڪي هُن ڪتب آندا هئا ۽ ٻه ويڙها انهي چوڻي کان هئا جن کي مڇيءَ ورتو هو ۽ اهي سڀيئي ويڙها پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا.
جڏهن اتي روشني ٿي ويندي، هُن ويچاريو، مان چاليهن تانگهن جي اونهائي واري چُوڻي تي ڪم ڪندس ۽ ان کي پڻ ڪَپِيندُس ۽ ذخيري وارن ويڙهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندس. مونکي سُٺي ڪيتالِي ڏور (ڪيتالونيا Catalonia : اسپين جو هڪڙو علائقو جتي اها ڏور بنائي ويئي هئي ــ مترجم) جا لڳ ڀڳ ٻه سئو تانگها ۽ ڪُنڍا ۽ ڪُنڍن جي اَکَن منجھ وجهڻ واريون ڏوريون وڃائڻيون پونديون. انهن کي هٽائي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن مان ڪجھ مڇيءَ کي ڪُنڍيبَند بڻايان ۽ اها ان کي ڪَپي ڇڏي ته ان مڇيءَ کي ڪير هٽائيندو. مان نه ٿو ڄاڻان ته اها مڇي ڪهڙي قسم جي هئي جنهن بلڪل هاڻي ڳاھ کنيو. اها هڪڙي مارلِن يا هڪڙي خار ماهِي / ڪوسَڄ يا هڪڙي شارڪ ٿي پيئي سگهي. مون ڪڏهن به ان کي محسوس ڪون ڪيو. مونکي ان منجهان وڏي تيزيءَ سان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو هو.
”مان چاهيان ٿو ته ڪاش! ڇوڪرو مون ساڻ هجي ها،“ هُن وڏي واڪي چيو.
پر تو پاڻ سان ڇوڪري کي نه کنيو، هُن ويچاريو. تون فقط پاڻ سِر پاڻ آهين ۽ تو لاءِ بهتر آهي ته تون هاڻي آخري ڏور تي ڪم ڪر، لاٽ توڙي ٻاٽ ۾، ۽ ان کي ڪَپي پري ڪر ۽ ذخيري وارن ٻن ويڙهن کي هڪٻئي سان مِلاءِ.
هُن اُهو اهڙيءَ طرح سان ڪري ورتو. اونداھ ۾ اُهو ڪرڻ اَهنجو هو ۽ هڪڙي ڀيري مڇيءَ هڪڙي موج زَنِي ڪئي جنهن سان هُو منهن ڀر هيٺ ڇِڪجي ويو ۽ ان هُن کي اک جي هيٺان هڪڙو وَڍ ڏيئي ڇڏيو. هُن جي ڳلن تان رت ٿوريءَ دير تائين هيٺ وهڻ لڳو. پر اهو هُن جي کاڏِيءَ وٽ پهچڻ کان پهريان ڄَمِي ۽ خشڪ بڻجي ويو ۽ هُن واپس ڪمان ڏانهن وڃڻ جو ڪم ڪيو ۽ ان جي ڪاٺ تي آهلجي پيو. ۽ هُن ٻاچڪي کي ترتيب ڏنو ۽ سُچِيتائِي / مُحتاطي سان ڏور تي اهڙيءَ طرح سان ڪم ڪيو جو اها هُن جي ڪلهن جي هڪڙي نئين حصي جي آرپار اچي ويئي، ۽ ان کي پنهنجي ڪلهن سان ٻِلِهيبَند ڪندي جهلي رکيو. هُن محتاطي سان مڇيءَ جي ڇڪ کي محسوس ڪيو ۽ تهان پوءِ هُن پنهنجي هٿ سان پاڻي وَچان مڪڙيءَ جي اڳتي وڌڻ واري حالت کي محسوس ڪيو.
مونکي تعجب ٿي رهيو آهي ته اها هڪڙي پاسي کان ڇاڪاڻ جُهڪِي ويئي، هُن ويچاريو. لازماَ ڏور هُن جي ٽَڪَر نما وڏي پُٺي تي تِرڪِي ويئي. يقيناَ هُن جي پُٺِ اهڙيءَ بريءَ طرح سان دُکندڙ نه ڀاسندي هُوندي جهڙيءَ ريت منهجي پُٺي دُکِي رهي آهي. پر هُوءَ هِن مَڪڙيءَ کي هميش لاءِ ڇِڪي نه ٿي سگهي، چاهي اها ڪيتري وڏي ڇو نه هجي. هاڻي هَر اها شيءِ صاف ٿي چڪي آهي جيڪا مشڪل کَڙِي ڪري پئي سگهي ۽ مون وٽ ڏور جو هڪڙو وڏو ذخيرو موجود آهي؛ ايترو وڏو جيترو هڪڙو ماڻهو طلبي سگهي ٿو.
”مڇي،“ هُن وڏي واڪي چيو، ”مان تو وٽ تيسين ترسندس جيسين مان مري نه ٿو وڃان.“
مان سمجهان ٿو، هُوءَ پڻ مون وٽ ترسندي، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو ۽ هُو ان لاءِ تيسين اوسيئڙو ڪرڻ لڳو جيسين اتي باک نه ٿي ڦُٽي. هاڻي اُتي باک ڦُٽڻ کان پهريان ٿڌ موجود هئي ۽ هُن ڪاٺ جي برعڪس گرم ٿيڻ لاءِ ڇِڪيو. مان ان کي تيستائين ڪري سگهان ٿو جيستائين هُوءَ اهو ڪندي رهي ٿي، هُن ويچاريو. ۽ پهرين اُجالي سان ڏور ٻاهر ۽ پاڻيءَ منجھ ڦهلجي ويئي. ٻيڙي يڪسان طور تي چُرڻ لڳي ۽ جڏهن سج جي پهرين ڪَنِي نروار ٿي اها پوڙهي ماڻهوءَ جي ساڄي ڪلهي کان هئي.
”هُوءَ اتر ڏانهن هلي ويئي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. لَهر اسان کي اوڀر ڏانهن نيئي پئي سگهي، هُن سوچيو. مان چاهيان ٿو ڪاش! هُوءَ لهر سان گڏ مُڙي وڃي تنهن مان اهو ظاهر ٿيندو ته هُوءَ ٿڪجي رهي آهي.
جڏهن سج وڌيڪ اُڀري ويو پوڙهي ماڻهوءَ سَهِي ڪري ورتو ته مڇي ٿڪجي نه رهي هئي. اُتي فقط هڪڙي مُفيد علامت هئي. ڏور جي جهڪاءُ منجهان ڏسڻ ۾ آيو ته اها هڪڙي گهٽ گهرائي منجھ تَرِي رهِي هئي. تنهن جو لازمي طور تي اهو مقصد نه آهي ته هُوءَ ٽَپو ڏيندي. پر هُوءَ ٽَپو ڏيئي به سگهي ٿي.
”خدايا! هُن کي ٽَپو ڏيڻ تي آماده ڪر،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”هُن کي جهلي رکڻ لاءِ مون وٽ ڪافي ڏور پيئي آهي.“
ٿي سگهي جيڪڏهن مان ڇڪتاڻ ۾ ٿورڙو اضافو ڪيان ته اُهو ان کي اِيذاءُ ڏيندو ۽ هُوءَ بُل کائيندي، هُن سوچيو. هاڻي جڏهن اُتي باک ڦُٽي ويئي آهي هُن کي ڇڏ ته هُوءَ بُل هڻي اهڙيءَ طرح سان هُوءَ پنهنجي ڪرنگهي وٽان موجود ڳوٿرين کي هوا سان ڀري ڇڏيندي ۽ پوءِ هُوءَ مرڻ لاءِ گهڻو هيٺ پيهِي نه ٿي سگهي.
هُن دٻاءُ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏور تيزيءَ سان ڇڪجي ٽٽڻ جي نقطي تائين پهتي هئي جڏهن هُن مڇيءَ کي ڪُنڍيبَند ڪيو هو ۽ هُوءَ جيئن ڇِڪڻ لاءِ پوئتي آهليو هُن ڪَرخَتگِي / شِدت محسوس ڪئي ۽ هُو ڄاڻي ويو ته هُو ان تي وڌيڪ زور آزمائي نه پئي ڪري سگهيو. مونکي لازماَ ان کي ڪڏهن به ڇَٻِي / ڇِڪَ نه ڏيڻ گهرجي، هُن ويچاريو. هر ڇَٻِي انهي وَڍ / ٽُڪي کي ويڪرو بنائي ٿي جيڪو ڪُنڍو بڻائي رهيو آهي ۽ پوءِ جڏهن هُوءَ بُل کائيندي هُوءَ ان کان ڇڏائي سگهي ٿي. ڪنهن به طرح سان مان سج سان سُٺو محسوس ڪيان ٿو ۽ هڪڙي دفعي لاءِ به مونکي ان ڏانهن نه نهارڻو آهي.
اُتي ڏور تي پِيلو ڪَهڄرو / ڪکن ڪانن جو ميڙ هو پر پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته اهو هڪڙي اضافي گِهِل هو ۽ هُو خوش باش هو. اهو نار جو ڪَهڄرو هو جنهن رات جي وڳڙي منجھ خاصي روشني ڪري ڇڏي. ”مڇي،“ هُن چيو، ”مان توسان پيار ڪيان ٿو ۽ تنهنجو تمام گهڻو آڌَر ڪيان ٿو. پر مان توکي هِن ڏينهن جي پڄاڻيءَ کان پهريان ماري ڇڏيندس.“
اچ ته اهڙي اميد ڪيون، هُن ويچاريو.