1
پوڙهو ماڻهو سنهڙو ۽ سُڪل سَڙيل هو جنهن جي ڳچيءَ جي پٺ ۾ گِهرا گُهنجَ هئا. هُن جي ڳَلن تي خَطِ سَرطان ۽ خَطِ جَدِي ۾ واقع سمونڊ تي پوندڙ ان جي عڪس جي سبب سج پاران آندل چمڙِي / کَل جي ڀلارِي سَرطان سندا خاڪِي چُٽا / داغَ هئا. اهي چُٽا / داغَ ٺيڪ طرح سان هن جي منهن جي پاسن جي هيٺان نِرَنتَر / هڪ لَس هئا ۽ هن جي هٿن ۾ ڏورين سان وَزنائتيون مڇيون جهلڻ سبب لِيڪُن نما گهرا داغَ هئا. پر انهن منجهان ڪو به داغ تازو نه هو. اهي ايترا پراڻا هئا جئن هڪڙي مڇِيءَ بنا بيابان ۾ آيل کاڌُون هونديون آهن. هن جي چوڏس هر شيءِ پراڻي هئي سواءِ هُن جي اکين جي جيڪي سمونڊ جي اُن رنگ جهڙيون هيون ۽ اُهي خوش مزاج / سَرهيون ۽ ناقابلِ شڪست هيون.
”سانتياگو،“ جيئن ئي اهي انهي ڪناري تي چڙهيا جتان کان ٻيڙيءَ کي مٿي ڇڪيو ويو هو، ڇوڪري هُن کي چيو. ”مان ٻيهر توسان هلي سگهان ٿو. اسان ڪجھ پيسا ڪمايا آهن.“
پوڙهي ماڻهوءَ ڇوڪري کي مڇي مارڻ سيکاري هئي ۽ ڇوڪرو هُن سان پيار ڪندو هو.
”نه،“ پوڙهو ماڻهو وَراڻيو. ”تون هڪڙي شُڀ / بختاور / ڀاڳواري ٻيڙِيءَ سان آهين. انهن وٽ ترس.“
”پر ياد ڪر تون ڪيئن ستاسِي ڏينهن تائين بنا مڇيءَ جي هُئين ۽ پوءِ اسان ٽن هفتن تائين روزانو هڪڙي وڏي مڇي پڪڙيندا هئاسين.“
”مون کي ياد آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مان ڄاڻان ٿو تو مون کي ان لاءِ نه ڇڏيو هو ڇاڪاڻ جو تو مون ۾ شڪ پئي ڪيو.“
”اهو منهنجو بابو هو جنهن مون کي ڇڏڻ جو چيو. مان هڪڙو ڇوڪرو آهيان ۽ مون کي لازماَ هن کي مڃڻ گهرجي.“
”مان ڄاڻان ٿو،“ پوڙهي شخص چيو. ”انهي جو بلڪل خير آهي.“
”هُن کي ايترو يقين نه آهي.“
”نه،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”پر اسان کي يقين آهي. آهي نه؟“
”ها،“ ڇوڪري چيو. ”ڇا مان توکي چَبُوتري / دِڪي تي هڪڙو بِيئر (جَوَن جو شراب) اَرپي / آڇي سگهان ٿو ۽ تِهان پوءِ اسان سامان گهر نيئي وينداسين.“
”ڇو نه؟“ پوڙهو ماڻهو وَراڻيو. ”مُهاڻن / مَلاحَن جي درميان.“
اهي چَبُوتري تي ويٺا هئا ۽ ڪيترائي مَلاح / ناکئا پوڙهي ماڻهوءَ تي ٺٺوليون ڪري رهيا هئا ۽ هُن کي ڪا ڪاوڙ ڪو نه هئي. ٻيا، جيڪي پوڙها ملاحَ هئا، انهن هِن ڏانهن نهاريو ۽ اُهي غمزده هئا. پر انهن ان جو نماءُ نه ٿي ڪيو ۽ انهن نرميءَ وچان انهن ڇولين ۽ اونهائين بابت ڳالھايو جن منجھ انهن پنهنجون ڏوريون ڇڏيون هيون ۽ انهن سٺي پائيدار هوا / موسم جو ذڪر ڪيو ۽ جيڪي ڪجھ انهن ڏٺو هو. ان ڏينهن سندا سُرخُرو ملاحَ اَڳيئِي اچي ويا هئا ۽ انهن پنهنجن نوڪدار چهنب وارين مڇين مارلِنن (Marlins) کي ڪُٺو هو ۽ انهن کي ٻن تختن تي رکيو ويو هو جنهن مان هر هڪ تختي کي ٻه ماڻهو ٿِڙندي ٿاٻڙجندي مڇيءَ گهر ڏانهن نيئي ويا هئا جتي انهن بار بَردار برفاني گاڏي (ٽَرڪ) جو انتظار ڪيو هو ته جيئن اها انهن کي هَوانا (Havana) ۾ مَنڊيءَ ڏانهن نيئي سگهي. اُهي جن شارڪ مڇيون ماريون هيون انهن کي شارڪُن جي ڪارخاني ڏانهن نيئي ويا هئا جيڪو کاڙِيءَ جي ٻي پاسي کان هو جتي انهن کي هڪڙي ڪارَب / چاپ تي رکي چرخِيءَ وسيلي مٿي چاڙهيو ويو هو انهن جي جِگرن کي هٽايو ويو هو، انهن جي ڪَلين کي ڪَٽيو ويو هو ۽ انهن جي کَلن کي لاٿو ويو هو ۽ انهن جي گوشت کي لوڻ لڳائڻ خاطر پَٽين نما ٽڪڙن ۾ وڍيو ويو هو.
جڏهن هوا اوڀر ۾ هوندي هئي تڏهن شارڪ جي ڪارخاني کان هڪڙي بانس ايندي هئي؛ پر اڄ اُتي گنڌَ / بوءِ سندي فقط هلڪي تِکَ هئي ڇاڪاڻ جو هوا اتر جي اوٽ ورتي هئي ۽ پوءِ گهڻو رُڪجِي ويئي هئي ۽ چبُوترو وڻندڙ ۽ روشن هو.
”سانتياگو،“ ڇوڪري چيو.
”ها،“ پوڙهو ماڻهو وراڻيو. هُو پنهنجو جام جهليو بيٺو هو ۽ ڪيترائي سال اڳ بابت سوچي رهيو هو.
”ڇا مان تو لاءِ ننڍڙي مڇي سارڊين (Sardine) آڻڻ لاءِ سڀاڻي ٻاهر وڃي سگهان ٿو؟“
”نه. وڃ ۽ بيس بال کيڏ. مان اڃا ٻيڙي ڪاهي سگهان ٿو ۽ روجيلِيئو (Rogelio) ڄار ڦٽو ڪندو.“
”مان وڃڻ پسند ڪندس. جيڪڏهن مان توسان گڏجي مڇي نه ٿو ماري سگهان. مان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تنهنجي ڪم اچڻ چاهيان ٿو.“
”تو مون کي هڪڙو بِيئر وٺي ڏنو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”تون لڳ ڀڳ مرد بڻجي ويو آهين.“
”جڏهن تو مون کي ٻيڙيءَ ۾ کنيو هو تڏهن مان ڪيترو هوس؟“
”پنجن سالن جو ۽ تون زري گهٽ ماريو ويو هئين جڏهن مون مڇيءَ کي گهڻي ساوڪاڻ ڏانهن آندو هو ۽ ان لڳ ڀڳ ٻيڙيءَ کي ٽڪڙن ۾ ٽوڙي ڇڏيو هو. ڇا تون ياد ڪري سگهين ٿو؟“
”مان ان جي ڦڙ ڦڙائيندڙ پڇ ۽ ڌماڪي ۽ ٻيڙيءَ کي لڳل لڪڙي جي ٽٽڻ ۽ سوٽن جي آوازن کي ياد ڪري سگهان ٿو. مان ياد ڪري سگهان ٿو ته تو مون کي ڪمان منجھ ڦٽو ڪيو هو جتي آليون ويڙهيل ڏوريون پيون هيون ۽ مان سموري ٻيڙيءَ جو هُڙڪڻ / ٿَڙڪڻ / ڏڪڻ ۽ تنهنجو آواز ياد ڪري سگهان ٿو جڏهن تو هن تي سوٽا وسايا هئا جَئن هڪڙي وڻ کي وڍبو آهي ۽ مِٺي خون جي سموري بوءِ منهنجي مٿان هئي.“
”ڇا تون حقيقت ۾ اهو ياد ڪري سگهين ٿو يا مان اهو توکي ائين ئي ٻڌايان ٿو؟“
”مون کي سڀڪجھ ياد آهي تڏهن کان جڏهن اسان پهريون ڀيرو گڏ هليا هئاسين.“
پوڙهي ماڻهوءَ هُن ڏانهن پنهنجن سج کان سڙيل، اعتماد پسند اکين، سان نهاريو.
”جيڪڏهن تون منهنجو پٽ هجين ها ته مان توکي ٻاهر وٺي وڃان ها ۽ توکي راند روند ڪرايان ها.“ هُن چيو. ”پر تون پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جو آهين ۽ تون هڪڙي سڀاڳي ٻيڙيءَ منجھ آهين.“
”ڇا مان ننڍڙيون سارڊين (Sardines) مڇيون وٺي سگهان ٿو؟ مان ڄاڻان ٿو ته چار چُوڻا / ڳاهُون پڻ ڪٿان ملنديون؟“
”مون وٽ اڄ کان علاوھ پنهنجون ڳاهُون پيون آهن. مون انهن کي پيتيءَ ۾ پيل لوڻ منجھ وڌو آهي.“
”مون کي چار تازا چُوڻا وٺڻ لاءِ ڇڏ.“
”هڪڙو،“ پوڙهو ماڻهو وراڻيو. هن جي اميد ۽ حوصلي ڪڏهن ڪين موڪلايو هو. پر هاڻي اهي اڃا تازا توانا بڻجي رهيا هئا جيئن جڏهن هِيرَ اُٿڻ لڳي.
”ٻه،“ ڇوڪري چيو.
”ٻه،“ پوڙهي ماڻهوءَ مَڃي ورتو. ”تون اهي چوري نه ڪندين.“
”نه ڪندس،“ ڇوڪري چيو. ”پر مان اهي خريد ڪندس.“
”تنهنجي مهرباني،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. جڏهن هُن کي نفرت پلئه پيئي هئي تنهن تي ويچارڻ لاءِ هو صفا سادو هو. پر هُن اهو ڄاتو پئي ته اها هُن کي پلئه پيئي هئي ۽ هُن ڄاتو پئي ته اها نالائقي / بي شرميءَ جهڙي ڳالھ نه هئي ۽ ان ۾ حقيقي خودداري جو ڪو گهاٽو / نقصان سمايل نه هو.
”هِن ڇوليءَ سان سُڀاڻ هڪڙو سٺو ڏينهن بڻجي رهيو آهي،“ هُن چيو.
”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ڇوڪري پڇيو.
”گهڻو پرتي جڏهن هوا رخ مَٽائيندي ته مان موٽي ايندس. مان چِٽائِي / سوجهري ٿيڻ کان پهريان ٻاهر ٿيڻ چاهيان ٿو.“
”مان هُن کي گهڻو پرتي ڪم ڪرڻ لاءِ وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪندس،“ ڇوڪري چيو. ”پوءِ جيڪڏهن تون سچ پچ ڪا شيءِ واقعي ۾ وڏي ڦاسائيندين اسان تنهنجي سهائتا لاءِ اچي سگهون ٿا.“
”هُو گهڻو دُور ڪم ڪرڻ کي پسند نه ڪندو آهي.“
”نه،“ ڇوڪري چيو.
”پر مان ڪا شيءِ ڏسندس جيڪا هُو ڏسي نه ٿو سگهي جهڙوڪ جسماني مشقت ۾ مصروف پکي ۽ هُن کي ڊولفن جي پٺيان پوڻ لاءِ ٻاهر وٺي ايندس.“
”هُن جون اکيون ايتريون خراب آهن ڇا.“
”هُو لڳ ڀڳ نابين آهي.“
”اهو عجيب آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”هُو ڪڏهن به ڪَڇُوئن جي ڪَڍ ڪو نه پيو. جنهن جي ڪري نظر ڪمزور ٿي ويندي آهي.“
”پر تون سالن تائين ڪڇوئن جي شڪار لاءِ مِسڪِيٽو واري سامونڊي ڪناري ڏانهن ويو هئين ۽ تنهنجون اکيون سٺيون آهن.“
”مان هڪڙو عجيب پوڙهو ماڻهو آهيان.“
”پر ڇا تون هاڻي هڪڙي حقيقي طور تي وڏي مڇيءَ کي جهلڻ لاءِ ايترو ٻَلوان آهين.“
”مان ائين ڀانئيان ٿو ۽ اتي ڪيتريون ئي ترڪيبون آهن.“
”اچ ته سامان گهر ڏانهن نيئي هلون،“ ڇوڪري چيو. ”جيئن مان ڦيراٽي وارو ڄار وٺي سگهان ۽ ننڍڙيون سارڊين مڇيون پڪڙي سگهان.“ ڇوڪري چيو.
انهن ٻيڙيءَ منجهان گِراڙي مٿي کنئي. پوڙهي ماڻهوءَ ٻيڙيءَ جو کُوهو پنهنجي ڪلهي تي کنيو ۽ ڇوڪري ڪاٺ جي ٻيڙيءَ کي ڪلهي تي رکيو جنهن ۾ ويڙهيل، ٺوس مَڙهيل ناسِي ڏوريون ۽ سُوئو ۽ ڀالو ان جي ڇَڙهيءَ سان گڏ هو. چُوڻَن / ڳاهُن وارو دٻو انهي ڏنڊي سان گڏ ٻيڙيءَ جي پُٺئين پاسي کان هو جيڪو جڏهن وڏين مڇين کي ٻيڙيءَ جي لڳو لڳ آندو ويندو هو انهن کي ماري مُڃ ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. پوڙهي ماڻهوءَ جي ڪو چوري ڪري نه پئي سگهيو پر اهو ٺيڪ هو ته سِڙهن ۽ وزنائتين ڏورين کي گهر ڏانهن نيو وڃي ڇاڪاڻ جو ماڪ انهن لاءِ خراب هئي ۽، جيتوڻيڪ هن کي بلڪل يقين هو ته ڪو به اَسٿاني / مَڪانِي ماڻهو هُن کان نه چورائيندو، پوڙهي ماڻهوءَ سمجهيو پئي ته هڪڙي سُوئي ۽ ڀالي / بڻڇِيءَ کي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ڇڏڻ غير ضروري ريب / هِرکاءُ هئا. انهن پوڙهي ماڻهوءَ جي غريباڻي جهوپڙيءَ ڏانهن مٿي پيچري طرف گڏوگڏ پنڌ ڪيو ۽ اهي ان جي کليل دروازي کان سڌو اندر گهڙيا. پوڙهي ماڻهوءَ کُوهي / شِيڪلي کي ان جي ويڙهيل سِڙھ سميت ديوار جي پُٺڀرو رکيو ۽ ڇوڪري چُوڻي وارو دٻو ۽ ٻِي گِراڙِي ان جي ڀرسان رکي ڇڏي. سڙھ لڳ ڀڳ ايترو ڊگهو هو جيترو جهوپڙيءَ جو ڪمرو هو. جهوپڙي شاهِي کجين جي مضبوط ڦرهن جن کي گُوانو (Guano) ڪوٺيو وڃي ٿو منجهان بڻائي ويئي هئي ۽ ان ۾ اُتي هڪڙو بستر، هڪڙي ميز، هڪڙي ڪرسي، ۽ مٽيءَ جي فرش تي، اڱرن سان پچائڻ لاءِ هڪڙو هنڌ هو. گُوانو جي، هڪٻئي مٿان چڙهيل جڙدار مضبوط پَتن وارين هموار ديوارن تي حضرت عيسيٰ جي مقدس دل ۾ اتي رنگ ۾ هڪڙي تصوير هئي ۽ ٻي تصوير ڪوبَر جي ڪُنواري ڪَنيا سندي هئي. اهي هُن جي زال جا يادگار / تبرڪ هئا. ڪنهن دفعي اُتي ديوار تي هُن جي گهر واريءَ جي هڪڙي قلعي ڪيل عڪسي تصوير هوندي هئي، پر هُن ان کي هٽائي ڇڏيو هو ڇاڪاڻ جو اُن ڏانهن نهارڻ هُن کي گهڻو اُٻاڻڪو / وِياڪل / ويڳاڻو بڻائي ڇڏيندو هو ۽ اها هاڻي ڪنڊ ۾ هُن جي صاف قميض جي هيٺان تختي تي پئي هئي.
”تو وٽ کائڻ لاءِ ڇا آهي؟“ ڇوڪري پڇيو.
”پِيلَن چانورن سان مڇيءَ جي هڪڙي هانڊِي. ڇا توکي ڪجھ گهرجي؟“
”نه. مان گهر ڏي کائيندس. ڇا تون چاهين ٿو ته مان تو لاءِ باھ ٻاريان؟“
”نه. مان اهو بعد ۾ ڪندس. يا مان ٿڌا چانورَ کائيندس.“
”ڇا مان ڦيري وارو ڄار وٺي سگهان ٿو؟“
”يقيناَ.“
اتي ڪو ڦيري وارو ڄارو ڪو نه هو ۽ ڇوڪرو ان کي تڏهن کان ياد ڪندو هو جڏهن انهن ان کي وڪرو ڪيو هو. پر اهي روزانو ان جو فَسانو ڪندا هئا. اُتي پِيلن چانورن سان مڇيءَ سندي ڪا هانڊِي ڪو نه هئي ۽ ڇوڪري تنهن بابت پڻ ڄاتو پئي.
”پنجاسِي هڪڙو ڀاڳ وارو عدد آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
”جيڪڏهن مان ساڳيءَ طرح سجايل اهڙو ڄار هڪڙي هزار پائونڊ تائين جي لڳ ڀڳ آڻيان ته توکي ڪيئن ڀاسندو؟“
”مان گول ڦيرو ڏئي ڦٽو ڪرڻ وارو ڄار کڻي ننڍڙيون سارڊين مڇيون ماريندس. ڇا تون داخلِي دروازي کان سج جي هيٺان ويهندين؟“
”ها. مون وٽ ڪالهوڪي اخبار آهي ۽ مان بيس بال بابت پڙهندس.“ ڇوڪري نه ٿي ڄاتو ته ڪٿي ڪالهوڪي اخبار پڻ هڪڙو فَسانو هو. پر پوڙهي ماڻهوءَ ان کي بستر جي هيٺان ٻاهر ڪڍيو.
”پيرِيڪو مون کي ننڍڙي دوڪان / بوڊيگا وٽ ڏني.“ هن وضاحت ڪئي.
”ننڍڙيون سارڊين مڇيون وٺڻ کان پوءِ مان واپس موٽي ايندس. مان تنهنجون ۽ منهنجون مڇيون برف تي گڏائي رکندس ۽ صبح ويلي اسان انهن منجهان حصيداري ڪري سگهون ٿا. جڏهن مان واپس موٽي اچان تون مون کي بيس بال بابت ٻڌائج.“
”يانڪِي (Yankees) نه ٿا هارائي سگهن.“
”پر مون کي ڪِلِيولينڊ (Cleveland) جي هندستانين کان ڊپ آهي.“
”منهنجا پٽ يانڪين تي ويساھ رک. عظيم ڊِي ميگيو (DiMaggio) بابت وِيچار.“
”مون کي ڊيٽرائيٽ جي ٽائيگرن توڙي ڪِليولينڊ جي هندستانين کان ڊپ آهي.“
”هوشياري ڪر نه ته تون ويندي سِنسِتاتِي ڳاڙهن ۽ شِڪاگو جي سفيد ساڪسَنَن کان به ڊڄڻ لڳندين.“
”تون ان جو مطالعو ڪر ۽ مون کي ٻڌاءِ مان ڪڏهن موٽي اچان.“
”ڇا تون سمجهين ٿو ته اسان صُورتِي / لاٽريءَ جو هڪڙو پُتلو خريد ڪيون جنهن تي پنجاسِيءَ جو هڪڙو عدد هجي؟ سڀاڻي پنجاسيهون ڏينهن آهي.“
”اسان اهو ڪري سگهون ٿا،“ ڇوڪري چيو.
”اهو ٻه ڀيرا ٿي نه ٿو سگهي. ڇا تون سمجهين ٿو تون هڪڙو پنجاسيهين عدد سندو ڳولهي سگهين ٿو؟“
”مان هڪڙي جو حڪم ڏئي سگهان ٿو.“
”هڪڙو ورق. جيڪو اڍائي ڊالرن ۾ ملي. اسان اهو ڪنهن کان خريد ڪري سگهون ٿا؟“
”مان سمجهان ٿو مان پڻ وٺي سگهان ٿو. پر مان خريد ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪيان. پهريان اسان خريد ڪندا آهيون. پوءِ اسان پنندا آهيون.“
”پاڻ کي تَپائي / اُتساهي رک پوڙها ماڻهو،“ ڇوڪري چيو. ”ياد رکج اسان سيپٽمبر منجھ آهيون.“
”اهو مهينو جڏهن وڏي مڇي ايندي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”ڪو به مئي ۾ هڪڙو مهاڻو بڻجي سگهي ٿو.“
”هاڻي مان ننڍڙين مڇين سارڊينن لاءِ وڃان ٿو،“ ڇوڪري چيو.
جڏهن ڇوڪرو واپس وري آيو تڏهن پوڙهو ماڻهو ڪرسيءَ تي سُتل هو ۽ سج لهي چڪو هو. ڇوڪري پراڻو سئنائِي / فوجي کَٿو / ڪنبل بستر تان کنيو ۽ ان کي ڪرسيءَ جي پٺ جي چوڌار ۽ پوڙهي ماڻهوءَ جي ڪلهن ۾ ڦهلائي ڇڏيو. اهي نرالا ڪلها هئا، جيڪي جيتوڻيڪ پوڙها هئا پر اڃا سگهارا هئا، ۽ هُن جي ڳچي پڻ اڃا مضبوط هئي جڏهن پوڙهو ماڻهو ننڊ ورتل هو تڏهن هُن جا گهنجَ ايترا نظر نه ٿي آيا ۽ هُن جو مُنهن اڳتي هو. هن جي قميض کي ڪيترائي ڀيرا چتيون لڳايون ويئيون هيون جنهنڪري اها سڙھ نما بڻجي ويئي هئي ۽ اهي چتيون سج جي ڪري ڪيترن ئي مختلف ڇانورن / ڇيڊن ۾ اُٻاٽجي ويئيون هيون. پوڙهي ماڻهوءَ جو مٿو ڪافي جهونو هو ۽ هن جي بند ڪيل اکين سان اُتي هن جي چهري تي ڪا حيات ڪِين هئي. اخبار هن جي گوڏن جي آرپار پئي هئي ۽ هن جي ٻانهن جي وزن شام جي ٿڌڙي هِير ۾ ان کي جهلي رکيو هو. هو پيرين اگهاڙو هو.
ڇوڪرو هُن کي اتي ڇڏي هليو ويو ۽ جڏهن هُو واپس موٽي آيو پوڙهو ماڻهو اڃا سُتو پيو هو.
”جاڳ پوڙها ماڻهو،“ ڇوڪري چيو ۽ هُن پنهنجو هٿ پوڙهي ماڻهوءَ جي هڪڙي گوڏي تي رکيو.
پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجون اکيون کوليون ۽ هڪڙي پل ۾ هو هڪڙي ڊگهي پرانهين پنڌ تان موٽي آيو. تهان پوءِ هُن مسڪرايو.
”تو کي ڇا مليو؟“ هُن پڇيو.
”رات جي ماني.“ ڇوڪري چيو. ”اسان رات جي ماني کائڻ وارا آهيون.“
”مان گهڻو بکايل نه آهيان.“
”اچ ۽ کاءُ. جي تون نه کائيندين ته مڇي ماري نه سگهندين.“
”مون کاڌو آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ مٿي اٿندي ۽ اخبار کي کڻندي ۽ ان کي ويڙهيندي چيو. تهان پوءِ هُن کَٿي / ڪنبل کي ويڙهڻ شروع ڪيو.
”کَٿي کي پنهنجي چوڌار ويڙهي رک،“ ڇوڪري چيو. ”جيسين مان جيئرو آهيان تون بنا کائڻ جي مڇي نه ماريندين.“
”ته پوءِ هڪڙي ڊگهي وقت لاءِ جيءُ ۽ پنهنجو خيال رکج،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
”اسان ڇا کائڻ وڃي رهيا آهيون؟“
”ڪاريون ڦريون ۽ چانور، تَريل ڪيلا ۽ گوشت جو ڪجھ شوربو.“
ڇوڪرو چَبوتري کان ان کي ٻن پُڙن واري ڌاتوئي ٿانءُ ۾ کڻي آيو هو. چاقوئن جا ٻه جوڙا ۽ ڏندائان ۽ ٻيا چمچا هڪڙي ڪاغذ جي رومال سان گڏ هئا جيڪو هر جوڙي جي چوڌار ويڙهيل هو.
”هِي توکي ڪنهن ڏنو؟“
”مارٽِن. مالڪ.“
”مون کي لازماَ هن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي.“
”مون هُن جو پهريان کان شڪريو ادا ڪري ڇڏيو آهي،“ ڇوڪري چيو. ”توکي هن جو شڪريو ادا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.“
”مان هن کي وڏي مڇيءَ جي پيٽ وارو ماس ڏيندس،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
”ڇا هُن اهو اسان لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪيو آهي؟“
”مان اَئين ڀايان ٿو.“
”ته پوءِ لازماَ مونکي هُن کي مڇيءَ جي پيٽ جي ماس کان وڌيڪ ڪجھ ڏيڻ گهرجي. هُو اسان جو گهڻو خيال رکي ٿو.“
”هُن ٻه بيئرون موڪليون.“
”مون کي بيئر دَٻن ۾ بهترين لڳندو آهي.“
”مان ڄاڻان ٿو پر هِي بوتلن ۾ آهي، هيچوئِي بيئر، ۽ مان بوتلون واپس وٺان ٿو.“
”اها تنهنجي وڏي نوازش آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”ڇا اسان کائڻ شروع ڪيون؟“
”مان ته توکي چئي رهيو آهيان،“ ڇوڪري نرميءَ وچان چيو.
”جيستاءِ تون تيار نه ٿئين تيستاءِ مون ٿانءُ کي کولڻ جي تمنا نه پئي ڪئي.“
”هاڻي مان تيار آهيان،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مون کي ڌوئڻ لاءِ فقط وقت درڪار هو.“
”تو غسل ڪٿي ڪيو؟“ ڇوڪري ويچاريو. ڳوٺ کي پاڻيءَ جي دستيابي سڙڪ کان ٻه گهٽيون هيٺ هئي. مون کي هُن لاءِ پاڻي هِتي آڻڻ گهرجي، ڇوڪري سوچيو، ۽ هڪڙو صابڻ ۽ هڪڙو سٺو ٽُوال / پوتيو، مان ايترو غافل ڇو بڻجي ويو آهيان؟ مون کي لازماَ هُن لاءِ هڪڙي ٻي قميض ۽ سياري لاءِ هڪڙو ڪُرتو / ڪُرتِي / ننڍو ڪوٽ / جيڪيٽ ۽ ڪنهن قسم جا جوتا ۽ هڪڙو ٻيو ڪنبل / کَٿو وٺڻ گهرجي.
”تنهنجو گوشت جو شوربو سِريشٽ / زبردست آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
”مون کي بيس بال بابت ٻڌاءِ.“ ڇوڪري هُن کي چيو.
”آمريڪي لِيگ ۾ اُهي يانڪِي آهن جيئن مون چيو هو،“ پوڙهي ماڻهوءَ سرهائي وچان چيو.
”انهن اڄ هارايو،“ ڇوڪري هُن کي ٻڌايو.
”اهو بي معنيٰ آهي. پوءِ به عظيم ڊِي ميگيو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.“
”انهن ٻارِيءَ / ٽِيم ۾ ٻيا ماڻهو موڪليا آهن.“
”قدرتي طور تي. پر هُو فرق پيدا ڪري ٿو. ٻِي لِيگ / جماعت جيڪا بُروڪلِن ۽ فِلاڊيلفيا درميان آهي مون کي لازماَ بُروڪلن جو انتخاب ڪرڻ گهرجي. پر پوءِ مان ڊِڪ سِسلَر بابت سوچيان ٿو ۽ پراڻي پارڪ ۾ انهن عظيم ڪاهيندڙن بابت ويچاريان ٿو.“
”اتي انهن جهڙو ڪڏهن به ڪو ڪِين هو. هُو بال کي طويل کان طويل ٿُڏو هڻي ٿو اهڙو ٿُڏو جيڪو مون ڪڏهن ڪِين ڏٺو آهي.“
”توکي ياد آهي جڏهن هو چَبوتري تي ايندو هو؟“
”مون چاهيو هو ته هُن کي مڇيءَ مارڻ لاءِ وٺي وڃان پر مان ايترو ته شرمائجي ويس جو هُن کي چئي نه سگهيس. پوءِ مون توکي چيو ته تون هُن کي چئه پر تون پڻ شرمائجي وئين.“
”مان ڄاڻان ٿو. اها عظيم ڀُلَ هئي. ٿي سگهي ٿو ته هُو اسان سان گڏجي هلي به ها. ۽ پوءِ اهو اسان جي سموري زندگيءَ ۾ هلندو رهي ها.“
”مان پسند ڪندس ته عظيم ڊِي ميگيو کي مان مڇيءَ مارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ نيئي وڃان،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”اُهي چون ٿا ته هُن جو پيءُ هڪڙو مهاڻو هوندو هو. ٿي سگهي هو اسان جيان غريب رهيو هجي ۽ هُو اسان کي سمجهي ويندو.“
”عظيم سِسلَر جو ابو ڪڏهن به غريب نه رهيو، ۽ هُو جڏهن منهنجي عمر جو هو تڏهن وڏين وڏين جماعتن ۾ کيڏندو هو.“
”جڏهن مان تنهنجي عمر جو هوندو هوس مان هڪڙي بحري وڏي ٻيڙي جي کُوهي / شِيڪلي تي بيٺل هوس جنهن جي چوڌار سڙھ هئا ۽ اهو آفريڪا ڏانهن ڊوڙي رهيو هو ۽ مون شام ويلي سمونڊ جي ڪنارن تي شينهن ڏٺا.“
”مان ڄاڻان ٿو. تو مون کي ٻڌايو هو.“
”اسان کي آفريڪا بابت ڳالهائڻ گهرجي يا بيس بال بابت؟“
”مان سمجهان ٿو، بيس بال بابت،“ ڇوڪري چيو. ”مون کي عظيم جان جي. مِڪ گِرا جي باري ۾ سُڻاءِ. هُن جي (J) کي جوٽا (Jota) چيو.