2
”هُو هڪڙو عظيم مُنِيب / ڪار پَردار / مينيجر هو،“ ڇوڪري چيو. ”منهنجو بابو سمجهي ٿو ته هُو مهان ترين هو.“
”ڇاڪاڻ جو هُو هِتي اڪثر ڀيري ايندو هو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”جيڪڏهن ڊُروچَر هر سال هتي ايندو رهي ها ته تنهنجو پيءُ هُن کي عظيم ترين مينيجر سمجهي ها.“
”حقيقت ۾، هڪڙو عظيم منتظم / مينيجر ڪير آهي، لُوڪيھ (Luque) يا مائيڪ گونزاليز؟“
”مان سمجهان ٿو اهي برابر آهن.“
”۽ سڀ کان سُٺو مهاڻو تون آهين.“
”نه. مان ٻين کان بخوبي واقف آهيان.“
”ڪئن به،“ ڇوڪري چيو. ”اتي ڪيترائي مهاڻا آهن ۽ انهن منجهان ڪجھ مهان آهن. پر اُتي فقط تون آهين.“
”تنهنجي مهرباني. تو مون کي خوش ڪري ڇڏيو.“
”مان آسائتو آهيان ته ڪا به ايڏي وڏي مڇي نه ايندي جيڪا اسان کي غلط ثابت ڪري.“
”جَئن تون چوين ٿو ته اڃا جيترو تون ٻلوان آهين اُتي ڪا اهڙي مڇي ٿي نه ٿي سگهي.“
”مان جيترو ڀايان ٿو ايترو سگهارو ٿي نه ٿو سگهان،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”پر مان ڪيتريون ئي ترڪيبون ڄاڻان ٿو ۽ مون کي حوصلو آهي.“
”توکي هاڻ بستر ڏانهن وڃڻ گهرجي ته جَئن صبح تائين تازو توانو ٿي وڃ. مان سامان واپس چبوتري ڏانهن کڻي ايندس.“
”ته پوءِ شب خير. مان توکي صبح جو جاڳائيندس.“
”تون منهنجو خطري کان آگاه ڪندڙ گهڙيال آهين.“ ڇوڪري چيو.
”منهنجي عمر مون لاءِ خطري کان آگاھ ڪندڙ منهنجو گهڙيال آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”پوڙها ماڻهو ايترو سوير ڀرو ڇو جاڳي پوندا آهن؟ ڇا انهيءَ لاءِ ته جَئن اهي هڪڙو طويل ڏينهن گهاري سگهن؟“
”مان نه ٿو ڄاڻان،“ ڇوڪري چيو. ”جيڪي ڪجھ مان ڄاڻان ٿو سو اهو آهي ته نوجوان ڇوڪرا دير سان ۽ مشڪل سان سمهندا آهن.“
”مان ان کي ياد ڪري سگهان ٿو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مان توکي وقت تي جاڳائيندس.“
”مان نه ٿو چاهيان ته هُو مون کي جاڳائي. اَئين ڀاسندو آهي ڄڻ مان ڪمتر هجان.“
”مان ڄاڻان ٿو.“
”پوڙها ماڻهو شال توکي سٺي ننڊ اچي.“
ڇوڪرو ٻاهر هليو ويو. انهن ميز تي بنا ڪنهن سوجهري جي ماني کاڌي هئي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجا پاجاما کنيا ۽ اونداھ ۾ ڪمري ڏانهن هليو ويو. هُن پنهنجن پاجامن جي اندر اخبارن کي وجهندي، هڪڙو وِهاڻو بڻائڻ خاطر ويڙهي ڇڏيو. هُن پنهنجو پاڻ کي کَٿي / ڪنبل ۾ لَپيٽي ڇڏيو ۽ ٻين اخبارن جي مٿان سمهي پيو جن بستر جي اسپرنگن کي ڍڪي رکيو هو. هڪڙي ٿوري وقت ۾ هو سمهي پيو ۽ هو آفريڪا جو خواب ڏسي رهيو هو جڏهن هو هڪڙو ڇوڪرو هوندو هو ۽ ڊگها سونهري ۽ سفيد سامونڊي ڪنارا، ايترا سفيد جن کي ڏسندي نيڻ اِيذائجيو وڃن، ۽ اوچيون ۽ ٽوپين نما چوٽيون ۽ وڏا ناسي جبل. هاڻي هر رات هُو انهي ڪناري جي ڀرسان گهاري رهيو هو ۽ سندس خواب ۾ ڪنارن سان ٽڪرائيندڙ ڇولين جون گجگوڙون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ۽ اَسٿانِي / مڪانِي ٻيڙين کي انهن منجهان پيهيندي ڏسندو هو. ۽ هُو جيئن ئي سمهندو هو جهاز جي تخت / طَبق تي ڏامر سان وَٽيل پراڻن رَسَن جي بوءِ محسوس ڪرڻ لڳندو هو ۽ هُو آفريڪا جي مَهڪ کي سُونگهندو هو جنهن کي ڌرتيءَ جي هِيرَ نيئي پئي آندو.
اڪثر ڪري جڏهن به هُو ڌرتيءَ جي هِيرَ کي محسوس ڪندو هو هُو جاڳي پوندو هو ۽ ڪپڙا پهريندو هو ته جَئن ڇوڪري کي وڃي جاڳائي. پر اڄوڪِي رات ڌرتيءَ جي هيِرَ جي سُڳنڌ ڪافي سوير آئي ۽ هُن ڄاتو پئي ته هُن جي خواب ۾ اهو گهڻو ساجُهر هو ۽ هُو خواب ۾ ڏسندو رهيو جزيرن جون سفيد چوٽيون جيڪي سمونڊ منجهان اڀري رهيون هيون ۽ تهان پوءِ هُن ڪينيرِي جي جزيرن جي مختلف بندرگاهن ۽ لنگرن جو خواب ڏٺو. هُو وڌيڪ لاءِ طوفانن / ڌُنڌارَن / واچُوڙن جا خواب نه ڏسندو هو، نه ئي عورتن جا خواب ڏسندو هو، نه ئي وڏن حادثن / ماجرائن، نه ئي وڏي مڇي، نه ئي مارا مارين / جنگين / ڇڪتاڻن سندا سپنا، نه ئي طاقت جي مقابلن، نه ئي پنهنجي گهر واريءَ جا خواب ڏسندو هو. هاڻي هو فقط ماڳن مڪانن ۽ ڪناري تي شينهنَ سندا سپنا ڏسندو هو. اهي شام جي وقت / تمام شام جوان ٻِلڙن جيان پئي ڪُڏيا ۽ هُن انهن سان اَئين پيار ٿي ڪيو جَئن هُن ڇوڪري کي چاهيو پئي. هُو سادگيءَ سان سجاڳ ٿيو، ۽ کليل دروازي کان چنڊ ڏانهن نهاريائين ۽ پنهنجا پاجاما کوليائين ۽ انهن کي پهري ڇڏيائين. هُن جهوپڙيءَ ٻاهران پيشاب ڪيو، ۽ پوءِ مٿي پيچري ڏانهن ويو، ڇوڪري کي جاڳائڻ. هُو صبح جي ٿڌ جي ڪري ڏڪي رهيو هو. پر هُن ڄاتو پئي ته هُن جو ڏڪجڻ رڪجي ويندو ۽ هُو جلد ئي ونجھَ وَرائيندو.
جنهن گهر ۾ ڇوڪرو رهندو هو ان جي دروازي جو ڪُنڍو کليل هو ۽ هُن ان کي کوليو ۽ پنهنجن اگهاڙن پيرن سان هوريان هوريان اندر گهڙي ويو. ڇوڪرو پهرين ڪمري ۾ هڪڙي کٽ تي سُتل هو ۽ پوڙهو ماڻهو هُن کي ان روشنيءَ وسيلي چٽيءَ طرح سان ڏسي پئي سگهيو جيڪا مَرڻيڪ / مَرڻينگ چنڊ وٽان اچي رهِي هئي. هُن ڇوڪري جي هڪڙي پير کي نرميءَ سان تيستاءِ پڪڙي رکيو جيستاءِ ڇوڪرو جاڳي پيو ۽ هُن پاسو ورائيندي پوڙهي ماڻهوءَ ڏانهن نهاريو پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ ڌُوڻيو ۽ ڇوڪري بستر جي ڀرسان ڪرسيءَ تان پنهنجا پاجاما کنيا ۽، بستر تي ويهندي اهي اوڙهي ڇڏيا.
پوڙهو ماڻهو دروازي کان ٻاهر هليو ويو ۽ ڇوڪرو هُن جي پٺيان آيو. هُو ننڊاکڙو هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي ڪلهن جي آر پار پنهنجي ٻانهن ورائي ڇڏي ۽ چيو، ”مون کي افسوس آهي.“
”ڪئن به،“ ڇوڪري چيو ”اُهو اُهو ڪجھ آهي جيڪو لازماَ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪرڻ گهرجي.“
اهي پيچري کان هيٺ پوڙهي ماڻهوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن پنڌ پيا، ۽ اونداھ ۾ سموري پيچري ڀرسان پيرين اگهاڙا ماڻهو حرڪت منجھ هئا، جيڪي پنهنجي ٻيڙين جا سڙھ کنيو پئي ويا.
جڏهن اهي پوڙهي ماڻهوءَ جي جهوپڙيءَ وٽ پهتا ڇوڪري ڏور جي ويڙهن ۽ ڀالي / نيزي ۽ سُوئي کي ٽوڪريءَ ۾ کنيو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ مَڪڙيءَ / ٻيڙيءَ جي کُوهي / شِيڪلي کي ويڙهيل سڙھ سميت پنهنجي ڪلهي تي کنيو.
”ڇا تون قَهوو / ڪافِي پيئڻ چاهين ٿو؟“ ڇوڪري پڇيو.
”اسان گِراڙي ٻيڙيءَ ۾ رکنداسين ۽ پوءِ ڪجھ پيئنداسين.“
انهن دٻي ۾ ڄميل کير جو قَهوو هڪڙي هنڌ تي واپرايو جيڪو صبح جو سوير مهاڻن جي خدمت لاءِ کلندو هو.
”پوڙها ماڻهو تون رات ڪيئن سُمهئين؟“ ڇوڪري پڇيو. هاڻي هُن تان ننڊ جا کيپ لهي رهيا هئا ۽ جڏهن ته ننڊ کي ترڪ ڪرڻ هُن لاءِ اڃا مشڪل هو.
”تمام سُٺيءَ طرح سان، مينولِن،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”اڄ مان پاڻ کي بُردبار ڀانيان ٿو.“
”مان پڻ،“ ڇوڪري چيو. ”هاڻي لازماَ مونکي تنهنجون ۽ منهنجون ننڍڙيون مڇيون سارڊينون ۽ تنهنجا تازا چُوڻا / ڳاهُون آڻڻ گهرجن. هُو اسان جي گِراڙي پاڻ سِر آڻي ٿو. هو ڪڏهن به نه ٿو چاهي ته ٻيو ڪو ڪا شيءِ کڻي.“
”اسان مختلف آهيون،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مون توکي تڏهن سامان کڻڻ ڏنو هو جڏهن تون پنجن سالن جو هوندو هئين.“
”مان اهو ڄاڻان ٿو،“ ڇوڪري چيو. ”مان اِجهي ٿو اچان. هڪڙو ٻيو قَهوو / ڪافي پيءُ. هتي اسان جو کَنڌو کُليل آهي.“
هُو ڳَڻوٺِيءَ جي پٿرن ڏانهن پيرين اگهاڙو ويو، ان برفاني گهر ڏانهن جتي چُوڻو ذخيرو ڪيو ويو هو.
پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجو قَهوو مَزي مَزي سان پِيتو. سموري ڏينهن لاءِ اهو ئي سڀڪجھ هُئو ۽ هُن ڄاتو پئي ته هُن کي اهو لازماَ اوتي ڇڏڻ گهرجي. هاڻي هڪڙي ڳچ وقت کان کائڻ پيئڻ کان هُو دَق / ڪَڪ / بيزار بڻجي ويو هو ۽ هُن ڪڏهن به ڪو مانجهاندو پاڻ سان نه کنيو هو. هُن وٽ مَڪڙيءَ جي ڪمان ۾ پاڻيءَ جي هڪڙي ٻاٽلي پيل هئي ۽ سموري ڏينهن جي ضرورت لاءِ هُن وٽ اهو ئي سڀڪجھ هو.
ڇوڪرو هاڻي ننڍڙين سارڊين مڇين ساڻ واپس وري آيو ۽ هُو هڪڙي اخبار ۾ ويڙهيل ٻه چُوڻا کڻي آيو ۽ اهي هيٺ ٻيڙيءَ ڏانهن نيئي ويندڙ لِينگهي ڏانهن ويا، انهن پنهنجي پيرن هيٺان روڙيدار واريءَ کي محسوس ڪيو، ۽ انهن مڪڙيءَ کي کنيو ۽ ان کي پاڻيءَ منجھ کِسڪايو.
”پوڙها ماڻهو شال ڀلو ڀاڳ هجيئي.“
”ڀلو ڀاڳ هجي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. هُن ونجهن جي رَسَن جي جَڪڙبندن کي ڏَني وارين ميخن منجھ سوگهو ڪيو ۽، پاڻيءَ منجھ ڦَرَن جي اُڇلَ / ٿيلھ جي برعڪس آهلجندي، هُن دَشٽ / اونداھ ۾ بندرگاھ کان ٻاهر ونجَھ وَرائڻ شروع ڪيا. اُتي ٻين ڪنارن کان ايندڙ ٻيون ٻيڙيون هيون جيڪي سمونڊ کان ٻاهر نيئي وڃي رهيون هيون ۽ جيتوڻيڪ پوڙهو ماڻهو انهن کي هاڻ ان لاءِ ڏسي نه پئي سگهيو ڇاڪاڻ جو چنڊ ٽَڪرين جي هيٺان هو پر هُو انهن جي ونجهن جي ٻڏڻ ۽ ڇڪجڻ جو آواز ٻڌي پئي سگهيو.
ڪنهن ڪنهن مهل ڪو ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. پر اڪثر ٻيڙيون سواءِ انهن جي ونجهن جي ٻڏڻ جي آواز جي خاموش هيون. بندرگاھ جي مُنهن کان ٻاهر ٿيڻ پڄاڻان اهي ٻيڙيون جدا جدا طور تي ڦهلجي ويئيون ۽ انهن منجهان هر هڪ مَڪڙي مَها ساگر جي ان حصي ڏانهن وڌڻ لڳي جتي انهن مڇيءَ جي ملڻ جي اميد پئي ڪئي. پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته هُو گهڻو ڏُور وڃي رهيو هو ۽ هُن ڌرتيءَ جي سُڳنڌ کي پُٺ تي ڇڏي ڏنو ۽ مها ساگر جِي سَويل صُبوح سندي صاف بوءِ منجھ ونجھ ورائڻ لڳو. هُن پاڻيءَ منجھ نار جي ڪَهڄري / ڪکن ڪانن جي چمڪ ڏٺي جيئن جيئن هُن مها ساگر جي ان حصي منجھ ونجھ ورايا جنهن کي مهاڻا وڏو کوھ ڪوٺيندا هئا ڇاڪاڻ جو اتي هڪڙو اوچتو ست سئو فيدَم اونهو تانگهو هو جتي هر قسم جون مڇيون ان گُهمري جي ڪري ڪَٺو ٿيون هيون جنهن کي لَهر مها ساگر جي فرش جي نشيبي ديوارن جي برعڪس بڻايو هو. هِتي اُتي جِهينگن ۽ چُوڻي وارين مڇين جا ميڙَ هئا ۽ اونهن سوراخن منجھ قِير ماهِي مڇين جا هِشام هئا ۽ اهي رات جي وڳڙي ۾ مٿاڇري جي نزديڪ ٿي آئيون جتي سمورين رولاڪ مڇين انهن کي پنهنجو کاڄ پئي بڻايو.
اونداھ منجھ پوڙهو ماڻهو صبح جي آمد کي محسوس ڪري پئي سگهيو ۽ جيئن جيئن هُو ونجھ ورائي رهيو هو هُن لرزجندڙ آواز ٻڌو ڄڻ اڏامندڙ مڇين پاڻيءَ کي ڇڏيو هجي ۽ هُن کي سُوساٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا جيڪي انهن جي کُليل کنڀڙاٽين منجهان تڏهن اچي رهيا هئا جيئن اهي اونداھ ۾ تيزيءَ سان ڪٺو پئي ٿيون. هُو اڏامندڙ مڇين جو ڪافي شائق هو ڇاڪاڻ جو اهي هُن جون مها ساگر منجھ اهم ترين مِتَر / دوست / ساهيڙيون هيون. هُن کي پکين لاءِ افسوس هو، خاص طور تي ننڍڙن نفيس سياھ ڊَڊُن / ڪِينو پکين (Terns) لاءِ جيڪي اڪثر اڏامندا رهندا هئا ۽ کاڌي جي تلاش ۾ واجهائيندا هئا ۽ انهن کي لڳ ڀڳ ڪڏهن ڪجھ پلئه نه پوندو هو، ۽ هُو سوچيندو هو، پکي اسان کان هڪڙي وڌيڪ دُکِي زندگي گهاري رهيا آهن سواءِ انهن جي جيڪي مائيدار حد تائين مضبوط ۽ رهزن آهن. جڏهن مها ساگر ايترو سنگدل ٿي سگهي ٿو ته پکين کي انهن سامونڊي ابابيلن جيان اهڙو نفيس ۽ عمدو ڇو ٿو بڻايو وڃي؟ هُو ڪافي رحمدل ۽ انتهائي سُندر آهي. پر هُو ايترو ڪٺور ٿي سگهي ٿو ۽ اهو اچانڪ ٿئي ٿو ۽ اهڙا پکي جيڪي اڏامن ٿا، ٽُٻيون هڻي شڪار ڪن ٿا، پنهنجن ننڍڙن ۽ اداس آوازن سان سمونڊ لاءِ گهڻي نفاست سان بڻايا ويا آهن.
هُو هميش سمونڊ کي لا مار (La Mar) طور خيال ڪندو هو اهو ماڻهن پاران ان کي اسپيني ڀاشا ۾ تڏهن ڪوٺيو ويندو هو جڏهن اهي ان سان محبت ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ان سان پيار ڪندا هئا ان بابت بريون شيون چوندا هئا ۽ ان کي هميش اَئين پڪاريو ويندو هو ڄڻ هُو ڪا نارِي هجي. ڪجھ ڳڀرو مهاڻا، جيڪي بويَن / لنگر نما نشانن کي پنهنجي ڏورين جي ترڻ خاطر ڪتب آڻيندا هئا ۽ انهن وٽ ڪاهِيندڙ ڪِلَن واريون ٻيڙيون هونديون هيون، اهي انهن جي خريداري تڏهن ڪندا هئا جڏهن انهن کي شارڪ جي جيرن / جگرن منجهان جهجهو ڌن ملندو هو تڏهن اهي ان کي ايل مار (el mar) ڪوٺيندا هئا جيڪو مذڪر آهي. اهي ان جي باري ۾ هڪڙي حريف هڪڙي هنڌ يا ويندي هڪڙي ويرِي / شَترُو / دشمن طور ذڪر ڪندا هئا. پر پوڙهو ماڻهو هميش هُن کي هڪڙي زناني خاصيت رکندڙ طور ويچاريندو هو ۽ هڪڙي اهڙي شيءِ طور جنهن عظيم طرفداري عطا پئي ڪئي يا وري ان کي روڪي پئي رکيو، ۽ جيڪڏهن اُن ڪي شيون اڻ گَهڙيون / شوخ يا بدڪار پئي ڪيون اهو ان ڪارڻ هو ڇاڪاڻ جو هُو انهن جي واهِر / سهائتا نه ڪري سگهيو. چنڊ هُن تي اَئين اثر انداز ٿئي ٿو جَئن اهو عورت تي ٿئي ٿو، هُن ويچاريو.
هُو ثابت قدمي سان ونجھ ورائي رهيو هو ۽ اهو هُن لاءِ ڪو اُدم / سعيو نه هو ڇاڪاڻ جو هُن ان کي چڱيءَ طرح سان سندس رفتار / طَراريءَ منجھ رکيو هو ۽ سمونڊ جو مٿاڇرو هموار هو سواءِ موج / ڇوليءَ جي وقتي ڪُنن جي. هُن لهر کي هڪڙي ٽئين حصي جيترو ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏي پئي ڏنو ۽ جيئن ئي اتي اجالو ٿيڻ لڳو هُن ڏٺو ته هو اڳيئي ان کان گهڻو وڌيڪ ٻاهر هو جنهن جي هُن انهيءَ وقت دوران هئڻ جي توقع پئي ڪئي. مون اُونهن تانگهن تائين هڪڙي هفتي لاءِ ڪم ڪيو ۽ مون کي ڪجھ پلئه نه پيو، هُن ويچاريو. اڄ مان اتي ڪم ڪندس جتي ڇاڪُر نما مڇين بانِيٽو (Bonito) ۽ الباڪر (Albacore) جا ميڙ آهن ۽ ٿي سگهي اتي انهن سان ڪا وڏي مڇي ساڻ هجي.
جڏهن اتي حقيقت ۾ اجالو هو هُن جا چُوڻا ڦٽو ڪيل هئا ۽ هُو لهر سان گڏ هلي رهيو هو. هڪڙو چُوڻو چاليھ تانگها / فيدَم هيٺ هو. ٻيو چُوڻو پنجهتر فيدَم ۽ ٽيون ۽ چوٿون نيري پاڻيءَ منجھ هڪ سئو ۽ هڪ سئو ۽ پنجويھ فيدَمَ هيٺ هو. هر چُوڻو هيٺ ڪيل مٿي سان لٽڪيل هو ڪُنڍي جي سنوت ڳاھ واري مڇيءَ جي اندر هئي، جنهن کي ٺوس طرح سان ٻڌو ۽ سِبيو ويو هو ۽ ڪُنڍي جو ٻاهر نڪتل سمورو حصو، ان جو خَم / وَراڻ ۽ چنهب، تازي سارڊين مڇيءَ سان ڍڪيل هئي. هر سارڊين مڇيءَ جي ٻنهي اکين منجھ اهڙيءَ طرح سان ڪنڍو ٽپايو ويو هو جو ان ٻاهر نڪتل فولاد تي هڪڙي اَڌيڪ مالها پئي بڻائي. ڪُنڍي جو ڪو حصو اِهڙو نه هو جنهن منجهان هڪڙي وڏي مڇيءَ کي مِٺِي خوشبو ۽ سُٺو سواد نه اچي سگهي.
ڇوڪري هُن کي ٻه تازيون طُونا (Tuna)، يا الباڪر مڇيون ڏنيون هيون جيڪي ٻن اونهن ڏورين منجھ شاهُل جي گولن جيان لٽڪِي رهيون هيون، ۽ ٻين ڏورين تي، انڊلٺ جي رنگ نما هڪڙي وڏي نيري اوقيانوسِي مڇي ۽ هڪڙي زرد رنگي شڪاري مڇي لٽڪِي رهيون هيون جن کي پهريان استعمال ڪيو ويو هو؛ پر اهي اڃا سٺيءَ حالت ۾ هيون ۽ انهن سان گڏ ننڍڙيون عمديون سارڊين مڇيون لڳايون ويئيون هيون ته جيئن انهن جي سُرهاڻ / هُڳاءُ ۽ موھ شڪار کي لُڀائي سگهي. هر ڏور، جيڪا چوڌار هڪڙي وڏي پينسل جيان ڳُوڙهي هئي، هڪڙي سائي عرق لڳل ڪاٺيءَ جي مٿان اهڙيءَ طرح سان سِرڪائِي ويئي هئي جو چُوڻي / ڳاھ ۾ آيل ڪنهن سَٽَ يا ڇُهاءُ سان ڪاٺي ٻڏي پئي سگهي ۽ هر ڏور منجھ چاليهن تانگهن سندا ٻه ويڙها هئا جن کي ٻين ٻِن اضافي ويڙهن سان تيزيءَ سان ڇڏجي پئي سگهيو ويو، اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن ضرورت هجي ته، هڪڙي مڇي ڏور کي ٽي سئو تانگهن جي لمبائي تائين نيئي پئي سگهي.
هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ ٽن ڪاٺين جي ٻڏڻ کي مڪڙيءَ جي پاسي وٽان ڏٺو ۽ هُو هوريان هوريان ونجھ ورائڻ لڳو ته جيئن هُو ڏورين کي هيٺ ۽ مٿي ۽ انهن جي مناسب اونهاين منجھ سڌو سنئون رکي سگهي. اُتي بلڪل اجالو هو ۽ ڪنهن به لمحي هاڻي سج اڀري پئي سگهيو.
سج سمونڊ منجهان باريڪِي سان اڀريو ۽ پوڙهو ماڻهو ٻين ٻيڙين / مَڪڙين کي هيٺ پاڻيءَ منجھ ساحل جي بلڪل اندر، ڇوليءَ جي آرپار ڦهليل ڏسي پئي سگهيو. تهان پوءِ سج ڪُندَن بڻجي ويو ۽ پاڻيءَ جي مٿان ان جو دَهو / چمڪاٽ ڦهليو، جيئن ئي اهو چٽو روشن بڻجي ويو، هموار سمونڊ ان جي روشنيءَ کي اهڙيءَ طرح سان هُن جي اکين ڏانهن اُماڻيو جو اهي تيزيءَ سان دُکڻ لڳيون ۽ هُو ان ڏانهن نهارڻ بنا ونجھ ورائيندو رهيو. هُن هيٺ پاڻيءَ ڏانهن نهاريو ۽ ڏورين کي ڏٺائين جيڪي پاڻيءَ جي دَشٽائِي / گهگھ منجھ سڌو سنئون پيهي ويئيون. هُن انهن کي اهڙيءَ سِڌائي ۾ رکيو جنهن سڌائي ۾ شايد ئي ڪو ٻيو ان کي رکي سگهي، اهڙيءَ طرح وهڪري جي گھگھ ۾ هر هڪ سطح وٽ اتي هڪڙو چُوڻو موجود هو جيڪو هوبهو انهي هنڌ تي شڪار جي اوسيئڙي ۾ هو جتي ڪنهن به اهڙي مڇيءَ خاطر هُن ان کي اتي بيهارڻ پئي چاهيو جيڪا اتي مِڙي اچي. ٻين انهن کي لهر سان گڏ لُڙهڻ لاءِ ڇڏي ٿي ڏنو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي سٺ تانگها هيٺ هونديون هيون جڏهن ته مهاڻا انهن کي هڪ سئو تانگها هيٺ سمجهندا هئا.
پر، هُن سوچيو، مان انهن کي ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ رکان ٿو. فقط مون وٽ وڌيڪ لاءِ ڪو بَخت ڪونهي. پر ڪير ڄاڻي ٿو؟ ٿي سگهي اڄ. هر ڏينهن هڪڙو نئون ڏينهن آهي. ڀاڳوند بڻجڻ بهتر آهي. پر مان بلڪه بلڪل درست بڻبس. پوءِ جڏهن ڀاڳ ورندو مان تيار هوندس.
هاڻي سج کي اڀرندي ٻه گهنٽا ٿي ويا هئا ۽ جڏهن هُن اوڀر ڏانهن نهاريو پئي ان هُن جي اکين کي نه پئي ايذايو. هاڻي اتي فقط ٽي ٻيڙيون نظر اچي رهيون هيون اهي ساحل اندر ڪافي مدھم ۽ ڏور ڏيکاري ڏيئي رهيون هيون. ساري زندگي صبح ساجهر واري سج منهنجي اکين کي سَٽيو آهي، هُن ويچاريو. پوءِ به اهي اڃا سٺيون آهن. شام ويلي مان سڌو سنئون ان ڏانهن نهاري سگهان ٿو اکين ۾ پيدا ٿيندڙ بنا ڪنهن ڌُنڌ جي. شام ڌاران پڻ اهو وڌيڪ زورآور هجي ٿو. پر اهو صبح ويلي اِيذائي ٿو.
بلڪل تهان پوءِ هُن هڪڙو بحرِي باز نما پکي ڏٺو جيڪو پنهنجن ڊگهن ڪارن پرن سان آڪاس ۾ هن کان اڳڀرو لامارا ڏيئي رهيو هو. بحرِي باز نما پکيءَ پنهنجي پنکن کي پوئتي ورائيندي پاڻ ڦٽو ڪيو، ۽ اهو وري ٻيهر لامارا هڻڻ لڳو. ”هُن ڪا شيءِ ڏٺي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ ڏاڍيان چيو. ”اهو فقط تلاشي ئي نه رهيو آهيو“.
هُو هوريان هوريان ۽ باقاعدي اوڏانهن ونجھ ورائڻ لڳو جتي اهو پکي لامارا ڏيئي رهيو هو. هُن ڪا تڪڙ ڪو نه ڪئي ۽ هُن پنهنجي ڏورين کي مٿي ۽ هيٺ سڌو سنئون رکيو. پر هُن ڇوليءَ کي ڪي قدر پرهجوم بڻايو اهڙيءَ طرح هُو اڃا تائين درستگي سان مڇي ماري رهيو هو ان کان وڌيڪ تيز تر جيئن هُو پکيءَ جي سهائتا وٺڻ جي ڪوشش بنا ڪري پئي سگهيو.
پکي فضا ۾ اڃا مٿاهين اوچائي ڏانهن نيئي ويو ۽ اهو ٻيهر لامارا هڻڻ لڳو، هن جا پَرَ اَچَل / اِسٿَر / ساڪن هئا. تهان پوءِ ان اوچتو غوطو هنيو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ اڏامندڙ مڇيءَ کي جَل منجهان مٿي ٽپو کائيندي ڏٺو ۽ هُو بيباڪي سان مٿاڇري تي ونجھ ورائڻ لڳو. ”ٻُلهڻ،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”وڏي ٻُلهڻ.“
هُن پنهنجي ونجهن / اولَن کي ڏَنيبَند ڪيو ۽ ڪمان (ٻيڙيءَ جي اڳيان واري حصي) جي هيٺان پيل هڪڙي ننڍڙي ڏور کڻي آيو. ان منجھ ڪنڍي ۾ ڦاسائڻ واري هڪڙي ڏور ۽ هڪڙو درمياني سائيز سندو ڪنُڍو هو ۽ هُن ان منجھ هڪڙي سارڊين مڇيءَ سندو چُوڻو وِڌو ۽ هُن ان کي مڪڙيءَ جي پاسي کان ڦٽو ڪيو ۽ تهان پوءِ هُن ان کي ٻيڙيءَ جي پٺئين پاسي کان ڇلي نما ٻاڻ ۾ سوگهو ڪيو. تهان پوءِ هُن هڪڙي ٻي ڏور ۾ ڳاھ وڌو ۽ ان کي ڪمان جي پاڇولي هيٺ ويڙهيل ڇڏي ڏنو. هُو واپس ونجھ ورائڻ ڏانهن هليو ويو ۽ وڏن پرن واري ڪاري پکيءَ ڏانهن نهارڻ لڳو جيڪو، هاڻي، هيٺ پاڻيءَ مٿان رُڌَل هو.
جيئن هُن ٻيهر پکيءَ کي اُڀي سِر غوطي هڻڻ لاءِ پرڙا ساهِيندي ۽ تهان پوءِ اڏامندڙ مڇين جي ڪڍ پوندي انهن پرڙن کي بيتابِي ۽ نِسڦَلتا سان جُهولائيندي ڏٺو. پوڙهي ماڻهوءَ جَل منجھ ڪِي قدر ڍَڍَرجڻ جو عمل ڏٺو جيڪو وڏين ٻُلهڻين جي نمودار ٿيڻ جي ڪري ٿيو جَئن اهي ڀڄندڙ مڇين جو پيڇو ڪري رهيون هيون. ٻُلهڻيون پاڻيءَ هيٺ هلندڙ مڇين جي ويڙهاند منجهان ڪَترِيندي هلي رهيون هيون ۽ اهي، هڪڙي رفتار سان، پاڻيءَ منجھ هيون جيسين انهن يُڌ تان دستبرداري اختيار نه ڪئي. اهو ٻلهڻين جو هڪڙو وڏو ميڙ آهي، هُن ويچاريو. اهي ڪافي ڏُور تائين ڦهليل آهن ۽ اڏامندڙ مڇين کي ٿورو وَجُھ ملي ٿو. پکين کي ڪو وَجُھ نه ٿو ملي. اڏامندڙ مڇيون هُن لاءِ خاصيون وڏيون آهن ۽ اهي تيز تر هلي رهيون آهن. هُن اڏامندڙ مڇيءَ کي هر هر پاڻيءَ ۾ ڇَپڪا هڻندي ۽ پکين جي نِسڦَل هلچلن کي ڏٺو. اهو ميڙ مون کان دُور ٿي ويو آهي، هُن وِيچاريو. اهي ٻاهر وڏي تيزيءَ سان ۽ گهڻو پرتي حرڪت ڪري رهيون آهن. پر شايد مان ڪنهن آوارھ مڇيءَ کي کڻي سگهان ٿو ۽ شايد منهنجي نصيب ۾ ايندڙ وڏي مڇي انهن جي چوڌار آهي. منهنجي وڏي مڇي لازماَ ڪٿي نه ڪٿي هئڻ گهرجي.
ڌرتيءَ مٿان ڪڪرَ هاڻي ٽَڪرن جيان ڇائنجي ويا ۽ ساحِل فقط هڪڙي سائِي پَٽيءَ جيان هو جنهن جي پٺيان سُرمئي نيريون ٽَڪرَيون هيون. پاڻي هاڻي گهرو نيرو هو، اهو ايترو ته گهرو هئو جو اهو واڱڻائي نظر اچي رهيو هو. هُن جيئن ئي هيٺ ان منجھ نهاريو هُن اونهي پاڻيءَ منجھ نباتات ۽ سامونڊي مخلوق جو هڪڙو جَمگهٽ ۽ انوکي روشني ڏٺي جيڪا هاڻي سج ان تي ڦٽو ڪري رهيو هو. هُن پنهنجي ڏورين کي سڌو هيٺ پاڻيءَ منجھ نظر کان اوجهل ٿيندي ڏٺو ۽ هُو سامونڊي نباتات ۽ مخلوق جو اهڙو جَمگهٽ ڏسي نهايت ئي سَرهو ٿيو ڇاڪاڻ جو هُن ڀائنيو پئي ته ان جو مقصد اتي مڇيءَ جو هئڻ هو. هاڻي جڏهن سج وڌيڪ اوچائي تان جيڪا انوکي روشني ڇڏي رهيو هو، تنهن مان مراد سٺي موسم / هوا سندِي هئي ۽ ساڳي ڪار ڌرتيءَ مٿان ڪڪرن جي صورت سندِي هئي. پر پکي هاڻي لڳ ڀڳ نظرن کان اوجهل هو ۽ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڪجھ به ڏيکاري ڏيئي نه رهيو هو پر ڪجھ بحرِ ظُلمات / سَرگاسو سمونڊ جي ڪَهڄري جون سج جي ڪري بي رنگ بڻجي ويل، زَرد چَتيُون ۽ هڪڙي بحرِي باز نما پورچوگيِزِي پکيءَ جي واضع صورت سان، واڱڻائي، رنگبِرنگي، ليسدار جَهلِي ٻيڙيءَ جي ڀرسان لُڙِهي رهِي هئي. اها پنهنجي پاسي تي پاڻ مُڙي ويئي ۽ پوءِ اها پاڻ سِر سِڌو ٿي ويئي. اها هڪڙي بُلبُلي جيان ان جي ڊگهي مدهم واڱڻائي تاندُوري / ڌاڳڙي نما بناوت سان هئي جيڪا پاڻيءَ منجھ هڪڙي وال / گَزَ جيترو پوئتي ڇڪجي رهي هئي.
”ايگُوئا ميلا (Agua mala) ــ اسپيني ڀاشا ـ گندو پاڻي). ”تون وَئيشيا.“
اتان کان هُو پنهنجي ونجهن جي پُٺ کان ٿورو لُڏي ويو هُن هيٺ پاڻيءَ منجھ نهاريو ۽ ننڍيرڙين مڇين کي ڏٺو جن جو رنگ ڇڪجندڙ تاندورن / ڌاڳڙن نما بناوتن جهڙو هو ۽ اهي انهن درميان ۽ ننڍي پاڇولي هيٺ جيڪو بلُبلو ان مهل بڻائي رهيو هو جيئن اهو اُڀامِي ڍيرِي بڻجي پئي ويون ترِي رهيون هيون. اهي انهن جي زهر کان آجيُون هيون. پر انسانَ نه هئا ۽ جڏهن ساڳيون تاندوري نما بناوتون هڪڙي ڏور کي چنبڙي ويئيون ۽ ان تي لڳلڳدار واڱڻائي صورت سان ٽِڪجي ويئيون جڏهن پوڙهو ماڻهو هڪڙي مڇيءَ تي ڪم ڪري رهيو هو، ان سان هُن جي چمڙيءَ ۾ سرخ داغ ٿي پئي ها ۽ هُن جون ٻانهون ۽ هٿ سُڄِي وڃن ها ڇاڪاڻ جو اهي اهڙي قسم جو زهر ڇڏينديون آهن جهڙو لَبلاب / پيچَڪ / عشقِ پيچان جو سر سبز سائو ٻوٽو (Ivy) خارج ڪندو آهي ۽ اهو شاھ بُلوط منجهان پڻ ملي سگهي ٿو. پر ايگُوئا ميلا منجهان اهڙا زهريلا مادا ٺھ پھ نڪتا ۽ اهي هُن کي اَئين لڳي ويا جَئن هڪڙي چهبُڪ جو ڏَنو هوندو آهي.
قَزحِي / صَدفِي / رنگبرنگي بُلبُلا سُهڻا هئا. پَر اهي سمُونڊ منجھ کوٽي ۾ کوٽِي شيءِ هئا ۽ پوڙهو ماڻهو وڏين سامونڊي ڪُمين کي انهن کي کائيندو ڏسڻ کي پسند ڪندو هو. ڪُمين انهن کي ڏسي ورتو، اهي اڳياڙي کان انهن تائين پهتيون، انهن پنهنجون اکيون اهڙيءَ طرح سان پُوري ڇڏيون جو اهي هاڻي مڪمل طور تي پنهنجي کوپي منجھ هيون ۽ انهن تاندوڙي نما انهن بناوتن ۽ باقي ڪجھ کي کائِي چٽ ڪري ڇڏيو. ڪُمين کي انهن کي کائيندي ڏسڻ سان پوڙهو ماڻهو پِريم ڪندو هو ۽ هُو انهن جي مٿان ساحل تي هڪڙي طوفان پڄاڻان هلڻ سان پيار ڪندو هو ۽ هُو انهن جي مٿان پير ڄمائي انهن منجهان اوچتو نڪرندڙ ٽِڙڪاٽ ٻڌندو هو هُو انهن جي مٿان پنهنجي پير جي خاردار تري سان قدم ڄمائيندو هو.
هو ساين ڪُمين ۽ سامونڊي عُقابن کي انهن جي سندرتا ۽ رفتار ۽ انهن جي وڏي قدر کي پسند ڪندو هو ۽ هُو سرخي مائل سرخ رنگ وارين انهن وِسُوڙل / وائڙين / موڳين / ڀَڪُو / بي سمجھ وڏي مٿي وارين ڪُمين / ڪڇُنئن کان هڪڙي اخلاص منديءَ واري / دوستاڻِي نفرت ڪندو هو، جيڪي پنهنجي پاکر / زرھ نما خول مَنجھ زرد هيون، جسماني ميلاپ ڪندي عجيب ڀاسنديون هيون، ۽ اهي سرهائي وچان پنهنجي بند ڪيل اکين سان پورچوگيزي بحري بازن کي کائينديون هيون.
هُن کي ڪُمين بابت ڪا گُپت وِديا / صُوفياڻي ڄاڻ / غئبِي پروڙ ڪِين هئي جيتوڻيڪ هُو ڪيترن سالن لاءِ ڪُمين واري ٻيڙيءَ منجھ ويو هو. هُن کي انهن مِڙنِي لاءِ دُک هو، ۽ وڻن جي ٿُڙن جي انهن پُٺن لاءِ جيڪي ايترا ڊگها هئا جيترو مڪڙِي هئي ۽ انهن جو وزن هڪڙي ٽن (20هن مڻن) جيترو هو. اڪثر ماڻهو ڪُمين جي حوالي کان سنگدل / ڪَٺن آهن ڇاڪاڻ جو هڪڙي ڪُميءَ جي دل ان جي ڪَٽجڻ ۽ ٻيرا ٻيرا ٿي وڃڻ پڄاڻان هڪڙي ڪلاڪ تائين ڌڙڪندي رهي ٿي. پر پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو، مون وٽ پڻ اهڙي بيرحم دل آهي ۽ منهنجا پير ۽ هٿَ انهن جهڙا آهن. هُن پاڻ کي شڪتي شالِي بڻائڻ لاءِ چار سفيد بيضا کاڌا. هُو اهي مَئي جي سموري مهيني دوران ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ واقعي ۾ هڪڙي وڏي مڇيءَ خاطر شڪتي شالِي ٿيڻ لاءِ کائيندو رهيو هو.
هُن جهوپڙيءَ ۾ پيل وڏي ڊَرم منجهان شارڪ مڇيءَ جي جِگر جي روغن / تيل جو هر ڏينهن هڪڙو پيالو پڻ پيتو هو جتي مهاڻا پنهنجون گِراڙيُون رکندا هئا. اهو اتي انهن سڀني مهاڻن لاءِ رکيو ويو هو جن ان جي طلب ٿي ڪئي. گهڻن مهاڻن ان جي سواد کان نفرت ٿي ڪئي. ۽ اهو انهي کان ابتر / بدتر نه هو بجاءِ تنهن وقت جاڳڻ جي جنهن مهل اهي اٿيا پئي ۽ اهو سموري سرديءَ ۽ زَچگِي / درد جي خلاف گهڻو سٺو هو ۽ اهو اکين لاءِ ڀلو هو.
هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين ته پکي ٻيهر لامارا ڏيئي رهيو هو.
”هُن کي مڇي ملي ويئي آهي،“ هن وڏي واڪي چيو. ڪا به اڏامندڙ مڇي مٿاڇري تي چڙهي نه آئي ۽ اتي چُوڻي واري مڇيءَ سندو ڪو به انتشار ڪو نه هو. پر جيئن ئي پوڙهو ماڻهو نهاري رهيو هو، هڪڙيون ننڍڙيون طُونا مڇيون هوا ۾ ٺينگ ٽپا کائڻ لڳيون، اهي پهريان پاڻيءَ منجھ پنهنجا مٿا موڙي ۽ ٻوڙي رهيون هيون. طُونا مڇيون سج ۾ چانديءَ جيان چمڪي رهيون هيون ۽ جڏهن انهن پاڻ کي واپس پاڻيءَ منجھ ڦٽو ڪيو هڪڙيون ٻيون ۽ ٻيون مڇيون ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳيون ۽ اهي سمورن ڏسائن ۾ ٽپا ڏيئي رهيون هيون ۽ اهي چُوڻي واري مڇيءَ جي پٺيان وڏيون اُڇانگُون / ڇالُون ماري رهيون هيون. اهي انهن جو گهيراءُ ڪري رهيون هيون ۽ انهن کي هَڪالي رهيون هيون.
جيڪڏهن اهي تيز سفر نه ٿيون ڪري سگهن مان انهن منجھ ڪاهي پوندس، پوڙهي ماڻهوءَ سوچيو، ۽ هو مڇيءَ جي سفيد ميڙ کي پاڻيءَ منجھ ڪم ڪندي ڏسي رهيو هو ۽ هاڻي پکي پاڻ ڦٽو ڪري چُوڻي واري مڇِيءَ منجھ غوطا کائي رهيو هو جيڪي ٿرٿلي / ٽاڪوڙي ڪارڻ مٿاڇري تي مجبور بڻايون ويون هيون.
”پکي هڪڙي وڏي سهائتا ڪن ٿا،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. بلڪل پوءِ ٻيڙيءَ جي عُقبي حصي ۾ پيل ڏوريون هُن جي پيرن هيٺ تيزيءَ سان ڇڪجي ويئيون، جتي هُن ڏور جي هڪڙي سِرڪڻي رکي هئي، ۽ هُن جيئن ئي پنهنجا ونجھ ڦٽا ڪيا ۽ جيئن ئي ڏور کي سوگهو جهليو هُن سِر جي وزن جيتري طُونا مڇيءَ سندي سِئاٽجندڙ / هُڙڪندڙ ڇڪ کي محسوس ڪيو ۽ ان کي اندر هاڪارڻ شروع ڪيو. جيئن ئي هُن اندر سٽ ڏني اهو سِئاٽو وڌي ويو ۽ هُو پاڻيءَ منجھ مڇيءَ جي نيري پُٺ کي ٻيڙيءَ منجھ ان جي پاسن کان ۽ ٻيڙيءَ منجھ جهولائڻ کان پهريان اُن جي سونهري رنگ کي ڏسي پئي سگهيو. هُو سج ڌاران ٻيڙيءَ جي عُقبي حصي منجھ، اُستوار ۽ گوليءَ نما حالت ۾ ليٽي پيو، هُن جون وڏيون اٻوجھ اکيون تنهن سمي گهوري رهيون هيون جڏهن هُن ان جي حيات کي ٻيڙيءَ جي تختي جي برعڪس ان جي ٽھ پھ هُڙڪندڙ، تيزيءَ سان چرندڙ پرندڙ پُوڇڙي کي زوردار ڌڪ وهائي ڪڍيو. پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي مٿي کي ٻاجھ وچان لت سان ڌڪ هنيو، هُن جو جسم اڃا تائين ٻيڙيءَ جي عقبي حصي منجھ ڪَنبِڻي هڻي رهيو هو.
”الباڪر،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”اها هڪڙو سُندر ڳاھ بڻائيندي. هُن جو وزن ڏھ پائونڊ بيهندو.“
هُن کي ياد نه هو جڏهن هُن پهريان اڪيلي سِر وڏي واڪي ڳالھائڻ شروع ڪيو هو. هُن جي پراڻن ڏينهن ۾ جڏهن هُو اڪيلو هو تڏهن هُن ڳاتو هو ۽ هُن ڪجھ وقتن لاءِ رات جي وڳڙي ۾ ڳاتو هو جڏهن هو اڪيلي سِر پنهنجي نگهبانيءَ هيٺ مڇي مارڻ جي روايتي ٻيڙن توڙي ڪُمين وارين ٻيڙين جو انتظام سنڀالي رهيو هو. هُن يقيناَ وڏي واڪي ڳالھائڻ شروع ڪيو هو، جڏهن هُو اڪيلو هو، جڏهن ڇوڪرو هُن کي ڇڏي ويو هو. پر هُن کي ياد نه پئي آيو. جڏهن هُو ۽ ڇوڪرو گڏجي مڇي ماريندا هئا تڏهن اهي عام ڪري تڏهن ڳالھائيندا هئا جڏهن ان جي گهرج هوندي هئي. اهي رات جي وڳڙي ۾ ڳالھائيندا هئا يا تڏهن جڏهن اهي بريءَ موسم جي سبب طوفان ۾ گهيرجي ويندا هئا. سمونڊ منجھ فضول ڳالھائڻ کان پرهيز ڪرڻ هڪڙي نيڪي خيال ڪيو ويندو هو ۽ پوڙهو ماڻهو ان کي هميش اَئين سمجهندو هو ۽ ان جو قدر ڪندو هو. پر هاڻي هُو پنهنجي ويچارن جو ڪيترائي ڀيرا برملا اظهار ڪري رهيو هو ڇاڪاڻ جو اتي ڪو نه هو جيڪو هُن کان خَفِي ٿئي.
”جيڪڏهن ٻيا مونکي وڏي واڪي ڳالهائيندي ٻڌندا اهي سمجهڻ لڳندا ته مان صفا چَٽ چريو / چَرٻٽ آهيان،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”پر ڇاڪاڻ جو مان چرٻٽ نه آهيان، تنهنڪري مان ان جي پرواھ نه ٿو ڪيان. ۽ شاهوڪارن وٽ انهن سان مخاطب ٿيڻ لاءِ ۽ انهن کي بيس بال بابت خبرون چارون ڏيڻ لاءِ ريڊيا آهن.“
هاڻي بيس بال بابت ويچارڻ جو وقت نه آهي، هُن سوچيو. هاڻي فقط هڪڙي شيءِ بابت ويچارڻ جو وقت آهي. جنهن لاءِ مان جنميو آهيان. مڇين جي ميڙ جي چوڌار اتي هڪڙي وڏي مڇي ٿي سگهي ٿي، هُن ويچاريو. مون اَلباڪر مڇيءَ منجهان فقط هڪڙي ننڍڙي آواره مڇي هٿ ڪئي آهي جيڪا چُوڻو کائي رهي هئي. پر اهي گهڻو پرتي ۽ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيون آهن. هر شيءِ جيڪا اڄ مٿاڇري تي نظر اچي رهي آهي اها تيزيءَ سان سفر ڪري رهي آهي ۽ اهي اتر ـ اوڀر ڏانهن روان آهن. ڇا اهو اڄوڪي ڏينهن سندو لمحو بڻجي سگهي ٿو؟ يا اها موسم جي ڪا نشاني آهي جنهن کان مان اڻڄاڻ آهيان.